Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سنڌ جو عظيم ڏاهو محمد ابراهيم جويو: اُستادن جو اُستاد

محمد ابراهيم جويو جو فڪرعالمي انسانيت، علم، ۽ انصاف تي ٻڌل هو. هو مذهبي تعصب، جاگيرداري، قومپرستيءَ جي منفي رخ ۽ استحصال جي سخت مخالفت ڪندو هو

مُشتاق ٽانوري

محمد ابراهيم جويو اهڙو مَھان انسان ۽ استادن جو استاد ھو جنھن پنهنجي سڄي ڄمار سنڌ،  سنڌي ٻولي، تعليم ، ادب ، فڪر ۽ قومي سجاڳيءَ جي خدمت لاءِ وقف ڪئي. هو نه صرف هڪ وڏو ليکڪ ۽ محقق هو، پر هڪ فڪري اڳواڻ، سوشلسٽ مفڪر ۽ روشن خيال استاد به هيو. سندس فڪر جو مرڪز انساني آزادي، سماجي برابري ۽ علم جي روشني هو.

محمد ابراهيم جويو 13 آگسٽ 1915ع تي لڪيءَ ويجهو ڳوٺ آباد، ضلعي ڄامشوري (اڳوڻو ضلعو دادو) ۾ هڪ هاري محمد خان جويو جي گھر ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ۽ پوءِ ڪراچيءَ ۾ تعليم حاصل ڪيائين. تعليم دوران ئي هن جو لاڳاپو ترقي پسند فڪر، سوشلسٽ تحريڪ ۽ علمي جدوجهد سان ٿيو. محمد ابراهيم جويو پنهنجي ادبيءَ زندگي جو آغاز ليکڪ ۽ مترجم طور ڪيو. هن ڪيترائي علمي، ادبي ۽ فڪري ڪتاب لکيا ۽ ترجما ڪيا، جن مان ڪيترائي سنڌي فڪر ۽ ادب جا اهم دستاويز بڻيا. سندس ڪم جو مرڪزسنڌي ٻوليءَ جي واڌاري، تعليم جي بهتري، ۽ سماجي انصاف جي تبليغ رهيو.

محمد ابراهيم جويي زندگيءَ جو پهريون سنڌي مضمون ”پڃري جا پکي“ 14 سالن جي عمر ۾ لکيو، سندس انگريزي ۾ پهريون مضمون  ” ڊيموڪريسي ان اسڪول ايڊمنسٽريشن“ سال 1946ع ۾ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ جي مئگزين ’ڪرانيڪل‘ ۾ ڇپيو. 1947ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ پڙهائڻ دؤران هن هڪ ڪتاب  ”سيو سنڌ، سيو ڪانٽيننٽ“ لکيو، جنهن جي ڏوهه ۾ سنڌ مدرسي بورڊ جي صدر ۽ تڏهوڪي وزير تعليم سندس ملازمت ختم ڪرڻ جو حڪمنامو جاري ڪيو.  ”سيو سنڌ، سيو ڪانٽيننٽ“ محمد ابراهيم جويو جو انگريزي ۾ لکيل هڪ شاهڪار هو، جنهن ۾ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي مسئلن تي روشني وڌل آهي. ان ڪتاب جو سنڌي ترجمو” سنڌ بچايو، ننڍو کنڊ بچايو“ جي نالي سان ڇپيل آهي.

هن دنيا جي ڪلاسيڪي ادب مان افلاطون، ارسطو، روسو، مارڪس، اينگلز ۽ ٻين فلسفين جا خيال سنڌيءَ ۾ منتقل ڪيا ته جيئن عام ماڻهو فڪر ۽ شعور تائين پهچي سگهي ۽ سنڌي ماڻهن جي فڪري غربت جو خاتموٿئي. هن سنڌ جي ٽن پيڙهين جي ذهني تربيت ڪئي. جويي کي سنڌ ۾ ”مهاڳ نويسيءَ“ جي فن جو استاد ليکيو وڃي ٿو، هُن سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز جي ڪتابن جا مهاڳ لکيا.

