Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسماج

پاڪستان ۾ هر سال 5 هزار عورتون سرويڪل ڪينسر وِگھي فوت ٿين ٿيون

سروِيڪل ڪينسر جون مريض اڪثر عورتون سنڌ ۽ ٻين ڏورانهن علائقن مان هونديون آهن، جتي صحت جون سهولتون گهٽ آهن. سنڌ ۾، عورتن جي صحت جي حوالي سان صورتحال وڌيڪ ڳنڀير آهي

دنيا جي تجربن مان واضح ٿيو آهي ته ايڇ پي وِي ويڪسين سان ڪوبه اهڙو نقصان نه ٿو ٿئي. اها 90 سيڪڙو تائين سرويڪل ڪينسر کي روڪي سگهي ٿي. ايڇ پي وي وائرس عورتن ۾ سرويڪل ڪينسر جو اهم سبب آهي

مُشتاق ٽانوري

پاڪستان جي سماج ۾ هڪ عجيب تضاد موجود آهي. هڪ پاسي حڪومت کان علاج جون سهولتون گُھرجن ٿيون، پر جڏهن علاج لاءِ جديد طريقا متعارف ڪرايا وڃن ٿا ته اُن جي مخالفت شروع ٿي وڃي ٿي. . پوليو ڦڙا هجن، ڪورونا ويڪسين هجي يا هاڻي ايڇ پي وي (Human Papillomavirus) ويڪسين ــ هر ڀيري ساڳين افواهن ۽ سازشي نظرين سان ماڻهن کي منجھائڻ ۽ بيزار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. توھان کي ياد ھوندو ته پوليو مهم ۾ ڪم ڪندڙ عورتون ۽ مرد پنهنجون حياتيون قربان ڪري ويا ڇو ته ڪجهه ماڻهن پوليو ڦڙن کي “يهودي سازش” سڏيو. ساڳي صورتحال ڪورونا ويڪسين وقت به ڏٺي وئي، جڏھن ماڻهن چيو ته ”ويڪسين لڳرائڻ سان موت ويجهو اچي ويندو.“ هاڻي اها ئي پراڻي ريت ايڇ پي وي ويڪسين لاءِ ورجائي پئي وڃي، جيڪا اصل ۾ عورتن ۾ سرويڪل ڪينسر Cervical cancerکي روڪڻ لاءِ دنيا جي سڀ کان اثرائتي علاج مان هڪ آهي.

صحت جي عالمي اداري جي رپورٽ موجب دُنيا ۾  هر سال لڳ ڀڳ 6 لک عورتون سرويڪل ڪينسر ۾ مبتلا ٿين ٿيون، ۽ علاج جي باوجود هزارين زندگيون بچائي نه ٿيون سگھجن. انهن عورتن مان اڪثر ويڪسين کان محروم علائقن سان تعلق رکن ٿيون. تحقيقن مان ثابت ٿيو آهي ته ايڇ پي وي ويڪسين 90 سيڪڙو تائين سرويڪل ڪينسر کي روڪي ٿي. دنيا جي 149 ملڪن ۾ ايڇ پي وي ويڪسين استعمال ٿي رهي آهي ۽ انهن ملڪن ۾ بيماريءَ جي شرح  گهٽ ٿي آهي. پاڪستان ۾ هر سال لڳ ڀڳ 5 هزار عورتون سرويڪل ڪينسر سبب فوت ٿين ٿيون، جنهن مان اڪثر سنڌ ۽ ڏورانهن علائقن مان هونديون آهن، جتي صحت جون سهولتون گهٽ آهن. سنڌ ۾، عورتن جي صحت جي حوالي سان صورتحال وڌيڪ ڳنڀير آهي. هتي عورتن کي صحت جون سهولتون گهٽ ملن ٿيون، قبيلائي رسمن ۽ رواجن سبب انهن جا حق محدود آهن ۽ گهڻا ڀيرا بيماري جي باوجود به انهن جو علاج ڪرائڻ کي اهميت نه ڏني ويندي آهي. اهڙي ماحول ۾ سرويڪل ڪينسر جهڙي موتمار بيماري عورتن لاءِ ٻيو وڏو خطرو بڻيل آهي. اهڙي سماج ۾ جڏهن حڪومت 2022ع ۾ ايڇ پي وي مهم جو اعلان ڪيو ته ان کي رد ڪيو ويو. هاڻي سيپٽمبر 2025ع ۾ ٻيهر شروع ٿيندڙ مهم جيڪا يونيسيف ۽ گلوبل الائنس فار ويڪسين اينڊ ايميونائيزيشن (گاوي) جي سهڪار سان هلائي پئي وڃي، هڪ اميد آهي.

