سنڌ جي وحدت جو سوال ۽ پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ ڪارڊ واري سياست
سوال اهو آهي ته جڏهن به سنڌ جي وحدت، وسيلن، زمين، پاڻي يا سڃاڻپ کي ڪو خطرو درپيش ٿئي ٿو، تڏهن اها ئي پيپلز پارٽي اوچتو عوام جي اڳيان مزاحمت جي مورچي ۾ ڇو اچي بيهي ٿي؟ ڇا اهو سنڌ سان محبت جو اظهار آهي يا ”سنڌ ڪارڊ“ کي سياسي طور استعمال ڪرڻ جي پراڻي روايت؟ پيپلز پارٽيءَ جو نالو ڀلي ”عوام“ سان جڙيل هجي، ان جا نعرا ڀلي غريبن جي اٽي، لٽي ۽ اجھي توڙي روزگار يا خوشحاليءَ جا هجن، پر سنڌ جي عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ جون تلخ حقيقتون انهن دعوائن کان هڪ مختلف ڪهاڻي ٻڌائن ٿيون. سنڌ جو عوام اهو سوال ڪرڻ ۾ حق بجانب آهي ته جيڪڏهن سنڌ جي وحدت ايتري ئي مقدس آهي ته پوءِ سنڌ جي حڪمرانيءَ جي 18 سالن دوران سنڌ جي ماڻهن جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ساڳي شدت، ساڳي جرئت ۽ ساڳي سياسي توانائي ڇو نظر نه آئي؟

ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ يا سنڌ جي وحدت کي متاثر ڪرڻ واري سوچ خلاف سنڌ اسيمبليءَ جو موقف اڄ جو پيدا ڪيل نعرو ناهي. ان جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي. سنڌ اسيمبلي هن معاملي تي پنج ڀيرا قراردادون منظور ڪري چڪي آهي. يعني جيڪو سوال اڄ ٻيهر اٿاريو پيو وڃي، سنڌ ان جو جواب ڏهاڪن کان ڏيندي آئي آهي.
نسيم بخاري
سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي گذريل 18 سالن جي حڪمرانيءَ کي جيڪڏهن عوامي ترقي، خوشحالي، روزگار، رهائش، تعليم، صحت ۽ بنيادي سهولتن جي معيار تي پرکيو وڃي ته ڪا اهڙي شاندار ڪارڪردگي نظر نٿي اچي، جنهن کي عوام آڏو فخر سان پيش ڪري سگهجي. صورتحال ته گهڻو ڪري ان جي ابتڙ ئي نظر اچي ٿي.
پيپلز پارٽيءَ جو نالو ڀلي ”عوام“ سان جڙيل هجي، ان جا نعرا ڀلي غريبن جي اٽي، لٽي ۽ اجھي توڙي روزگار يا خوشحاليءَ جا هجن، پر سنڌ جي عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ جون تلخ حقيقتون انهن دعوائن کان هڪ مختلف ڪهاڻي ٻڌائن ٿيون.
پر سوال اهو آهي ته پوءِ جڏهن به سنڌ جي وحدت، وسيلن، زمين، پاڻي يا سڃاڻپ کي ڪو خطرو درپيش ٿئي ٿو، تڏهن اها ئي پيپلز پارٽي اوچتو عوام جي اڳيان مزاحمت جي مورچي ۾ ڇو اچي بيهي ٿي؟
ڇا اهو سنڌ سان محبت جو اظهار آهي يا ”سنڌ ڪارڊ“ کي سياسي طور استعمال ڪرڻ جي پراڻي روايت؟
سنڌ ۾ جڏهن به نون صوبن، نون انتظامي يونٽن يا ڪالاباغ ڊيم جو معاملو زنده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، تڏهن عوامي مزاحمت جي شدت وڌڻ سان پيپلز پارٽيءَ به پنهنجو سياسي رخ عوام جي مزاج سان ملائڻ ۾ دير نه ڪئي آهي. عوام جي مزاحمت اڳيان گوڏا کوڙڻ سان گڏ پارٽي سنڌ ڪارڊ کي به ڀرپور نموني استعمال ڪندي رهي آهي.
