موھن جو دڙو: سنڌو سڀيتا ۾ ميتن جي آخري رسمن جي ارتقا
نامور آرڪيالاجسٽ رکلداس بئنرجيءَ جي سال 1922-23ع واري موھن جي دڙي واري کوٽائيءَ جي رپورٽ جي هن حصي ۾ قديم آثارن مان مليل دفنائڻ وارن مٽن (Funerary Pottery)، ننڍڙن رانديڪن، ٿانون ۽ ميتن سان گڏ رکيل مذهبي توڙي علامتي شين جو تفصيلي ذڪر ٿيل آهي. هيءَ رپورٽ سنڌو تهذيب جي قديم آخري رسمن ۽ عقيدن تي روشني وجهي ٿي.

نصير اعجاز
سنڌ جا قديم دفنائڻ وارا مٽ ۽ آخري رسمون
(الف) دفنائڻ وارا مٽ ۽ ٿانو
اهي وڏا مٽ اتر هندستان جي ‘مٽڪا’ ۽ اولهه هندستان جي ‘ماٽ’ سان تمام گهڻي هڪجهڙائي رکن ٿا، جيڪي اڄ به پاڻي رکڻ لاءِ استعمال ٿيندا آهن. پهرين نظر ۾ اهو سڃاڻڻ مشڪل آهي ته انهن ٿانون جو تعلق قديم زماني ۾ ميتن کي دفنائڻ سان هو.
سنڌ جي قديم آثارن جي کوٽائي ڪندڙ، خاص ڪري مسٽر ايڇ. ڪوزنس، انهن جي ظاهري بناوٽ جي ڪري تجسس ۾ اچي ويا. کيس برهمڻ آباد مان اهڙا ڪيترائي ٿانو مليا هئا. سال 04–1903ع جي رپورٽ ۾ هن لکيو:
“جيڪڏهن اهو فرض ڪيو وڃي ته اهي ٿانو آخري رسمن، جهڙوڪ خاڪ (رک) دفنائڻ سان لاڳاپيل هئا، ته پوءِ اهي يقيني طور تي هڪ واحد لاش جي ضرورت کان گھڻو وڌيڪ وڏا آهن. اهڙي مقصد لاءِ ڪنهن تنگ منهن وارن بند ٿانون جي اميد ڪري سگهجي ٿي. اهي سڀ بلڪل سڌا بيٺل هئا؛ ڪيترن ئي ڪيسن ۾ هڪ ٿانو ٻئي جي اندر ٽيلسڪوپ وانگر ويهاريل هو، ۽ ڪجهه هنڌن تي هيٺيون ٿانو مٿئين ٿانو جي دٻاءُ سبب ڀڄي پيو هو. مون احتياط سان انهن مان ڪيترن کي خالي ڪيو، پر رک ۽ هڏن جي ٽڪرن جي هڪ ننڍڙي مقدار کان سواءِ ڪا به اهم شيءِ نه ملي. باقي حصو مٽي، ٺڪر جي ڀڃ گهڙ، سِرن جي ٽڪرن ۽ ڪوئلي سان ڀريل هو. ان ڪري انهن جي اندروني مواد ۽ آس پاس جي ملبي ۾ ڪو خاص فرق نه هو. ايئن پئي لڳو ته رک ۽ هڏا بنا ڪنهن خاص ترتيب جي پاڻ ۾ گڏيل هئا.”
(آرڪيالاجيڪل سروي رپورٽ، 04–1903، ص 134)
مسٽر ڪوزنس کي ڪجهه ننڍڙا (Miniature) ٺڪر جا ٿانو به مليا هئا، پر هو انهن کي دفنائڻ وارن مٽن سان جوڙي نه سگهيو، ڇاڪاڻ ته کيس اهو اندازو ئي نه ٿيو ته اهي وڏا مٽ پاڻ دفنائڻ جي مقصد لاءِ هئا.
