Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

سنڌي ٻوليءَ کي مارڪيٽ جي ٻوليءَ طور ترقي ڪيئن وٺرائجي؟

پِير حُسام الدين راشدي، ابراھيم جوئي ۽ ٻين ماھرن موجب ٻين ٻولين وانگر ڊڪشنرين ۾ شامل سٺ ستر ھزار لفظن بدران صرف عام استعمال جا سنڌي لفظ ڪتب آڻجن   

سنڌي ٻوليءَ کي مارڪيٽ جي ٻوليءَ طور ترقي وٺرائڻ ۽ ان کي عام ماڻھو پورھيت، ھاري ناري، عورتن توڙي ڪاروباري ماڻھن لاءِ عام فھم ۽ سولو بنائڻ لاءِ سڀ کان پھرين شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت ۾ سندس ھدايتن تي ڪم ڪيو ويو ھو

اقتدار سنڀالڻ شرط 1972 ۾ ڀُٽي صاحب وزارتِ تعليم کي ھدايتون جاري ڪيون جنھن جي نتيجي ۾سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي لغت تيار ڪرڻ تي ڪم شروع ٿيو ھو ـ

ان وقت وفاقي حڪومت جي تعليم واري وزارت پاران تيار ڪرايل پھريون ڀيرو ھڪ ننڍڙي ڪتابڙي جي شڪل ۾ اھڙي ڊڪشنري 1976 ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپرائي پڌري ڪئي ھئي

اھڙي لغت تيار ڪرڻ ۾ مرحوم پير حسام الدين راشدي، غلام مصطفى قاسمي، ڊاڪٽر غلام علي الانه، محمد صالح شاھه ۽ محمد ابراھيم جوئي جون ڪوششون شامل ھيون

نصير اعجاز

سنڌي ٻوليءَ کي مارڪيٽ جي ٻوليءَ طور ترقي وٺرائڻ ۽ ان کي عام ماڻھو پورھيت، ھاري ناري، عورتن توڙي ڪاروباري ماڻھن لاءِ عام فھم ۽ سولو بنائڻ لاءِ سڀ کان پھرين شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت ۾ سندس ھدايتن تي ڪم ڪيو ويو ھو ـ ھن 1971 واري جنگ کانپوءِ جيئن ئي اقتدار سنڀاليو ته 1972 ۾ ان ڏس ۾ وزارتِ تعليم کي ھدايتون جاري ڪيون ھئائين جنھن جي نتيجي ۾سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي لغت تيار ڪرڻ تي ڪم شروع ٿيو ھو ـ ان وقت وفاقي حڪومت جي تعليم واري وزارت پاران تيار ڪرايل پھريون ڀيرو ھڪ ننڍڙي ڪتابڙي جي شڪل ۾ اھڙي ڊڪشنري 1976 ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپرائي پڌري ڪئي ھئي جنھن جا ٻه ڇاپا وري ڪجھه وڌاءَ سان گڏ 1977 ۽ 1982 ۾ پڌرا ڪيا ويا ـ ان ڊڪشنري يا لغت جو مقصد عام فھم ۽ روزاني استعمال ۾ ايندڙ سنڌي ٻوليءَ جي لفظن کان ماڻھن کي آگاھه ڪرڻ ھو ـ اھڙي لغت تيار ڪرڻ ۾ مرحوم پير حسام الدين راشدي، غلام مصطفى قاسمي، ڊاڪٽر غلام علي الانه، محمد صالح شاھه ۽ محمد ابراھيم جوئي جون ڪوششون شامل ھيون جن کي سنڌي ٻوليءَ جي ماھرن طور لغت تيار ڪرڻ جو ڪم سونپيو ويو ھو ۽ پير حسام الدين ان جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو ھو ـ لغت ۾ سنڌي گرامر بابت سمجھاڻي، بنيادي لغت جا 800 لفظ، ڳڻپ، تور ماپ ۽ ڪئلينڊر جا 75 لفظ، 175 قومي لفظ، وڌايل بنيادي لغت جا 450 لفظ (1982 ۾ ڪيل واڌارو) ۽ ڪاروباري لغت جا 750 لفظ شامل آھن ـ

