Editor's pickMain Slideتعليمڏکڻ ايشيا

سنڌ جو تعليم کاتو ڪرپشن جو ڳڙھ: ناقص نظام کان نوڪرين جي وڪري تائين سفر

ھڪ پاسي تعليمي پاليسيون ناڪام وڃن پيون، ٻئي پاسي وري حڪمرانن جي جيالن ۽ آفيسرن پڻ تعليمي نظام کي ناڪام ڪرڻ ۾ وسان نه گھٽايو آهي

جيالا پنهنجي پنهنجي حڪومتي دور ۾ پنهنجا جوهر ۽ ڦڙتيون ڏيکاريندي تعليم کاتي ۾ نوڪرين جي بازار لڳائين ٿا. ڪامورا به ڏسن ٿا ته جيالا ايئن پيا ڪن ته پوءِ اسان ڇو گھٽ ڪريون

پروفيسر مدد علي جھتيال

 جڏهن کان پاڪستان وجود ۾ آيو آهي، تڏهن کان تعليم کاتي ۾ تجربا شروع ٿيا آهن، جيڪي اڄ تائين جاري آهن، سمجھ ۾ نٿو اچي اهي تجربا ڪڏهن ختم ٿيندا، پريشاني جي ڳالھ هيءَ آهي ته ملڪ ٺھڻ کان وٺي جيڪي تعليمي پاليسيون ۽ پلان جوڙيا ويا، انهن تي به مڪمل عملدرآمد اڄ ڏينهن تائين نه ٿي سگهيو آهي. صرف دنيا جي ٻين ملڪن ۽ پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي ڏيکاريو ويو ته اسان جو ملڪ تعليمي ميدان ۾ دنيا جي ٻين ملڪن برابر هلي رهيو آهي، پر جڏهن ٻين ملڪن جا تعليمي انگ اکر ظاهر ٿيا ته پاڪستان جي تعليمي نظام جي پت وائکي ٿي وڃي ٿي. تازو يو اين او جي طرفان پاڪستان جي تعليم جي حوالي سان خبر آئي آهي ته پاڪستان دنيا جي ڀيٽ ۾ تعليم ۾ 60 سال پوئتي آهي. هاڻي اوهان کي ٻڌايان ٿو ته تعليم جي حوالي سان ڪهڙا ڪهڙا پلان ۽ پاليسيو جوڙيون ويون.

پاڪستان جي پهرين پنج سالا ترقياتي رٿا 1955ع کان 1960ع ۾ اهو شامل ڪيو ويو هو ته پرائمري اسڪولن ۾ 10 لک ۽ سيڪنڊري اسڪولن ۾ ڏيڍ لک نون ٻارن جي تعليم ۾ واڌ ڪئي ويندي، پر عملي طرح ائين نه ڪيو ويو، صرف فائيلن جو پيٽ ڀريو ويو. پاڪستان جي پهرين مارشل لا (7 آڪٽوبر 1958ع جي سربراهه جنرل محمد ايوب خان پنهنجي شروعاتي دور حڪومت ۾ ملڪ ۾ ڪيترائي سُڌارا آندا، جنهن ۾ تعليم جو شعبو پڻ شامل هو، جنهن لاءِ ايس ايم شريف جي سربراهي ۾ 30 ڊسمبر 1958ع تي هڪ تعليمي ڪاميٽي جوڙي وئي، جنهن پنهنجي رپورٽ 26 آگسٽ 1959ع تي جمع ڪرائي، جنهن ۾ ڪيترن ئي سُڌارن جو چيو ويو پر ان تي به عملدرآمد نه ڪيو ويو. جنرل ايوب خان جي حڪومت کانپوءِ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت 15 مارچ 1972ع تي تعليمي سڌارا ملڪ ۾ نافذ ڪيا جنهن جي پڻ  ڪا خاص رزلٽ نه اچي سگھي. ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت کان پوءِ جنرل ضياءَ الحق جي دور ۾ وزيراعظم محمد خان جوڻيجي 31 ڊسمبر 1985ع تي پنج نقاطي پروگرام شروع ڪيو، جنهن ھيٺ تعليم جي ترقي ۽ سڌاري لاءِ نئين روشني اسڪول قائم ڪيا ، جنهن ۾ ننڍن ٻارن، پڪن ۽ پوڙهن داخلائون وٺڻ شروع ڪيون، ماڻهن ۾ هڪ نئون جذبو مَس پيدا ٿيو ته محمد خان جوڻيجي جي وزارت اعظمي ختم ڪئي وئي ته نئين روشني اسڪول به پنهنجي پُڄاڻيءَ تي پهتا. محمد خان جوڻيجي جي دور حڪومت کانپوءِ ملڪ ۾ ڪيتريون ئي حڪومتون آيون ۽ ويون پر تعليمي نظام ۽ تعليمي پاليسين تي ڪو خاص ڌيان نه ڏنو ويو، اسان جي ملڪ ۾ وڏو الميو هي رهيو آهي ته هڪ حڪومت ويندي آهي ته ٻي حڪومت پوئين حڪومتن جي پاليسين کي ختم ڪري وري پنهنجون نيون پاليسيون ٺاهيندي آهي. دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ايئن نه ٿيندو آهي جيئن پاڪستان ۾ ٿي رهيو آهي.