اهڙي طرح، سال 21–1920ع دوران هڙپا جي کوٽائيءَ ۾، راءِ بهادر پنڊت ديا رام ساهنيءَ کي به اهڙن وڏن مٽن جي اندر ننڍڙا ٿانو مليا هئا. بھرحال، هن انهن کي دفنائڻ وارن ٿانون طور تسليم نه ڪيو.
تاريخي دريافت ۽ قديم دؤر جو تعين
انهن ننڍڙن ٿانون ۽ آخري رسمن جي وچ ۾ تعلق آخرڪار سائيٽ نمبر 1 جي ڪمري نمبر 27 جي ڪنڊ مان هڪ وڏي مٽ جي دريافت سان ثابت ٿيو.
اهو مٽ هڪ قديم فرش جي هيٺان پوريل هو. اهو فرش ٻي صدي عيسويءَ جي اسٽوپا واري اڱڻ جي چوڌاري ٺهيل ڪمرن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو قديم دؤر سان تعلق رکندو هو. هي نتيجو ٻن حقيقتن مان واضح ٿئي ٿو:
پهريون سبب: ڪمري نمبر 27 جي اڀرندي ڀت جي هيٺان سرن جي هڪ قبر هئي، جنهن ۾ هڪ ننڍي عمر جي ڇوڪريءَ جو لاش هو. جيتوڻيڪ اها قبر پاڻ ٻي صدي عيسويءَ جي لڳ ڀڳ جي ٿي سگهي ٿي، پر اهو واضح آهي ته اها اصل ۾ هڪ اڃا به پراڻي اڏاوت جو حصو هئي، ۽ جڏهن ٻي صدي عيسويءَ ۾ ڪمرو نمبر 27 ٺاهيو ويو ته ان کي ڄاڻي واڻي نه ڇيڙيو ويو.
ٻيو سبب: اڀرندي ڀت ان فرش تائين پهچڻ کان گهڻو اڳ ئي ختم ٿي وئي ٿي، جنهن جي هيٺان اهو وڏو مٽ اڌ پوريل هو. سائيٽ نمبر 1 جي اڱڻ جي ڏکڻ-اڀرندي ڪنڊ ۾ موجود ڪمري نمبر 6 وانگر، ڪمري نمبر 27 جي اڀرندي ڀت ڪنهن پڪي بنياد تي نه، پر جمع ٿيل ملبي جي مٿان بيٺل هئي.
سال 23–1922ع جي کوٽائيءَ دوران مليل فرش ان سرن جي قبر واري سطح کان ڪافي هيٺ هو. ان ڪري اهو واضح آهي ته ڪمري نمبر 27 جي چترڪاري ۽ پلستر ٿيل ڀتين واري دؤر ۽ ان جي سرن جي فرش واري دؤر جي وچ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه الڳ اڏاواتي دؤر گذري چڪا هئا.
اهو وڏو مٽ ان کان به اڳئين دؤر جو آهي. اهو ڪچين سرن جي فرش ۾ لڳايو ويو هو، ۽ ان فرش جو ڪجهه حصو ڄاڻي واڻي اڻپورو ڇڏيو ويو هو ته جيئن مٽ ان ۾ سمائجي سگهي. ان کان علاوه، مٽ جو جيڪو حصو فرش کان مٿي نڪتل هو، ان کي نقصان کان بچائڻ لاءِ سرن جي ننڍڙن ٽڪرن سان محفوظ ڪيو ويو هو.
ان ڪري پوري ويساهه سان چئي سگهجي ٿو ته اهو وڏو مٽ ڪمري نمبر 27 جي سڀ کان پهرين فرش جي اڏاوت کان به اڳ، ممڪن طور ٽين صدي قبل مسيح ۾ دفن ڪيو ويو هو، ۽ اهو ان ڇوڪريءَ جي دفن ٿيڻ کان به گهڻو اڳ جو آهي.