ھن لغت جي تياري انھيءَ وقت شروع ٿي جڏھن مئي 1972 ۾ وفاقي وزارتِ تعليم سنڌي ادبي بورڊ کي لکي موڪليو ته سنڌي ٻوليءَ جي گھڻي ۾ گھڻو ڪم ايندڙ بنيادي لفظن جون ٽي فھرستون تيار ڪرائي ڏنيون وڃن ـ ھڪڙي فھرست اٽڪل 500 لفظن جي بنيادي تعليم لاءِ، ٻي فھرست اٽڪل 1000 کان وڌيڪ لفظن جي ھر خاص گروھه جھڙوڪ ھارين، عورتن (گھرو زالن)، ڪارخانن جي مزدورن وغيره جي ڪاروباري ضرورتن لاءِ ۽ ٽين فھرست اٽڪل ٻين 1000 لفظن جي سماجي، ثقافتي مقصدن لاءِ ھجي ـ

ان وقت جي سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري غلام رباني آگري لغت جي پيش لفظن ۾ لکيو آھي ته 8 جون 1972 تي وازارتِ تعليم ملڪ ۾ عالمي ڪتابي سال ملھائڻ لاءِ مکيه ادارن جي سربراھن ۽ نمائندن جي گڏجاڻي اسلام آباد ۾ ڪوٺائي جنھن ۾ سنڌ مان کيس ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي تڏھوڪي چيئرمن سيد غلام مصطفى شاھه کي سڏيو ويو ھو ـ تڏھوڪي وزيرِ تعليم عبد الحفيظ پيرزادي گڏجاڻيءَ جي صدارت ڪئي جنھن لغت جي ڪتابن ۾ گھڻي دلچسپي ڏيکاري ۽ ان تي تيزيءَ سام ڪم ڪرڻ جي ھدايت ڪئي ڇو ته نئين تعليمي پاليسيءَ ھيٺ اھڙي لغت بالغن جي تعليم لاءِ استعمال ڪرڻي ھئي ـ انھن ھدايتن ھيٺ 14 ۽ 15 جُون 1972 تي سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي آفيس ۾ تعليمي ماھرن جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنھن ۾ پروفيسر سيد غلام مصطفى شاھه، پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر ممتاز علي قاضي، مولانا غلام مصطفى قاسمي، محمد ابراھيم جويو، ڊاڪٽر نور محمد ٽالپر، ڊاڪٽر غلام علي الانه، جمال رند، سيد محمد صالح شاھه بخاري، احمد علي ظھور انصاري، عبدالله شيخ، محمد اسماعيل عرساڻي، شيخ جميل احمد ۽ غلام رباني آگرو شريڪ ٿيا ـ

غلام رباني آگري جي لکڻ موجب انھيءَ قسم جون لغتون (مختلف نوعيت جي لفظن جون فھرستون) سنڌي ٻوليءَ ۾ پھريون ڀيرو تيار ٿيون آھن جنھن سان سنڌي ٻوليءَ جي علمي سرمائي ۾ قابل قدر واڌارو ٿيو ـ

مٿي ڄاڻايل پنج ماھرن لغت جي مھاڳ ۾ لکيو آھي ته دنيا جي سڌريل ٻولين ۾ ھزارين لکين لفظ آھن پر ڪنھن به ماڻھوءَ لاءِ انھن سڀني لفظن کي نه ڄاڻڻ ضروري آھي ۽ نه ئي اھو ممڪن آھي ـ خاص طور ڪنھن ڌاري ٻوليءَ جي سکڻ لاءِ ضروري ڳالھه رڳو ھيءَ آھي ته لفظن جو اھو گھٽ ۾ گھٽ تعداد سکجي جيڪي وڌ ۾ وڌ ڪم ايندا ھجن ـ خود پنھنجي ٻوليءَ ۾ به عام ماڻھو توڙي ڪو اديب ۽ عالم به گھڻي ۾ گھڻا رڳو ڪي ٿورا ئي لفظ ڪم آڻي ٿو ـ سوال اُٿي ٿو ته لکڻ توڙي ڳالھائڻ لاءِ عام ماڻھوءَ کي گھٽ ۾ گھٽ ڪيترن لفظن جي مُوڙي گھرجي ـ انگريزيءَ لاءِ ڄاڻن جو چوڻ آھي ته ان جا پھريان سڀ کان وڌيڪ ڪم ايندڙ 736 لفظ ڪنھن به عام لکيل مواد جو 75 سيڪڙو حصو والارين ٿا ـ يعني انگريزيءَ جي ھر لکيل مواد ۾ جيڪي لفظ ڪم اچن ٿا تن جو ٽي ڀاڱي چار حصو انھن 736 لفظن جو ئي ٿئي ٿو ـ ڳالھائڻ ۾ انھيءَ کان به وڌيڪ عجب جھڙي ڳالھه معلوم ٿئي ٿي ـ ڄاڻن جو چوڻ آھي ته لکڻ ۾ 3000 لفظن کي ڇڏي ۽ ڳالھائڻ ۾ 1000 لفظن کي ڇڏي انگريزيءَ جا لکين لفظ عام لکڻ يا عام ڳالھائڻ ۾ رڳو ڏھين پتيءَ جيترو ڪم ڏين ٿا ـ ماھرن موجب اھا حقيقت رڳو انگريزيءَ سان نه پر گڏيل نموني ھر ٻوليءَ سان لاڳو آھي ـ

