پولينڊ: پرديس ۾ ديسين سان ملاقات، ديسي کاڌي ۽ ڦُوٽي واري کيرپتي چانھ جو مزو
ڪراڪوو ۽ ان کان اڳتي ــ گهٽيون، جبل، درياهه، سهڻيون واديون، يادون ۽ اهي گهڙيون جيڪي هميشه دل ۾ رهجي وڃن

سُئيڊن مان عبدالله عثمان مورائي لکي ٿو
هڪ نئون سفر، روزمرهه جي زندگيءَ کي موڪلاڻي
هڪ ٻيو ملڪ، ڪجهه ٻيا شهر ۽ وري هڪ ڀيرو معمول واري زندگيءَ کان ٿوري دير لاءِ آزادي حاصل ڪرڻ جي خواهش. ڪجهه ماڻهن لاءِ سفر هڪ عيش آهي، جڏهن ته ٻين لاءِ اهو روح جي ضرورت آهي، هڪ اهڙي خاموش صدا، جيڪا انسان کي ياد ڏياريندي رهي ٿي ته زندگي رڳو پنهنجي سڃاتل ماحول تائين محدود ناهي، پر دنيا جي نون رنگن، دڳن، نون ماڻهن ۽ نون تجربن سان ملڻ جو نالو به زندگي آهي.
منهنجو پولينڊ جي شهر ڪراڪوو (Kraków) ڏانهن سفر به بلڪل اهڙي ئي احساس سان شروع ٿيو.
پهريون ڏينهن – 6 سيپٽمبر 2025
هڪ جيئري جاڳندي شهر سان پهرين ملاقات

اسٽاڪهولم کان ڪراڪوو تائين جهاز جو سفر رڳو ڏيڍ ڪلاڪ کن جو هو، پر ڪڏهن ڪڏهن وقت جي ڊيگهه نه، پر احساسن جي گهرائي اهم هوندي آهي. ڪڪرن جي وچ ۾ اڏامندڙ جهاز جي هلڪي آواز ۽ آسمان جي خاموشيءَ ۾ ڄڻ اندر ئي اندر ڪجهه تبديل ٿي رهيو هو. سفر هميشه انسان جي سوچ ۾ هڪ اهڙو لطيف ڦيرو آڻي ڇڏيندو آهي، جيڪو لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي.
مون پنهنجي ذهن ۾ ڪراڪوو کي هڪ ننڍڙو، خاموش ۽ شايد ڪجهه سست رفتار شهر تصور ڪيو هو، پر جيئن ئي جهاز هيٺ لهڻ لڳو ته دريءَ مان نظر ايندڙ منظر منهنجي سموري تصور کي بدلائي ڇڏيو. پري پري تائين پکڙيل شهر، رهائشي عمارتن جون قطارون، وچ وچ ۾ سرسبز پارڪ، وڻن جا جهنڊ ۽ قطارون ۽ جديد زندگيءَ سان گڏ تاريخ جي صديون پراڻي خوشبو محسوس ٿي رهي هئي.
اهو شهر ڄڻ ماضي ۽ حال جي وچ ۾ هڪ خوبصورت پُل هئي. موسم به اسان جي استقبال لاءِ تيار بيٺي هئي. نه گهڻي گرمي، نه گھڻو سيء ، پر هڪ نرم، خوشگوار هوا جيڪا ڄڻ چئي رهي هئي ته، “ڀلي ڪري آيا، نڪرو ۽ مون کي ڳوليو.”

هوائي اڏي تي هڪ دوست جو انتظار
هوائي اڏي تي منهنجو دوست جان محمد منڱريو ، جيڪو ڪارڊف يو ڪي کان اچي رهيو هو، اڃا نه پهتو هو، تنهنڪري مون هوائي اڏي جي هڪ ڪيفي مان هڪ ڪوپ چانهه جو ورتو ۽ سندس انتظار ڪرڻ لڳس. ڪڏهن ڪڏهن سفر ۾ انتظار به هڪ الڳ قسم جو تجربو هوندو آهي، جيڪو سفر جو ساٿي به هوندو آهي.
ٿوري دير کان پوءِ جان نظر آيو. اسان جي ملاقات ڪنهن خاموش هٿ ملائڻ سان نه، پر سنڌي انداز ۾ هڪ وڏي آواز واري “سائين سائين ” سان ٿي، جنهن جي گونج پولينڊ جي هوا ۾ پکڙجي وئي. ڀر پاسي ۾ بيٺل ڪجهه ماڻهو مرڪي رهيا هئا، اسان لاءِ اهو لمحو پنهنجي وطن جي خوشبوءَ جهڙو هو. کل، جيڪا دوستيءَ جو سڀ کان خوبصورت اظهار آهي، هميشه وانگر بنا ڪنهن دير جي ٻاهر نڪري آئي.
پريميم هاسٽل ۾ پهچڻ
هوائي اڏي کان هڪ مختصر ٽيڪسي جي سفر کان پوءِ اسان پومورسڪا گهٽيء ۾ واقع “پريميم هاسٽل” پهتاسين. چيڪ اِن جو عمل تمام سولو ۽ تيز هو. استقبال ڪندڙ عملي جي سهڻي ڇوڪريء جي مرڪ ۽ پيشيوراڻي رويي اسان تي سٺو تاثر ڇڏيو.
جيتوڻيڪ اها هڪ هاسٽل هئي، پر اسان پنهنجي آرام لاءِ هڪ خانگي ڪمرو چونڊي بوڪ ڪرايو هو، جيڪو ايندڙ ڪجهه ڏينهن لاءِ پرديس ۾ اسان جو ننڍڙو گهر بڻجڻ وارو هو.

ڪراڪوو جي ڌڙڪن ڏانهن پهريون قدم
هاسٽل مان ٻاهر نڪري جڏهن اسان شهر جي گهٽين ۾ هلڻ شروع ڪيو ته پهرين نظر ۾ علائقو انتهائي خاموش، صاف سٿرو ۽ منظم لڳو. وڻن سان ڍڪيل رستا، سائي ميدان ۽ ٽرئفڪ جو بهترين انتظام ڏسي جان حيران ٿيندي چيو ته، “هي ته برطانيا جي ڪيترن ئي علائقن کان به وڌيڪ منظم لڳي ٿو.” ڪراڪوو انهن شهرن مان آهي، جيڪي پنهنجو اصل چهرو آهستي آهستي ظاهر ڪندا آهن.
رسيپشن تان مليل شهر جي نقشي، هدايتن ۽ دلچسپ ڳالهه اها ته مفت مليل ٽافين کي ساڻ کڻي اسان ڪارميليتسڪا اسٽريٽ تان پراڻي شهر ڏانهن هلڻ شروع ڪيو. هر قدم سان شهر جي رفتار وڌندي وئي. خاموش گهٽيون هوريان هوريان ماڻهن جي رونقن سان ڀرجي ويون. ريل جي لوهي پٽڙين تي هلندڙ جديد ٽرامون پنهنجي مقرر وقت تي خاموشي سان لنگهي رهيون هيون، ٽرامن جي هلڻ سان جيڪو کڙڪ کڙڪ جو آواز پي پيدا ٿيو¨، اهو ڄڻ شهر جي وقت کي ماپي رهيو هجي.
راڻي جادويگا جي پيرن جا نشان
پياسيڪ واري علائقي ڀرسان اسان هڪ شاندار باروڪ طرز جي گرجا گهر، “چرچ آف دي ويزيٽيشن آف دي بليسڊ ورجن ميري” وٽ ڪجهه دير ترسياسين. هي عمارت رڳو عبادتگاهه نه، پر ڪراڪوو جي مذهبي ۽ ثقافتي تاريخ جو هڪ اهم باب آهي. چرچ جي ويجهو هڪ پٿر رکيل آهي، جنهن تي روايت موجب پولينڊ جي مشهور راڻي جادويگا (Queen Jadwiga) جي پيرن جا نشان موجود آهن.
جادويگا پنهنجي دانائي، عاجزي ۽ خيراتي ڪمن سبب پولينڊ جي سڀ کان محبوب تاريخي شخصيتن مان هڪ مڃي وڃي ٿي. هڪ ڏند ڪٿا مطابق گرجا گهر جي اڏاوت دوران هن پنهنجو پير پٿر تي رکيو هو، جيڪو سندس عقيدت ۽ خدمت جي علامت بڻجي ويو.

