ڪارونجھر جبل ۾ روادريءَ جي علامت بڻيل چامونڊا ديويءَ جو چوڙيو مندر
چوڙيو مندر ٽڪريءَ جي چوٽي تي قدرتي طور بيٺل پٿريلي ڇپ جي هيٺيان آهي. اڳ ۾ انهي ڇپ واري غاز ۾ چومنڊا جي هڪ مورتي رکيل هوندي هئي. هن وقت وڏو مندر ٺهي ويو آهي. مندر تائين پهچڻ جي لاءِ چاڙهيون ٺاهيون ويون آهن. چوڙيو مندر رواداريءَ جي وڏي علامت آھي ـ ميلي ۾ مختلف عقيدن جا ماڻھو گڏ ٿيندا آھن ھڪ ٻي جي مان مريادا رکندا آھن ـ

ڀارو مل امراڻي
ڪارونجهر جي پهاڙي سلسلي ۾ چوڙيو جي ٽڪري فطري حسن ۽ مندر جي آسٿان جي ڪري سياحن ۽ عقيدتمندن جو مکيه مرڪز آهي. ننگرپارڪر گهمڻ ايندڙ ماڻهو هن مندر جو آستان ۽ چوڙيو جي ٽڪري ڏسڻ ضرور ايندا آهن .
چامنڊا ديوي کي چامنڊيشوري، چامنڊي يا چارچيڪا به چيو وڃي ٿو، چامنڊا چندي جو هڪ خوفناڪ روپ آهي، هندو ڌرم جي پوئلڳن وٽ هن ديوي جي خاص اهميت آهي، چامنڊا ديوي ايڪا شڪتي ۽ ستن ماتري ديوين مان هڪ آهي. چامنڊا انهن تانترڪ يوڳڻين جي به مکيه آهي، جن جو تعداد 64 يا 81 ڄاڻايو وڃي ٿو، جيڪي ويڙهاڪ پاروتي جي طاقت جو قافلو آهن. چامنڊا جو نالو ٻن راڪششن جي ميلاپ سان جڙيل آهي، جن کي چامنڊا قتل ڪيو هو. چامنڊا ڪالي ماتا سان وڌيڪ ويجهو تعلق رکي ٿي. ڪالي ماتا پاروتي جو هڪ ڀيانڪ روپ آهي. پاروتي کي ڪالي ماتا، درگا ديوي به سڏيو ويندو آهي. چامنڊا ماتا جا اڪثر آستان قبرستان جي ويجهو ميدانن ۽ انجير جي وڻن وٽ ڏيکاريا ويا آهن. چامنڊا جي پوڄا بنيادي طور جانورن جي قرباني سان ٿيندي آهي. ويشنو پنٿ جي اثر سبب اهو رواج گهٽجي ويو آهي.