سنڌي ٻوليءَ جي انھن پنج ماھرن وڌيڪ لکيو ته دنيا جي سڀني سڌريل ٻولين ۾ انھيءَ نموني ڪتب ايندڙ لفظن جون ڪيتريون ئي فھرستون ۽ لُغتون تيار ٿيل آھن جيڪي ٻارن توڙي بالغن لاءِ درسي ڪتابن توڙي وڌيڪ تعليم لاءِ ڪتابن تيار ڪرڻ ۾ استادن، ليکڪن ۽ تعليمي ڄاڻن لاءِ ڪمائتيون ثابت ٿيون آھن ـ اھڙي ئي مقصد ھيٺ سنڌ ۾ خاص گروھن جھڙوڪ ھارين، عورتن، ڪارخاني جي پورھيتن ۽ ڪاروباري ضرورتن لاءِ ھن قسم جون فھرستون تيار ڪيون ويون آھن ـ

وڌيڪ وضاحت ڪندي پير حسام الدين ۽ ٻين ماھرن لکيو آھي ته انگريزي ٻوليءَ جي بنيادي لُغت ۾ ڪل 850 لفظ ڏنل آھن، جن سان گرامر جي گھٽ ۾ گھٽ ڦير گھير سان، ڳالھه ٻولھه جي وسيلي يا لکت ۾ عام ۽ روزاني حال احوال جي ڏي وٺ جون گھرجون پوريون ٿي سگھن ٿيون ـ بنيادي لفظن جي رٿا ۾ ھڪ نموني جو اندروني لاڳاپو ٿئي ٿو ۽ ان ۾ ڪي ٿورا اھڙا لفظ ٿين ٿا جيڪي غير ضروري يا قاعدي کان ٻاھر ھجن ـ لفظن جي ھن رٿا اندر جيڪڏھن ڪو سلسليوار نصاب تيار ٿئي ته ھرڪو پڙھندڙ يا سکندڙ 30 کان 50 ڪلاڪن تائين ان کي پڙھڻ سان ٻولي سکي سگھي ٿو ۽ ان کي ڪارائتي نموني پنھنجي رواجي گھرجن لاءِ ڪم آڻي سگھي ٿو ـ انگريزيءَ جي لُغت ۾ ھڪ کان پنج لک ٿين ٿا پر روزاني ڪم ۾ ڪنھن جو به، سواءِ ڪن خاص عالمن جي، سٺ ھزار لفظن کان وڌيڪ لفظن سان ڪڏھن ڪو لاڳاپو ڪونه ٿو رھي ـ انھن سٺ ھزار لفظن مان به رڳو 20 ھزار لفظ آھن جيڪي اسڪولي ڪتابن يا ٻين عام ادبي ۽ علمي ڪتابن ۾ وري وري ۽ گھڻي ۾ گھڻا ڪتب اچن ٿا ـ پر انگريزيءَ جي بنيادي لُغت جا 850 لفظ اھڙا ۽ ايئن گڏ ڪيا ويا آھن جو اھي 20 ھزار لفظن جو ڪم ڏئي سگھن ٿا ، ۽ نه رڳو ايترو پر انھن 20 ھزار لفظن مان ڪيترن ئي لفظن جون جيڪي ھڪ کان وڌيڪ يا ٻيون اصطلاحي معنائون نڪري سگھن ٿيون، اُھي پڻ انھن 850 بنيادي لفظن جي مدد سان ڪم آڻي سگھجن ٿيون ـ “بنيادي لُغت سچ پچ ته لفظن جي ڪفايت جي فن جي ھڪ عملي شڪل آھي ۽ سنڌي ٻوليءَ جون ھيءُ ٽي لُغتون (ھڪ ئي ڪتابڙي ۾ شامل) به انھيءَ ڳالھه کي خيال ۾ رکي تيار ڪيون ويون آھن،” ماھر لکن ٿا ـ

