پولينڊ جي شھر زڪوپاني ۾ سنڌ جي تعليم ۽ وِندر کان وانجھيل ٻارن جي سار
هي شهر تاترا جبلن جي دامن ۾ واقع آهي، جتي ماڻهو قدرت جي نظارن جو لطف وٺڻ لاءِ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ايندا آهن
سڀ کان خوبصورت ۽ دل کي ڇهندڙ منظر اهو هو ته والدين پنهنجن ننڍڙن ٻارن کي پاڻ سان گڏ ويهاري، کيڏي رهيا هئا ۽ کلندي کلندي گريوٽي سلائيڊ ذريعي تيزيء سان هيٺ وڃي رهيا هئا
سنڌ ۾ اڪثر ٻار ۽ سندن مائٽ اھڙين خوشين کان محروم آھن. تعليم تہ پري جي ڳالھ پر غربت سبب والدين پنهنجن ٻارن سان کيڏي به نه ٿا سگهن، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي روزگار ۽ مشڪلاتن ۾ گهيريل رهندا آهن.
عبدالله عثمان مورائي
انساني سماج جي ترقي، خوشحالي ۽ روشن مستقبل جو اصل دارومدار ان تي آهي ته اهو پنهنجي ٻارن سان ڪهڙو سلوڪ ڪري ٿو. ٻار، جيڪي اڄ رڳو راند ڪن ٿا، سکيا وٺن ٿا ۽ معصوم مسڪراهٽ سان دنيا کي روشن ڪن ٿا، اهي ئي سڀاڻي جا نوجوان، ڪاروباري، سائنسدان، استادن ۽ اڳواڻن جي صورت ۾ ظاهر ٿين ٿا. جيڪڏهن انهن کي ٻالڪپڻ ۾ تحفظ، محبت، تعليم ۽ صحت ملي ٿي ته مستقبل جو سماج به محفوظ ۽ خوشحال هوندو.
زڪوپاني، تاترا جبل ۽ هڪ سوچ
آء ۽ منهنجو دوست جان مڱريو ڪجهه ڏينهن پهريان پولينڊ جي خوبصورت شهر زڪوپاني جي سير۽ سفر تي ويل هئاسين. هي شهر تاترا جبلن جي دامن ۾ واقع آهي، جتي ماڻهو قدرت جي نظارن جو لطف وٺڻ لاءِ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ايندا آهن جن ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ عرب خاندان به نظر اچن ٿا. اسان به ان علائقي جي خوبصورتي ڏسڻ لاءِ فنيڪيولر جي مدد سان جبل جي مٿي واري پاسي پهتاسين. اتان پانوراما نظارو ڏاڍو حسين هو۽ چوڌاري خوبصورت منظرن ۽ تازي هوا جي خوشبوءِ اسان جو اڌر ڀاء ڪيو ۽ اسان سڀ ڪجهه وساري ويٺاسين. اتي هڪ دلچسپ ڪشش ’گريوٽي سلائيڊ‘ به هئي، جنهن ۾ ماڻهو ننڍڙين گاڏين ۾ ويهي تيزي سان هيٺ لهندا آهن.

اتي مٿي سڀ کان خوبصورت ۽ دل کي ڇهندڙ منظر اهو هو جنهن کي ڏسندي وڏي خوشي ٿي ته والدين پنهنجن ننڍڙن ٻارن کي پاڻ سان گڏ ويهاري، انهن سان تفريح ۽ کيڏي رهيا هئا ۽ کلندي کلندي ان گريوٽي سلائيڊ ذريعي تيزيء سان هيٺ وڃي رهيا هئا. انهن کي زندگيءَ جو مزو محسوس ڪرائي رهيا هئا ۽ کين اعتماد ۽ خوشي ڏئي رهيا هئا. انهن ۾ انهن گورن سان گڏوگڏ اهي عرب والدين به هئا جيڪي اتي گهمڻ آيا هئا.