جڏهن شام جشن ۾ بدلجي
جڏهن اسان پراڻي شهر ۾ داخل ٿياسين ته سج پنهنجا پر سهيڙي لهي چڪو هو ۽ شهر مڪمل طور هڪ نئين روپ ۾ ظاهر ٿي چڪو هو. پٿرن سان ٺهيل پراڻيون گهٽيون بلبن جي پيلي روشنيءَ ۾ چمڪي رهيون هيون. رستن جي ٻنهي پاسن تي ريسٽورنٽ وارن پنهنجيون ڪرسيون ٻاهر لڳائي ڇڏيون هيون.
ڪٿي يورپي کاڌن جون خوشبوئون هيون، ته ڪٿي وري وچ اوڀر جي مصالحي دار ڪبابن جا اسٽال. حلال ڪباب جا ريسٽورنٽس يورپي ڪيفيز ۽ ريسٽورنٽس سان گڏ موجود هئا. جڏهن ته آئس ڪريم جا دڪان ڀرسان موجود بارز سان مقابلو ڪندا نظر اچي رهيا هئا. آئسڪريم وارن وٽ ٻارن جي ڪافي پيهه هئي. هر طرف زندگي موجون هڻي رهي هئي. وڏي پيهه ۽ رونق هئي.
هڪ پٿرن واري خاموش گهٽيءَ ۾ هڪ نوجوان ڇوڪري وائلن وڄائي رهي هئي. سندس موسيقيءَ ۾ اهڙي اداسي ۽ خوبصورتي هئي، جو ڪجهه گهڙين لاءِ اوپرا ماڻهو به هڪ ئي احساس ۾ جڙجي ويا. لفظن کان سواءِ موسيقي ماڻهن کي پاڻ ۾ ڳنڍي رهي هئي.

يورپ جو سڀ کان وڏو وچئين دور جو چوڪ
اوچتو گهٽيون کلي ويون ۽ اسان پاڻ کي رينيڪ گلووني جي عظيم الشان چوڪ ۾ بيٺل ڏٺو. هي يورپ جو سڀ کان وڏو وچئين دور جو شهري چوڪ آهي. ان جي وچ ۾ موجود تاريخي “ڪلاٿ هال” صدين تائين بين الاقوامي واپار جو مرڪز رهيو. سامهون ئي سينٽ ميري بيسيليڪا جا ٻه اوچا مينار شهر جي تاريخ جي نگهباني ڪندي نظر اچي رهيا هئا. هر ڪلاڪ ۾ ان مان وڄندڙ مخصوص ڌن اڄ به صديون پراڻي روايت کي زنده رکيو ويٺي آهي.
هڪ اڻڄاتل فوٽوگرافر
چوڪ ماڻهن سان ڀريل هو، پر اها رڳو پيهه نه هئي، پر هڪ زندهه اسٽيج هئي. اوچتو هڪ نوجوان سهڻي ڇوڪري اسان وٽ آئي ۽ هڪ اسٽرپ ڪلب ۾ وڃڻ جي دعوت ڏني. اسان ادب سان کلي انڪار ڪيو. پر اسان ساڻس هڪ ٻي درخواست ڪئي ته “اسان جون تصويرون ڪڍندينء ؟” هن چيو ته مان نوڪريء تي آهيان پر پوءَ هوءَ خوش دلي سان راضي ٿي وئي. حيرت انگيز ڳالهه اها هئي ته هن جيڪي تصويرون ڪڍيون، اهي نهايت خوبصورت هيون. چند منٽن لاءِ هوءَ هڪ اشتهارباز نه، پر اسان جي سفر جي ڪهاڻي ٻڌائيندڙ هڪ فوٽوگرافر بڻجي وئي.
اهي گهڙيون جيڪي دل ۾ رهجي وڃن ٿيون
هن تمام وڏي چوڪ جي هڪ ڪنڊ ۾ موسيقي وڄي رهي هئي. ٻار، نوجوان، پوڙها، جوڙا ۽ اجنبي ماڻهو کليل آسمان هيٺ نچي رهيا هئا. ڪنهن دعوت جي ضرورت نه هئي. اتي زندگي پاڻ مرادو ئي جشن بڻجي وئي هئي. انهن سڀني منظرن مان هڪ منظر منهنجي دل تي هميشه لاءِ نقش ٿي ويو. ويل چيئر تي ويٺل هڪ عورت پنهنجي ساٿي، ٿي سگهي ٿو اها سندس ڀيڻ يا دوست هجي، جي مدد سان موسيقيءَ جي ڌن ۽ تال تي هوريان هوريان رقص ڪري رهي هئي. سندس هٿ مٿي هئا، ويل چيئر جا ڦيٿا موسيقيءَ سان گڏ ڦري رهيا هئا، ۽ سندس منهن تي مرڪ هئي. سندس ساٿياڻي رکي رکي سندس ويل چيئر کي موسيقي جي ڌن تي ڦيرائي رهي هئي، مان ان سڄي منظر کي ڏسي اندر ئي اندر ۾ خوشي محسوس ڪري رهيو هوس. اهو رڳو ناچ نه هو، اها محبت هئي، برابري هئي، انسانيت هئي ۽ اهو ثبوت هو ته خوشي ڪنهن جسماني حد جي محتاج ناهي.
پراڻي دور جي خوشبو
ٻئي پاسي عاشق جوڙا هٿن ۾ هٿ وجهي يا ڀاڪرن ۾ گهمي رهيا هئا. ڪتا پنهنجن مالڪن سان وفاداريءَ سان گڏ هلي رهيا هئا. گهوڙن سان هلندڙ بگيون پراڻي زماني جي رومانس کي زنده ڪري رهيون هيون. پري کان واويل محل يا قلعو پنهنجي شان سان ٽڪريءَ تي بيٺو نظر اچي رهيو هو.
ادا جان ۽ مون هڪ ٻئي ڏانهن ڏسي چيو ته هتي وري پوء ڏينهن جي وقت اينداسين ڇاڪاڻ ته هي جڳهه هڪ ڏينهن لاءِ ڪافي ناهي.

قديم يادن جي گهٽين ۾
اسان جو پنڌ اڳتي وڌندي ڪاظيميئرزجي علائقي ۾ پهتو، جيڪو ڪنهن وقت ۾ الڳ شهر هو ۽ اڄ پنهنجي يهودي ورثي سبب سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. هي علائقو گڏيل زندگي، ڏکن، لڏپلاڻ، سانحن ۽ ٻيهر جيئڻ جي ڪهاڻين سان ڀريل آهي. قديم سيناگاگ، جديد ڪيفي ۽ آرٽ گيلريون گڏجي اهڙو منظر پيش ڪن ٿيون، ڄڻ انسان تاريخ جي ڪنهن زنده ڪتاب جا ورق ورائي رهيو هجي.
پرديس ۾ پنهنجي گهر جو ذائقو
آخرڪار بک اسان کي هڪ پاڪستاني ريسٽورنٽ ڏانهن وٺي وئي، جنهن جو نالو “حبيبي” هو. نالي مان عربي رنگ ظاهر ٿي رهيو هو، پر اندر داخل ٿيندي ئي ديڳڙن مان ايندڙ خوشبو ٻڌائي رهي هئي ته هتي اصل ديسي کاڌو ملي ٿو. ريسٽورنٽ جو مالڪ پنجاب، پاڪستان سان تعلق رکندو هو. هن اسان جو استقبال اهڙي محبت سان ڪيو، ڄڻ سالن کان واقف هجي. کاڌو نهايت لذيذ هو، پر جنهن شئي اسان کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو، اها هئي ڦوٽي واري کير پتي چانهه. ان جو پهريون ڍڪ ڀريندي ئي لڳو ڄڻ هزارين ڪلوميٽر پري پنهنجي گهر جي ورانڊي ۾ ويٺا هجون. ڪڏهن ڪڏهن هڪ پيالو چانهه به انسان کي وطن تائين واپس وٺي ويندو آهي.
پهرين ڏينهن جي پڄاڻي
هاسٽل ڏانهن موٽڻ جو سفر ڊگهو هو، پر اسان کي تڪڙ نه هئي. رستي ۾ آئس ڪريم کاڌيسين، وڌيڪ تصويرون ڪڍيونسين ۽ ناشتي لاءِ ڪجهه ضروري شيون به خريد ڪيونسين. رات جي خاموشيءَ ۾ به ڪراڪوو جي گهٽين ۾ زندگيءَ جي هلڪي ڌڙڪن محسوس ٿي رهي هئي. پريميم هاسٽل جي ڪمري ۾ واپس اچي اسان دير تائين ڳالهيون ڪندا رهياسين.