آخري رسمن جو طريقو ۽ ٿانون جا قسم
اهي وڏا مٽ سنڌ جي ان دؤر سان تعلق رکن ٿا جڏهن لاشن کي ساڙڻ (Cremation) جو رواج عام نه ٿيو هو. فوت ٿيل شخص جي جسم جي ھڏائين پڃري مان هڪ خاص هڏي چونڊي ويندي هئي ۽ ان کي احتياط سان صاف ڪيو ويندو هو، جيتوڻيڪ ان صفائيءَ جو طريقو هاڻي معلوم ناهي. نه ئي اسان کي اها خبر آهي ته اها خاص هڏي ڪهڙي مذهبي رسم تحت چونڊي ويندي هئي.
ان چونڊيل هڏي يا هڏيءَ جي ٽڪري کي هڪ ننڍي ٿانو ۾ رکيو ويندو هو، جيڪو وري هڪ ٻئي ننڍي مٽ جي اندر بند ڪيو ويندو هو (جيئن هڪ دٻي ۾ ٻيو دٻو هجي). اهڙيون ڪيتريون ئي چاڏيون هڪ ئي وڏي مٽ جي اندر رکيون وينديون هيون.
عام طور تي، انهن ننڍڙن دفنائڻ وارن ٿانون جا ٽي قسم سڃاتا ويا آهن:
الف. صراحي نما ٿانءَ (Vase-shaped Urns)
سڀ کان وڌيڪ نمايان هڪ صراحي نما ٿانءُ آهي، جهڙو ڪمري نمبر 34 مان مليو. صرف هڪ مڪمل نمونو ڪمري نمبر 39 مان مليل مٽ جي اندر مان هٿ آيو، جيتوڻيڪ اهڙن ٿانون جا ڪيترائي ڀڳل هيٺيان حصا سائيٽ نمبر 1 جي ٻين هنڌن تان به مليا. سال 21–1920ع جي هڙپا جي کوٽائيءَ دوران، راءِ بهادر ديا رام ساهني کي به اهڙا ڪيترائي نمونا مليا هئا، جيتوڻيڪ انهن جي اندروني مواد جي خبر ناهي پئجي سگهي.
ب. بيضوي ۽ گول ٿانءُ (Ovoid and Globular Vessels)
ڪمري نمبر 27 ۽ 39 مان مليل مٽن جو مواد هڪٻئي کان ڪافي مختلف هو. ڪمري نمبر 39 جي وڏي مٽ جي چوڌاري اسان کي هڪ خاص قسم جا سادا ۽ کهرا ٿانءَ مليا. اهي ٿانءَ گول هئا جن جا هيٺيان حصا نوڪدار (Pointed) هئا، ۽ انهن جا منهن ايترا وڏا هئا جو انهن ۾ ٽي يا چار آڱريون آسانيءَ سان هليون وڃن.
اهي ٿانءَ مٽ جي اندر وڏي ترتيب سان رکيل هئا. هر ٿانو جي اندر هڪ ننڍڙو هڏين جو دٻو (Receptacle) هو، جنهن ۾ هڪ اڪيلي هڏي ۽ ان جي چوڌاري آخري رسمن جو سامان رکيل هو.
انهن ٿانون کي اڳتي هلي ٻن مکيه قسمن ۾ ورهايو ويو آهي:
بيضوي (Egg-shaped) ٿانءُ
پوريءَ طرح گول (Globular) ٿانءُ
اهي ٻئي قسم وڏي ۽ ننڍي سائيز ۾ ملن ٿا. بيضوي قسم کي وري چئن سائيزن ۾ ورهايو ويو آهي: (ا) وڏو، (ب) وچولو، (ت) ننڍو، ۽ (ث) تمام ننڍڙو (Miniature).