هن ڀيري به صورتحال ڪا گهڻي مختلف نظر نٿي اچي.
نون صوبن يا انتظامي يونٽن جي ڳالهه سامهون اچڻ کان پوءِ سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽيءَ جي قيادت طرفان ان جي مخالفت جا بيان سامهون آيا آهن. حڪمران جماعت جي وزيرن توڙي قيادت پاران مزاحمت جا اشارا به ڏنا ويا آهن.
پر سوال وري به ساڳيو آهي: هي مزاحمت اصول جي بنياد تي آهي يا سياسي ضرورت تحت؟
ڇو ته سنڌ جو عوام اهو سوال ڪرڻ ۾ حق بجانب آهي ته جيڪڏهن سنڌ جي وحدت ايتري ئي مقدس آهي ته پوءِ سنڌ جي حڪمرانيءَ جي 18 سالن دوران سنڌ جي ماڻهن جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ساڳي شدت، ساڳي جرئت ۽ ساڳي سياسي توانائي ڇو نظر نه آئي؟
خيبر پختونخوا مان مزاحمت جو آواز اٿيو آھي
8 آگسٽ تي خيبر پختونخوا اسيمبليءَ نون صوبن يا انتظامي يونٽن جي امڪاني خطرن کي نظر ۾ رکندي متفقه قرارداد منظور ڪئي آھي. قرارداد ۾ هري پور، هزارا ۽ ٻين علائقن کي الڳ انتظامي يا صوبائي حيثيت ڏيڻ جي مخالفت ۽ مذمت ڪئي وئي آھي.
هي قرارداد رڳو هڪ صوبائي اسيمبليءَ جو معاملو ناهي؛ ان کي ان پسمنظر ۾ ڏسڻ گهرجي، جنهن ۾ ملڪ اندر نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن جي نالي تي نئين سر سياسي نقشو ٺاهڻ جون ڳالهيون زور وٺي رهيون آهن.
ان کان اڳ مختلف ٽي وي چينلن تي به نون صوبن جي حوالي سان بحث ڪرايا ويا، ماضيءَ جي مارشل لا حڪمرانن جي ريفرنڊمن جا حوالا ڏنا ويا ۽ پنهنجي پنهنجي طريقي سان عوامي سروي پڻ پيش ڪيا ويا.
پر هتي به هڪ بنيادي سوال اٿي ٿو:
ڇا ٽي وي چينلن جا سروي ڪنهن قوم جي تاريخي، ثقافتي ۽ آئيني وجود جو فيصلو ڪري سگهن ٿا؟
عوامي راءِ جو احترام پنهنجي جاءِ تي، پر من پسند سوالن، چونڊيل ماڻهن ۽ مخصوص دائري ۾ ڪرايل سروي کي عوام جي آخري راءِ قرار ڏيڻ ڪيترو صحافتي ۽ جمهوري عمل آهي؟
انهن سروي بابت باشعور حلقن ۾ اڳ ئي تحفظات موجود آهن. ڪيترن جو خيال آهي ته اهڙا سروي حقيقت معلوم ڪرڻ بدران معاملي کي ڊگهو ڪرڻ ۽ هڪ مخصوص تاثر پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن.
ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ يا سنڌ جي وحدت کي متاثر ڪرڻ واري سوچ خلاف سنڌ اسيمبليءَ جو موقف اڄ جو پيدا ڪيل نعرو ناهي. ان جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي.
سنڌ اسيمبلي هن معاملي تي پنج ڀيرا قراردادون منظور ڪري چڪي آهي.
يعني جيڪو سوال اڄ ٻيهر اٿاريو پيو وڃي، سنڌ ان جو جواب ڏهاڪن کان ڏيندي آئي آهي.
پهرين قرارداد
10 فيبروري 1948ع تي ان وقت جي سنڌ قانون ساز اسيمبليءَ ۾ ان وقت پيش ڪئي وئي، جڏهن ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪري وفاق جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو سامهون آيو.