مختف ڪيل سفرن جي ڀيٽا، ماڻهن جون عادتون، شهرن جا فرق، مستقبل جا منصوبا ۽ وچ وچ ۾ بي اختيار کل. ڪراڪوو بابت اسان ٻنهي جو پهريون تاثر هڪ جهڙو هو ته هي اهڙو شهر آهي جيڪو پهرين نظر ۾ مڪمل ظاهر نٿو ٿئي پر هوريان هوريان پنهنجو پاڻ کي کولي ٿو، بلڪل هڪ سٺي ناول وانگر، جنهن جو هر باب اڳئين باب کان وڌيڪ دلچسپ هوندو آهي. جيئن هر سٺي ڪهاڻي پڙهندڙ کي اڳتي وڌڻ تي مجبور ڪري ٿي، تيئن ڪراڪوو به اسان کي ايندڙ ڏينهن جي انتظار ۾ ڇڏي ويو. آخرڪار ننڊ اسان تي اوچتو نه، پر ڳالهين جي وچ ۾ آهستي آهستي غالب آئي، ڄڻ خواب به هن سفر کي جاري رکڻ چاهيندا هجن.
ٻيو ڏينهن – 7 سيپٽمبر 2025
جبلن ڏانهن سفر ۽ گهڙين جي گهراين ڏانهن هڪ ٻيو قدم
سفر جي هڪ وڏي خوبي اها به آهي ته اهو هميشه انسان جي منصوبن کي نئين شڪل ڏئي ڇڏيندو آهي. جيڪي شيون اسان اڳواٽ سوچي ۽ ترتيب ڏئي رکون ٿا، اهي گهڻو ڪري حقيقت ۾ ڪنهن ٻئي انداز سان سامهون اچن ٿيون. شايد سفر جي خوبصورتي به انهيءَ ۾ لڪل هوندي آهي ته اهو انسان کي منصوبن کان وڌيڪ اتفاقن تي ڀروسو ڪرڻ سيکاري ٿو. ڪراڪوو ۾ اسان جي ٻئي ڏينهن جي شروعات به اهڙي ئي هڪ تبديلي سان ٿي.
اسان مقامي ٽوئر ڪمپني وسيلي ٻه الڳ سفر بُڪ ڪرايا هئا، هڪ زاڪوپاني (Zakopane) جي سرسبز جبلن ڏانهن ۽ ٻيو آشوِٽز-برڪيناو (Auschwitz-Birkenau) جي تاريخي يادگار ڏانهن. پر زندگيءَ وانگر سفر به هر وقت رٿابنديءَ موجب نٿو هلي. اسان کي اطلاع مليو ته انگريزي ڳالهائيندڙ گائيڊ يعني سونهون موجود نه هجڻ سبب آشوِٽز وارو ٽوئر منسوخ ڪيو ويو آهي. يقيناً ٿوري مايوسي ٿي، پر اها مايوسي ايتري نه هئي جو سفر جو جوش گهٽجي وڃي. اسان پاڻ ۾ فيصلو ڪيو ته ڪنهن ٻئي ڏينهن پنهنجي طريقي سان آشوِٽز وينداسين. هن وقت ته جبل اسان کي سڏي رهيا هئا.
سادگي سان ڀرپور هڪ صبح
صبح جي شروعات هاسٽل جي گڏيل رڌڻي مان ٿي، جيڪو اسان جي توقع کان گهڻو وڏو، کليل ۽ روشن هو. رڌڻي ۾ هر ڪم جي شيء موجود هئي. کليل درين مان ٻاهر جو منظر صاف نظر اچي رهيو هو. سامهون واري رستي تان ٽرامون پنهنجي مقرر رفتار سان گذري رهيون هيون. ويجهن وڻن تي پکين جي چرپر ۽ چر چر جاري هئي. دنيا جي مختلف ملڪن مان آيل سياح خاموشي سان پنهنجو ناشتو تيار ڪرڻ ۾ مصروف هئا. هاسٽل جي گڏيل رڌڻي ۾ هڪ عجيب قسم جي برابري محسوس ٿيندي آهي.
هتي نه ڪو امير هوندو آهي، نه غريب، نه ڪو وڏو، نه ننڍو. اوپرا ماڻهو هڪ ئي جاءِ تي گڏ ويهي پنهنجو کاڌو تيار ڪندا آهن، کوٽ واڌ ۾ هڪ ٻئي کان شيون وٺندا آهن، مختصر ڳالهيون ڪندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي زندگيءَ جون ننڍيون وڏيون ڪهاڻيون به ٻڌائيندا آهن. اسان پنهنجي ناشتي کي سادو رکيو. جون جو ڏارو مختلف سڪن ميون سان گڏ کير ۾، گرم چانهه ۽ ڪيڪ. کاڌو سادو ضرور هو، پر سفر ۾ ڪڏهن ڪڏهن سادگي ئي سڀ کان وڏي آسائش محسوس ٿيندي آهي.

زاڪوپاني ڏانهن روانگي
ٿوري ئي دير کان پوءِ اسان کي وٺڻ لاءِ سياحن جي هڪ وين اچي پهتي. جنهن ۾ اڳ ئي ڪجهه مسافر موجود هئا. برطانيا مان آيل هڪ نوجوان جوڙو پنهنجي ننڍڙي ٻار سان گڏ سفر ڪري رهيو هو. هڪ ٻي انگريز عورت پنهنجي ٻن ڌيئرن سان گڏ هئي. پوءِ اسان ٻئي، مان ۽ ادا جان منڱريو، هن يورپي قافلي ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪندي سوار ٿيا سين. وين جو ڊرائيور ئي اسان جو گائيڊ به هو.
هن جي انگريزي محدود هئي، يعني گلابي انگريزي پر سندس منهن مهانڊي جا تاثرات، هٿن جون حرڪتون ۽ اشارا ۽ ڳالهائڻ جو انداز انتهائي دلچسپ ۽ سمجهه ۾ ايندڙ هو. لفظ گهٽ هئا، پر مرڪون گهڻيون. جڏهن ماڻهن ۾ تجسس ۽ خوش اخلاقي موجود هجي ته تڏهن ٻولي ڪڏهن به رڪاوٽ نٿي بڻجي. آسمان تي هلڪا ڪڪر ڇانيل هئا، جيڪي سڄي سفر کي ڪنهن فلمي منظر جهڙو نرم ۽ رومانوي رنگ ڏئي رهيا هئا.
ڪوسيئلسڪو – جبلن جي وچ ۾
اسان جو پهريون اسٽاپ ڪوسيئلسڪو-بيالي پوٽوڪا هو. هيءَ جڳهه ايتري خوبصورت هئي، ڄڻ ڪنهن مصور پنهنجي ڪئنواس تي وڏي محبت سان اها تصوير چٽي هجي. ڪاٺ جا روايتي گهر، سندن لهواريون ڇتيون ۽ پٺيان برفاني تاترا جبلن جو سلسلو. هر شيءِ صديون پراڻي روايت، سادگي ۽ انسان جي محنت جي ڪهاڻي ٻڌائي رهي هئي. کليل ميدانن ۾ رڍون بي فڪريءَ سان چري رهيون هيون. ويجهو هڪ ننڍڙي ڪاٺ جي جهوپڙيءَ ۾ اسان کي مقامي مشهور پنير “اوسيپيڪ” چکڻ جي دعوت ملي، جيڪا اسان جي بوڪ ڪيل ٽوئر ۾ شامل هئي.
هي پنير رڍن جي کير مان تيار ٿيندو آهي ۽ خاص طريقي سان پچايو ويندو آهي جيڪو دونهين ۾ دونهاٽيل هوندو آهي. جهوپڙيءَ اندر ڪاٺ جي دونهي ۽ تازي پنير جي خوشبو هوا ۾ پکڙيل هئي. اسان جڏهن ان کي جيم سان گڏ چکيو ته ذائقو ڪجهه مختلف پر انتهائي دلچسپ محسوس ٿيو. اسان جي ٽولي مان ڪجهه ماڻهن کي اهو ميلاپ پسند آيو، جڏهن ته ڪجهه ٿورو هٻڪيا.
