چين ۾ مصر جي ھڪ شھريءَ سان ڪچھري ۽ پنھنجي بدعنوان حڪمرانن جون ڳالھيون
رڍون مڙيئي ڪارٻو ٿيون. عمران هجي يا نواز شريف ۽ زرداري سڀني کي اقتدار ۾ آڻڻ ۽ ڪڍڻ واري ملٽري آهي ۽ عوام جي مسئلن سان ڪنھن کي به دلچسپي ڪونهي.
مصري ھمراھ چيو: مصر ۾ بہ حڪمران ڪرپٽ آهن. اهي سڀ ملٽري مان آيا آهن ۽ انهن جي به بس ميڙ ميڙان آھي
چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان
يوسف سنڌي
ٽيھين نومبر 2024: رات ذائقه ريسٽورينٽ تي هڪ مصري مليو. ذائقه هوٽل جي گراهڪن ۾ چينين سان گڏ فارينرس به آهن، خاص ڪري انڊين، افغاني، ڪشميري، تاجڪستاني ۽ يمني مون کي نظر ايندا آهن. شاگردن لاءِ ماهوار ميس ۽ سٺي رعايت سبب شاگرد به ايندا آهن.
مصري سان تعارف ٿيو. هڪدم پڇيائين، ”پاڪستان ۾ عمران خان سُٺو حڪمران هو.“

وراڻيومانس رڍون مڙيئي ڪارٻو ٿيون. عمران هجي يا نواز شريف ۽ زرداري سڀني کي اقتدار ۾ آڻڻ ۽ ڪڍڻ واري ملٽري آهي ۽ عوام جي مسئلن سان ڪنھن کي به دلچسپي ڪونهي. منھنجي نظر ۾ عمران خان هڪ بي وقوف حڪمران هو. نواز ۽ زرداري ڪرپٽ ترين. عمران جي ذهنيت فاشسٽ آهي. جنھن تي چيائين، ”مصر ۾ بہ حڪمران ڪرپٽ آهن. اهي سڀ ملٽري مان آيا آهن ۽ انهن جي به بس ميڙ ميڙان،“ پنھنجن کيسن ڏانھن اشارو ڪندي چيائين ته کلندي چيومانس ته، ”شڪر ڪر ته مصري حڪمران رڳو کيسا ٿا ڀرين پر اسان جا حڪمران ته پئسن جا جھاز ڀريو دبئي ۽ لنڊن کنيو وڃن.“ جنھن تي ڏاڍو کليو، پوءِ چيائين، ”ضياءَ الحق ته ڏاڍو سٺو حڪمران هو، جنھن پاڪستان کي وڏي ترقي وٺرائي.“
”پاڪستان ۾ سڀني بُراين جي پاڙ جنرل ضياءَ الحق جي حڪمراني ۾ هئي. ضياءَ الحق ته اسلام کي پنھنجي حڪمراني لاءِ استعمال ڪيو ۽ غير ضروري طور تي پنھنجي حڪمرانيءَ کي ڊيگهه ڏيارڻ لاءِ وڃي آمريڪا جي ڪڇ ۾ ويٺو.“
”لعنت الله…. ضياءَ الحق اسلام کي به استعمال ڪيو توبه….“چيائين، پوءِ پڇيومانس،”مصر جي خبر ڏي. ڇا پيو ٿئي.“ جنھن تي چيائين، ”جنرل عبدالفتاح السيسي ڪنڌ تي چڙهيو ويٺو آهي، سو ڪنھن چڱائيءَ جي اميد ڪونهي.“
همراهه ساٺيڪو کن سالن جو هو، سندس زال ۽ هڪ چيني دوست به گڏ هئس، ڪچھري ڪندي ماني لڳي ته آءٌ اٿيس، جنھن تي زور ڀريائين ته ويھه ته گڏجي کائون، پر مون سندس مھرباني مڃي ۽ اُٿي اچي پنھنجي مخصوص ٽيبل تي ويٺس. ماني کائي دنگ ڪيائين ته وڃڻ مھل موڪلائڻ آيو ۽ نيڪ تمنائن جو اظھار ڪيائين. مون کي کانئس نالو پُڇڻ وسري ويو. پر سندس ڳالهين مان محسوس ٿيو ته جنرل السيسي جي حڪمرانيءَ جو مخالف ۽ ڪنھن حد تائين ’اخوان السلمون‘ جو حمايتي ٿي لڳو. جو پنھنجي ڳالهين ۾ بار بار ”مسلم امه“ جي زوال ۽ اسلامي ملڪن جي نااهل ۽ ڊڪٽيٽر حڪمرانن جو ذڪر ٿي ڪيائين.