بيضوي ٿانون ۾ وڏا ۽ ننڍا قسم تمام گهٽ ملن ٿا، جڏهن ته وچولي سائيز وارو قسم عام هو ۽ لڳ ڀڳ ٻي صدي عيسويءَ تائين استعمال ۾ رهيو. ڊاڪٽر ايل. پي. ٽيسيٽوري (Dr. L. P. Tessitori) کي بيڪانير رياست جي اترئين حصي ۾ قديم ستلج (هاڪڙا) جي ڪنارن تان (جيڪو ممڪن طور ڪالي بنگان آهي) بلڪل ساڳئي قسم جا ٿانءَ مليا هئا.
بيضوي ٿانون جي ڀيٽ ۾، گول ٿانءَ وڌيڪ بهتر نموني ٺهيل ۽ سٺي نموني پڪل هئا. هن طبقي جا ننڍڙا نمونا به تمام گهٽ آهن.
خاص ڳالهه اها آهي ته انساني هڏا صرف بيضوي ۽ گول ٿانون جي بلڪل تري مان مليا. انهن مان هر هڪ جي اندر مٽيءَ جو هڪ ٻيو ٿانءُ رکيل هو، جڏهن ته باقي خالي جڳهه ننڍڙي مذهبي سامان سان ڀريل هئي.
هڏيون رکڻ وارا دٻا (Bone Receptacles)
مٽن جي اندر ملندڙ اصل هڏين وارن دٻن کي ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:
(ا) ننڍا، سڌي تري وارا دٻا يا تبرڪات رکڻ وارا ٿانءَ (Reliquaries)، جيڪي فوت ٿيلن جي پاڪ هڏين کي رکڻ لاءِ استعمال ٿيندا هئا. اهي ننڍڙن پيالن کان وٺي هڪ انچ کان به ننڍين بوتلن جهڙي شڪل جا آهن.
(ب) اهڙي شڪل وارا ٿانو، جيڪي ليبارٽريءَ جي ٽيسٽ ٽيوبن سان هڪجهڙائي رکن ٿا.
(ت) تمام ننڍڙا، نوڪدار تري وارا دٻا، جيڪي پڪل يا ڪچي مٽيءَ مان ٺهيل آهن.
هڙپا جي کوٽائيءَ دوران راءِ بهادر پنڊت ديا رام ساهني کي هر سائيز جا بيضوي ٿانءَ مليا هئا. انهن مان هڪ وڏي نموني جو ترو سڌو هو، جڏهن ته وچولي ۽ ننڍي سائيز وارن جا ترا نوڪدار هئا. انهن مان اڪثر ٿانون جي وچ تي هڪ وَر وَڪڙ (horizontal spiral) لڪير يا دٻاءُ جو نشان آهي، جيڪو هڙپا ۽ موهن جي دڙي ٻنهي مان مليل ٿانون جي خاص سڃاڻپ آهي.
ميتن کي ساڙڻ کان پوءِ وارو دؤر (Post-Cremation Period)
بيضوي ٿانون جو استعمال لاشن کي ساڙڻ واري دؤر کان پوءِ به جاري رهيو. ڪمري نمبر 22 ۾ هڪ وڏي احتياط سان تيار ٿيل دفن جو نمونو مليو. ان ڪمري جي اترئين ڪنڊ ۾ هڪ مقدس شخص (Holy Man) جا هڏا هڪ سادي تبرڪدان ۾ رکيل هئا. هي هڪ گول، سنئون، پر اڻسڌي شڪل جي پٿر (Sandstone) جو ٺهيل هو جنهن جي وچ ۾ هڪ سوراخ هو. ان جو منهن هڪ سادي سِيپيءَ (Shell) جي ڍڪڻ سان بند ٿيل هو، جنهن تي هينڊل جي بدران صرف هڪ ننڍڙو سوراخ هو. ان سِيپيءَ جي ڍڪڻ جي مٿان پٿر جو هڪ ٻيو ڍڪڻ رکيل هو.