ھڪ پاسي تعليمي پاليسيون ناڪام وڃن پيون، ٻئي پاسي وري حڪمرانن جي جيالن ۽ آفيسرن پڻ تعليمي نظام کي ناڪام ڪرڻ ۾ وسان نه گھٽايو آهي. ٿئي ايئن ٿو ته جيالا پنهنجي پنهنجي حڪومتي دور ۾ پنهنجا جوهر ۽ ڦڙتيون ڏيکاريندي تعليم کاتي ۾ نوڪرين جي بازار لڳائين ٿا، وزيرن ۽ مشيرن جي معرفت گريڊ جي لحاظ سان لسٽون ٺاهين ٿا، پٽيوالي کان ويندي 16هين گريڊ تائين نوڪري جو ريٽ ٽن لکن کان ڇهن، ڏهن، ٻارهن لکن تائين وڃي پهچائين ٿا، جنهن کي الله ڏنو آهي، اهو بازار ۾ خريداري ڪرڻ هليو اچي ٿو، جنهن وٽ ڪجھ نه آهي اهي وڃي وڏيرن جا پير جهلين يا آسرن ۾ پنهنجون عمريون وڃائين.

اهڙي طرح ڪامورا به ڏسن ٿا ته جيالا ائين پيا ڪن ته پوءِ اسان ڇو گھٽ ڪريون، هنن صاحبن جي چٺي گھرجي، خانه پوري ڪرڻ اسان جي کاٻي هٿ جو ڪم آهي، هڪ نوڪري جي جاءِ تي 20 نوڪرين جا آرڊر نڪري ويندا، ريٽ ساڳيو هوندو، پر فرق اهو هوندو ته رڪارڊ ۾ تاريخ گذريل وقت جي هوندي، نوڪري ڪٿي به نه ڪري پگهار گهر ويٺي ملندي رهندي، جيترو وقت به وڏي سرڪار جو دور هليو ته پگهار کڻندو، پر جي دور ڦريو ته همراهه پنهنجي ڳوٺ ويٺو هوندو، پراڻي لسٽ ڊهي ويندي، رڪارڊ غائب هوندو، وري ٻين جو وارو ايندو. اهڙي طرح ڪامورن لاءِ ملڪ جي سياست هميشه فائديمند رهندي آهي، پر نقصان تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن ڪو به مسڪين بدليل دور ۾ دانهون ڪوڪون ڪندو ۽ ڪورٽن ۾ ويندو، ڪامورن جا ميڙاڪا هوندا، قسم کائڻ ۽ چٺين ڏيکارڻ جو وڏو فائيل ساڻن گڏ هوندو. اهڙي طرح جيڪي ملازم گهر ويٺي پگهار وٺڻ جا هيراڪ هوندا، اهي به پنهنجي مددگار وڏيرن، جاگيردارن، رٽائر ۽ حاضر سروس ڪامورن وٽ فريادي هوندا، ڪي وري ڦرندڙ دور جي وڏن تائين به رسائي حاصل ڪري وٺندا ۽ سلسلو جيئن جو تيئن پيو هلندو. حڪومت جا ڪروڙين روپيه جيڪي تعليم تي خرچ ٿين ٿا، ان لاءِ ڪنهن به ڪاموري توڙي سياسي ڌر جي ذميواري نه هوندي، ڇو ته ٻئي ڌريون هڪجهڙيون ڏوهاري هونديون آهن، ڪوبه ڪنهن جي خلاف ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هوندو.

ايئن به ڏٺو ويو آهي ته رئيس، وڏيرا، حڪومت وقت کان پنهنجي پنهنجي ڳوٺ لاءِ اسڪول تعمير ڪرائڻ جو چوندا آهن، ٻئي طرف چوندا آهن ته استاد به اسان جي مرضي جو هجي، پٽيوالو، چوڪيدار به اسان جا نوڪر چاڪر هجن، ان سان گڏوگڏ ڳوٺ جو اسڪول اوطاق يا مال جي واڙي لاءِ پڻ ڪم اچي، نتيجي ۾ معصوم نياڻيون ۽ ڇوڪرا دربدر ۽ تعليم جو نالو نشان نه هوندو، جي اتفاق سان ڪٿي استاد ڊيوٽين تي هوندا ته اتي هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪندا جو وڏيري ۽ رئيس جو ٻار اسڪول جو مالڪ هوندو، ڪير به نه پڇندو. امتحان ويجها ايندا ۽ استاد به حاضر هوندا، ڪيڏي مهل سپروائيزر جي دعوت ته ڪيڏي مهل ايس ڊي او صاحب جي دعوت هوندي، سال به پورو تعليم به پوري، امتحان ٿي ويو، ڇيلو چٽ، ان سان گڏ ٻه ٽي ڪڪڙيون به چٽ، صاحب جي گاڏي جي تيل جي رقم به ڊرائيور کي ڏني ويندي.

تعليم جي ترقي ۽ ان ۾ اڳ ڀرو ٿيڻ لاءِ پاڪستان جي آئين ۽ انساني حقن جي عالمي پڌرنامي 10 ڊسمبر 1948ع قلم 25 ۾ لکيل آهي ته هر ماڻهوءَ کي تعليم حاصل ڪرڻ جو حق آهي، کيس تعليم مفت فراهم ڪئي ويندي. ڌنڌي واري تعليم عام مهيا ڪئي ويندي ۽ اعلي تعليم پڻ هوشياري، لياقت ۽ خوبيءَ جي بنيادي تي ڏني ويندي، پر اسان جي ملڪ ۾ تعليم صرف ڪمائي جو ذريعو ٿي وئي آهي.

______________

Madad Ali Jhatial-TheAsiaN

مدد علي جھتيال سنڌ جي تعليم کاتي ۾ پروفيسر آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button