مُھاڳ جي پڇاڙيءَ ۾ ماھر لکن ٿا ته سنڌي ٻوليءَ جي ھن بنيادي لغت ۾ اٽڪل ھڪ سئو عام سائنسي لفظ وڌيڪ ملائي ھر علم ۽ فن جھڙوڪ رياضي، ڪيميا، حڪمت، انجنيئري وغيره جا مخصوص اٽڪل پنجاھه پنجاھه ٻيا لفظ کڻي ان ۾ علم ۽ فن بابت پوريءَ طرح ڳالھه ٻولھه ڪري سگھجي ٿي ۽ لکت ۾ ان جو پورو بيان ادا ڪري سگھجي ٿو ـ ساڳيءَ طرح ڪاروباري لغت ۾ آيل خاص گروھن مان يا ٻئي رھجي ويل ھر گروھه لاءِ پڻ وڌ ۾ وڌ پنجاھه پنجاھه لفظ کڻي ان بابت خيالن جي اظھار جون سڀ ضرورتون پوريون ڪري سگھجن ٿيون ـ انگريزي ٻوليءَ جي بنيادي لغتن جي پوري استعمال لاءِ پڻ اھڙي قسم جي گنجائش رکيل آھي ـ

مٿين ماھرن جي ٻڌايل سنڌي ٻوليءَ جي انھن خاصيتن جي ڪري يقين سان چئي سگھجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ کي سمجھڻ، سکڻ، ڳالھائڻ، لکڻ ۽ پڙھڻ ڏکيو نه ٿيندو ـ لغت ۾ ڏنل فھرستن جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿيندو ته انھيءَ ۾ اڻ ڳڻت لفظ اھڙا آھن جيڪي اردو توڙي ملڪ جي ٻين ٻولين ۾ به ساڳيا آھن جيڪي اصل ۾ انگريزي، عربي، فارسي توڙي ھنديءَ مان ورتل آھن ۽ ھاڻ ته ھر ماڻھوءَ جي عام ۽ روزاني استعمال ۾ آھن ـ اھڙن لفظن جو مثال ھن ريت آھي : جبل، جابلو، الله، آباد، آسمان، آفيسر، آواز، اثر، اخبار، ارادو، استاد، انصاف، اولاد، بازار، بُت، برابر، بس، بسم الله، بيماري، ڀروسو، تعليم، تيار، تيل، ٽرڪ، گلاس، پليٽ، ثواب، ثابت، پيار، پھلوان، پيٽ، پيشاب، جادو، جلسو، جنس، چادر، چُست، چمچو، ڇت، حالت، حجم، حد، حرام، حساب، حق، سبق، حڪيم، ڊاڪٽر، انجنيئر، حلال، خاص، خدا، خراب، خط، خوشي، خيال، خير، خبر، دال، درزي، دڪان، دِل، دنيا، دمُ، دوست، دير، ديس، ذات، رات، راشن، روز، زبان، زراعت، زمين، سال، سامان، سرڪار، سوال، جواب، سُست، سيمينٽ، شاباس، شايد، شراب، شرط، شڪل، شوق، شھر، صاف، صبر، صلاح، ضرور، طوفان، عادت، عجب، عرض، عزت، عقل، علاج، عمل، عيب، عينڪ، غريب، غلام، ڪاغذ، فرض، فرياد، فصل، قبر، قوم، ڪاريگر، ڪتاب، ڪرسي، ٽيبل، ڪلام، ڪوٽ، گرمي، سردي، گروي، گوشت، گول، گھر، لالچ، ماستر، مالش، مبارڪ، مُدت، عرصو، مزو، مشھور، مغز، مُلڪ، مھمان، ميدان، ميز، نظر، نسل، نوڪر، ياد، اسپتال، اسڪول، دروازو، ٽيليويزن، ريڊيو ۽ اھڙا ٻيا انيڪ لفظ ـ