قرارداد قاضي اڪبر جمع ڪرائي، جڏهن ته محمد اعظم ان کي ايوان ۾ پيش ڪيو.
قرارداد اڪثريتي راءِ سان منظور ٿي، پر ان باوجود ڪراچي سنڌ کان الڳ ڪري وفاقي علائقو بڻايو ويو.
هتي تاريخ جو هڪ تلخ سوال اڄ به اسان جي سامهون بيٺو آهي:
جڏهن چونڊيل ايوان جي اڪثريتي راءِ کي نظرانداز ڪري سگهجي ٿو، ته پوءِ جمهوري ادارن جي اهميت ڪھڙي رھي ؟
ٻي قرارداد
6 مارچ 1954ع تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر سائين جي. ايم. سيد قرارداد پيش ڪئي، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ڪراچي ۽ ان سان لاڳاپيل وفاقي علائقا سنڌ ۾ واپس بحال ڪيا وڃن.
قرارداد جو بنيادي پيغام واضح هو: ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جو فيصلو نه رڳو سنڌ جي حقن جي خلاف هو، پر ان جا بنياد به هاڻي ناقابلِ جواز ثابت ٿي چڪا هئا.
هالا سان تعلق رکندڙ ميمبر سيد محمد زمان شاهه ترميم پيش ڪئي ۽ قرارداد جي تمهيد ۾ ڪراچيءَ جي علحدگيءَ جا سبب، سنڌين جي روزگار ۽ مقامي آباديءَ جي مفادن جي عدم تحفظ ۽ سنڌ حڪومت کي پهتل مالي نقصان جو ذڪر شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني.
ترميم ٿيل قرارداد ايوان منظور ڪئي.
ان جي حق ۾ ان وقت جي وڏي وزير عبدالستار پيرزادي، قائد حزب اختلاف سائين جي. ايم. سيد، قاضي محمد اڪبر، پير الاهي بخش، شاهنواز پيرزادا، عبدالفتاح ميمڻ، جعفر خان جمالي، روينيو واري وزير پير علي محمد شاهه راشدي، سيرومل ڪرپال داس، علي گوهر کوڙي، سيد غلام حيدر شاهه، سيد مبارڪ علي شاهه ۽ علي حسن منگي سميت ڪيترن ئي ميمبرن تقريرون ڪيون.
هي تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڪراچيءَ جو سوال ڪنهن هڪ جماعت، هڪ نسل يا هڪ دور جو سوال نه رهيو آهي؛ اهو سنڌ جي سياسي ۽ آئيني وجود سان ڳنڍيل سوال بڻجي چڪو آهي.
ٽين قرارداد
منظرنامو تبديل ٿيو، جماعتون تبديل ٿيون، پر سوال ساڳيو رهيو.
25 سيپٽمبر 2014ع تي سنڌ اسيمبليءَ ٻيهر ڪراچيءَ جي ممڪنه علحدگي خلاف قرارداد منظور ڪئي.
هي قرارداد ان وقت جي قائد حزب اختلاف محمد شهريار خان مهر پيش ڪئي.
شفيع محمد ڄاموٽ، نصرت سحر عباسي، ڊاڪٽر محمد رفيق ٻانڀڻ، سعيد خان نظاماڻي، وريا م فقير، سيد محمد راشد شاهه، نند ڪمار گوڪلاڻي، حاجي خدابخش راڄڙ، همايون محمد خان ۽ مسرور احمد جتوئي سميت ٻين ميمبرن به ان تي صحيحون ڪيون.
قرارداد اڪثريتي راءِ سان منظور ٿي.
چوٿين قرارداد
16 سيپٽمبر 2019ع تي سنڌ اسيمبليءَ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي هر تجويز کي رد ڪري ڇڏيو.