پر ان ساڳئي گهڙيء ۾ دل ۾ هڪ سوچ به جاڳي. اسان ٻنهي جو ذهن پنهنجي ملڪ پاڪستان ڏانهن ويو، خاص طور تي سنڌ ڏانهن، جتي جا وڏن ۽ امير والدين جي ٻارن کانسواء گهڻي تعداد ۾ ٻار آهن جن وٽ اهڙي آزادي ۽ خوشيءَ جي ڪا به سهولت نه آهي ۽ نه ئي وري انهن کي اهڙي خوشي ڏسڻ جو ڪو موقعو ملندو آهي. انهن لاءِ اها هڪ عام ڳالهه آهي ته انهن کي ڪيڏانهن به گهمڻ ۽ کيڏڻ لاءِ به جڳهه ناهي ملندي ۽ اهي گهٽين ۾ راند کيڏي وقت گذاريندا آهن. اهي ٻار ڪنهن ٻئي دنيا ۾ رهندا آهن، هڪ اهڙي دنيا جنهن ۾ خوشي جو ڪو به ثبوت نه ٿو ملي ۽ هر طرف غربت ۽ اڪيلائي آهي.
نه رڳو راندين ۽ تفريح کان پر اهي بنيادي حقن جهڙوڪ تعليم، صحت، تحفظ ۽ محبت کان به محروم آهن. ان وقت، اسان ٻنهي جي ذهن ۾ فوري طور تي هڪ سوچ آئي ته ٻارن کي واڌ ويجهه لاء زندگيءَ ۾ اهڙين شين جي ڪيتري ضرورت آهي؟ ان هڪ ننڍڙي واقعي اسان کي اهو احساس ڏياريو ته ٻارن کي تعليم ۽ صحت کان علاوه ٻين بنيادي حقن جي به ضرورت آهي، جيڪي پاڻ وٽ اڪثر ڪري نظرانداز ڪيا ويندا آهن.

ٻارن جا بنيادي عالمي حق
اقوام متحده 1989ع ۾ ٻارن جي حقن بابت Convention on the Rights of the Child منظور ڪئي، جنهن ۾ ٻارن جي بنيادي حقن کي خاص اهميت ڏني وئي.
ٻارن جا حق رڳو اها ڳالهه نه آهي ته انهن کي ماني ۽ تعليم ملي، پر اها هڪ وسيع سوچ آهي، جنهن ۾ ٻار جي ذهني، جسماني ۽ روحاني ترقي جا سمورا پهلو شامل آهن. بين الاقوامي سطح تي مڃيل ٻارن جا بنيادي حق پڻ واضع ڪيل آهي جن ۾ هر ٻار کي هڪ نالو هجڻ ۽ ان جي پنهنجي سڃاڻپ جو حق آهي. کيڏڻ ۽ تفريح ٻار جي قدرتي ۽ ذهني واڌ ويجهه لاءِ تمام ضروري ٻڌايل آهي جيڪا انهن جي تخليقي سوچ ۽ سماجي صلاحيتن کي وڌائي ٿي.
ان سان گڏوگڏ هر ٻار جو بنيادي حق آهي ته هو معياري تعليم، سکيا ۽ ڄاڻ حاصل ڪري پنهنجي صلاحيتن کي اجاگر ڪري سگهي، جيڪا نه صرف کيس علم ڏي پر سندس ڪردار سازي ۽ شخصيت جي واڌ ويجهه ۾ به مدد ڪري ٿي. ان کانسواء ٻار کي صحيح خوراڪ، صحت مند ماحول ۽ علاج جي مناسب سهولتن ۽ هر قسم جي تشدد، زيادتي، استحصال، جبري مشقت، بدسلوڪي کان محفوظ ۽ جنگ کان بچائڻ جو حق آهي. ٻارن کي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ ۽ سماجي، ثقافتي ۽ خانداني زندگي ۾ حصو وٺڻ جو حق آهي.
اهي سڀ حق هڪ ٻار جي پوري واڌ ويجهه ۽ هڪ محفوظ مستقبل لاءِ ضروري آهن. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سنڌ ۽ پاڪستان ۾ اڪثر ٻارن کي انهن مان ڪيترن ئي حقن کان محروم رکيو وڃي ٿو.