اھي بنيادي ۽ ٻين ٻولين منجھه شامل ساڳين لفظن جو مثال ڏيڻ جو مقصد اھو آھي ته سنڌي ٻولي ڏکي ناھي ۽ ٻين ٻولين جا ماڻھو به ان کي سولائيءَ سان سمجھي سگھن ٿا ـ جيڪڏھن سنڌي ٻوليءَ کي مارڪيٽ جي ٻوليءَ طور ترقي وٺرائڻي آھي ته اسان کي ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي لفظن سيکارڻ لاءِ پروگرام شروع ڪرڻا پوندا ـ اھي پروگرام سرڪاري طور خانگي اسڪولن ۾ شام جي وقت بلڪل ايئن شروع ڪرڻ گھرجن جيئن شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي زماني ۾ بالغن جي تعليم لاءِ شروع ڪيا ويا ھئا ـ ساڳئي وقت سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ ھلندڙ ايف ايم ريڊيوز تان به سنڌي ٻولي سيکارڻ جا پروگرام شروع ڪرڻ گھرجن جيئن ڀُٽي صاهب جي زماني ۾ ڪراچي ريڊيو تان شروع ڪيا ويا ھئا ۽ جنھن ۾ محترمه فھميده حسين سنڌي سيکاريندي ھئي ـ اھڙن پروگرامن سان ٻيون ٻوليون ڳالھائيندڙ ماڻھو آسانيءَ سان سنڌي ٻولي سکي سگھندا ـ سرڪاري ادارن ۾ قانون موجب ھر آفيسر کي سنڌي ٻوليءَ جو ڪورس ڪرڻو ھوندو آھي، جنھن تي سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي صوبائي سرڪاري ٻوليءَ واري حيثيت ھجڻ ڪري سرڪاري ادارن ۾ لکپڙھه به سنڌيءَ ۾ ڪئي وڃي ـ انھيءَ سان گڏوگڏ سرڪاري ادارن، تعليمي ادارن، بسن جي اڏن، ريلوي اسٽيشنن، شھرن اندر رستن، گھٽين جي نالن جا بورڊ ۽ ٽرئفڪ ھدايتن وارا بورڊ سنڌيءَ ۾ لکرائي ھنيا وڃن ـ تازو ان ڏس ۾ قاسم آباد ۾ رستن جي نئين سر اڏاوت کانپوءِ ڪن ھنڌن تي ٽرئفڪ ھدايتن جا بورڊ سنڌيءَ ۾ لکيل نظر آيا جنھن مان اندازو ٿيو ته اھو ڪم ڪو ڏکيو ڪونھي پر ان لاءِ صرف ارادي جو ھجڻ لازمي آھي ـ ريلوي اسٽيشنن ۽ ھاءِ ويز تي سنڌ جي شھرن جا اصل نالا اردوءَ ۾ غلط لکيا وڃن ٿا ـ مثال طور نئين سِر ٺھندڙ ڪراچي حيدرآباد ھاءِ وي تي ڪينجھر لفظ غلط ڪري کنجھر لکيو ويو آھي ـ سنڌ حڪومت کي اھڙن غلط نالن جي به درستي ڪرائڻ سان گڏ سنڌيءَ ۾ نالا لکڻ لاءِ نيشنل ھاءِ وي اٿارٽيءَ تي دٻاءُ وجھڻ گھرجي ـ

