شڪارپور جو تاريخي ورثو ٻُڍا آشرم: بحاليءَ جو ڪم اوچتو بند ڇو؟
شڪارپور جي تاريخي عمارتن جي تباهي رڳو سِرن، پٿرن ۽ ڪاٺ جي ضايع ٿيڻ جو قصو ناهي، پر اهي هن علمي، ثقافتي ۽ تجارتي شهر جي اجتماعي يادگيريءَ کي ميسارڻ جو تسلسل آهن. تاريخي ”تورمل مولچند ڇاٻڙيا ٻُڍا آشرم“ جي 80 سيڪڙو تباهه ٿيل عمارت کي جڏهن 94 ملين رپين کان وڌيڪ جي لاڳت سان نئين زندگي ڏني پئي وئي، تڏهن 70 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿيڻ کان پوءِ 22 سيپٽمبر 2026ع تي ثقافت کاتي پاران ورڪ اسٽاپ آرڊر جاري ٿيڻ نوان شڪ ۽ سوال اڀاري ڇڏيا آهن. ڇا هي رڳو هڪ انتظامي عمل آهي يا عمارت جي قيمتي زمين ۽ ملڪيتي تڪرارن جو ڪو نئون باب؟

نسيم بخاري
شڪارپور جي تاريخي عمارتن سان جيڪو ڪجهه گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ٿيندو رهيو آهي، اهو رڳو سرن، پٿرن، ڪاٺ، لوھ ۽ درين دروازن جي تباهيءَ جو قصو ناهي، پر شهر جي تاريخ، ثقافت ۽ اجتماعي يادگيريءَ جي آهستي آهستي مٽجڻ جي ڪهاڻي به آهي. اهڙي صورتحال ۾ سرڪيولر روڊ تي واقع ”تورمل مولچند ڇاٻڙيا ٻُڍا آشرم“ جي بحاليءَ جو ڪم 70 سيڪڙو کان وڌيڪ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ اوچتو روڪرائڻ جو معاملو رڳو هڪ سرڪاري فائيل جو موضوع نٿو رهي، پر ان سان گڏ ڪيترائي پراڻا سوال ٻيهر جاڳي پيا آهن.
22 سيپٽمبر 2026ع تي ثقافت کاتي جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر اختيار احمد منگي پاران ڪم روڪرائڻ بابت خط سامهون اچڻ کان پوءِ شڪارپور جي شهرين، اديبن، شاعرن، سول سوسائٽي ۽ تاريخي ورثي سان دلچسپي رکندڙ ڌرين ۾ ڳڻتي پيدا ٿي وئي آهي.
سڀ کان پهريون ۽ سادو سوال اهو آهي ته جيڪڏهن عمارت جي بحاليءَ جو وڏو حصو مڪمل ٿي چڪو هو، سرڪاري خزاني مان وڏي رقم خرچ ٿي چڪي هئي ۽ عمارت پنهنجي تاريخي سڃاڻپ ڏانهن واپس اچي رهي هئي، ته پوءِ ڪم مڪمل ٿيڻ کان اڳ اوچتو ڇو روڪيو ويو آھي ؟
هن سوال جو جواب رڳو فني، قانوني ۽ تاريخي رڪارڊ سان اچڻ گهرجي.

دستياب معلومات ۽ دستاويزن موجب مارچ 2012ع ۾ سنڌ ڪلچرل هيريٽيج پرزرويشن ايڪٽ 1994ع تحت شڪارپور جون 1203 قديمي عمارتون محفوظ تاريخي ورثو قرار ڏنيون ويون هيون. سوال اهو آهي ته ان اعلان کان پوءِ انهن عمارتن سان عملي طور ڇا ٿيو؟
چوڏهن سالن جي عرصي ۾ ڪيتريون عمارتون محفوظ ڪيون ويون؟ ڪيتريون بحال ٿيون؟ ڪيتريون ڊهي ويون؟ ڪيتريون قبضي يا غيرقانوني تعمير جو شڪار ٿيون؟ ۽ ڪيتريون اڃان تائين سرڪاري فهرستن ۾ محفوظ ورثو ته آهن، پر زمين تي پنهنجي اصل صورت ۾ موجود ناهن؟
شڪارپور جي 1203 محفوظ عمارتن جو انگ پاڻ ۾ هڪ وڏو تاريخي سرمايو آهي، پر جيڪڏهن انهن جي تحفظ لاءِ مؤثر نظام نه هجي ته فهرستون تاريخ نٿيون بچائي سگهن.
