سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ قيادت جو بحران آھي
قيادت جي پيدا ٿيڻ , اسرڻ ۽ ڪامياب اڳواڻ بڻجڻ لاءِ قدرتي صلاحيتن سان گڏ بھادري , ايمانداري, انصاف پسندي , دورانديشي, باڪردار ھجڻ , ذھانت , سچائي , ضابطي جو پابند ھجڻ ۽ نظرين تي اٽل رھڻ وارا گڻ اھم رھيا آھن .

ادريس چانڊيو
تاريخ جي ڊگھي دور ۾ سياسي , سماجي ۽ جنگي محاذن تي قيادت جو اھم ڪردار رھيو آھي. دنيا اندر قيادت جي پيدا ٿيڻ , اسرڻ ۽ ڪامياب اڳواڻن لاء قدرتي صلاحيتن سان گڏ بھادري , ايمانداري, انصاف پسندي , دورانديشي, باڪردار ھجڻ , ذھانت , سچائي , ضابطي جو پابند ھجڻ ۽ نظرين تي اٽل رھڻ وارا گڻ اھم رھيا آھن .
شروعاتي دور ۾ اھو شخص اڳواڻ رھيو آھي, جيڪو قبيلي ۽ قوم کي متاثر ڪندڙ ۽ تحفظ ڏيندڙ ھيو. ڇو ته ان وقت اھم ڳالهه تحفظ ھيو . قبيلا ۽ قومون لڳاتار ھڪٻئي تي حملي آور رھنديون ھيون.
ٻئي دور جي شروعات ۾ ھرشئي مرڪز جي تابع ھئي. اھڙيون شخصيتون اڳواڻ طور اڳتي آيون, جن ۾ ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ڪمانڊ سڀالڻ جون صلاحيتون موجود ھيون . ھر شئي تي ڪنٽرول ڪندڙ شخصيت ان وقت جي قيادت ھئي.
جڏھن انساني سماج وڌيڪ ڄاڻ جي دور ۾ داخل ٿيو , اڃان به اڳتي معلومات جو دور آيو ۽ ڄاڻ جي جڳهه معلومات ورتي . ان وقت وڌيڪ ڄاڻ وارا انسان ڏاھي اڳواڻ طور اڳتي آيا . وڌيڪ ڄاڻ ۽ معلومات واري شخصيت کي ماڻھن اڳواڻ طور قبول ڪرڻ شروع ڪيو.
ھن وقت دنيا آرٽيفيشل انٽيليجنس جي دور ۾ داخل ٿي وئي آھي. ايندڙ وقت ۽ نئين تخليق ٿيندڙ دنيا جا اڳواڻ ڪير ھوندا؟
جديد کان جديديت واري سفر ۾ ھيٺيان عنصر دنيا کي اڳتي وٺي آيا آھن . جنھن ۾ ڦيٿو، مشين, ڪمپيوٽر ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس شامل آھن. ايندڙ وقت ۾ A.I سوچ جو ڪم ڪندي ۽ مسئلا حل ڪندي. روبوٽ عملي ڪم ڪندو ۽ ھر ڪم ڪندو. انساني آبادي کي ضرورت جون سڀ شيون ۽ سھولتون ڏنيون وينديون .
سوشلزم واري نظرئي ۾ به اھو تصور ھيو ته انسان سڀ برابر آھن . غيرطبقاتي سماج ھجڻ ضروري آھي. ھر ماڻھوءَ کان صلاحيتن مطابق ڪم وٺڻ ۽ ھر ماڻھوءَ کي گھرجن مطابق معاوضو ڏيڻ گھرجي. سوشلزم جو اھو دور مختصر ھيو. ماڻھن ۾ جستجو ختم ٿي وئي مارڪيٽ اڪانوميءَ سوشلسٽ معشيت کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.
آرٽيفيشل انٽيليجنس انساني سماج کي ڪھڙي ڏاڪي تي پھچائيندي . اھو دور 2050 ع ۾ انھن ماڻھن کي ڏسڻو آھي جيڪي ان جڳ ۾ جيئندا ھوندا. ان دور ۾ قابل عمل آئيڊياز ڏيندڙ انسان اڳواڻ ھوندو.
ھن وقت اھم ڳالھ ھيءَ آھي ته سنڌ سميت سڄي دنيا قيادت جي بحران مان گذري رھي آھي.
______________
ادريس چانڊيو سينئر سياسي ۽ سماجي ڪارڪن آھي