ھاڻ ڏسڻو آھي ته سنڌي ٻوليءَ کي مارڪيٽ جي ٻولي يعني ڪاروبار ۾ استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ طور ڪيئن مُروج ڪري سگھجي ٿو ـ بلڪل سولائيءَ سان سمجھه ۾ ايندڙ ڳالھه آھي ته واپاري يا ڪاروباري ماڻھو ۽ ڪارخانيدار پنھنجي پراڊڪٽ يا مصنوعات مارڪيٽ ۾ آڻڻ مھل ڏسندو آھي ته سندس گراھڪ يا صارف Consumer ڪير آھي ۽ڪھڙي ٻولي ڳالھائيندڙ ۽ سمجھهندڙ آھي ـ ان ٻوليءَ ۾ سندس مصنوعات جي پئڪنگ تي مصنوعات ۽ ڪمپنيءَ جو نالو ۽ ٻي معلومات ڇپرائي ويندي آھي ۽ ان جي مشھوريءَ لاءِ اخبارن ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اشتھار به ان ٻوليءَ ۾ ھلرايا ويندا آھن ـ مثال طور ڪوريا ۾ انگريزي ۽ ٻي ڪا ٻولي بنھه گھٽ ماڻھن کي سمجھه ۾ ايندي آھي ـ ڪنھن کي سمجھه ۾ اچي به سھي ته به ڪوريا جون ڪمپنيون سندن ھر مصنوعات تي پنھنجي ڪوريائي ٻوليءَ ۾ مواد ڇپرائيندا آھن ـ ساڳيو حال چين، جپان ۽ ڪيترن ئي ٻين ملڪن ۾ آھي ـ اتي ته بنيادي تعليم کان اعلى تعليم توڙي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي تعليم به سندن مقامي ٻوليءَ ۾ ڏني وڃي ٿي ـ بھرحال، ڪوريا جي ڪمپنين کي انگريزي ٻوليءَ جي ضرورت فقط ان وقت پوي ٿي جڏھن سندن واسطو پرڏيھي واپارين ۽ ڪمپنين سان پوي ٿو ـ ان جو مطلب ته مارڪيٽ جي ضرورت مطابق کين اھا ٻولي استعمال ڪرڻي پوي ٿي ـ ان مان ظاھر ٿئي ٿو ته ٻولين جي اقتصادي اھميت آھي ۽ اقتصاديات جي انھيءَ اصول کي سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجھه لاءِ به استعمال ڪري سگھجي ٿو ـ

ان لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ جي اقتصادي اھميت پنھنجي جاءِ تي طئه ٿيل آھي جنھن جا مثال ھن ڪتاب جي پھرين حصن ۾ انگريزن جي زماني جي حوالي سان به ڏنل آھن پر تازو مثال خود پاڪستاني ڪمپنين جو آھي جن سنڌ جي ڪروڙين سنڌي گراھڪن ۽ صارفين جي پيشِ نظر سنڌي اخبارن ۽ ٽي وي چئنلن تي سنڌيءَ ۾ اشتھار ڏيڻ شروع ڪيا آھن ـ اڳي اھي اشتھار رُڳو اردوءَ ۾ ڏنا ويندا ھئا ـ ٻيو مثال حيدرآباد جي قاسم آباد علائقي جو آھي جتي سنڌي آباديءَ جي اڪثريت جي ڪري وڏي تعداد ۾ دڪانن تي سنڌيءَ ۾ لکيل بورڊ نظر ايندا ـ لاڙڪاڻي جي ھڪ وڏي مٺائيءَ ۽ بيڪريءَ جي مالڪ ته پلاسٽڪ جا شاپر ئي سنڌيءَ ۾ ڇپرايا آھن ـ چانھه جي پتيءَ واري ھڪ ڪمپنيءَ به سندن مصنوعات جي پيڪنگ تي سنڌيءَ ۾ پتي ۽ ڪمپنيءَ جو نالو ڇپرايو آھي ـ اھڙا ڪي ٻيا مثال به موجود آھن ۽ اھو سڀ سنڌي ٻوليءَ جي اقتصادي اھميت جي ڪري آھي ۽ ڪنھن به ٻوليءَ جي اقتصادي اھميت اھا ٻولي ڳالھائيندڙن جي ڪري ئي پيدا ٿيندي آھي ـ ايئن ئي جيڪڏھن سموري سنڌ ۾ سنڌي ڪاروباري ماڻھو پنھنجي دڪانن، پنھنجي ڪاروبار ۽ مصنوعات تي سنڌيءَ ۾ نالا ۽ ٻيو مواد ڇپرائين ته سنڌي ٻولي وڏي تيزيءَ سان مارڪيٽ جي ٻوليءَ طور اُڀري سگھي ٿي ـ سنڌي ماڻھو رڳو دڪاندار نه آھن پر ھر شعبي ۾ اھي موجود آھن جھڙوڪ درزي، ڌوٻي، ڪار مڪينڪ، پلمر(پلمبر)، اليڪٽريشن، ڪمپيوٽر سافٽ ويئر ۽ ھارڊ ويئر مڪينڪ ۽ زندگيءَ جا اھڙا ٻيا کوڙ شعبا ـ صنعتن ۾ بيشڪ سنڌي ماڻھو پٺتي آھي پر سنڌ جي مختلف شھرن ۾، کنڊ، ڪپھه ٽاڻڻ ۽ برف جي ڪارخانن جا مالڪ سنڌي ئي آھن ـ