آخرڪار ذائقو به انسان جي شخصيت وانگر مختلف هوندو آهي. ٻاهر رکيل ڪاٺ جي بينچن تي ويهي، هٿ ۾ پنير، سامهون جبلن جو منظر ۽ ٿڌڙي هوا، اهڙا لمحا انسان کي وقت وسارائي ڇڏيندا آهن. اسان کي اهو روايتي عمل به ڏسڻ جو موقعو مليو، جنهن ۾ ڪاٺ جي باهه مٿان هوريان هوريان پنير کي دونهي سان پچائي ان کي سندس مخصوص ذائقو ڏنو پي ويو.
روايتي هنر جي گونج- ويلا ڪوليبا
ان کان پوءِ اسان ويلا ڪوليبا پهتاسين، جيڪا زاڪوپاني جي روايتي ڪاٺ جي تعميراتي طرز جو هڪ شاهڪار نمونو آهي. اوڻيهين صديءَ جي آخر ۾ تعمير ٿيل هي عمارت اڄ هڪ عجائب گهر جي حيثيت سان علائقي جي ثقافتي ۽ فني ورثي کي محفوظ ڪري رهي آهي. اسان کي هيڊفون ڏنا ويا، جن وسيلي مختلف ڪمرن جي تاريخ ۽ معلومات ٻڌائي پئي وئي. ڪاٺ تي ٿيل نفيس نقاشي، پراڻا فرنيچر، هٿ جا اوزار ۽ دستڪاريءَ جا شاهڪار ڏسي محسوس ٿي رهيو هو ته هتي جي ماڻهن جو فطرت سان تعلق ڪيترو گهرو رهيو آهي.
هڪ جاءِ تي مون ڪجهه اهڙا اوزار ڏٺا، جيڪي مون کي پنهنجي وطن سنڌ جي واڍن ۽ مسترين جي ياد ڏياري رهيا هئا. مون بي اختيار مرڪي ڇڏيو. ڌرتيون الڳ ٿي سگهن ٿيون، ٻوليون مختلف ٿي سگهن ٿيون، پر اهي هٿ جيڪي ڪا شيءِ تخليق ڪن ٿا، سي دنيا جي هر ڪنڊ ۾ هڪ جهڙي ٻولي ڳالهائين ٿا. دنيا جي مختلف ملڪن مان آيل سياح خاموشيءَ سان عجائب گهر جو جائزو وٺي رهيا هئا. هر ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ ۾ ٻڌي رهيو هو، پر سڀني جي اکين ۾ حيرت جو ساڳيو احساس هو.
گوبالووڪا- جتي آسمان ويجهو لڳي ٿو
اتان اسان زاڪوپاني جي دل ڏانهن روانا ٿياسين، جتان اسان فنيڪيولر ريل وسيلي گوبالووڪا ٽڪريءَ تي پهتاسين. ٽڪري جي مختصر سفر دوران هوريان هوريان شهر هيٺ رهجي ويو ۽ اسان اوچائين ڏانهن وڌندا وياسين. مٿي پهچي منظر اوچتو کلي پيو. سامهون پکڙيل سائيون ٽڪريون، پري پري تائين برفاني چوٽيون ۽ افق تائين پکڙيل خوبصورتي. اهو منظر لفظن کان گهڻو وڏو هو. ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي هر طرف زندگي موجود هئي.
ٻار راند کيڏي رهيا هئا. جوڙا تصويرون ڪڍي رهيا هئا. خاندان کلندا ڳالهائيندا گهمي رهيا هئا. گهوڙن جون سواريون، ننڍڙا تفريحي مرڪز، ڪيفي ۽ ويهڻ لاءِ کليل جايون هر سياح کي ڪجهه دير لاءِ وقت وسارڻ جي دعوت ڏئي رهيون هيون.

السلام عليڪم جي گونج
هتي هڪ دلچسپ ڳالهه اسان جي نظر ۾ آئي. عرب ملڪن مان آيل خاندانن جو وڏو انگ موجود هو. هر پاسي “السلام عليڪم” جون صدائون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون هيون. عود جي خوشبو ٿڌڙي هوا سان ملي هڪ عجيب واقف احساس پيدا ڪري رهي هئي.
حلال کاڌي جا ڪيترائي هوٽل ۽ ريسٽورنٽ موجود هئا، جيڪي واضح ڪري رهيا هئا ته زاڪوپاني هاڻي رڳو پولينڊ جو سياحتي مرڪز نه، پر عالمي سياحن جي پسنديده منزل بڻجي چڪو آهي. ادا جان پنهنجي مخصوص مزاحيه انداز ۾ انهن کي “حاجي ۽ حاجاڻيون” سڏڻ لڳو. اسان کلندا رهياسين، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڀرسان بيٺل ماڻهو به اسان جي ڳالهه ٻڌي مرڪي پوندا هئا.
ننڍيون خوشيون، وڏا احساس
اسان آئس ڪريم جو مزو ورتو. پوءِ گرم چانهه پيتي. عام حالتن ۾ اهي شيون معمولي لڳن ٿيون، پر جڏهن سامهون جبلن جو حسين منظر هجي ته هر ننڍڙي خوشي غيرمعمولي بڻجي ويندي آهي. اسان ڪيترائي فوٽو ڪڍيا. ڪاٺ جي بينچن تي ويهي ڪجهه دير خاموشيءَ سان رڳو فطرت کي ڏسندا رهياسين ۽ اندر ۾ اوتيندا رهياسين. پر اتي هڪ ننڍڙي ڏکيائي ضرور محسوس ٿي ته ڪيترا ئي دڪان وارا ڪارڊ بدران رڳو نقد رقم قبول ڪري رهيا هئا. پر اهڙيون ننڍيون مشڪلاتون به سفر جو اصل مزو وڌائي ۽ سيکاري ڇڏينديون آهن.
وري شهر ڏانهن واپسي
فنيڪيولر ريل وسيلي هيٺ لهڻ کان پوءِ ڪجهه وقت مرڪزي چوڪ ۾ گذاريوسين ۽ پوءِ زاڪوپاني جي شهر ۾ گهمڻ نڪتاسين. پولينڊ جي سياري جي گاديءَ واري سڏجندڙ هن شهر ۾ قدرتي حسن ۽ ثقافتي زندگيءَ جو حسين ميلاپ موجود آهي. هڪ صاف شفاف ندي شهر مان وهي رهي هئي. ان جي پاڻيءَ ۾ وڻن جو عڪس نظر اچي رهيو هو.
هر طرف سياح، مقامي ماڻهو، ٻارن جون حرڪتون، شرارتون، کلون ۽ بازارن جي رونق هئي. پٺيان جبل خاموشيءَ سان بيٺا هئا، ڄڻ هن شهر جا ازلي محافظ هجن. انهن تي تمام پري مٿي رڍون چري رهيون هيون. شهر ۾ گهوڙي گاڏين وارا به جام هئا جيڪي سياحن جي انتطار ۾ هئا. رستي ۾ اسان مئڪڊونلڊس تي ٿورو وقت ترسي جلدي کاڌو کاڌو. سفر دوران ڪڏهن ڪڏهن عالمي سڃاڻپ واري جڳهه به انسان کي عجيب قسم جو اطمينان ڏئي ويندي آهي.
تجربي جي صورت ۾ جنم ڏينهن جو تحفو
وين ۾ واپس ويهڻ کان پوءِ اوپرا ماڻهو هاڻي هڪ ٻئي جا ساٿي بڻجي چڪا هئا. ڳالهيون وڌڻ لڳيون. انگريز عورت ٻڌايو ته سندس هڪ ڌيءَ تازو ارڙهن سالن جي ٿي آهي ۽ هن سفر کي هوءَ پنهنجي ڌيءَ لاءِ جنم ڏينهن جو تحفو بڻائي کڻي آئي آهي. مون دل ۾ سوچيو ته هيءَ ڪيتري خوبصورت ڳالهه آهي. ڪو قيمتي موبائل، زيور يا ٻيو سامان نه، پر دنيا ڏسڻ جو موقعو، تجربن جو تحفو. شايد زندگيءَ جا سڀ کان قيمتي تحفا اهي ئي هوندا آهن، جيڪي انسان جي سوچ کي وسيع ڪن ٿا. سفر پڻ انهن تحفن مان هڪ تحفو آهي.
