سنڌي ۽ سرائڪي هڪ ئي نسل آهن. ملتان سنڌ آهي، سرائڪستان سنڌ آهي
اسان کي سنڌو ماٿريءَ سان عشق آهي ۽ سنڌ ڌرتيءَ کي پنهنجي ماءُ سمجهون ٿا. اسان سنڌ جي ورهاڱي جي خلاف آهيون. مان پنجابي دانشورن، ليکڪن ۽ پنجابي قومپرستن کي اهو چوڻ چاهيان ٿو ته اي پنجابيو! اوهان کي پنجابي سک پيارا آهن، پر اسان سرائڪين کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو پيارا آهن. اسان سرائڪي قومپرست ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي ورهاڱي خلاف ٿيندڙ جلسن ۽ ريليَن ۾ شرڪت ڪنداسين: سرائڪي ايڪشن ڪميٽي پاڪستان جي مرڪزي چيئرمين راشد عزيز ڀٽا جو اعلان

مانيٽرنگ ڊيسڪ
سرائڪي ايڪشن ڪميٽي پاڪستان جي مرڪزي چيئرمين راشد عزيز ڀٽا چيو آھي تہ سنڌي ۽ سرائڪي هڪ ئي نسل ۽ هڪ ئي رت جا آهن. ملتان سنڌ آهي، سرائڪستان سنڌ آهي. اسان کي سنڌو ماٿريءَ سان عشق آهي ۽ سنڌ ڌرتيءَ کي پنهنجي ماءُ سمجهون ٿا. اسان سنڌ جي ورهاڱي جي خلاف آهيون.
سوشل ميڊيا تي رکيل ھڪ پوسٽ ۾ راشد عزيز ڀٽا چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ پنجابي قومپرستن اعلان ڪيو آهي ته اهي لاهور ۾ ٿيندڙ عالمي پنجابي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندا ۽ ڀارت مان ايندڙ پنجابي سک ڀائرن جو استقبال ڪندا. ھن چيو تہ ”سنڌ جي پنجابي قومپرستن طرفان ڪيل هن اعلان تي مون کي ڪنهن به قسم جي حيرت نه ٿي آهي. پنجابي سک ۽ پاڪستان جا پنجابي، ٻولي ۽ قوم جي بنياد تي گڏ ٿي رهيا آهن.“
ھُن وڌيڪ چيو تہ ”سوشل ميڊيا تي پنجابي سکن جي حمايت ڪئي پئي وڃي، پر ٻئي طرف تعصب جي انتها ڏسو ته راشد عزيز ڀٽا، جيڪو سنڌو ماٿريءَ ۾ رهي ٿو ۽ سنڌ کي پنهنجي ماءُ ڌرتي سمجهي ٿو، تنهن خلاف ڄاڻي واڻي پنجابي دانشور ۽ ليکڪ ڪردار ڪشي ڪن ٿا ۽ چون ٿا ته راشد عزيز ڀٽا سنڌين جي پروگرامن، جلسن ۽ ريليَن ۾ ڇو ٿو وڃي؟“

راشد عزيز ڀٽا چيو ته ”پاڪستان جا پنجابي ۽ ڀارت جا پنجابي سک هڪ ئي نسل ۽ هڪ ئي رت جا آهن. اسان سرائڪي عوام کي لاهور ۾ ٿيندڙ عالمي پنجابي ڪانفرنس تي ڪو به اعتراض ناهي. اهڙيون 100 عالمي پنجابي ڪانفرنسون ٿين، تڏهن به اسان سرائڪي عوام کي ڪو اعتراض نه هوندو. پر اها به حقيقت آهي ته سنڌي ۽ سرائڪي هڪ ئي نسل ۽ هڪ ئي رت جا آهن. ملتان سنڌ آهي، سرائڪستان سنڌ آهي. اسان کي سنڌو ماٿريءَ سان عشق آهي ۽ سنڌ ڌرتيءَ کي پنهنجي ماءُ سمجهون ٿا. اسان سنڌ جي ورهاڱي جي خلاف آهيون.“
”سنڌ جي پنجابي قومپرست تنظيمن جي قيادت عالمي پنجابي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندي، جڏهن ته اسان سرائڪي قومپرست ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي ورهاڱي خلاف ٿيندڙ جلسن ۽ ريليَن ۾ شرڪت ڪنداسين“.
ھُن چيو تہ ”مان پنجابي دانشورن، ليکڪن ۽ پنجابي قومپرستن کي اهو چوڻ چاهيان ٿو ته اي پنجابيو! اوهان کي پنجابي سک پيارا آهن، پر اسان سرائڪين کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو پيارا آهن. سنڌين ۽ سرائيڪين جي پاڻ ۾ مائٽي آهي. جيڪي برادريون سنڌ ۾ آباد آهن، اهي ئي برادريون سرائڪستان ۾ به آباد آهن.“
___________



