قدرتي آفتون: موسمياتي تبديلين جي ڪري سامونڊي طوفانن جو وڌندڙ خطرو
سامونڊي طوفان هڪ ئي وقت ڪيتريون ئي آفتون آڻيندا آهن: تباهه ڪندڙ هوائون، وسڪارا، طوفاني لهرون، ۽ شديد ٻوڏون. جيئن جيئن آبهوا گرم ٿي رهي آهي، انهن طوفانن کي ڪنٽرول ڪندڙ طبعي حالتون تبديل ٿي رهيون آهن، جيڪي سڄي دنيا جي ساحلن ۽ ساحلي برادرين لاءِ هڪ وڌندڙ چئلينج پيدا ڪن ٿيون. تيز هوائن بنا به، سمنڊ جي بنيادي سطح مٿي ھجڻ جي ڪري طوفاني لهرون خشڪيءَ ۾ تمام اندر تائين سفر ڪري سگهن ٿيون ۽ تمام گھڻي تباهي مچائي سگهن ٿيون.

ليکڪ: ڊاڪٽر حسن حميده
ڪيل، جرمني: سامونڊي طوفان اڪثر ڪري خشڪيءَ کان پري شروع ٿيندا آهن، پر ڪجھ ڏينهن اندر، اھي ٽراپيڪل سائڪلونز وڏن طوفاني نظامن ۾ تبديل ٿي سگهن ٿا جيڪي سمورن ساحلي علائقن کي برباد ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
ايٽلانٽڪ ۽ اڀرندي پئسفڪ ۾ هريڪي (Hurricanes)، اتر-اولهه پئسفڪ ۾ ٽائفون (Typhoons)، ۽ ٻين علائقن ۾ سائڪلون (Cyclones) جي نالي سان سڃاتا ويندڙ اهي طوفان هڪ ئي وقت ڪيتريون ئي آفتون آڻيندا آهن: تباهه ڪندڙ هوائون، وسڪارا، طوفاني لهرون، ۽ شديد ٻوڏون. جيئن جيئن آبهوا گرم ٿي رهي آهي، انهن طوفانن کي ڪنٽرول ڪندڙ طبعي حالتون تبديل ٿي رهيون آهن، جيڪي سڄي دنيا جي ساحلن ۽ ساحلي برادرين لاءِ هڪ وڌندڙ چئلينج پيدا ڪن ٿيون.
سمنڊ جي مٿان هڪ حرارتي انجڻ: ٽراپيڪل سائڪلون هڪ وڏي پئماني جو گھٽ دٻاءُ وارو نظام (Low-pressure system) آهي، جيڪو بنيادي طور تي سمنڊ جي گرم پاڻيءَ مان طاقت حاصل ڪري ٿو. ان جي ٺهڻ لاءِ عام طور تي سمنڊ جي مٿاڇري جو گرمي پد ڪافي گهرائيءَ تائين لڳ ڀڳ 26.5°C هجڻ سمجهيو ويندو آهي.
ٿرموڊائنامڪ لوپ (Thermodynamic Loop): سمنڊ جو گرم پاڻي ٻاڦ بڻجڻ واري عمل (Evaporation) کي اتساهه ڏئي ٿو، جنهن سان ويو منڊل ۾ گھِم وڌي ٿي. جيئن ئي گرم، گھِم واري هوا گجگوڙ واري طوفان جي صورت ۾ مٿي اڀري ٿي، پاڻيءَ جي ٻاڦ ڄمي Condense ٿي پوڻ سان لڪل گرمي (Latent heat) خارج ڪري ٿي. اها گرمي آسپاس جي هوا کي گرم ڪري ٿي، مٿي وڃڻ واري تحرڪ کي مضبوط ڪري ٿي، ۽ طوفان جي مرڪز ۾ دٻاءُ کي گھٽائي ٿي، جنهن سان هڪ طاقتور فيڊبيڪ لوپ ۾ وڌيڪ گھِم اندر جڪڙجي اچي ٿي.

