Editor's pickMain Slideڪالم

هٺ تي بيٺو يزيد آهي اڃان، صبر شبير ڪنهن سان ڀيٽيان مان

ابل اداس جي غزل جو هيءُ شعر غزل جي فڪري سطح  جي اڏام آهي. ”يزيد“ ۽ ”شبير“ هتي فقط تاريخي شخصيتون ناهن. اهي ٻن متضاد قدرن جون علامتون بڻجي سامهون اچن ٿيون. جبر ۽ مزاحمت، ظلم ۽ حق، اقتدار ۽ اصول، هٺ ۽ صبر. شاعر ڪربلا کي ماضيءَ جي هڪ واقعي طور نٿو ڏسي؛ بلڪه ان کي موجوده انساني ۽ سماجي حالتن سان ڳنڍي ٿو. ابل اداس جي غزل ۾ جماليات ۽ درد جي ڪائنات جو اڀياس.

تحرير: بلوچ صحبت علي

سنڌي غزل جي تاريخ رڳو عشق جي وارداتن، محبوب جي حسن ۽ هجر جي داستانن جي تاريخ ناهي؛ اها دراصل انسان جي داخلي ڪيفيت، سماجي شعور، روحاني جستجو ۽ وجودي سوالن جي به تاريخ آهي. روايتي غزل جڏهن جديد حسيت سان هم آهنگ ٿيو ته ان ۾ محبوب جي چهري سان گڏ زماني جو چهرو به نظر اچڻ لڳو، ذاتي درد سان گڏ اجتماعي درد به ڳالهائڻ لڳو، ۽ عشق جي داستان ۾ انسان جي سموري وجودي پيڙا سماجي ۽ تاريخي معنائن سان جڙي وئي.

ابل اداس جو هي غزل به انهيءَ جديد سنڌي غزل جي تسلسل ۾ پڙهڻ گهرجي. هي غزل بظاهر ”ڀيٽ“ جي هڪ سادي فني ترڪيب تي بيٺل آهي، پر اندروني سطح تي اهو بي مثال شين، بي مثال جذبن ۽ بي مثال درد جي ڳولا آهي. شاعر هر شعر ۾ ڪنهن احساس، شخص، مقدس علامت يا داخلي ڪيفيت کي ڪنهن ٻي شيءِ سان ڀيٽڻ چاهي ٿو، پر هر ڀيري ”ڪنهن سان ڀيٽيان مان“ جو سوال اهو اعلان بڻجي وڃي ٿو ته جنهن احساس جو شاعر تجربو ڪري رهيو آهي، ان جو ڪو همسر مثال موجود ئي ناهي. اهڙيءَ طرح غزل جو رديف رڳو فني ضرورت نه ٿو رهي، پر غزل جي فڪر جو بنيادي استعارو بڻجي وڃي ٿو. استعارن سان شروع ٿيندڙ غزل جو مطلع ئي ان جي فڪري دنيا جو دروازو کولي ٿو:

اي ٿڌي هير ڪنهن سان ڀيٽيان مان

ڪوسا هي نير ڪنهن سان ڀيٽيان مان

”ٿڌي هير“۽”ڪوسا نير“هڪ ئي وقت ٻه متضاد ڪيفيتون پيش ڪن ٿا. هير سڪون، تازگي ۽ راحت جي علامت آهي، جڏهن ته اکين جا گرم ڳوڙها درد، محرومي ۽ اندر جي باهه جا اولڙا آهن. شاعر جي ڪيفيت اهڙي ته عجيب آهي، جيڪا ٻاهر جي فطرت ۽ اندر جي دنيا هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي وڃي ٿي. اها ئي غزل جي جمالياتي خوبي آهي: ٻاهر هير هلي ٿي، پر اندر ڳوڙها گرم آهن. هتي ”نير“ محض ڳوڙهن جو مترادف نه ٿو رهي؛ اهو شاعر جي اندروني ڪرب جو پاڻي به  بڻجي وڃي ٿو. ۽ ”هير“ صرف فطري منظر نه، پر ڪنهن ياد، محبوب يا روحاني لمس جي علامت بڻجي سگهي ٿي. چهرو، تصوير ۽ سچائي جي باري ۾ هڪڙو بند آهي:

سڀني چهرا ڍڪي ڇڏيا آهن

تنهنجي تصوير ڪنهن سان ڀيٽيان مان

هي شعر غزل جي اهم ترين علامتي شعرن مان هڪ آهي. ”چهرو ڍڪڻ“ جو عمل رڳو جسماني پردي جو عمل نه آهي. جديد شاعريءَ ۾ ”چهرو“ اڪثر انسان جي اصل سڃاڻپ جي علامت بڻجي اڀري ٿو. جڏهن شاعر چوي ٿو ته ”سڀني چهرا ڍڪي ڇڏيا آهن“ ته ان ۾ سماجي منافقت، مصنوعيت ۽ سڃاڻپ جي بحران جا معنوي در کلي وڃن ٿا. انهن سڀني نقاب پوش چهراڻن جي وچ ۾ ”تنهنجي تصوير“ پنهنجي الڳ سچائيءَ سان بيهي ٿي. اهڙيءَ طرح محبوب هتي صرف هڪ فرد نه ٿو رهي؛ هو سچائيءَ، وفا يا اصل سڃاڻپ جي علامت بڻجي سگهي ٿو. ظاهري زخمن کان روح جي چيرن تائين، هو سراپا زخمي بڻيل آهي. 

زخم ظاهر نه ٿا ٿين ان جا

روح جا چير ڪنهن سان ڀيٽيان مان

هتي شاعر جي داخلي دنيا پنهنجي تمام گهڻي شدت سان ظاهر ٿئي ٿي. جسم جا زخم ته نظر اچن ٿا، انهن کي ڏسي به  سگهجي ٿو، انهن جو علاج به ٿي سگهي ٿو؛ پر روح جا زخم؟ اهي اکين کي نظر نٿا اچن. اهي انسان جي خاموشي، اڪيلائي، بيچيني ۽ اندر جي ٽٽڻ ۾ ظاهر ٿين ٿا. ”روح جا چير“ هڪ طاقتور استعارياتي ترڪيب آهي، ڇاڪاڻ ته چير صرف زخم نه آهي؛ چير ڪنهن شيءِ جي اندر تائين ڦاٽڻ جو نالو آهي. اهڙيءَ طرح شاعر جو درد سطحي درد نه رهي، پر وجود جي اندر تائين پهتل درد بڻجي وڃي ٿو. ان کان علاوه  ڪربلا: تاريخ کان علامت تائين جو درد هن غزل ۾ موجود آهي. غزل جو سڀ کان وڌيڪ فڪري ۽ مزاحمتي شعر آهي:

هٺ تي بيٺو يزيد آهي اڃان

صبر شبير ڪنهن سان ڀيٽيان مان

ابل اداس

هي شعر غزل جي فڪري سطح  جي اڏام آهي. يا کڻي چئجي ته فڪري سطح جي بابو سر ٽاپ آهي، ”يزيد“ ۽ ”شبير“ هتي فقط تاريخي شخصيتون ناهن. اهي ٻن متضاد قدرن جون علامتون بڻجي سامهون اچن ٿيون. جبر ۽ مزاحمت، ظلم ۽ حق، اقتدار ۽ اصول، هٺ ۽ صبر. شاعر جي ڪاميابي اها آهي ته هو ڪربلا کي ماضيءَ جي هڪ بند ٿيل واقعي طور نٿو ڏسي؛ بلڪه ان کي موجوده انساني ۽ سماجي حالتن سان ڳنڍي ٿو. ”يزيد آهي اڃان“ چوڻ دراصل اهو چوڻ آهي ته ظلم جو ڪردار تاريخ ۾ ختم نه ٿيو آهي؛ ان جا روپ بدلجي سگهن ٿا، پر جبر جي نفسيات اڃان به ساڳي روپ ۾ موجود آهي. ان جي مقابلي ۾ ”صبر شبير“ رڳو صبر نه، پر اصول تي قائم رهڻ، قرباني ڏيڻ ۽ حق لاءِ بيهڻ جي علامت بڻجي وڃي ٿو. هي شعر غزل کي محض عاشقانه شاعريءَ کان ٻاهر ڪڍي مزاحمتي ۽ انساني شاعري جي دائري ۾ آڻي ٿو. محبت کان تقدير تائين جو سفر:

نانءُ ڪنهن ٻيئي جو او ٿيڻ وارا

پنهنجي تقدير ڪنهن سان ڀيٽيان مان

هي شعر محبت جي ان تلخ مرحلي کي پيش ڪري ٿو، جتي محبوب جو ڪنهن ٻئي جو ٿيڻ صرف جدائي ناهي، پر شاعر لاءِ تقدير جي سوال جي صورت اختيار ڪري ٿو. ”تقدير“ هتي هڪ وڏي فلسفياڻي اصطلاح آهي. شاعر ڄڻ پڇي ٿو: جيڪڏهن محبت به منهنجي قسمت ۾ نه هئي ته پوءِ منهنجي قسمت جو مثال ڇا آهي؟ اهڙيءَ طرح ذاتي محرومي هڪ وجودي سوال بڻجي وڃي ٿي. ماءُ جي کير جي تقدس جو ڪيڏو نه ڪمال سان  مثال پيش ڪيو آهي:

آبِ ڪوثر آ، آبِ زم زم ڀي

ماءُ جو کير ڪنهن سان ڀيٽيان مان

هي شعر غزل جي سڀ کان وڌيڪ دل کي ڇهندڙ شعرن مان هڪ آهي. آبِ ڪوثر ۽ آبِ زم زم اسلامي روحاني تصور ۾ تقدس، پاڪيزگي ۽ برڪت جون علامتون آهن. شاعر انهن مقدس استعارن جي سامهون ”ماءُ جو کير“ رکي ٿو. هيءَ ڀيٽ بظاهر غيرمعمولي آهي، پر فڪري طور تمام گهڻي معنيٰ خيز آهي. ماءُ جو کير انسان جي زندگيءَ جو پهريون رزق، پهريون تعلق، پهرين محبت ۽ پهريون تحفظ آهي. شاعر ان کي اهڙي بلند مرتبي تي آڻي ٿو، جتي مذهبي تقدس ۽ مادري محبت هڪ ئي معنوي دائري ۾ اچي وڃن ٿا. هتي شاعر جو فڪر ڪنهن مذهبي مقابلي جو ارادو نٿو رکي؛ بلڪه ماءُ جي محبت جي انساني عظمت کي اجاگر ڪرڻ چاهي ٿو. آسماني ڪتاب ۽ من جو تفسير.

آسماني ڪتاب چار آهن.

من جو تفسير ڪنهن سان ڀيٽيان مان

هي شعر غزل کي هڪ ٻئي فڪري سطح تي وٺي وڃي ٿو. آسماني ڪتابن جي مقابلي ۾ ”من جو تفسير“ رکڻ هڪ وڏو استعارياتي قدم آهي. انسان جو اندر به هڪ ڪتاب آهي، پر اهو اهڙو ڪتاب آهي، جنهن جي تفسير هر ماڻهوءَ لاءِ الڳ آهي. من ۾ محبت به آهي، نفرت به؛ ياد به آهي، وسارڻ به؛ خواب به آهن، شڪستون به؛ ۽ اهڙا راز به آهن، جيڪي انسان پاڻ به مڪمل طور نٿو سمجهي سگهي. ان ڪري ”من جو تفسير“ دراصل انساني نفسيات ۽ داخلي دنيا جي اڻپوري پڙهڻي جو استعارو بڻجي وڃي ٿو.  محبت جو معجزو ۽ صوفيانه ڇهاءُ، ابل جي غزل ۾