ان پٿر جي دٻي جي چوڌاري ۽ مٿان مختلف رنگن ۽ سائيزن جا بيضوي ٿانو تمام احتياط سان هڪٻئي مٿان ڪري رکيا ويا هئا، جنهن سان فرش کان اٽڪل چار فٽ اوچو هڪ ڍير بڻجي ويو هو. اها ترتيب ايتري ته مهارت سان ڪئي وئي هئي جو مٽيءَ جي ڇت ڪرڻ کان پوءِ به هيٺيان ٿانو محفوظ رهيا.
ڪمري نمبر 8 ۾ اها ترتيب ايتري منظم نه هئي. اهو سڄو ڪمرو وچولي سائيز جي بيضوي ٿانون سان ڀريل هو، پر انهن مان اڪثر ڀڳل هئا. وڏي ڏاڪڻ جي هيٺان پڻ هزارين اهڙا ٿانءَ ڍيرن جي شڪل ۾ رکيل هئا.
پيالن جهڙا ٿانءَ (Drinking-Cup-Shaped Vessels)
ٽيون قسم تمام عجيب شڪل جو آهي، جيڪو پيئڻ جي پيالي يا گلاس سان مشاهت رکي ٿو. ڪريٽ (Crete) ۽ ڏکڻ هندستان جي لوهه واري دؤر جي قبرن مان مليل نمونن وانگر، انهن پيالن جا ڪنارا سڌا ناهن. انهن مان ڪجهه جي ظاهري شڪل ميلو (Milo) مان مليل جاڙن ٿانون جهڙي آهي، جيڪي اڄ ڪلهه فرانس جي ميوزيم (Musée de Sèvres) ۾ محفوظ آهن.
اهي پيالي نما ٿانءَ ٽن طبقن ۾ ورهايل آهن ۽ آخري رسمن کان پوءِ واري مرحلي ۾ به استعمال ٿيندا هئا. سڀ کان بهترين هٿ سان سيل ٿيل نمونا سائيٽ نمبر 3 مان مليا آهن. انهن پيالن جي سچي شڪل اها آهي جنهن جو وچيون حصو ٿورو ٻاهر نڪتل هجي، جنهن جو قديم ترين نمونو سوسا (Susa) مان مليو آهي. ايڇ. فرانڪفورٽ (H. Frankfort) انهن جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته: “اصل ۾ هي هڪ قسم جو وڏو پيئڻ جو پيالو هو، جنهن جو ڪنارو سڌو ۽ تري کان ٿورو مٿي ابهاريل هو.”
هندستاني قسم ۾ ان جو ڪنارو لڳ ڀڳ سڌو هوندو آهي ۽ منهن وٽان ٻاهرئين طرف ڦهليل هوندو آهي. بلوچستان مان مليل هڪ سادي نموني جي ڀيٽ ۾ سائيٽ نمبر 3 وارن نمونن جا ترا وڌيڪ نوڪدار آهن. اڪثر ڪيسن ۾ اهي پيالا بدصورت ۽ سڌي تري وارا آهن. سائيٽ نمبر 3 جو هڪ نمونو ثابت ڪري ٿو ته اهي ٽئين ۽ چوٿين درجي جي جنازي جي ٿانون طور استعمال ٿيندا هئا، ڇاڪاڻ ته انهن جي اندر مان صاف ٿيل انساني هڏا ۽ رک ملي آهي.
ننڍڙا رانديڪا ٿانءَ ۽ مذهبي شيون (Miniature Funerary Pottery)
دفنائڻ وارن مٽن سان گڏ مٽيءَ جا ڪيترائي ننڍڙا ٿانءَ پڻ مليا آهن، جيڪي يا ته انهن وڏن مٽن جي اندر هئا يا ڪمري نمبر 22 جهڙن مقدس هنڌن تان مليا. اڌ صدي اڳ، ميجر موڪلر بلوچستان جي دمبن (قديم قبرن) مان اهڙا ننڍڙا ٿانو هٿ ڪري انڊين ميوزيم کي تحفي ۾ ڏنا هئا. انهن ۾ ننڍيون ٿاليون، پاڻي جا ننڍڙا گهڙا، مائع کاڌي جا پيالا ۽ رڌڻ جا ٿانو شامل آهن.