ڪوريولس اثر (Coriolis Effect): ڌرتيءَ جي گردش ٽراپيڪل سائڪلونز کي انهن جو مخصوص چڪر (Spin) فراهم ڪري ٿي. ڇاڪاڻ ته اهو اثر خطِ استوا (Equator) تي تمام ڪمزور هوندو آهي، ان ڪري طوفان عام طور تي خطِ استوا کان تقريبن 5 ڊگري ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) کان پري ٺهندا آهن.
هوا جي رفتار جو پيمانو: 63 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي مسلسل هوا جي رفتار ٽراپيڪل طوفان جي نشاندهي ڪري ٿي. سافر-سمپسن هريڪين ونڊ اسڪيل (جيڪو ايٽلانٽڪ ۽ اڀرندي پئسفڪ ۾ استعمال ٿئي ٿو) تحت، ڪيٽيگري 1 جي شروعات 119 ڪلوميٽر في ڪلاڪ کان ٿئي ٿي، جيڪا وڌندي ڪيٽيگري 5 ۾ 252 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين پهچي ٿي. اهو اسڪيل صرف هوا جي رفتار کي ماپي ٿو ۽ ان ۾ طوفاني لهرن يا برسات جي خطري کي شامل نه ٿو ڪيو وڃي.
سڀ کان وڏو خطرو پاڻيءَ مان اچي سگهي ٿو. جيتوڻيڪ شديد هوائون ماڻهن جو ڌيان ڇڪائين ٿيون، پر پاڻيءَ سان لاڳاپيل آفتون عام طور تي سڀ کان وڌيڪ تباهه ڪندڙ هونديون آهن:
طوفاني لهرون (Storm Surges): تيز هوائون سمنڊ جي پاڻيءَ کي ساحل ڏانهن ڌڪينديون آهن جڏهن ته وايو منڊل جو گھٽ دٻاءُ سمنڊ جي سطح کي مٿي ڪندو آهي. جڏهن اها صورتحال هموار يا ھيٺانھين ساحلي پٽين ۽ پاڻيءَ سان ملندي آهي، ته پاڻيءَ جا وڏا مقدار تيزيءَ سان خشڪيءَ ڏانهن وڌندا آهن.
شديد برساتون ۽ ٻوڏون: جبل گھِم واري هوا کي مٿي وڃڻ تي مجبور ڪندا آهن، جنهن سان بي انتها برسات پوي ٿي، جنهن جي ڪري نديون اوور فلو ٿي وڃن ٿيون ۽ جبلن جون ڇپون سلائيڊنگ (Landslides) جي صورت ۾ ڪري پون ٿيون.
مسلسل تباهيون (Cascading Disasters): هڪ ئي سائڪلون شديد هوائن، طوفاني لهرن، ٻوڏن، لينڊ سلائيڊنگ ۽ انفراسٽرڪچر جي تباهيءَ جي زنجير کي جنم ڏئي ٿو.
تاريخي آفتون انهن دهشتناڪ خطري جي تصديق ڪن ٿيون. بنگلا ديش ۾ 1970ع جي ڀولا سائڪلون (Bhola Cyclone) هڪ وڏي طوفاني لهر پيدا ڪئي جنهن گنگا-برهماپترا جي هيٺاھينءَ واري ڊيلٽا ۾ لکين جانيون ورتيون. اهڙي طرح، آمريڪا ۾ هريڪين ڪيٽرينا (2005) ۽ فلپائن ۾ ٽائفون هائيان (2013) ڏيکاريو ته ڪيئن انفراسٽرڪچر جي ناڪامي، ۽ ڳُتيل ساحلي آباديون طوفانن کي وڏين آفتن ۾ تبديل ڪري ڇڏين ٿيون.
