ھٿرادو ڏاھپ ذريعي روايتن جي اُڏام: عرب اَمارتن ۾ روبوٽن ذريعي بازن جي اُڏام شروع
تازو ئي ابو ظھبيءَ ۾ ڏھين کان پندرھين نومبر تائين خودڪار سرشتن جو ھفتو ملھايو ويو جنھن ۾ خليفا يونيورسٽيءَ جي سھڪار سان اَمارات فالڪنرز ڪلب روبوٽن ذريعي باز اُڏائڻ جو مظاھرو ڪيو.
بازن جو ڪم ھاڻي رُڳو روايتي شڪار ڪرڻ نہ رھيو آھي پر انھن جي ڪردار ۾ جدت آندي وئي آھي ۽ بازن جي صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي ھوابازيءَ جي شعبي ۽ ھوائي اڏن جي سلامتيءَ توڙي زراعت جي شعبي ۾ ٻُوٽن ۽ فصلن کي بچائڻ لاءِ بہ استعمال ڪيو پيو وڃي
حبيب تومي
ابو ظھبي
عرب اَمارتن ۾ ھاڻي بازن جي اُڏام واري تاريخي روايت ۾ جدت آڻيندي ھٿرادو ڏاھپ کي استعمال ڪري روبوٽن ذريعي باز اُڏائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي. انھيءَ سلسلي ۾ امارات فالڪنرز ڪلب بنيادي ڪردار ادا ڪيو آھي.
تازو ئي ابو ظھبيءَ ۾ ڏھين کان پندرھين نومبر تائين خودڪار سرشتن جو ھفتو ملھايو ويو جنھن ۾ خليفا يونيورسٽيءَ جي سھڪار سان اَمارات فالڪنرز ڪلب روبوٽن ذريعي باز اُڏائڻ جو مظاھرو ڪيو.

فالڪنرز ڪلب وچ اوڀر ۽ اُتر آفريقا جي اٺين ايشيا پئسيفڪ روبوٽڪس چئمپينشپ 2025 ۾ بہ حصو ورتو جنھن جو انتظام خليفا يونيورسٽيءَ ڪيو ھو. انھيءَ مقابلي ۾ 22 ملڪن مان 168 ٽيمن حصو ورتو. آرٽيفِشل انٽيليجنس جي پندرھن ڪئٽگرين ۽ 8 مُکيہ مقابلن ۾ ست سئو ماڻھن حصو ورتو.
اھي مقابلا شيخ ھمدان بن محمد زيد النھيان جي سرپرستيءَ ھيٺ ڪرايا ويندا آھن جيڪو سمارٽ اينڊ آٽونومس سسٽمز ڪائونسل جو چيئرمن بہ آھي.
گڏيل عرب اَمارتن ۾ ھاڻي مختلف شعبن ۾ ھٿرادو ڏاھپ وارين ٽيڪنالاجيز جي استعمال ذريعي بازن کان گھڻو ڪم ورتو پيو وڃي. بازن جو ڪم ھاڻي رُڳو روايتي شڪار ڪرڻ نہ رھيو آھي پر انھن جي ڪردار ۾ جدت آندي وئي آھي ۽ بازن جي صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي ھوابازيءَ جي شعبي ۽ ھوائي اڏن جي سلامتيءَ توڙي زراعت جي شعبي ۾ ٻُوٽن ۽ فصلن کي بچائڻ لاءِ بہ استعمال ڪيو پيو وڃي.

بازن جي اُڏام جي حوالي سان روبوٽڪ ۽ آرٽيفِشل انٽيليجنس جي استعمال پُٺيان نھايت اھم سوچ آھي جنھن جو مقصد آھي تہ نہ رُڳو اَمارات جي ورثي کي محفوظ رکيو وڃي پر ايندڙ وقت ٽيڪنالاجيڪل تبديلين سان انھيءَ کي ڳنڍيو وڃي.
اَمارات فالڪنرز ڪلب مقامي ۽ عالمي سطح جي اُپائن ذريعي خطي جي ھن ورثي کي پائدار تحفظ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي، جنھن ۾ نہ رُڳو ان سلسلي ۾ سُجاڳي پيدا ڪرڻ پر قدرتي ماحول کي قائم رکندي نيون ٽيڪنالاجيز استعمال ڪرڻ شامل آھي. ھيءَ ڪلب ورثي وارن ادارن سان گڏجي مختلف سائنسي رٿائون بہ تيار ڪري رھي آھي. انھن رٿائن ۾ روبوٽڪس، جينومڪس ۽ سمارٽ ڊيٽا جي تياري شامل آھي جنھن سان بازن جو نسل وڌائڻ، سندن سار سنڀال ۽ تحفظ ٿي سگھي. ڪلب جون اھي سرگرميون يونيسڪو جي ورثن واري فھرست مطابق آھن جنھن ۾ بازن کي ثقافتي ورثو پڌرو ڪيل آھي.

ڪلب جي انھن سرگرمين جو مقصد نوجوان نسل ۾ پنھنجي قومي ورثي جي سُڃاڻپ ۽ انھيءَ جي تحفظ جو احساس پيدا ڪرڻ بہ آھي، تہ جيئن اڳتي ھلي ھُو اھي ذميواريون سنڀالين ۽ نڀائن. انھيءَ سلسلي ۾ ڪلب نوجوانن لاءِ ڪيترائي پروگرام ڪري رھي آھي جنھن ۾ کين روبوٽن ذريعي بازن جي اُڏام ۽ آرٽيفِشل انٽيليجنس جي استعمال بابت معلومات ڏني وڃي ٿي.
گذريل سال بہ ھن ڪلب روبوٽڪس اينڊ انٽيليجنٽ سسٽمز 2024 واري ڇٽيھين ڪانفرنس ۾ حصو ورتو ھو. خليفا يونيورسٽيءَ جي ڪوٺايل ان ڪانفرنس جي مختلف سرگرمين ۾ ڏھن ھزارن کان وڌيڪ ماڻھو شريڪ ٿيا ھئا. انھيءَ موقعي تي بہ ڪلب روبوٽن ذريعي باز اُڏائڻ جو مظاھرو ڪيو ھو. شاگردن جي بہ مدد ڪئي وئي ھئي تہ جيئن اُھي بازن کي ڳولي لھڻ وارا پروجيڪٽ ٺاھي سگھن. ڪلب، خليفا يوينيورسٽيءَ جي فالڪن مانيٽرنگ رٿا ۾ بہ سھڪار ڪري رھي آھي جنھن ۾ کين جپان جي روبوٽڪ سوسائٽيءَ جو سھڪار بہ حاصل آھي.
_________________

حبيب تومي The AsiaN انگريزي ايڊيشن جو ايڊيٽر آھي habibtoumi@gmail.com