موهن جي دڙي مان مليل ننڍڙي مٽيءَ جي ٿانون کي سائيز جي لحاظ کان ٻن مکيه قسمن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرين قسم ۾ اهي ٿانءَ آهن جيڪي انساني استعمال جي لحاظ کان تمام ننڍا ناهن، جهڙوڪ: رڌڻ جا ٿانءَ، پاڻي ۽ اناج رکڻ جا ٿانءَ ۽ پيئڻ جا پيالا.
ٻئي قسم ۾ اهي ٿانءَ اچن ٿا جيڪي سائيز ۾ ايترا ننڍڙا آهن جو انسان انهن کي استعمال ئي نٿو ڪري سگهي. اهي دراصل ان دؤر جي روزمره جي شين جا ننڍڙا ماڊل (Replicas) آهن. انهن کي وري ٽن ذيلي قسمن ۾ ورهايو ويو آهي:
گهريلو شيون: جهڙوڪ اڄڪلهه پيالي جهڙا ڪپ ، ٿاليون ، کڻڻ يا لٽڪائڻ واريون ٿاليون ۽ صراحيون.
رنڌڻي ۽ کاڌي جا ٿانو: بغير ڪنڌ جي ٿانو جيڪي ڪريٽ جي ٿانون جهڙا آهن، ڇاڻڻيون ۽ گهنڊيون وغيره.
مذهبي يا رسمي شيون: انهن ۾ سڀ کان اهم “ڊش آن اسٽينڊ” (پيرن واري ٿالي) آهي. هي سنڌو تهذيب جي مٽيءَ جي ٿانون جي هڪ خاص سڃاڻپ آهي، جيڪا قبرن مان ملي ٿي ۽ ان جو تعلق مذهبي آخري رسمن سان هو.
ٽيڪسٽائل سان لاڳاپيل شيون
انهن سائيٽن تان وڏي تعداد ۾ مٽيءَ جا ‘تڪلا’ (Spinning Whorls) مليا آهن، جن کي يارهن مختلف قسمن ۾ ورهايو ويو آهي (ڪجهه سوراخ وارا، ڪجهه بنا سوراخ جي، ڪجهه سينگاريل ته ڪجهه سادا). قديم آثارن جي ماهرن اڳ ۾ انهن کي سُٽ ڪتڻ وارا تڪلا سڏيو هو، پر اڄڪلهه اهو مڃڻ مشڪل آهي ته اهي ڪتڻ لاءِ استعمال ٿيندا هئا. امڪان آهي ته اهي اڻاوت جا کانچا يا لوم يا آڏاڻي جا وزن (Loom Weights) هئا.
ٻن دفنائڻ وارن مٽن مان اڻاوت جا ننڍڙا فريم پڻ مليا آهن. اهي فريم استعمال لاءِ تمام ننڍڙا هئا، تنهنڪري پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته اهي فوت ٿيل شخص جي روح جي خوشيءَ لاءِ مذهبي تحفي طور رکيا ويا هئا. اهڙي طرح، اهي ڊگها تڪلا به ڪپڙي اڻڻ جي اوزارن طور نه، پر لوم جي وزن طور قبرن ۾ رکيا ويا هئا.
________________

نصير اعجاز سينئر صحافي، اديب، شاعر، محقق، ۽ ھڪ سفرنامي سميت يارھن ڪتابن جو مصنف آھي. انھن ڪتابن ۾ سندس ھڪ انگريزي ڪتاب Hur – The Freedom Fighter بہ شامل آھي جيڪو سوا سئو ورھين جي تاريخ تي ٿيل تحقيقي ڪم آھي.



