عورتن جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌ جي عورت جي پيڙا
عورت کي گهٽ سمجهڻ يا غلام بڻائي رکڻ واري سوچ ختم ٿيڻ گهرجي. سنڌ ۾ عورتن کي وڌيڪ ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ڪيترن ئي علائقن ۾ تعليم جي کوٽ، غربت، سماجي پابنديون ۽ روايتي رسمون عورتن جي آزادي ۽ ترقي کي محدود ڪري ڇڏين ٿيون.

مُشتاق ٽانوري
گڏيل قومن جي اداري طرفان 8 مارچ کي عورتن جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو ويو آهي. هي ڏينهن دنيا جي هر خطي ۾ عورتن جي جدوجهد، ڪاميابين ۽ سماج جي تعمير ۾ سندن اهم ڪردار کي مڃتا ڏيڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي. ان موقعي تي عالمي سطح تي عورتن جي سماجي، معاشي، ثقافتي ۽ سياسي خدمتن کي اجاگر ڪيو ويندو آهي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويندو آهي ته ترقي جي هر ميدان ۾ عورت کي برابر موقعا فراهم ڪيا وڃن. حقيقت ۾ هي ڏينهن رڳو جشن جو نه پر عورتن جي حقن، آزادي ۽ برابري لاءِ جاري جدوجهد کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن به آهي.
دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ 8 مارچ کي خاص اهميت حاصل آهي. اٽڪل ويهن کان وڌيڪ ملڪن ۾ هن ڏينهن تي عام موڪل ڏني ويندي آهي، جڏهن ته ٻين ملڪن ۾ به سرڪاري ادارا، تعليمي ادارا ۽ سماجي تنظيمون مختلف تقريبون، سيمينار ۽ آگاهي مهمون منعقد ڪري عورتن کي خراج تحسين پيش ڪنديون آهن. ميڊيا، تعليمي ادارن ۽ سول سوسائٽي جي سرگرمين وسيلي عورتن جي مسئلن، سندن ڪاميابين ۽ مستقبل جي اميدن تي بحث مباحثا ٿيندا آهن. ان ڏينهن جو مقصد صرف عورتن جي ساراهه ڪرڻ نه پر انهن رڪاوٽن کي به سامهون آڻڻ آهي جيڪي اڃا تائين عورتن جي ترقي جي راهه ۾ بيٺل آهن.
عورتن جي عالمي ڏينهن جي تاريخ عورتن جي جدوجهد سان جڙيل آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ عورتن سدائين پنهنجي حقن لاءِ آواز بلند ڪيو آهي. 8 مارچ 1917ع تي روس ۾ صنعتي شعبي سان لاڳاپيل عورتن پنهنجي بنيادي حقن، خاص طور تي ووٽ جي حق لاءِ احتجاج ڪيو. انهن عورتن جلوس ڪڍيا ۽ ڌرڻا هنيا، جنهن کانپوءِ کين ووٽ جو حق حاصل ٿيو. اها جدوجهد عورتن جي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگِ ميل ثابت ٿي. بعد ۾ 1975ع ۾ گڏيل قومن جي اداري ان جدوجهد کي مڃتا ڏيندي 8 مارچ کي عورتن جو عالمي ڏينهن طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو. 1977ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ان فيصلي جي باضابطه منظوري ڏني، جنهن کان پوءِ هي ڏينهن عالمي سطح تي سرڪاري طور ملهائڻ شروع ڪيو ويو. 1996ع کان عورتن جي عالمي ڏينهن کي هر سال هڪ خاص نعري سان ملهايو ويندو آهي. ان نعري جو مقصد عورتن سان لاڳاپيل ڪنهن اهم موضوع تي عالمي ڌيان ڇڪائڻ هوندو آهي. مختلف سالن ۾ عورتن جي تعليم، معاشي خودمختياري، صحت، برابري، امن ۽ قيادت جهڙن موضوعن کي اجاگر ڪيو ويو آهي. سال 2026ع کي حق ، انصاف ، جدوجهد جي نعري سان ”ڏيو حاصل ڪرڻ لاءِ“ جي سري هيٺ ملهايو پيو وڃي.
موجوده دور ۾ به عورتن جي اڳواڻي، معاشي ترقي ۾ سندن ڪردار ۽ سماجي برابري بابت آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ مختلف مهمون هلائيون وڃن ٿيون. خاص طور تي ڪورونا وبا دوران دنيا ڏٺو ته صحت، تعليم ۽ سماجي خدمتن جي ميدان ۾ عورتن اهم ڪردار ادا ڪيو. جيتوڻيڪ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عورتن تعليم، سياست، سائنس، ڪاروبار ۽ فنون لطيفه ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، پر اڃا به ڪيترن ئي معاشرن ۾ عورتن کي بنيادي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي. پاڪستان به انهن ملڪن مان هڪ آهي جتي عورتن جي حيثيت ۾ ڪجهه بهتري ضرور آئي آهي، پر اڃا به ڪيترائي مسئلا موجود آهن. ملڪ ۾ عورتن اعلي سرڪاري عهدن تائين رسائي حاصل ڪئي آهي، پارليامينٽ ۽ سرڪاري ادارن ۾ به عورتن جي نمائندگي وڌي آهي، پر ان باوجود پدر شاهي نظام، سماجي روايتون ۽ قدامت پسند سوچ عورتن جي ترقي جي رستي ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهن.