پهرين مرحلي ۾ سنڌ جي اسڪولن ۾ نياڻين کي ويڪسين ڏني پئي وڃي، جڏهن ته ايندڙ مرحلن ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ اها مهم هلائي ويندي. پر افسوس اڄ به ڪجهه مذهبي اڳواڻ ان خلاف آواز اٿاري رهيا آهن. هن ويڪسين خلاف ڪجهه مذهبي اڳواڻن پاران غير علمي ۽ غير سائنسي دليل آندا پيا وڃن. چيو وڃي ٿو ته ويڪسين سان سُنڍپڻ پيدا ٿيندو يا اها ڪنهن مغربي سازش جو حصو آهي. حقيقت ۾ اهڙيون ڳالهيون صرف جهالت، غلط فهمي ۽ اڻ ڄاڻائيءَ جو نتيجو آهن.

دنيا جي تجربن مان واضح آهي ته هن ويڪسين سان ڪوبه اهڙو نقصان نه ٿو ٿئي پر اها 90 سيڪڙو تائين سرويڪل ڪينسر کي روڪي سگهي ٿي. ايڇ پي وي وائرس عورتن ۾ سرويڪل ڪينسر جو اهم سبب آهي. ويڪسين 9 کان 14 سالن جي ٻارڙين لاءِ سڀ کان وڌيڪ ڪارائتي آهي، ڇو ته اها انفيڪشن کان اڳ حفاظتي ديوار بڻجي ٿي. ويڪسين صرف سرويڪل ڪينسر کان نه پر عورتن سان لاڳاپيل ٻين ڪينسرن کان به بچاءُ ڪري ٿي. عالمي تجربن مان ثابت ٿيو آهي ته جن ملڪن ۾ ويڪسين وڏي پيماني تي لڳي آهي، اتي ڪينسر جي ڪيسن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. 

سنڌ حڪومت لاءِ موجوده قدم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڪجهه ضروري قدم کڻڻ لازمي آهن. ميڊيا، اين جي اوز، سياسي ۽ سماجي تنظيمن کي جاڳرتا مهم ۾  شامل ڪري عوام تائين سچائي پهچائجي. مذهبي اڳواڻن ۽ برادري جي وڏن کي ويڪسين بابت صحيح ڄاڻ ڏني وڃي، جئين افواهن جو خاتمو ٿئي. حڪومت کي سياسي عزم سان ڪم ڪندي اجائي مخالفت ۽ ضد کي نظرانداز ڪرڻ گهرجي. عورتن جي صحت کي اهميت ڏيڻ، سندن حقن کي تسليم ڪرڻ ۽ علاج تائين پهچ  يقيني بڻائجي. ٽي وي، ريڊيو ۽ سوشل ميڊيا تي سائنسي حقيقتون ۽ متاثر عورتن جا قصا ٻڌايا وڃن. اسلام ۾ علاج حرام نه آهي، بلڪه فرض آهي. اڳواڻن کي ماڻهن کي علم جي روشني ڏيڻ گهرجي. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ خاص سيشن رکيا وڃن، جتي نياڻين ۽ والدين کي ويڪسين جي اهميت سمجهائي وڃي.

پاڻ کان پڇجي جيڪڏهن دنيا جا 149 ملڪ پنهنجي ڌيئرن کي هن بيماريءَ کان بچائي رهيا آهن ته اسان ڇو جهالت جي اوندھ ۾ رهڻ چاهيون ٿا؟ ڇا اسان جون ڌيئرون، ڀينرون ۽ مائرون گهٽ قيمتي آهن؟ ڇا اسان کي انهن جي زندگين سان کيڏڻ جو حق آهي؟

ايڇ پي وي ويڪسين صرف هڪ سُئي ناهي، اها هزارين زندگين بچائڻ جو ذريعو آهي. هي ويڪسين سنڌ جي نياڻين لاءِ هڪ اهڙو تحفو آهي جيڪو کين مستقبل جي هڪ خطرناڪ بيماريءَ کان بچائي سگهي ٿو. اسان کي اهو سمجهڻو پوندو ته جهالت ۽ افواهن جي قيمت انساني زندگيون آهن. ايڇ پي وي ويڪسين عورتن جي زندگين بچائڻ لاءِ هڪ سستو، محفوظ ۽ اثرائتو طريقو آهي. هن وقت ضرورت آهي ته گڏجي جهالت ۽ افواهن کي ختم ڪري پنهنجي نياڻين، ڀينرن ۽ ڌيئرن کي هڪ صحتمند مستقبل ڏجي. سنڌ حڪومت جو هي قدم هڪ اميد جو ڏيئو آهي، جنهن جي مخالفت نه پر همٿ افزائي ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن سچائيءَ سان گڏجي هلجي ته سرويڪل ڪينسر کي نه صرف گهٽائي سگهجي ٿو، پر مستقبل ۾ مڪمل طور ختم ڪرڻ جو خواب به ڏسي سگهجي ٿو.

________________

مُشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button