واپسي، آرام ۽ وري ڪراڪوو جون گهٽيون
واپسيءَ جو سفر خاموش هو. وين جي هلڪن لوڏن ۾ مسافر ننڊ جي جهوليءَ ۾ هليا ويا. شام تائين اسان ٻيهر ڪراڪوو جي پنهنجي هاسٽل پهچي وياسين. ٿورو آرام ڪرڻ کان پوءِ ۽ يقيناً هڪ پيالي چانهه پيئڻ کان پوءِ، اسان کي وري پراڻي شهر ڏانهن وڃڻ جي خواهش ٿي. هن ڀيري اسان جي نظر هڪ اهڙي جاءِ تي پئي، جيڪا گذريل رات محسوس ڪرڻ کان رهجي وئي هئي. اهو هو پلانٽي پارڪ ، هي سرسبز پارڪ پراڻي شهر کي گول دائري وانگر گهيري بيٺو آهي. ڪنهن زماني ۾ هتي شهر جون ڀتيون هونديون هيون، پر اڄ انهن جي جاءِ تي وڏا وڻ، گل، رستا ۽ خاموشي موجود آهي.
تاريخ ۽ فطرت جو هي حسين ميلاپ ڏسي لڳو ڄڻ ماضي ۽ حال هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي بيٺا هجن. پراڻي شهر اسان جو وري ساڳئي محبت سان استقبال ڪيو. ساڳيون روشنيون، ساڳئي موسيقي، ساڳيو جيئرو جاڳندو ماحول.

پرديس ۾ وري پنهنجن ديسين سان ملاقات
رات جي ماني لاءِ اسان ٻيهر “حبيبي” ريسٽورنٽ پهتاسين. اتي مالڪ ۽ بين پاڪستانين سان ٿيندڙ ڳالهيون ان شام کي وڌيڪ گرمجوش بڻائي رهيون هيون. ڪڏهن ڪڏهن پرديس ۾ ديسي ٻولي ٻڌڻ به ڪنهن نعمت کان گهٽ محسوس نٿي ٿئي. ريسٽورنٽ جي مالڪ ٻڌايو ته هو گهڻو وقت اڳ هتي پيار جو پکي ٿي اڏامي آيو هو، يعني انٽرنيٽ جي شروعاتي ڏينهن ۾ هن جو رابطو هتان جي هڪ ڇوڪريء سان ٿيو جيڪو پيار ۾ بدلجي ويو.
وسٽولا درياهه جي ڪناري هڪ خاموش سير
پر رات اڃا ختم نه ٿي هئي. هاسٽل ڏانهن واپسي لاءِ هن ڀيري اسان ٻيو رستو چونڊيو. اهو رستو اسان کي وسٽولا درياهه جي ڪناري سان وٺي آيو. هي درياهه رڳو پاڻيءَ جو وهڪرو ناهي، پر ڪراڪوو جي تاريخ، ثقافت ۽ زندگيءَ جو خاموش شاهد آهي. درياهه جي ڪناري هلندي هڪ عجيب سڪون محسوس ٿي رهيو هو. ويجهين پلين جون روشنون پاڻيءَ تي پئجي چمڪي ان کي وڌيڪ سهڻو بڻائي رهيون هيون.
هتي ماڻهو نه هئڻ جي برابر هئا ۽ شايد انهيءَ ڪري اها گهڙي وڌيڪ پنهنجي ذاتي لڳي رهي هئي. ائين محسوس ٿيو ڄڻ شهر پنهنجي گوڙ مان هڪ خاموش ڪنڊ رڳو اسان لاءِ بچائي رکي هجي. اسان هوريان هوريان هلندا هاسٽل ڏانهن موٽياسين. ٿڪ ضرور هو، پر اهو جسم جو نه، پر مڪمل ڏينهن گذارڻ وارو سڪون ڀريو ٿڪ هو. اهڙو ٿڪ، جيڪو انسان کي ياد ڏياري ٿو ته هن واقعي زندگيءَ جو هڪ خوبصورت ڏينهن رڳو گذاريو نه پر جيئيو آهي.
هڪ باب پورو، ٻيو شروع
ڪمري ۾ واپس پهچي معمول وري ساڳيو هو، يعني چانهه جي پيالي، ڊگهيون ڳالهيون، ڏٺل منظرن تي ويچار ۽ مستقبل جي منصوبن تي بحث. پوءِ هوريان هوريان اکين تي ننڊ لهڻ لڳي. هڪ ٻيو ڏينهن پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو، پر هر سفر وانگر، هڪ ڏينهن جي پڄاڻي دراصل ايندڙ ڪهاڻيءَ جي شروعات هوندي آهي.
ٽيون ڏينهن – 8 سيپٽمبر 2025
يادن ۽ وسندڙ مينهن جي وچ ۾ هڪ ڏينهن
ڪجهه سفر رنگن، کلڻ ۽ بي انتها چرپر سان ڀرپور هوندا آهن، جڏهن ته ڪجهه سفر اهڙي خاموشيءَ سان انسان جي دل ۾ لهي ويندا آهن، جو انهن جو وزن نظر ته نٿو اچي، پر اندر تائين محسوس ٿيندو رهي ٿو. ڪراڪوو ۾ اسان جو ٽيون ڏينهن به اهڙو ئي هو. هي ڏينهن گهمڻ ڦرڻ کان وڌيڪ سوچڻ، تاريخ سان ملاقات ڪرڻ ۽ شايد پنهنجي وجود کان به وڏي ڪنهن حقيقت کي سمجهڻ لاءِ مخصوص هو.

هڪ اهڙو صبح، جيڪو اندر جي دنيا ڏانهن موٽي ويو
هاڻي سفر جو معمول ٺهي چڪو هو. صبح جو ناشتو، هڪ ڪوپ گرم چانهه، ڪجهه هلڪيون ڦلڪيون ڳالهيون ۽ پوءِ شهر ڏانهن نڪري پوڻ. پر هن صبح ۾ ڪجهه مختلف هو. آسمان تي ڪڪر ڇانيل هئا ۽ هلڪو هلڪو مينهن وسڻ شروع ٿي چڪو هو، ڄڻ فطرت پاڻ ئي ڄاڻي ٿي ته اڄ اسان ڪهڙي جڳهه ڏانهن وڃي رهيا آهيون.
اسان هاسٽل مان نڪري ڪراڪوو جي مرڪزي ريلوي اسٽيشن “ڪراڪوو گلووني” ڏانهن روانا ٿياسين. اسان جو ارادو آشوِٽز (Auschwitz) پهچڻو هو. منصوبو سادو هو ته يا ته بس ذريعي يا ريل ذريعي جلد کان جلد پهچي دنيا جي سڀ کان اهم تاريخي يادگارن مان هڪ هنڌ جو مشاهدو ڪرڻ.
بس کان ريل تائين
اسٽيشن تي موجود فلڪس بس جي ڪائونٽر تي معلوم ٿيو ته بس اڃا هڪ ڪلاڪ کان پوء رواني ٿيندي. ان ڏينهن وقت اسان لاءِ تمام گهڻو قيمتي محسوس ٿي رهيو هو. انتظار ڪرڻ مناسب نه لڳو، تنهنڪري اسان ريل جو رخ ڪيو. ريل وڌيڪ تيز، وڌيڪ پڪي ۽ وڌيڪ مناسب محسوس ٿي.
جلدي ۾ ٽڪيٽون ورتيونسين، پليٽ فارم ڳولياسين ۽ ڪجهه ئي دير ۾ اسان ريل ۾ ويٺا هئاسين، جيڪا اڳ ئي خاموش مسافرن سان ڀريل هئي. پر ان خاموشيءَ ۾ به هڪ عجيب انتظار سمايل هو.
اسٽيشنن جي وچ ۾ جنم وٺندڙ هڪ ڳالهه ٻولهه
اسان جي سامهون واري سيٽ تي هڪ عورت ويٺي هئي، جيڪا وڏي دل لڳائي ڪو ڪتاب پڙهي رهي هئي. هوءَ پنهنجي دنيا ۾ گم هئي ۽ اسان وري پنهنجي دنيا ۾. مان پنهنجي سفر جي هڪ پراڻي عادت ۾ مصروف ٿي ويس. هر ايندڙ اسٽيشن جو نالو وڏي آواز سان اچارڻ جي ڪوشش ڪري پڙهڻ لڳس. پولينڊ جا ڪيترائي نالا پهرين نظر ۾ ڏکيا لڳندا آهن، پر مون لاءِ اهي نالا هوريان هوريان ڪنهن موسيقيءَ جي سُرن وانگر ٿي ويا هئا.