پيار جا معجزا به تو ئي چئه

بادشاهه پير ڪنهن سان ڀيٽيان مان

سنڌ جي ادبي روايت ۾ عشق ۽ تصوف جو رشتو تمام گهرو رهيو آهي. ابل اداس به محبت کي ”معجزو“ چئي ان کي عام جذبي کان مٿي کڻي وڃي ٿو. ”بادشاهه پير“ جو حوالو سنڌ جي روحاني ۽ صوفيانه ماحول سان ڳنڍيل محسوس ٿئي ٿو. هتي محبوب، محبت ۽ روحاني ڪشش جون سرحدون هڪ ٻئي ۾ ضم ٿينديون نظر اچن ٿيون. سنڌي شاعريءَ ۾ عشق گهڻو ڪري صرف شخصي تعلق ناهي؛ اهو روحاني تجربو ۽ پاڻ کان مٿي ڪنهن حقيقت جي ڳولا به بڻجي ويندو آهي. ابل اداس جي هن شعر ۾ ان روايت جي هلڪي پر واضح ڇاپ محسوس ٿئي ٿي.  مقطع: وقت جي وير ۾ لڙهيل وجود. آخر ۾ شاعر پنهنجي ئي نالي سان غزل کي بند ڪري ٿو:

مان لڙهي هان ويو ”ابل” ڪاٿي

وقت جي وير ڪنهن سان ڀيٽيان مان

هي مقطع سڄي غزل جو فڪري نچوڙ آهي. ”وقت جي وير“ هڪ نهايت خوبصورت ۽ بامعنيٰ استعارو آهي. وقت هتي گھڙيءَ جو گذرندڙ لمحو نه، پر هڪ اهڙو طاقتور وهڪرو آهي، جيڪو انسان کي پنهنجي لهرن سان گڏ کڻي وڃي ٿو. ”مان لڙهي هان ويو“ ۾ بي وسي، وقت جي قوت ۽ انسان جي محدوديت جو احساس آهي. ۽ آخر ۾ وري: ڪنهن سان ڀيٽيان مان؟ هاڻي سوال ڪنهن محبوب، زخم يا مقدس شيءِ بابت نه ٿو رهي؛ سوال خود شاعر جي وجود بابت آهي. هيءَ ئي غزل جي فڪري ڪاميابي آهي ته جيڪا ”ڀيٽ“ مطلع ۾ شروع ٿي هئي، سا مقطع تائين پهچندي وجودي سوال بڻجي وڃي ٿي. .ابل اداس جي هن غزل جو هڪ اهم پاسو ان جي عروض سان وابستگي آهي. ساڳئي استاد سائين بشير سيتائي جي شاگرديءَ ۾ علمِ عروض سکڻ جي نسبت سان شاعر جي فني تربيت جو پسمنظر به اهم ٿي وڃي ٿو. غزل ۾ قافين جو سلسلو هڪ مسلسل صوتي ۽ معنوي لَئي پيدا ڪن ٿا. خاص ڳالهه اها آهي ته قافيو هر شعر ۾ نئين معنيٰ کڻي اچي ٿو. ”هير“ فطرت آهي، ”نير“ درد، ”تصوير“ سڃاڻپ، ”چير“ روحاني زخم، ”شبير“ مزاحمت، ”تقدير“ قسمت، ”کير“ مادري محبت، ”تفسير“ داخلي راز، ”پير“ روحاني حوالو ۽ ”وير“ وقت. يعني قافيا صرف آواز ۾ هڪ ٻئي سان ملن نٿا؛ اهي معنائن جي هڪ ڊگهي قطار به ٺاهين ٿا. اهو غزل جي فني حسن جو اهم پاسو آهي. ابل اداس جي شاعريءَ ۾ جيڪا شيءِ خاص طور محسوس ٿئي ٿي، سا سندس سادگيءَ ۾ معنويت پيدا ڪرڻ جي صلاحيت آهي. هو لفظن کي ڳجهارت نٿو بڻائي. هن جي زبان عام پڙهندڙ جي زبان آهي، پر انهن عام لفظن جي اندر هو غيرمعمولي احساس رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اهو به سندس شخصيت سان لاڳاپيل لڳي ٿو. جيڪو ماڻهو زندگيءَ ۾ سادو، صاف ۽ بي رياءُ هجي، ان جي شاعريءَ ۾ به بناوٽ جي گهٽ گنجائش هوندي آهي. ابل اداس جي هن غزل ۾ لفظن جي نمائش کان وڌيڪ احساس جي سچائي اهم آهي  ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو غزل پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته شاعر شعر لکڻ لاءِ درد پيدا نه ٿو ڪري؛ هو پنهنجي اندر موجود درد کي لفظ ڏئي ٿو.