ٻولي ۽ اقتصاديات جي تعلق بابت بحث اتي ختم نٿو ٿئي ـ ڪنھن به ھڪ مصنوعات کي مثال طور وٺجي ـ فرض ڪريو ته اسان گارمينٽ جي دڪان تان ھڪ شرٽ خريد ڪريون ٿا ـ ظاھر ۾ ته اسان فقظ ھڪ شرٽ يا قميض خريد ڪئي پر ان ھڪ شئي جي تياريءَ جي عمل جو ھڪ ڊگھو سلسلو آھي ۽ ان ۾ تمام گھڻن ماڻھن ۽ شعبن جو ڪردار آھي ـ اھا شرٽ ڪنھن ھڪ ماڻھوءَ پنھنجي ھٿ سان ڪانه ٺاھي ھوندي ـ اھڙو تصور پراڻي زماني جو ٿي سگھي ٿو پر جديد دور ۾ اھو ممڪن ڪونھي ـ گارمينٽ جي دڪاندار گارمينٽ مينوفيڪچرر کان اھي شرٽون خريد ڪيون ھونديون ۽ مينوفيڪچرر وري شرٽون ٺاھڻ لاءِ ڪپڙو، ڌاڳا، بٽڻ، سبڻ جون مشينون ۽ ٻيو سامان واسطيدار ڪارخانن تان سڌو سنئون يا ٻڌي جي واپارين کان خريد ڪيو ھوندو ـ گارمينٽ فيڪٽريءَ ۾ پڪ سان ھڪ کان وڌيڪ درزي ۽ ٻيا ڪاريگر ڪِرت سان لڳل ھوندا ـ ڪپڙي جي ڪارخانيدارن (ٽيڪسٽائل مِل مالڪن) ڪپڙو ٺاھڻ لاءِ ڪپھه خريد ڪئي ھوندي جيڪا کين ڪاٽن جننگ (ڪپھه ٽاڻڻ) فيڪٽرين وٽان ملي ھوندي ـ ڪپڙو رنڱڻ لاءِ کين رنگ ۽ ٻيو مال وٺڻو پيو ھوندو ۽ بٽڻ، سُئي سَڳي ۽ رنگ سميت ھر ڪتب آيل شئي جا الڳ ڪارخانا ھوندا جن کان مال خريد ڪيو ويو ھوندو ـ انھن ڪارخانن جي مشينري ٺاھڻ جا وري الڳ ڪارخانا ۽ مشينريءَ لاءِ ڌاتُو ٺاھيندڙ اسٽيل ملز به الڳ ھونديون ـ  جيڪڏھن اُوني ڪپڙا ھوندا ته به خام اُن کان وٺي ڪپڙن جي تياريءَ تائين اھو ئي اقتصادي چرخو رھندوـ ايئن زرعي شعبي جي خام مال خريدڻ کان وٺي صنعتي شعبي تائين اڻ ڳڻت مرحلن مان لنگھڻ کانپوءِ وڃي شرٽ يا ٻيون شيون ٺھن ٿيون ـ اھو سمورو عمل زندگيءَ جي ٻين ضرورتن وارين مصنوعات سان به لاڳو ٿئي ٿو ۽ ان ۾ مال برداري يعني خام مال جي خريداريءَ کان ويندي تيار مال جي مارڪيٽ ۾ پھچڻ تائين ٽرانسپورٽ جو اھم ڪردار ٿئي ٿو ـ ڏسڻو اھو آھي ته ان سموري عمل ۾ سنڌي ماڻھو ۽ سنڌي ٻولي ڪٿي بيٺل آھن ـ انھيءَ سموري تاڃي پيٽي ۾ جتي به ڪو سنڌي ھوندو، اھو جيڪڏھن چاھي ته سنڌي ٻوليءَ کي مارڪيٽ جي ٻوليءَ طور مُروج ڪري ان کي سگھارو بنائي سگھي ٿو ـ اھو ھيئن ته سنڌي قوم اقتصاديات جي شعبي ۾ اڳتي وڌي پاڻ کي ھڪ اقتصادي قوت طور مڃائي ۽ جڏھن اھا سگھاري اقتصادي قوت جي حيثيت ماڻيندي ته سنڌي ٻوليءَ جي اھميت به وڌي ويندي ۽ ٻيون ٻوليون ڳالھائيندڙ سنڌي ڪارخانيدارن، واپارين ۽ ٻين شعبن جا ماڻھن سان پاڻ سنڌيءَ ۾ ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ سنڌي سکندا جيئن اڄڪلھه چين جي اقتصادي سگھ جي ڪري پاڪستان ۾ چيني ٻولي سکڻ تي زور آھي ـ ايئن ئي  زرعي شعبي ۾ ڪپھه، ڪڻڪ، ڪمند، کنڊ، ڀاڄين، مَيوَن ۽ ٻين انيڪ شين جا آبادگار ساڻن ڪاروباري رابطا رکندڙ ماڻھن سان سنڌيءَ ۾ ڳالھائن، پنھنجي لکپڙھه ۽ حساب ڪتاب سنڌيءَ ۾ ڪن ته وڏو فرق اچي سگھي ٿو ـ سندن اُپت جي پيڪنگ وارين ٻورين توڙي کوکن تي سنڌيءَ ۾ نالا لکرايا وڃن ـ ظاھر ۾ اھو ڪم فرضي، تصوراتي ۽ ناممڪن لڳي ٿو پر ھڪ ڀيرو جيڪڏھن اسان جا زميندار، ڪارخانيدار، دڪاندار، ڪاروباري، ڪاريگر وغيره ان تي عمل شروع ڪندا ته وڏو فرق اچي ويندو ـ