پهرين اسٽيشن آئي، مون نالو پڙهيو، عورت مرڪي، وري ٻي اسٽيشن آئي، مون وري ان جو نالو به پڙهيو، هن پنهنجو ڪتاب بند ڪري ڇڏيو. هاڻي سندس خاموشيءَ جي جاءِ تي تجسس اچي ويو هو. هن مرڪي پڇيو ته “توهان پولش ٻولي سکيا آهيو ڇا؟ توهان اهي نالا ايتري صحيح نموني ڪيئن پڙهي رهيا آهيو؟” مان کلندي جواب ڏنو ته “نه، ڪا خاص سکيا ناهي، شايد رڳو اندازو، ٿورو اعتماد ۽ سفر جو شوق.” هن منهنجي پولش اچارن جي تعريف ڪئي. بس پوء اتي ئي ڳالهه شروع ٿي وئي.
سفر، زندگي، مختلف ملڪن ۽ ماڻهن بابت مختصر پر دلچسپ گفتگو ٿيڻ لڳي. جڏهن هن کي خبر پئي ته اسان آشوِٽز وڃي رهيا آهيون ته سندس منهن جا تاثر تبديل ٿي ويا. هن نرميءَ سان چيو ته، “توهان شايد اتي وڃڻ چاهيو ٿا، پر اهو ممڪن آهي ته اها جڳهه توهان جي احساسن کي هميشه لاءِ بدلائي ڇڏي.” اهي لفظ هن ريل مان لهڻ کان پوءِ به گهڻي دير تائين منهنجي ذهن ۾ گونجندا رهيا.
آشوِٽز – جتي خاموشي ڳالهائي ٿي
آخرڪار اسان آشوِٽز-برڪيناو (Auschwitz-Birkenau) پهتاسين. هي اهڙي جڳهه آهي جنهن کي ڪنهن تعارف جي ضرورت ناهي، پر جنهن کي مڪمل طور سمجهڻ شايد ناممڪن آهي. ٻي عالمي جنگ دوران نازي جرمني هتي دنيا جو سڀ کان وڏو ڪنسنٽريشن ۽ نسل ڪشي وارو ڪئمپ قائم ڪيو هو. هتي ڏهه لک کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجيون زندگيون وڃائي ويٺا. انهن ۾ گهڻائي يهودين جي هئي، پر ان سان گڏ پولش، روما ۽ ٻين ڪيترن ئي قومن جا بيگناهه ماڻهو به شامل هئا. اڄ هي جڳهه هڪ يادگار ۽ عجائب گهر جي صورت ۾ محفوظ آهي. اها رڳو موت جي ياد نه، پر انسانن کي انسانيت کي وسارڻ کان بچائڻ جي هڪ زنده ڪوشش پڻ آهي.
دير سان پهچڻ جي مايوسي
ريلوي اسٽيشن کان عجائب گهر تائين رستو واضح هو. هر طرف سائن بورڊ ۽ نشانيون لڳل هيون. سياحن جا وڏا وڏا ٽولا تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيا هئا. جلد ئي اسان کي احساس ٿيو ته اهي ايتري تڪڙ ۾ ڇو آهن. انگريزي ڳالهائيندڙ گائيڊ سان گڏ ٽوئر جون ٽڪيٽون تمام محدود هيون ۽ انهن جي طلب تمام گهڻي هئي. جڏهن اسان آشوِٽز-برڪيناو ميموريل ۽ ميوزيم پهتاسين ته حقيقت سامهون اچي وئي. سڀئي انگريزي ۾ ٿيندڙ ٽوئر مڪمل طور بُڪ ٿي چڪا هئا. اسان صبح سوير نڪتا هئاسين، پر پوءِ به دير ٿي چڪي هئي. دل ۾ هڪ خاموش اداسي ڇانئجي وئي.

بنا ٽڪيٽ جي به تاريخ سان ملاقات
پر اسان واپس نه موٽياسين. اسان انهن حصن جو جائزو ورتو، جيڪي عام ماڻهن لاءِ مفت ۾ کليل هئا. شايد ڪڏهن ڪڏهن خاموشي، ڪنهن به گائيڊ جي ڊگهي وضاحت کان وڌيڪ ڪجهه سيکاري ويندي آهي. مان ۽ ادا جان خاموشيءَ سان بيٺا هئاسين. اسان ڪتابن ۾ پڙهيل تاريخ کي ذهن مان ڪڍي انهن عمارتن، انهن رستن ۽ انهن ٻارڙن ڏانهن ڏسڻ لڳاسين. اهي رڳو پراڻيون عمارتون نه هيون.
اهي ڪنهن وقت هزارين ماڻهن جي زندگيءَ جا آخري شاهد هيون، بيرڪن جون قطارون، لوهي تارون، ويران رستا، هر شيءِ ۾ هڪ اهڙي اڻ ڏٺل ۽ اڻ ٻڌل رڙ موجود هئي، جيڪا ڪنن سان نه، پر دل سان ٻڌڻ ۾ ايندي هئي. اها جڳهه گوڙ سان نه، پر پنهنجي خاموشيءَ سان انسان کي بي چين ڪري ڇڏيندي آهي. ڪجهه هنڌ اهڙا هوندا آهن، جتي ماڻهو گهٽ ڳالهائيندو آهي. ان ڪري نه ته چوڻ لاءِ ڪجهه ناهي، پر ان ڪري جو لفظ تمام ننڍا محسوس ٿيندا آهن، آشوِٽز به اهڙي ئي جڳهه هئي.
مينهن سان گڏ واپسي
ڪجهه وقت اتي گذارڻ کان پوءِ اسان واپس ڪراڪوو ڏانهن روانا ٿياسين. هاڻي مينهن اڳ کان وڌيڪ تيز ٿي چڪو هو. ائين لڳو ڄڻ آسمان به هن ڏينهن جي اداسيءَ کي قبول ڪري ورتو هجي. هاسٽل پهچي اسان وري پنهنجي پراڻي ساٿي، هڪ پيالي گرم چانهه، سان اچي ڪمري ۾ ويٺاسين.
ٻاهر مينهن شهر سان پنهنجون خاموش ڳالهيون ڪري رهيو هو. ان شام ۾ ڪا به تڪڙ نه هئي، نه ڪنهن نئين جڳهه کي ڏسڻ جي خواهش هئي، نه ڪنهن ڊگهي منصوبي جي، رڳو سڪون ۽ سوچ هئي.
مينهن ۾ ڀنل شهر جون شام واريون سوچون
جڏهن مينهن ڪجهه گهٽ ٿيو ته اسان ٻيهر پراڻي شهر ڏانهن نڪري وياسين. رستا پاڻيءَ سان ڌوتل هئا. هلڪي روشني انهن تي پئجي چمڪي رهي هئي. ڀرپاسي جي وڻن مان ڪريل پن پٿرن وارين گهٽين جي فرشن سان چنبڙيل هئا. سڄو منظر ڪنهن سٺي فلم جي خاموش منظر جهڙو محسوس ٿي رهيو هو. هن ڀيري رات جي ماني لاءِ اسان ڪجهه مختلف چونڊيو، يعني ترڪش ڊونر ڪباب، جيڪو هميشه وانگر گرم، مزيدار ۽ دل کي سڪون ڏيندڙ هوندو آهي. بلڪل انهيءَ شام جي مزاج وانگر.
مينهن ۾ ڪراڪوو جو شهر ڪنهن ٻئي ئي روپ ۾ نظر اچي رهيو هو. روزاني واري رونق نرم ٿي وئي هئي. شهر وڌيڪ خاموش، وڌيڪ ويجهو ۽ وڌيڪ پنهنجو لڳي رهيو هو. اسان بنا ڪنهن منصوبي جي هلندا رهياسين، نه ڪنهن مخصوص عمارت ڏانهن وڃڻ جي جلدي ۽ نه ئي وري ڪا فهرست مڪمل ڪرڻي هئي، رڳو انهيءَ گهڙيء ۾ موجود رهي ان کي محسوس ڪرڻو هو.