آبهوا جي تبديلي وڌيڪ توانائي شامل ڪري ٿي. جيتوڻيڪ آبهوا جي تبديلي نئين سر هريڪين پيدا نٿي ڪري، پر اها انهن ماحولياتي حالتن کي تبديل ڪري ٿي جنهن ۾ اهي طوفان وڌندا آهن:
گرم سمنڊ ۽ وايو منڊل: گرم سمنڊ طوفانن کي وڌيڪ توانائي فراهم ڪن ٿا، جڏهن ته گرم وايو منڊل وڌيڪ گھِم روڪي سگهي ٿو (ڪلاسيئس-ڪليپيرون تعلق تحت گلوبل وارمنگ جي هر هڪ ڊگري سينٽي گريڊ تي تقريبن 7 سيڪڙو وڌيڪ پاڻيءَ جي ٻاڦ)، جنهن سان شديد برساتن کي تقويت ملي ٿي.
عالمي آبهوا جا ماڊل سڄي دنيا ۾ ٽراپيڪل سائڪلونز جي ڪل تعداد ۾ واضح واڌاري کي نٿا ڏيکارين، پر اهي پيشنگوئي ڪن ٿا ته طوفان سراسري طور وڌيڪ شديد ٿيندا، جن ۾ وڌيڪ برساتون ۽ طاقتور ڪيٽيگري 4 ۽ 5 وارن طوفانن جو تناسب وڌيڪ هوندو.
سمنڊ جي سطح ۾ واڌ: تيز هوائن بنا به، سمنڊ جي بنيادي سطح مٿي ھجڻ جي ڪري طوفاني لهرون خشڪيءَ ۾ تمام اندر تائين سفر ڪري سگهن ٿيون ۽ تمام گھڻي تباهي مچائي سگهن ٿيون.
حفاظتي اُپاءَ طوفان کان اڳ شروع ٿيڻ گھرجن ڇاڪاڻ ته انسانيت ٽراپيڪل سائڪلونز کي روڪي نٿي سگهي، تنهن ڪري تيارين ۽ خطري کي گھٽائڻ ئي اسان جو سڀ کان بهترين دفاع آهي:
جديد پيشنگوئي (Advanced Forecasting): جديد سيٽلائيٽس، وئڌر ريڊار، ۽ ڪمپيوٽر ماڊلز طوفان جي واڌاري کي تمام باريڪيءَ سان ٽريڪ ڪن ٿا، پر خبردار ھجڻ جا اطلاع معتبر مواصلاتي نيٽ ورڪن ذريعي خطرن کان اڳ ماڻهن تائين پهچڻ گهرجن.
مظبوط انفراسٽرڪچر: سائڪلون کان متاثر ٿيندڙ عمارتن لاءِ مضبوط اڏوتن جي ضرورت هوندي آهي، جڏهن ته اهم انفراسٽرڪچر (اسپتالون، پاور پلانٽس، ۽ ۽ مواصلاتي ذريعا) کي شديد حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ريسرچ ڪري تعمير ڪرڻ گھرجي.
قدرتي ساحلي حفاظت: مينگرووز يعني تمر جا ٻيلا، لَٽ ۽ واريءَ جا دڙا(Dunes)، ۽ (Wetlands) لهرن جي توانائي کي گھٽائڻ ۽ ساحلن جي حفاظت ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا، جيڪي پائيدار ساحلي منصوبابندي سان گڏوگڏ هڪ اهم قدرتي بفر جي طور تي ڪم ڪن ٿا.
سمنڊ اها انجڻ آهي جيڪا ٽراپيڪل سائڪلونز کي طاقت ڏئي ٿي. اها انجڻ مستقبل ۾ ڪيترو وڌيڪ خطرناڪ بڻجي ٿي، ان جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته انسانيت ڌرتيءَ کي ڪيترو گرم ٿيڻ ڏئي ٿي.
_________

ڊاڪٽر حسن حُميدھ، جرمني
ڏکڻ ڪوريائي خابرو اداري دِي ايشيا اين جي انگريزي سروس جي ٿورن سان