ٻُڍا آشرم به انهيءَ وڏي سوال جو هڪ اهم مثال آهي.
هن عمارت بابت هڪ اهم تحقيقاتي سوال ان جي نالي سان به لاڳاپيل آهي.
چيو وڃي ٿو ته اين اي ڊي يونيورسٽيءَ جي ڊاڪٽر انيلا نعيم پاران شڪارپور جي تاريخ ۽ عمارتن بابت ٻن جلدن ۾ شايع ٿيل تحقيقي انگريزي ڪتاب ۾ هن عمارت لاءِ ”ٻُڍا آشرم“ جو نالو نمايان طور سامهون آيو.
مقامي روايتن ۾ ”ٻُڍا منڊلي“ جو به ذڪر ملي ٿو، پر ٻڌايو وڃي ٿو ته اها منڊلي هن موجوده عمارت کان ٿوري فاصلي تي ٻي جاءِ تي هئي.
مقامي تاريخ ۽ دستياب دستاويزي معلومات موجب ٻُڍا آشرم جي زمين 1976ع کان روينيو سروي ۾ تعليم کاتي جي ملڪيت طور درج هجڻ جو حوالو ملي ٿو.
پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هتي ”وڪٽوريا ڊسپينسري“ قائم هجڻ بابت به روايتون موجود آهن، جتي خاص طور بزرگ شهرين جي علاج جو انتظام ڪيو ويندو هو. عمارت لوهه جي واپارين پنهنجي والد جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ تعمير ڪرائي هئي ۽ اها شيخ محلا اسلاميه هاءِ اسڪول جي ويجهو واقع آھي
ٻُڍا آشرم جي ملڪيت جو سوال اڄ جو پيدا ڪيل معاملو ناهي. مقامي حلقن موجب ماضي ۾ وفاقي اوقاف سان لاڳاپيل ڌرين پاران عمارت جي مختلف ڪمرن کي ڪرائي تي ڏيڻ ۽ انهن مان ڪرايو وصول ڪرڻ جون ڳالهيون سامهون اينديون رهيون

نواز شريف جي دورِ حڪومت ۾ وفاقي وزير صديق الفاروق جي شڪارپور اچڻ ۽ هن عمارت کي شاپنگ سينٽر ۾ تبديل ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪرڻ بابت پڻ مقامي سطح تي حقيقتون ۽ ان وقت جي ادبي حلقن جي احتجاج جا حوالا ملن ٿا.
جڏهن سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران هن تاريخي عمارت جي بحاليءَ جو ڪم شروع ٿيو ته اوقاف سان لاڳاپيل ڌرين پاران معاملو ايف آءِ اي تائين کڻي وڃڻ جي ڪوشش جو به ذڪر ملي ٿو.
هتي سوال وڌيڪ اهم ٿي وڃي ٿو جڏهن ملڪيت بابت اطمينان بخش دستاويزي جواب سامهون نه اچي سگهيو ته ٽرسٽ سان لاڳاپيل ڌر پوئتي هٽي وئي
ٻُڍا آشرم جي تاريخ جو سڀ کان ڏکوئيندڙ باب اهو آهي ته ماضي ۾ عمارت جو لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو حصو ڊهي وڃڻ جون ڳالهيون سامهون آيون.
باقي حصو به آهستي آهستي کنڊرن ۾ تبديل ٿي رهيو هو.
شڪارپور جي اديبن، شاعرن، شهرين ۽ تاريخي ورثي سان لاڳاپيل ماڻهن جي مسلسل آواز کان پوءِ ثقافت کاتي پاران سيپٽمبر 2023ع ۾ تقريبن 9 ڪروڙ 40 لک رپين کان وڌيڪ، يعني 94 ملين رپين جي لاڳت جو ورڪ آرڊر جاري ڪيو ويو.