چيو وڃي ٿو ته چامنڊا اصل ۾ هڪ قبائلي ديوي آهي، جنهن جي پوڄا ونڌيا پهاڙي تي رهندڙ قبيلا ڪندا هئا. اهي قبيلا سوم رس سان گڏ ديوتا جي پوڄا ۾ ساهه ڀري جيوت جي قرباني جي حوالي سان مشهور هئا. وقت گذرڻ سان پوڄا جا اهي طريقا چامنڊا جي تنترڪ پوڄا ۾ برقرار رکيا ويا، ان کان پوءِ هندو ڌرم جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ٿي ويا. چامنڊا جي مڃيندڙ جو چوڻ آهي ته ديويءَ جو هي سخت مزاج شو شنڪر رودر سان تعلق هجڻ جي ڪري آهي، ساڳي وقت هن ديوي جي ويجهڙائي اگني ديوتا سان به رهي آهي. وانگو پڻ ديوي جي قبائلي اصليت جي نظريي جي حمايت ڪري ٿو. چامنڊا ديوي کي ڪاري يا ڳاڙهي رنگ جي ڏيکاري ويئي آهي. ديوي جي جڙيل مجسمن ۾ ڪالي ماتا وانگر ڳچي ۾ ٻلي چڙهندڙ جيوت جي کوپڙين مالا وڌل آهي ، جنهن کي منڊا مالها سڏيو وڃي ٿو. ڪن مجسمن ۾ هن جا چار، ڪن ۾ اٺ، ۽ وري ڪن ۾ ڏهه يا ٻارهن هٿ ڏيکاريل آهن، انهن هٿن ۾ هڪ ڊمارو (دهل) ترشول تلوار، نانگ، کوپڙي- رت سان ڀريل وٽو، گدا ۽ ٻيون شيون آهن. ڪن مجسمن ۾ ديوي بيٺي آهي ڪن ۾ وري ويٺي آهي. ڀر سان قبرستان جون وکريل هڏيون ۽ نانگ آهن. ديوي جي کوپڙين واري مالها کي يجنوپويتا به چئبو آهي. ديوي کي جٽا مڪٽا پاتل آهي، سندس اکيون ٻرندڙ شعلن جيان ڏيکاريل آهن، جن ڏانهن نهارڻ سان ائين ٿو محسوس ٿئي تہ اجهو ٿي جلائي خاڪ ڪري.
ديومالائي ڪهاڻين ۾ جن ڀوتن کي کائيندڙ جانور جهڙوڪ بگهڙ، گدڙ وغيره به هن جي ڀر ۾ ڏيکاريا ويندا آهن. جيڪي انهن جي لاشن کي کائي رهيا آهن. ڪن مجسمن ۾ وري چامنڊا دشمن کي ماري سسي ۽ ڌڙ ڌار ڌار جهلي بيٺي آهي ۽ رت جو پيالو پي رهي آهي. هي رت جو پيالو پيئڻ سڀني ماتري ديوين خاص طور چامنڊا جي نشاني آهي. ڪن مجسمن ۾ هن جي ڀر سان گگهه پکي به ڏسيو ويو آهي. ديوي جي سواري پاڏو آهي ۽ جهنڊي تي باز چٽيل آهي. چامنڊا ديوي جا هي سمورا مجسما هندو ديوي ديوتائن جي انهن سمورن تصورن جي ابتڙ آهن، جن ۾ خوبصورت شڪل صورت، رنگ روپ ڏنا ويندا آهن، جيڪي خوشحالي، وڏي ڄمار ۽ آسودگي جي علامت هوندا آهن. چامنڊا اڪثر طور ڪالي جي مورت جي ويجهو ڏيکاريل آهي، جيڪي هڪ وڏي وحشت سان پڌري ٿئي ٿي.

ڌرمي پشتڪن ۾ ديوي مهاتم شڪتي پوجا جي حوالي سان اهم پشتڪ آهي. ديوي مهاتم ۾ چيو ويو آهي ته چامنڊا خوبصورت ڀروئن واري ڪوشيڪي ديوي جي چنديڪا جياسندرا روپ طور جنم ورتو. درگا ديوي هن کي ميان جهڙو وردان ڏيئي چنڊا ۽ منڊا راڪششن کي مارڻ جو ڪم سونپيو. هن شمڀا نشومڀ جن ڀوتن سان وڙهي راڪششن کي ماريو. ديوي مهاتم ۾ اهو به چيو ويو آهي ته درگا ٻاڻ مان ماتريڪا ٺاهي شمڀا ۽ نشومڀا جي لشڪر سان لڙي، هن پشتڪ ۾، ڪالي کي ماتريڪا جي نالي سان بيان ڪيو ويو آهي، جنهن راکشس جو سمورو رت چوسيو. ڪالي کي چامنڊا جو نالو ڏنو ويو آهي. اهڙيءَ طرح، ديوي مهاتميا چامنڊا کي ڪالي سان سڃاڻي ٿي. وراهه پراڻ ۾ رڪتبيجا جي ڪهاڻي بيان ڪئي وئي آهي، پر هتي هر هڪ ماتري ٻئي ماتري جي جسم مان ظاهر ٿئي ٿي. چامنڊا شينهن جي سر واري ديوي نرسمي جي پيرن مان ظاهر ٿئي ٿي. هن ڪٿا ۾ چامنڊا کي پسونيا نمائنده سمجهيو ويو آهي. وراه پراڻ جي متن ۾ واضح طور تي چامنڊا ۽ ڪالي جو الڳ ذڪر آهي.