هڪ خاموش ڏينهن، جيڪو دل ۾ رهجي ويو
گذريل ٻن ڏينهن جي ڀيٽ ۾، جيڪي مسلسل هل هلان، حرڪت، ڳولا ۽ دريافت ۽ خوشين سان ڀرپور هئا، هي ڏينهن بلڪل مختلف هو. هي ڏينهن اندر جي سفر جو ڏينهن هو، هر سفر ۾ اهڙا ڏينهن اچن ٿا، جيڪي گوڙ نٿا ڪن، جيڪي ڪا وڏي مهم نٿا ڏين، پر انسان کي محسوس ڪرڻ سيکارين ٿا ۽ شايد اهي ئي ڏينهن سڀ کان وڌيڪ يادگار رهجي ويندا آهن، اسان هاسٽل جي ڪمري ڏانهن موٽياسين، هن ڀيري اسان سان ڪو سووينئر يا خريد ڪيل شيءِ نه هئي، رڳو ڪجهه ڳريون سوچون، ڪجهه اڻپوريون ڳالهيون ۽ ڪجهه اهڙا احساس، جيڪي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏکيا هئا.
ان رات نه ڪا ڊگهي گفتگو ٿي، نه ئي کل جي ڪا گونج ڪمري ۾ پکڙي. رڳو هڪ خاموش سمجهه هئي، جيڪا بنا لفظن جي ٻن دوستن جي وچ ۾ موجود هئي ۽ پوءِ هوريان هوريان ننڊ اچي وئي. اهڙي ننڊ، جيڪا شايد انسان کي رڳو جسماني آرام نه پر روحاني سڪون به ڏئي ٿي.
چوٿون ڏينهن – 9 سيپٽمبر 2025
سج جي روشني، موڪلاڻيون ۽ هڪ سفر جي پڄاڻي
هر سفر، ڀلي ڪيترو به رنگين، شاندار ۽ يادگار ڇو نه هجي، آخرڪار اهو هڪ ڏينهن خاموش پڄاڻيءَ ڏانهن وڌڻ لڳندو آهي. انسان جڏهن ڪنهن شهر ۾ ان شهر سان ڪجهه ڏينهن گذاري ٿو ته ان جون گهٽيون، هوائون، ماڻهو ۽ منظر آهستي آهستي دل جو حصو بڻجي وڃن ٿا ۽ پوءِ موڪلائڻ جو احساس اندر ۾ هڪ اڻ ڏٺل اداسي ڇڏي ويندو آهي. ڪراڪوو ۾ اسان جو چوٿون ۽ آخري ڏينهن به اهڙي ئي احساس سان شروع ٿيو. اسان جون اڏامون شام جو هيون، تنهنڪري پورو ڏينهن اڃا اسان جي هٿ ۾ هو. شهر ڄڻ چئي رهيو هو ته “هڪ ڀيرو ٻيهر مون کي ڏسي وٺو.”
ويندي ويندي به ڪجهه ڇڏي وڃڻ
صبح جو معمول مطابق ناشتو ڪيوسين. ان کان پوءِ پنهنجو سامان ٻڌڻ شروع ڪيوسين. پر روانگيءَ کان اڳ اسان هڪ ننڍڙو، پر دل کي وڻندڙ ۽ ڇهندڙ ڪم ڪيو. اسان وٽ جيڪي کاڌي پيتي جون ڪجهه شيون بچي پيون هيون، سي هاسٽل جي گڏيل رڌڻي ۾ ٻين مسافرن لاءِ ڇڏي آياسين. هاسٽلن جي دنيا ۾ اها هڪ خاموش روايت آهي ته سامان ايندڙ مسافرن لاء ڇڏجي ته جيئن انهن کي شروع ۾ ڪا تڪليف نه ٿئي. هتي اوپرا ماڻهو هڪ ٻئي کي سڃاڻڻ کان سواءِ به هڪ ٻئي جو خيال رکندا آهن. شايد اهو ئي سفر جو اصل حسن آهي جتي نيڪيءَ کي ڪنهن تعارف جي ضرورت نٿي پوي. سامان هاڻي ڪجهه هلڪو ٿي ويو هو. پر دل اڳ کان ڪجهه وڌيڪ ڳري محسوس ٿي رهي هئي. اسان هڪ ڀيرو ٻيهر هاسٽل مان نڪري پراڻي شهر ڏانهن روانا ٿياسين. هن ڀيري ڏينهن جي روشنين ۾.
ساڳيو چوڪ، پر نئون احساس
اسين وري رينيڪ گلووني چوڪ تي پهتاسين. گذريل راتين ۾ جنهن چوڪ کي روشنين، موسيقي ۽ پيهه ۾ ڏٺو هو، اهو هاڻي ڏينهن جي صاف روشنيءَ ۾ هڪ بلڪل مختلف روپ ۾ نظر اچي رهيو هو. جيتوڻيڪ هفتي جو عام ڪم وارو ڏينهن هو، پر چوڪ ماڻهن سان ڀريل هو. هر پاسي زندگي حرڪت ۾ هئي. هاڻي مجسمن جا نقش وڌيڪ واضح هئا. قديم عمارتون وڌيڪ نمايان لڳي رهيون هيون ۽ شهر جي روزاني واري زندگيءَ جي رفتار صاف نظر اچي رهي هئي.
سائيڪلن تي سوار ماڻهو سولائيءَ سان سياحن ۽ مقامي رهواسين جي وچ مان گذري رهيا هئا. عرب خاندان، جيڪي اڳ به اسان جي نظر ۾ آيا هئا، هن ڀيري به پنهنجي گرمجوش موجودگيءَ سان ماحول ۾ پنهنجائپ جو احساس پيدا ڪري رهيا هئا. هن ڀيري اسان رڳو گذري نه وياسين، اسان اتي ترسياسين، ويٺاسين، ماحول کي محسوس ڪيوسين ۽ ان کي پنهنجي اندر ۾ جذب ڪيوسين. آخرڪار اسان سووينئر خريد ڪرڻ جي خواهش کي به روڪي نه سگهياسين. ننڍيون ننڍيون يادگيريون ورتيونسين ته جيئن ڪراڪوو جو هڪ حصو اسان سان گڏ واپس هلي سگهي.
واويل محل – شهر جي مٿان خاموش شان ۽ شوڪت
چوڪ مان نڪري اسان واويل محل ۽ قلعي ڏانهن روانا ٿياسين. هي محل رڳو هڪ عمارت ناهي، پر پولينڊ جي قومي تاريخ، شان ۽ سڃاڻپ جي علامت آهي. وسٽولا درياهه جي ڪناري هڪ اوچي ٽڪريءَ تي بيٺل هي محل صدين تائين پولينڊ جي بادشاهن جي رهائشگاهه رهيو آهي. هتي تاجپوشيون ٿيون، تاريخي فيصلا ٿيا ۽ قوم جي قسمت جا ڪيترائي اهم فيصلا ۽ باب هتي لکيا ويا.
محل جا کليل اڱڻ، اوچا برج ۽ شاندار گرجا گهر انسان کي هر هر ماضي ڏانهن وٺي وڃن ٿا. اوچائيءَ تان شهر جو منظر نهايت حسين ۽ سهڻو نظر اچي رهيو هو. هيٺ وهندڙ وسٽولا درياهه، پراڻو شهر ۽ جديد زندگيءَ جو سنگم. مٿي بيهي لڳو ڄڻ شهر وڌيڪ پرسڪون، وڌيڪ منظم ۽ ڪنهن خوبصورت نظم وانگر ترتيب ڏنل هجي.
هڪ اجنبي، جيڪا ياد بڻجي وئي
اسان تصويرون ڪڍڻ ۾ مصروف هئاسين، ادا جان منهنجي تصوير ڪڍي رهيو هو. اوچتو هڪ عورت مرڪندي اچي منهنجي ڀرسان بيٺي. هن فطري انداز ۾ تصوير لاءِ پوز ڏيندي ۽ کلندي چيو ته ،”مان به تنهنجي تصوير ۾ اچي سگهان ٿي”، اسان سڀ بي اختيار کلڻ لڳاسين ۽ هڪ پل لاءِ هڪ مڪمل اوپري عورت اسان جي سفر جي يادگيرين جو حصو بڻجي وئي. شايد سفر جي سڀ کان وڏي خوبصورتي به اها ئي آهي. اهي گهڙيون ۽ پل جيڪي ڪڏهن به منصوبابندي سان پيدا نٿا ٿين، اهي رڳو قسمت جي صورت ۾ انسان کي ملي ويندا آهن.
ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ڪاظيميئرز
اسان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪاظيميئرز پهتاسين. پر هن ڀيري رات جي بدران ڏينهن جي روشنين ۾. جيڪو علائقو رات جو رومانوي ۽ پراسرار لڳي رهيو هو، اهو هاڻي وڌيڪ گهرو ۽ تاريخ سان ڀرپور محسوس ٿي رهيو هو. ڪيفيز، ڪتابن جا دڪان ۽ سووينئر جا دڪان هر طرف موجود هئا. ڪيترن ئي دڪانن ۽ عمارتن ۾ يهودي ثقافت جا نشان نمايان نظر اچي رهيا هئا. اسين هڪ پراڻي سيناگاگ جي ٻاهران ڪجهه دير بيٺاسين. ان جي خاموشي پاڻ ئي صدين جي تاريخ، عقيدي ۽ بقا جي ڪهاڻي ٻڌائي رهي هئي.
هڪ ننڍڙي دڪان ۾ ڪم ڪندڙ عورت سان ڳالهه ٻولهه دوران هن ٻڌايو ته هن علائقي ۾ اڄ به ڪجهه سئو يهودي رهندا آهن. پر انهن مان تمام ٿورا ماڻهو باقاعدگيءَ سان مذهبي رسمن تي عمل ڪن ٿا. گهڻا ماڻهو پنهنجي مذهبي سڃاڻپ کان وڌيڪ پنهنجي ثقافتي ورثي سان ڳنڍيل آهن. وقت سان گڏ سڃاڻپ ڪيئن بدلجي ٿي، اها هڪ ننڍڙي ڳالهه ٻولهه مان به محسوس ڪري سگهجي ٿو. ان دڪان تي عبراني ٻوليءَ جي الفابيٽ جو هڪ چارٽ به لڳل هو. عام نظر ۾ اها رڳو ڪجهه اکرن جي ترتيب هئي پر حقيقت ۾ اها هڪ علامت هئي. ٻولي به يادگيرين وانگر انهن شين کي زنده رکي ٿي، جن کي تاريخ ڪڏهن ڪڏهن ميسارڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.
فطرت جي هنج ۾ هڪ وقفو
گهمندي گهمندي اسان هڪ ننڍڙي پارڪ ۾ وڃي ويٺاسين. هتي وقت ڄڻ وري آهستي هلڻ لڳو، پکي آزاديءَ سان گهمي رهيا هئا، ڪجهه پاڻيءَ ۾ تريا پي، ڪجهه ڪناري تي ويهي پنهنجا پر سج جي هلڪي گرميءَ ۾ سڪائي رهيا هئا، منظر انتهائي سادو هو پر ان سادگيءَ ۾ هڪ عجيب قسم جو سڪون لڪل هو. گذريل ڪجهه ڏينهن جي مسلسل گهمڻ کان پوءِ اها خاموش ويهڪ ڄڻ هڪ انعام هئي. سفر رڳو نيون جڳهيون ڏسڻ جو نالو ناهي. سفر اهو به سيکاري ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن جاءِ تي خاموش ويهي صرف ان جي موجودگيءَ کي محسوس ڪرڻ گهرجي.

فلورينسڪا گهٽي – تاريخ جي دروازي مان گذرڻ
اسان جو سير اڳتي وڌندي فلورينسڪا اسٽريٽ تائين پهتو. اسين مشهور سينٽ فلوريان گيٽ مان گذري شهر ۾ داخل ٿياسين. هي تاريخي دروازو ڪنهن زماني ۾ شاهي جلوسن جو رستو هوندو هو. شهر جي ٻاهران ايندڙ هر اهم مهمان هن ئي دروازي مان پراڻي شهر ۾ داخل ٿيندو هو. اڄ به هي گهٽي ڪراڪوو جي سڀ کان وڌيڪ مصروف ۽ خوبصورت گهٽين مان هڪ آهي. دڪان، ڪيفيز، موسيقار، سياح ۽ مقامي ماڻهو گڏجي اهڙو ماحول پيدا ڪري رهيا هئا، جتي وچئين دور جون ڀتيون ۽ جديد زندگي هڪ ئي وقت گڏ هلندي محسوس ٿي رهيا هئا.
ڀروسي جون ڪجهه گهڙيون
ڦري سري وري رينيڪ گلووني ۾ اچي اسان هڪ بينچ تي ويٺاسين. سامهون پکي اچي گڏ ٿي رهيا هئا، وري اڏامي پري وڃي رهيا هئا. گهوڙن جون بگيون هوريان هوريان اسان جي سامهون گذري رهيون هيون. انهن جون هلائيندڙ عورتون نهايت خوبصورت روايتي لباس ۾ سياحن کي شهر جي رومانوي سير لاءِ دعوت ڏئي رهيون هيون.
ائين ئي اتي ويٺي ماحول جو مزو پي ورتوسين ته هڪ نوجوان ڇوڪري اسان وٽ آئي. هن هڪ نوجوان جي تصوير ڏيکاري ۽ ٻڌايو ته هو بيمار آهي ۽ سندس علاج لاءِ چندو گڏ ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڪنهن به ملڪ جي ڪرنسي قبول ڪئي ويندي. مون بنا ڪنهن سوال جي پنهنجي پرس مان ڪجهه سوئيڊش ڪرونا ڪڍي کيس ڏئي ڇڏيا. نه ڪا تصديق هئي، نه ڪو يقين، صرف هڪ پل جو اعتماد هو. شايد سفر انسان کي اهو به سيکاري ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن بنا ڪنهن ثبوت جي به انسانيت تي ڀروسو ڪرڻ گهرجي.

موڪلائڻ کان اڳ آخري خاموش ڪنڊ
اسان جي آخري منزل اسڪوير اندريه وايدا هئي. پولينڊ جي مشهور فلمساز اندريه وايدا جي نالي سان منسوب هي ننڍڙو پارڪ وڻن ۽ خاموشيءَ سان ڀريل هو. هتي ڪجهه دير ويهڻ ائين محسوس ٿيو ڄڻ سفر جو آخري باب به نهايت نرميءَ سان بند ٿي رهيو هجي.
واپسيءَ جو سفر
اتان اسان ڪراڪوو گلووني اسٽيشن پهتاسين، سادو مانجهاندو ڪيوسين ۽ پوءِ ريل ذريعي هوائي اڏي ڏانهن روانا ٿياسين. بس رڳو ايترو ئي، ۽ سفر هوريان هوريان يادگيريءَ ۾ تبديل ٿيڻ لڳو. ادا جان ڪارڊف ڏانهن روانو ٿيو، مان واپس اسٽاڪهولم موٽي آيس. روزمرهه جي زندگيءَ ڏانهن، ساڳين ذميوارين ڏانهن، ساڳئي معمول ڏانهن پر اندر ۾ ڪجهه بدلجي چڪو هو.
آخري تاثر- اسان ڪراڪوو مان ڇا سکيو ۽ پرايو
ڪراڪوو اهڙو شهر ناهي جيڪو اوچتو پنهنجي شان سان انسان کي حيران ڪري ڇڏي. هو ڪجهه وڌيڪ خاموش انداز اختيار ڪري ٿو. هو آهستي آهستي پنهنجو پاڻ ظاهر ڪري ٿو. انهن چئن ڏينهن ۾ هن شهر اسان کي خوشيون به ڏيکاريون، سوچڻ جا موقعا به ڏنا، تاريخ سان به ملايو ته جديد زندگيءَ جي ڌڙڪن سان به. رينيڪ گلووني جي جيئري جاڳندي ماحول کان وٺي آشوِٽز-برڪيناو جي ڳري خاموشيءَ تائين، زاڪوپاني جي ٿڌڙي پهاڙي هوا کان وٺي وسٽولا درياهه جي پرسڪون وهڪري تائين، هر منظر اسان جي اندر هڪ نئين پرت شامل ڪندو ويو.
ڪجهه اوپرا ماڻهو ڪهاڻيون بڻجي ويا، ڪجهه جايون احساس بڻجي ويون. هڪ پيالو گڏجي پيتل چانهه، مينهن ۾ خاموش سير، ڪنهن اڻڄاتل ماڻهوءَ تي ڪيل اعتماد يا ڪنهن اوپري جي مرڪ، اهي سڀ ننڍڙا لمحا ئي سفر جون سڀ کان قيمتي يادون بڻجي ويا. شايد سفر جي اصل معنيٰ به اها ئي آهي. سفر رڳو هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ تائين پهچڻ جو نالو ناهي. سفر دراصل انسان جي اندر ٿيندڙ هڪ خاموش تبديليءَ جو نالو آهي، جيڪا بنا گوڙ جي، بنا اعلان جي، هميشه لاءِ انسان جي دل ۽ سوچ ۾ پنهنجو گهر ٺاهي وٺي ٿي.
___________________
سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو. soomro.sweden@gmail.com