مٿي گارمينٽ (تيار ٿيل ڪپڙن) جو ذڪر ٿيو ـ سنڌ جي ھر وڏي شھر ۾ ڪيترن ئي سنڌين جا اھڙا وڏا دُڪان آھن ـ انھن کانسواءِ ٻيون ٻوليون ڳالھائيندڙ ته سمورن ڪاروبارن تي ڇانيل آھن، پر تڏھن به ھر ننڍي وڏي شھر ۾ پاڙن اندڙ توڙي ڪمرشل علائقن ۾ انفرادي درزين جا موجود آھن ۽ سنڌي درزين جو به انھن ۾ گھڻو تعداد آھي ـ انھيءَ جو ڪارڻ ھيءُ آھي ته ھر ماڻھو مرد توڙي عورت کي دڪانن تان تيار ٿيل ڪپڙا نه ٿا وڻن يا پورا نٿا پون تنھنڪري اھي پنھنجي پسند جو ڪپڙو وٺي پنھنجي اصل ماپ مطابق وڳا سبرائن ٿا ـ اھي درزي ھر وڳي تي، خاص طور مردن جي وڳن تي پنھنجي دڪان جو ٽئگ ھڻندا آھن ـ اھي ٽئگ سنڌيءَ ۾ ٺھي سگھن ٿا جيئن ڪراچيءَ ۾ مھراڻ ٽيلرز جي نالي سان ھڪ درزي ڪندو آھي ـ                        

______________   

نصير اعجاز سينئر صحافي آھي ۽ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو. مٿئين موضوع تي سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ مان سندس ھڪ ڪتاب شائع ٿيل آھي  

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

  1. سنڌ ي ٻوليءَ جي ماهرن 1972 ۾ شاندار ڪاروباري ڊڪشنري حڪومت جي سهڪار سان تيار ٿي رباني صاحب ان جو مهاڳ لکي ماهرن کي جي ساراهه ڪئي آخر ۾ اها بهترين ڪاروباري ڊڪشنري ٽن ڊڪشنرين سان گڏ ڇپايو. هن تاريخي ڪارنامي تي محترم Nasir Aijaz بھترين مقالو تبصري ۽ تجزين سميت لکي ڇپايو آهي جس لهڻي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button