هڪ ٻي ڏند ڪٿا موجب، چامنڊا، چندا ۽ منڊا جي ڀوتن کي مارڻ لاءِ پاروتي ديوي جي ٻانھن مان پڌري ٿي ان ڪري چامنڊا کي پاروتي جي روپ ۾ ڏٺو وڃي ٿو.
متسيا پراڻ ۾ چمنڊا جي شروعات جي هڪ مختلف ڪهاڻي ٻڌائي وڃي ٿي. هوءَ ٻين ماترين سان گڏ شو شنڪر پاران انڌڪاسورا کي مارڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ ٺاهي وئي هئي، جنهن وٽ اها صلاحيت آهي – جهڙوڪ رڪتبيجا – پنهنجي ٽمندڙ رت مان پيدا ڪرڻ جي. چامنڊا ٻين ماترڪن سان گڏ دئيتن جو رت پيئي آخرڪار شيو کي مارڻ ۾ مدد ڪري ٿي رتناڪر، پنهنجي تصنيف هروجييا ۾، چمنڊا جي هن ڪارنامي جو به ذڪر ڪري ٿو، پر انڌاڪا جو رت وهائڻ جي حوالي سان ٻين ماترڪن کي نه، پر صرف چامنڊا کي ساراهيو ويو آهي. رت پيئڻ جي ڪري چمنڊا جو رنگ رت ھاڻو ڳاڙھو ٿي ويو. وڌيڪ چيو ويو آهي ته چامنڊا راڪششن جي تباهيءَ جو ناچ ڪندي آهي، موسيقيءَ جو هڪ ساز وڄائيندي آهي، جنهن کي جوڙڻ جي لاء ميرو جبل مان پٿر کنيو ويو، شيش نانگ کي تار بڻائي ساز تيار ڪيو ـ جڏھن چامنڊا چنڊ جي ناکيلي سان اهو ساز وڄائي ٿي ت دنيا کي نقصان رسي ٿو ـ
چامونڊا سپت ماتريڪا يا ستن مائرن مان هڪ آهي. سپت ماتريڪا دئيتن جي لاء خوفناڪ ۽ وحشت ۽ عام جي رکوالي جي علامت آھن ٻارن جي موذي مرضن، کان بچڻ لاءِ ديوي پوڄا سان گڏ پرهيزگاري ٻڌائي وئي آھي مهاڀارت جي باب ’وانا-پاروا‘ ديوي پراڻ ۽ وشنوڌرموترا پراڻ ۾ ب چامونڊا کي سپت ماتريڪا ۾ ڏيکاريو ويو آھي. سپت ماتريڪا جا مثال ايلورا ۽ ايلفنٽا جون غارون آهن. جيتوڻيڪ چامونڊا هميشه گروپ ۾ آخري (سڄي کان ساڄي طرف) ڏيکاري ويندي آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن چامونڊا جو گروپ جي اڳواڻ طور حوالو ڏنو ويندو آهي.جڏهن ته ٻين ماترڪ کي ديوتا جي شڪتي (طاقت) سمجهيو وڃي ٿو ۽ انهي مان ظاهر آھي ت اھي انهن سان مشابهت رکن ٿيون، چامنڊا واحد ماتريڪا آهي، جيڪا ديوتا جي ڀيٽ ۾ عظيم ديوي جي شڪتي آهي. ۽ چامونڊا واحد ماتريڪا پڻ آهي، جيڪا پنهنجي ذات جي آزاد پوڄا حاصل ڪري ٿي. باقي سڀني ماتري ديوين جي هميشه ديوتا سان گڏ پوڄا ڪئي ويندي آھي