هي قرارداد ڊاڪٽر سهراب خان سرڪي، ريحانه لغاري، ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، فياض علي بٽ، هير سوهو، عبدالڪريم سومرو، تنزيلا ام حبيبه قمبراني، شميم ممتاز، سجيلا لغاري، سيده ماروي فصيح، حنا دستگير، غزالا سيال، فريال ٽالپر، شازيه عمر، سيد فرخ احمد شاهه، شاهينه شير علي، فرحت سيمين، شهناز بيگم، محمد قاسم سراج سومرو ۽ محمد علي ملڪاني گڏيل طور پيش ڪئي.
ايوان هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو ته ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي قبول نه ڪيو ويندو.
پنجين قرارداد
۽ پوءِ 21 فيبروري 2026ع تي سنڌ اسيمبليءَ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو موقف ورجايو.
پنجين قرارداد ذريعي ڪراچيءَ کي سنڌ کان ممڪنه طور الڳ ڪرڻ بابت ڪنهن به تجويز يا قدم خلاف متفقه موقف اختيار ڪيو ويو.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران پيش ڪيل قرارداد متفقه طور منظور ڪئي وئي.
قرارداد جو پيغام واضح هو:
ڪراچي سنڌ جو تاريخي، آئيني ۽ انتظامي حصو آهي، ۽ ان جي حيثيت ۾ ڪنهن به هڪ طرفي تبديليءَ کي سنڌ جا ماڻهو قبول نه ڪندا.
هاڻي سوال سنڌ ڪارڊ جو به آهي ۽ سنڌ جي حقن جو به.
سنڌ اسيمبليءَ جون پنج قراردادون هڪ تاريخي دستاويز وانگر اسان جي سامهون آهن. اهي ٻڌائن ٿيون ته ڪراچيءَ جي حيثيت ۽ سنڌ جي وحدت جو سوال اوچتو پيدا ٿيل سياسي نعرو ناهي.
پر ساڳئي وقت سنڌ جي عوام کي اهو سوال ڪرڻ جو به حق آهي ته جيڪي قوتون سنڌ جي وحدت جي حفاظت جو حلف کڻن ٿيون، اهي سنڌ جي عوام جي روزاني زندگيءَ جي تباهيءَ خلاف ڪڏهن اهڙي ئي شدت سان مزاحمت ڪنديون؟
ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ خلاف قراردادون ضروري آهن، پر سنڌ جي ڳوٺن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي، اسڪولن ۾ استاد، اسپتالن ۾ ڊاڪٽر، نوجوانن لاءِ روزگار، آبادگارن لاءِ پاڻي، شهرن ۾ صفائي ۽ امن، ۽ ٻارن جي محفوظ مستقبل لاءِ به ڇا اهڙيون ئي متفقه قراردادون ۽ عملي قدم نه گهرجن؟
سنڌ ڪارڊ کيڏڻ آسان آهي؛ سنڌ کي سنوارڻ ڏکيو آهي.
سنڌ جي وحدت تي سياست ڪرڻ به آسان آهي، پر سنڌ جي عوام جي حقن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ سياسي مفاد کان مٿانهون ٿي بيهڻ اصل امتحان آهي.
اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ ڪارڊ کي صرف چونڊن ۽ سياسي بحرانن جي وقت ڪڍڻ بدران سنڌ جي عوام جي حقيقي حقن، وسيلن، روزگار، تعليم، صحت، امن ۽ عزتِ نفس جي حفاظت جو مستقل سياسي عزم بڻايو وڃي.
ڇو ته سنڌ صرف نقشي تي ٺهيل هڪ صوبي جو نالو ناهي؛ سنڌ هڪ تاريخ، هڪ تهذيب، هڪ ٻولي، هڪ اجتماعي شعور ۽ هڪ زنده سياسي وجود جو نالو آهي.
۽ تاريخ بار بار اهو ثابت ڪيو آهي ته سنڌ جي وحدت بابت فيصلا سنڌ جي عوام جي مرضيءَ کان سواءِ نه ته ماضيءَ ۾ قبول ٿيا آهن، نه ھاني قبول ٿيندا ۽ نه ئي مستقبل ۾ قبول ڪيا ويندا.
________________

سيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي “وک ” شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.