ادبي تنقيد جو ڪم رڳو تعريف ڪرڻ ناهي؛ ان جو فرض شعر جي قوت سان گڏ ان جي فني حدن ڏانهن به اشارو ڪرڻ آهي. ابل اداس جي هن غزل جي وڏي طاقت ان جو جذباتي ۽ استعاراتي تسلسل آهي، پر ڪجهه هنڌن تي مذهبي ۽ روحاني حوالن جي گهڻائي سبب غزل جو معنوي بار ٿورو وڌي وڃي ٿو. ”يزيد، شبير، آبِ ڪوثر، آبِ زم زم، آسماني ڪتاب، تفسير ۽ بادشاهه پير“ جهڙا حوالا پنهنجي پنهنجي جاءِ تي گهرا معنوي وزن رکن ٿا. تنهنڪري پڙهندڙ کان انهن علامتن جي پسمنظر کي سمجهڻ جي گهرج وڌي وڃي ٿي. پر اهو ئي پاسو غزل جي هڪ ٻي خوبي به بڻجي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته شاعر ذاتي درد کي پنهنجي محدود ذات تائين رکڻ بدران تاريخ، مذهب، تصوف ۽ انساني تجربن جي وسيع ڪائنات سان ڳنڍي ٿو. هڪ سادو ماڻهو، پر اندر ۾ پيچيده . ابل اداس سان منهنجي ننڍپڻ جي دوستي ۽ ساڳئي استاد سائين بشير سيتائي جي شاگرديءَ جو تعلق مون لاءِ هن غزل کي رڳو هڪ ادبي تخليق طور پڙهڻ تائين محدود نٿو رکي. مون هن دوست کي زندگيءَ ۾ انتهائي سادو، صاف دل ۽ بي ريا ڏٺو آهي؛ اهڙو ماڻهو، جنهن جي طبيعت ۾ منافقت جي گنجائش ناهي ۽ جنهن جو مزاج منافقانه روين کان فطري طور پري آهي. پر شاعريءَ ۾ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته سادو ماڻهو لازمي ناهي ته سادو اندر به رکي. ابل اداس جي اندر جو جهان هن غزل ۾ ڏاڍو گهرو آهي: اتي محبت آهي، محرومي آهي، روح جا چير آهن، ڪربلا جو شعور آهي، ماءُ جي محبت آهي، مقدس نشانين جي روشني آهي، من جي اڻپوري تفسير آهي ۽ آخر ۾ وقت جي وير ۾ لڙهندڙ انسان آهي. اهڙيءَ طرح هي غزل ”ڀيٽ“ جي هڪ سادي سوال سان شروع ٿي، پر آخرڪار انسان جي ان سوال تائين پهچي ٿو، جنهن جو جواب شايد ڪنهن وٽ به ناهي: مان آخر پنهنجي درد، پنهنجي محبت، پنهنجي تقدير ۽ پنهنجي وجود کي ڪنهن سان ڀيٽيان؟ ۽ شايد ابل اداس جي هن غزل جي اصل خوبصورتي به اها ئي آهي ته هو ان سوال جو جواب ڏيڻ بدران، سوال کي ئي شعر بڻائي ڇڏي ٿو.

________

Baloch Suhbat Ali -The AsiaN

بلوچ صحبت علي، ايڊووڪيٽ، سنڌ ھاءِ ڪورٽ، دادو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button