1954ع ۾”هاءِ پاور ڪميٽيءَ“کي”سنڌي ادبي بورڊ“جي نالي سان نئين سر تشڪيل ڏنو ويو جتي 1961ع تائين سيڪريٽريءَ طور جانفشانيءَ سان ڪم ڪيائين. ان دوران جويو 56- 1955 ۾ ٻه سال بورڊ جي ٽماهي ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر به رهيو، جنهن دوران هُن جديد ادب جي وڏي سرپرستي ڪئي. ”مهراڻ“ جو اهو دؤر يادگار ليکيو وڃي ٿو. 971 1ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو ميمبر ٿيو. هن ڪيترائي نصابي ڪتاب به لکيا.

ابراهيم جويي جو سنڌي ادبي سنگت سان به ابتدا کان وٺي واسطو رهيو ۽ 56-1954 واري دؤر ۾ سنڌي ادب ۽ ادبي سنگت جي ”نئين جاڳرتا“ جو اهم اڳواڻ رهيو. 1973 ع ڌاري هُن ڪجهه سڄاڻ اديبن سان گڏجي ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ نالي اداري جو بنياد وڌو، پاڻ ان جو صدر ٿيو ۽ ان ئي پليٽ فارم تان چاليهه کن ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيائين. 1973ع ۾ ”سنڌ فرينڊس سرڪل“ قائم ڪري، ان طرفان 20 ڪتاب شايع ڪرايائين. سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ جو 1982ع کان وائيس پريزيڊنٽ رهيو. محمد ابراهيم جويو  1997ع کان 2002ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمئن رهيو. جڏهن 1998ع ۾ شيخ اياز فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آيو ته کيس ان جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. فائونڊيشن طرفان هن وقت تائين ڇهه ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه پاڻ شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي صلاحڪار بورڊ جو به 2000ع کان ميمبر رهيو.

محمد ابراهيم جويو جو واسطو رڳو ڪتابي علم تائين محدود نه رهيو، پر هن عملي طور به سياسي ۽ سماجي تحريڪن ۾ حصو ورتو. هُو سنڌي قومپرست، سوشلسٽ ۽ انساني آزاديءَ جو حامي هو. سائين جي. ايم. سيد سندس پهريون تعليمي مددگار هو. هُو ٻن مفڪرن سائين جي ايم سيد ۽ ايم. اين راءِ کان گهڻو متاثر هو. ابراهيم جويي سنڌ دوستيءَ جي راهه ۾ سرڪار جا عتاب ۽ ناراضگيون به برداشت ڪيون. محمد ابراهيم جويو کي”استادن جو استاد“ سڏيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته هن جو بنيادي ڌيان تعليم جي تبديلي تي رهيو. هن چاهيو ته سنڌ ۾ اهڙو تعليمي نظام قائم ٿئي، جيڪو علم، شعور ۽ سماجي ذميواريءَ کي وڌائي. هو چوندو هوته ”تعليم رڳو روزگار لاءِ نه، پر انسان جي فڪر ۽ آزاديءَ لاءِ آهي.“ محمد ابراهيم جويو جو فڪرعالمي انسانيت، علم، ۽ انصاف تي ٻڌل هو. هو مذهبي تعصب، جاگيرداري، قومپرستيءَ جي منفي رخ ۽ استحصال جي سخت مخالفت ڪندو هو. سندس لکڻين ۾ فڪري آزادي، سماجي انصاف ۽ انساني وقار جو واضح پيغام ملي ٿو.

ابراهيم جويوکي چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان نيلوفر جويو ڪهاڻيڪار هئي. محمد ابراهيم جويو 9 نومبر 2017 تي 102 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. کيس سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

محمد ابراهيم جويو سنڌ جو اهو فڪري ستارو هو، جنهن پنهنجي علم، قلم ۽ جدوجهد سان سنڌي سماج کي فڪر ۽ شعور جي نئين راهه ڏيکاري. هن جو پيغام اڄ به سنڌ جي نوجوانن لاءِ روشنيءَ آهي.

______________

Mushtaq Tanwri-TheasiaN

مشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button