*
وشال مون کي ڄڻ جياري ڇڏيو آهي. سُٺا شوز، سُٺيون شرٽون، سٺيون پينٽون، سٺا پرفيومز. منھنجي سڄي زندگي سادگي ۾ گذري آهي. نه ڪڏهن سٺي ڪپڙي لٽي جي نه بوٽن ۽ سئنڊلن جي. نه ٻي ڪنھن شئي ڏانھن ڌيان ۽ خيال. بس جيڪو آيو، سو اگهيو. هتي آيس ته وشال هڪڙو فرسٽ ڪلاس بوٽ ڏنو، جيڪو بي حد نرم ۽ سٺو آهي. پوءِ جيڪٽ، جوراب، شرٽون وغيره. سو صفا من ٿي ويو آهيان، ڪالهه وشال جي الماڙي ۾ هڪ سوئيٽر ڏٺم، وشال کي چيم، ”يار واهه جو آهي.“ ته هڪدم کڻي مون کي ڏنائين ۽ نه نه ڪيم، پر همراهه اصل نه مڙيو. ۽ اڄ اهو پايو پيو هلان. موسم ٿڌي ٿي ويئي آهي ۽ سوئيٽر گرم آهي. واهه وشال زندهه باد!.
مريم جو روز صبح جو هڪ فوٽو ڪڍندو آهيان، فوٽو ڪڍڻ لاءِ فون سامھون ڪندو آهيان ته آڱر مٿي کڻندي آهي ۽ پوءِ سڌي مون وٽ هلي ايندي آهي ۽ ڳالهه ڳالهه تي چوندي آهي، ”شي شا…“ سندس اهو آواز ٻڌي گد گد پيو ٿيندو آهيان ۽ چوندو آهيانس ”هيلو بيوٽي فل چائينز سنڌي بي بي.“ جنھن تي ماڻهنس کلندي آهي ۽ چوندي آهي. ”ابو ماليا هاف چائينز هاف پاڪستاني.“ آءٌ وري چوندو آهيانس، ”چونگو، پاتيا، ڦنگيو.“ (يعني چين پاڪستان دوستي). جنھن تي کلندي آهي. وشال جي وني کشين به وشال وانگر ئي اسان جو وڏو خيال رکندي آهي. ٻاهران ايندي آهي ته سنڌيءَ ۾ پُڇندي آهي. ”ابو، امي، ماني کاڌي.“ سنڌيءَ جو هڪ اهو ئي جملو ياد اٿس. باقي چيني انگريزي ۽ اشارن جي زبان ۾ ڪم پيا هلائيندا آهيون. جواب ۾ آءٌ چوندو آهيانس ”پائو لا…“ يعني مون کي ڍوءَ ٿيو پيو آهي. جڏهن به ٻاهران ايندي آهي ته ڪيڪ، پيسٽريون ۽ الائي ڪھڙيون ڪھڙيون مٺايون وٺي ايندي آهي ۽ زور ڀريندي آهي ته ”ابو، امي، کائو.“ هاڻ اسان ڪيترو کائي ڪيترو کائون… هاڻ ته کشين ۽ مريم سان ايتري ته اُنسيت ٿي ويئي اٿئون، جو کانئن جدا ٿيندي دل ڏکي ٿي. پر ڇا ڪجي، سدائين ته هتي رهڻو ڪونهي.
اڄ فيس بوڪ تي جمن سوهي منھنجي ڪتاب ”اڄ نه پَسان سي“ تي ڏاڍو سٺو تبصرو لکيو آهي، جيڪو مون به شيئر ڪيو. رئوف نظاماڻيءَ به ڪجهه هفتا اڳ ساڳئي ڪتاب تي فيس بوڪ تي تبصرو لکي شيئر ڪيو هو، جيڪو روزاني ’سنڌ ايڪسپريس‘ ۾ پڻ ڇپيو. اهي ٻئي مضمون اصغر گُگو پاران مون تي ترتيب ڏنل ڪتاب ۾ شامل ڪندس.
اڄ طبيعت ۾ ٿورو مايوسي ۽ ٿڪاوٽ رهي. گهر اچي ڪتاب ”چيني ادب“ کولي پڙهيم. جيڪو اسلام آباد مان ورتو هئم. ڪتاب جي هن شعر گهڻو متاثر ڪيو، جيڪو هڪ پراڻي چيني شاعر ”چوان چي (263-210)“ جو آهي.
ماڻهو چون ٿا
زندگي ڏکي آهي،
پر آءٌ ته پنھنجا ڏينھن گذاري سگهان ٿو،
آزاديءَ سان گهمندي ڦرندي
منھنجي سامھون اڱڻ ۾
انهن گلن سان جنجهيل وڻن جي وچ ۾،
۽ انهيءَ نرم ۽ ملائم ڇانوَ ۾
منھنجا خيال عدم ڏانھن وڃي ٿا نڪرن
پر اُتي هوريان هوريان هلندي
دوستن ۽ مائٽن جا چھرا اُڀرن ٿا
۽ پوءِ چؤڏس اونداهي
سو دل جو غبار ڪڍان ٿو
لفظن ۾
انهن لفظن مان مجسم ڪريان ٿو
پنھنجي مايوسيءَ کي
۽ پوءِ هي شعر
اوڀر ڏانھن اُڏندڙ پکين جي هٿان
روانو ڪري ٿو ڇڏيان.
_________________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. اڄڪلھ چين ۾ آھي