هڪ اهڙي عمارت، جيڪا تباهيءَ جي ڪناري تي پهچي چڪي هئي، ان جي بحالي شروع ٿيڻ يقيناً شهر لاءِ اميد جو پيغام هو.
هاڻي سوال اهو آهي ته جڏهن اها اميد حقيقت بڻجڻ لڳي ۽ بحاليءَ جو وڏو حصو مڪمل ٿي ويو ته پوءِ ان عمل کي روڪڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي؟
22 سيپٽمبر 2026ع جو ڪم روڪرائڻ وارو خط هاڻي هن سڄي معاملي جو مرڪزي دستاويز بڻجي ويو آهي.
جيڪڏهن ڪم روڪرائڻ جو ڪو فني سبب آهي ته اهو عوام آڏو اچڻ گهرجي.
جيڪڏهن قانوني اعتراض آهي ته اهو واضح ٿيڻ گهرجي.
جيڪڏهن ٺيڪيداري، ڊيزائن، تاريخي مواد يا تعميراتي معيار بابت مسئلو آهي ته ان جي فني رپورٽ سامهون اچڻ گهرجي.
جيڪڏهن ملڪيت جو تڪرار آهي ته اصل روينيو ۽ ملڪيت جا ڪاغذ ظاهر ٿيڻ گهرجن.
۽ جيڪڏهن انهن مان ڪو به سبب ناهي ته پوءِ سوال وڌيڪ ڳرو ٿي وڃي ٿو:
ايتري وڏي رقم خرچ ٿيڻ کان پوءِ، بحالي مڪمل ٿيڻ کان ڪجهه مھينا اڳ ڪم ڇو روڪيو ويو؟
ڇا تاريخي عمارت وري قبضي جي خطري ۾ آهي؟
هي سوال شهرين جي خدشن جو مرڪز آهي.
شڪارپور ۾ تاريخي عمارتن جي تباهيءَ جو ماضي موجود آهي. ڪيترين عمارتن بابت شهرين جو موقف رهيو آهي ته پهرين انهن کي نظرانداز ڪيو ويو، پوءِ انهن جي حالت خراب ٿي، ۽ آخرڪار زمين کي وڌيڪ اهميت ملي.
ٻُڍا آشرم جي زمين به شهر جي اهم حصي ۽ وچ شھر جي دل لکي در تي واقع هجڻ سبب انتهائي قيمتي سمجهي وڃي ٿي.
ان ڪري جڏهن بحاليءَ جو ڪم اڌ کان وڌيڪ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ روڪيو وڃي ٿو ته شهرين جي ذهن ۾ اهو سوال اچڻ فطري آهي ته:
ڇا هي رڳو انتظامي فيصلو آهي، يا ان جي پويان ملڪيت، زمين يا مستقبل جي استعمال جو ڪو ٻيو معاملو به موجود آهي؟
ڪجهه شهري ۽ سماجي اڳواڻ ثقافت کاتي اندر موجود مبينا ”ڪاري رڍن“، بااثر بلڊرز ۽ قبضا ڪندڙ ڌرين جي ڳٺ جوڙ جا الزام لڳائي رهيا آهن. انهن الزامن جي آزاد، شفاف ۽ دستاويزي جاچ ٿيڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته الزام ۽ ثابت ٿيل حقيقت هڪ ئي شيءِ ناهن.
پر الزام جي موجودگي به جاچ لاءِ ڪافي سبب ضرور بڻجي سگهي ٿي.
شڪارپور کي هاڻي رڳو نوٽيفڪيشن نه، رڪارڊ گهرجي
ٻُڍا آشرم جو معاملو هاڻي رڳو بحاليءَ جو معاملو نه رهيو آهي.