ديوي پراڻ ۾ ماتريڪا جو ھڪ اھڙو تذڪرو آهي جنھن ۾ ماتريڪا گنيش ديوتا کي ڀوتن وغيرھ کي مارڻ ۾ مدد ڪن ٿيون . انھي تذڪري کان سواء منڊاويا جو بيان ڪيو ويو آهي ته جنھن پنج ماتريڪا جي پوجا آھي چامنڊا انهن مان هڪ آهي. پنج ماتريڪا جو گروھ برهما م هريشچندر کي آفتن کان بچائڻ لاءِ قائم ڪيو ھو.چامنڊا جي عام معنيٰ کان سواء ديوي پراڻ هڪ مختلف ڏني وئي آھي جنھن موجب چندا جو مطلب خوفناڪ آهي جڏهن ته منڊا معني سر آھي
چوڙيو مندر ٽڪري جي چوٽي تي قدرتي طور بيٺل پٿريلي ڇپ جي هيٺيان آهي. اڳ ۾ انهي ڇپ واري غاز ۾ چومنڊا جي هڪ مورتي رکيل هوندي هئي. هن وقت وڏو مندر ٺهي ويو آهي. مندر تائين پهچڻ جي لاءِ چاڙهيون ٺاهيون ويون آهن.
نوراتن جون نو ئي راتيون ميڙو متل ھوندو آھي پر خاص طور چنڊ جي ستين تاريخ کان ڏھين تاريخ تائين ڪيترائي عقيدت مند چوڙيو پھچندا آھن ـ پوڄارن ۽ عقيدتمند جي رھائش جي لاء بندوبست ٿيل آھي ـ پوڄا پاٺ جو ھون ۽ ست سنگ پيو ھلندو آھي ـ چوڙيو مندر تي سدائين لنگر ھلندو آھي ۽ ايندڙ ماڻھن کي پرشاد سان گڏ لنگر مان ماني کارائي ويندي آھي ـ مندر جي وسڻ جي ڪري مقامي ماڻھن کي روزگاز جا وسيلا مليا آھن مختلف دڪان ۽ چانھ وغيرھ جو ھوٽلون کلي چڪيون آھن ـ
چوڙيو مندر رواداري جي وڏي علامت آھي ـ ميلي ۾ مختلف عقيدن جا ماڻھو گڏ ٿيندا آھن ھڪ ٻي جي مان مريادا رکندا آھن ـ
____________

ڀارو مل امراڻي ٿرپارڪر، سنڌ سان تعلق رکندڙ هڪ ناميارو لوڪ ادب جو ماهر، شاعر، محقق، صحافي، براڊڪاسٽر ۽ سماجي توڙي ماحولياتي ڪارڪن آهي، جنهن گذريل ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو ٿري لهجي، لوڪ ادب ۽ ثقافت جي بچاءُ ۽ پرچار لاءِ وقف ڪيو آهي. 17 فيبروري 1982ع تي چيلهار ويجهو ڳوٺ سوٿار جو تڙ ۾ پيدا ٿيندڙ ڀيرو مل سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۽ تعليم ۾ ماسٽرس سان گڏ قانون جي ڊگري (ایل ایل بی) پڻ حاصل ڪئي آهي ۽ هو هن وقت رائيچند راٺوڙ گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول چيلهار ۾ سنڌي ٻوليءَ جو سبيجڪٽ اسپيشلسٽ آهي. هو ٿري لوڪ گيتن، شاعري، تاريخ ۽ ثقافت تي ٻڌل 10 سنڌي ڪتابن جو مصنف آهي، جڏهن ته ٿر جي امير ثقافتي ورثي کي ملڪي سطح تي متعارف ڪرائڻ لاءِ سندس ڪتاب “صحرا ڪي دوهي” جو پنجابي سميت ٻين ٻولين ۾ ترجمو پڻ ٿي چڪو آهي.