جيڪڏهن خاص طور تي سنڌ جي سماجي حالتن تي نظر وجهجي ته هتي عورتن کي وڌيڪ ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ڪيترن ئي علائقن ۾ تعليم جي کوٽ، غربت، سماجي پابنديون ۽ روايتي رسمون عورتن جي آزادي ۽ ترقي کي محدود ڪري ڇڏين ٿيون. ڪٿي نياڻين کي ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائي ويندي آهي، ڪٿي سڱ چٽي يا عيوضي ۾ ڏيڻ جهڙيون رسمون اڃا تائين موجود آهن. اهڙين روايتن سبب عورتن جي زندگي ۽ مستقبل تي منفي اثر پوي ٿو. انهن حالتن کي تبديل ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۾ عورتن جي حقن بابت آگاهي مهمون هلائڻ جو رجحان وڌيو آهي. خاص طور تي عورت آزادي مارچ انهن سرگرمين مان هڪ اهم مثال آهي.
هر سال 8 مارچ تي اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئٽه جهڙن وڏن شهرن سان گڏ حيدرآباد ۽ هاڻي سکر، گھوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان عورت آزادي مارچ منعقد ڪيا ويندا آهن. انهن مارچن ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ عورتون، شاگردياڻيون، سماجي ڪارڪن ۽ انساني حقن جا علمبردار شرڪت ڪندا آهن.عورت آزادي مارچ جو مقصد سماج ۾ عورتن خلاف ٿيندڙ ناانصافين کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهن جي خاتمي لاءِ آواز بلند ڪرڻ آهي. ان تحريڪ جو بنيادي پيغام اهو آهي ته عورت کي گهٽ سمجهڻ يا غلام بڻائي رکڻ واري سوچ ختم ٿيڻ گهرجي. ان سان گڏ سرداري ۽ جاگيرداراڻي نظام، جرڳي سسٽم ۽ اهڙين سماجي روايتن جي مخالفت ڪئي وڃي ٿي جيڪي عورتن جي آزادي کي محدود ڪن ٿيون. مارچ ۾ نياڻين کي سڱ چٽي يا عيوضي ۾ ڏيڻ، ننڍي عمر جي شادين، ڪم جي هنڌن ۽ تعليمي ادارن ۾ جنسي حراسان ڪرڻ جهڙن مسئلن خلاف به آواز اٿاريو ويندو آهي.هڪ اهم مسئلو اهو به آهي ته ملڪ ۾ ڪڏهن ڪڏهن مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ ننڍي عمر جي نياڻين کي زبردستي مذهب تبديل ڪرائي شاديون ڪرايون وڃن ٿيون. اهڙا واقعا سماجي ۽ قانوني طور انتهائي ڳڻتي جوڳا آهن. پاڪستاني آئين ۽ قانون موجب ننڍي عمر جي شادي غيرقانوني آهي، ڀلي ڇوڪري مسلمان هجي يا ڪنهن ٻئي مذهب سان تعلق رکندڙ هجي. ان ڪري ضروري آهي ته اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ سخت قانون سازي ڪئي وڃي ۽ موجود قانونن تي مؤثر عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. ان سان گڏ عورتن جي معاشي خودمختياري به انتهائي اهم آهي. جيڪڏهن عورت معاشي طور مضبوط ٿيندي ته هوءَ سماج ۾ وڌيڪ باوقار زندگي گذاري سگهي ٿي. ان مقصد لاءِ سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ عورتن لاءِ روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ گهرجن. تجويز ڏني ويندي رهي آهي ته سرڪاري ادارن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 سيڪڙو نوڪريون عورتن لاءِ مخصوص هجن ۽ مڪاني ادارن سميت ٻين ادارن ۾ مقرر ڪيل ڪوٽا تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. سماجي سهولتن جي فراهمي به عورتن جي زندگي بهتر بڻائڻ لاءِ ضروري آهي. سفر دوران عورتن جي لاءِ مناسب مسافر خانا، صاف سٿرا باٿ روم ۽ محفوظ انتظارگاهون هجڻ گهرجن. ان سان گڏ عورتن ۽ ٻارڙين سان ٿيندڙ زيادتين جي شڪايتن جي تڪڙي ٻڌڻي لاءِ وومين ٿاڻن ۽ چائلڊ پروٽيڪشن يونٽن کي ضلعي سطح تي وڌيڪ فعال بڻائڻ گهرجي، جيئن متاثر عورتن ۽ ٻارن کي جلد انصاف ملي سگهي.
عورتن جو عالمي ڏينهن صرف هڪ تاريخ نه پر هڪ تحريڪ، هڪ پيغام ۽ هڪ عزم آهي. جڏهن سماج عورتن کي برابر جا حق، عزت ۽ موقعا فراهم ڪندو ته نه صرف عورتن جي زندگي بهتر ٿيندي پر سڄو سماج ترقي ڪندو. عورتن جي تعليم، معاشي خودمختياري ۽ فيصلا سازي ۾ شموليت سان هڪ اهڙو سماج وجود ۾ اچي سگهي ٿو جتي برابري، انصاف ۽ انساني وقار کي حقيقي معنيٰ ۾ فروغ ملي. ان ڪري 8 مارچ جو پيغام اهو آهي ته عورتن جي حقن جي حفاظت، سندن عزت ۽ برابري صرف عورتن جو مسئلو نه پر سڄي سماج جي ذميواري آهي. جڏهن عورت بااختيار ٿيندي ته سماج به خوشحال ۽ ترقي يافته بڻجندو.
____________

مشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو
mushtaqtanwari@gmail.com