سنڌ پاڪستان ۾ صورتحال ۽ مستقبل جون اميدون
اسان جي ملڪ ۾ اڪثر ٻارن کي تعليم جي بجاءِ ننڍي عمر ۾ مزدوري ڪرڻي پوي ٿي، صحت جون سهولتون سندن پهچ کان پري آهن ۽ انهن وٽ کيڏڻ لاءِ مناسب ميدان يا سهولتون موجود ناهن. شهري علائقن ۾ به اڪثر ٻار سوڙهين گهٽين ۽ غير محفوظ ماحول ۾ رهن ٿا، جتي انهن وٽ ڪيڏانهن به وڃڻ جي جڳهه ناهي. ڪيترن ئي خاندانن ۾ غربت سبب والدين پنهنجن ٻارن سان کيڏي به نه ٿا سگهن، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي روزگار ۽ مشڪلاتن ۾ گهريل رهندا آهن.
اهي سڀ حقيقتون ڏسڻ سان اها ڳالهه صاف ظاهر ٿئي ٿي ته ٻارن جا حق صرف قانوني ڪتابن تائين محدود آهن، پر عملي زندگيءَ ۾ اهي اڃا تائين لاڳو نه ٿي سگهيا آهن.

اسان سڀني جي ذميواري
هي هڪ سماجي مسئلو آهي، جنهن ۾ نه رڳو حڪومت، پر اسان سڀني کي پنهنجي ذميواري محسوس ڪرڻ گهرجي. اسان کي پنهنجي ٻارن کي صرف زندهه رهڻ جو سبب نه پر خوشي سان زندگي گذارڻ جو موقعو به ڏيڻ گهرجي.
ٻارن جا حق ڏيڻ ڪنهن به قوم جي ذميواري آهي، جيڪڏهن اڄ اسان انهن جي حقن جو خيال نه ڪنداسين ته اسان هڪ صحتمند سماج ۽ هڪ مضبوط قوم جي خواب کي پورو نٿا ڪري سگهون. اهو ضروري آهي ته حڪومت ٻارن جي ترقي ۽ صحت جي لاءِ منصوبا ٺاهي. ان کان سواءِ سماجي ادارن ۽ اسڪولن کي به ٻارن جي حقن بابت شعور پکيڙڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
حاصل مقصد ته زڪوپاني جي تاترا جبلن ۾ والدين ۽ ٻارن کي گڏجي خوشيون ورهائيندي ڏسڻ اسان لاءِ هڪ سبق هو. ٻارن کي خوش رکڻ رڳو تفريح نه آهي پر سندن نفسياتي، ذهني ۽ جسماني صحت لاءِ اهم ترين ضرورت آهي. جيڪڏهن اسان سنڌ ۽ پاڪستان ۾ به ٻارن کي سندن اصل حق ڏيون جن ۾ تعليم، صحت، تحفظ ۽ خوشي ته پوءِ ئي اسان هڪ روشن، محفوظ ۽ انصاف تي ٻڌل سماج جو خواب ڏسي سگهون ٿا.
اچو ته اسان سڀ پاڻ ۾ گڏجي ڪم ڪريون ته جيئن سنڌ ۽ پاڪستان جي هر ٻار کي اهو موقعو ملي ته هو به ٻين ٻارن وانگر کليل آسمان هيٺ ساهه کڻي سگهي ۽ پنهنجي زندگيءَ مان خوشي ۽ مزو حاصل ڪري سگهي. اسان کي يقين آهي ته هڪ ڏينهن اسان جي ٻارن کي به اهي سڀ سهولتون ملنديون جن جا اهي حقدار آهن ۽ انهن جي زندگين ۾ به خوشي ۽ اميد جو نور ڦهلجي ويندو.
ٻارن تي سيڙپ ڪرڻ، حقيقت ۾ مستقبل تي سيڙپ ڪرڻ آهي.
______________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ انگريزي، سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.