هي سوال آهي ته شڪارپور جي تاريخي عمارتن بابت اصل پاليسي ڇا آهي؟
ڇا حڪومت وٽ 1203 محفوظ عمارتن جو تازو سروي موجود آهي؟
ڪيتريون عمارتون اڃا اصل حالت ۾ آهن؟
ڪيتريون سرڪاري يا خانگي قبضن ۾ آهن؟
ڪيتريون عمارتون ڪمرشل استعمال ۾ تبديل ٿي چڪيون آهن؟
۽ سڀ کان اهم، انهن عمارتن جي زمين جي قانوني حيثيت بابت مڪمل رڪارڊ ڪٿي آهي؟
جيستائين اهي سوال دستاويزن سان جواب نه ٿا وٺن، تيستائين هر نئون ڪم روڪرائڻ وارو خط نوان شڪ پيدا ڪندو رهندو رھندو
شڪارپور جي شهرين سنڌ جي وڏي وزير، صوبائي وزير ثقافت ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ کان فوري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
هن معاملي ۾ شفافيت لاءِ ڪجهه بنيادي قدم ضروري آهن:

پهريون، 22 سيپٽمبر 2026ع واري خط جا قانوني، فني ۽ انتظامي سبب عوام آڏو آندا وڃن.
ٻيو، ٻُڍا آشرم جي ملڪيت بابت روينيو، تعليم، اوقاف ۽ ثقافت کاتي جا اصل رڪارڊ گڏ ڪري هڪ واضح دستاويزي رپورٽ جاري ڪئي وڃي.
ٽيون، 2023ع جي 94 ملين رپين کان وڌيڪ واري ورڪ آرڊر، خرچ ٿيل رقم ۽ مڪمل ٿيل ڪم جو فني ۽ مالي آڊٽ ڪرايو وڃي.
چوٿون، بحاليءَ جي ڪم جو ڪنهن آزاد هيريٽيج ماهر يا ماهرن جي ڪميٽيءَ کان جائزو وٺرايو وڃي.
پنجون، عمارت جي تاريخ، اصل ڊيزائن، تعميراتي مواد ۽ نالي بابت موجود دعوائن کي پراڻن سرڪاري رڪارڊ، نقشن، اخبارن ۽ ٻين تاريخي ذريعن سان ڀيٽيو وڃي.
۽ ڇهون، جيڪڏهن ڪنهن ڌر جو غيرقانوني قبضو، ملڪيت جو ڪوڙو دعويٰ يا سرڪاري ملڪيت جي غلط استعمال جو عمل ثابت ٿئي ته قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.
ٻُڍا آشرم صرف هڪ عمارت ناهي
آخر ۾ ڳالهه رڳو هڪ عمارت جي ناهي.
شڪارپور جون اهي عمارتون، جن جي ديوارن ۾ واپار، تعليم، طب، ادب، سماج ۽ شهر جي گڏيل تاريخ جا نشان محفوظ آهن، ڪنهن هڪ نسل جي ملڪيت ناهن. اهي ايندڙ نسلن جي امانت آهن.
ٻُڍا آشرم به ان امانت جو حصو آهي.
جيڪڏهن 80 سيڪڙو تباهه ٿيل عمارت مان باقي تاريخ کي بچائڻ لاءِ 94 ملين رپين کان وڌيڪ جو منصوبو شروع ٿيو، بحاليءَ جو وڏو حصو مڪمل ٿيو ۽ پوءِ آخري مرحلي ۾ ڪم روڪيو ويو ته شڪارپور کي جواب گهرڻ جو حق آهي.
ڇو روڪيو ويو؟ ڪنهن جي درخواست تي روڪيو ويو؟ ڪهڙي قانون تحت روڪيو ويو؟ ڪهڙي فني رپورٽ جي بنياد تي روڪيو ويو؟ ۽ سڀ کان اهم، ان وقفي جو فائدو ڪنهن کي ۽ نقصان ڪنهن کي ٿيندو؟
اهي سوال ڪنهن اداري يا فرد خلاف فيصلو ناهن؛ اهي شڪارپور جي تاريخ کي محفوظ رکڻ لاءِ پڇيل سوال آهن.
۽ جيڪڏهن انهن سوالن جا جواب شفاف طريقي سان سامهون اچي وڃن ته نه رڳو ٻُڍا آشرم، پر شڪارپور جي سموري تاريخي ورثي بابت اعتماد به بحال ٿي سگهي ٿو.
ڇو ته تاريخي عمارتون رڳو سرڪاري فائلن ۾ محفوظ نٿيون رهن؛ اهي تڏهن محفوظ رهن ٿيون، جڏهن رياست، سماج ۽ شهر جا ماڻهو گڏجي انهن جي حفاظت لاءِ گڏجي بيهن ٿا.
___________

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي ”وک“ شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.



