Editor's pickMain Slideاولھ ايشيا

ايران جا 83 سيڪڙو حملا نار وارن ملڪن تي، صرف 17 سيڪڙو اسرائيل تي

گلف ڪوآپريشن ڪائونسل (جي سي سي) جي سيڪريٽري جنرل جاسم البداوي چيو آھي ته سرڪاري انگن اکرن موجب، اربع جي رات تائين ايران خليجي ملڪن جي اهم انفراسٽرڪچر ۽ شهري سهولتن تي ڪل 4,391 ميزائل ۽ ڊرون فائر ڪيا

اسرائيل، جتان هن تڪرار جي شروعات ٿي هئي، اتي 930 ايراني ميزائل ۽ ڊرون لڳا آهن، جيڪي خطي ۾ رڪارڊ ڪيل ڪل حملن جو صرف 17 سيڪڙو آهن.

ڪويت جي دفاع واري وزير شيخ عبدالله علي عبدالله السالم الصباح ڪويت انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو معائنو ڪيو، جتي ڊرون حملي ۾ تيل جي ذخيرن کي نشانو بڻايو ويو هو. (ڪونا)

رپورٽ: حبيب تومي

رياض: جي سي سي جي اعلي عملدار موجب، 28 فيبروري تي جنگ جي شروعات کان وٺي، ايران جي ميزائلن ۽ ڊرونز جو اٽڪل 83 سيڪڙو رخ گلف ڪوآپريشن ڪائونسل (GCC) جي رياستن ڏانهن رهيو آهي، جڏهن ته صرف 17 سيڪڙو اسرائيل کي نشانو بڻايو ويو آهي.

جي سي سي، جيڪا بحرين، ڪويت، عمان، قطر، سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات (UAE) تي مشتمل آهي، انهن حملن جو وڏو حصو برداشت ڪيو آهي، جنهن علائقائي سلامتي ۽ استحڪام بابت سخت خدشا پيدا ڪري ڇڏيا آهن.

رياض ۾ ڇهن ملڪن جي اتحاد جي هيڊ ڪوارٽر تي پريس ڪانفرنس ڪندي، جي سي سي جي سيڪريٽري جنرل جاسم البداوي چيو ته سرڪاري انگن اکرن موجب، اربع جي رات تائين ايران خليجي ملڪن جي اهم انفراسٽرڪچر ۽ شهري سهولتن تي ڪل 4,391 ميزائل ۽ ڊرون فائر ڪيا آهن، جيڪا هڪ وڏي ۽ خطرناڪ تيزي آهي.

ان جي برعڪس، اسرائيل، جتان هن تڪرار جي شروعات ٿي هئي، اتي 930 ايراني ميزائل ۽ ڊرون لڳا آهن، جيڪي خطي ۾ رڪارڊ ڪيل ڪل حملن جو صرف 17 سيڪڙو آهن.

ملڪن جي لحاظ کان انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته:

گڏيل عرب امارات (UAE): سڀ کان وڌيڪ 2,156 حملا.

سعودي عرب: 723 حملا.

ڪويت: 791 حملا.

بحرين: 429 حملا.

قطر: 270 حملا.

عمان: 22 ڊرون حملا.

خميس ڏينهن، ابوظهبي جي اختيارين ٻڌايو ته ڪاميابيءَ سان روڪيل هڪ بيلسٽڪ ميزائل جي ملبي ڪرڻ سبب جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي. ان واقعي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڪيترين ئي گاڏين کي نقصان پهتو. ان سان گڏ يو اي اي ۾ فوتگين جو ڪل انگ 11 ۽ زخمين جو انگ 166 ٿي ويو آهي، جن ۾ مختلف ملڪن جا شهري شامل آهن.

البداوي چيو ته جي سي سي رياستون ايران جي انهن “دغابازاڻن حملن” جو جواب ڏيڻ لاءِ تمام آپشنز تي غور ڪري رهيون آهن، پر سفارتڪاري کي اوليت ڏني پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته خليجي ملڪ ايراني جارحيت جي باوجود وڏي صبر جو مظاهرو ڪري رهيا آهن ۽ هنن جوابي ڪارروائي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن تڪرار وڌي نه وڃي.

هن زور ڀريو ته ايران ان تڪرار جو ذميوار آهي ۽ کيس فوري طور تي حملا بند ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته “خليجي ملڪن کي دفاع جو حق بين الاقوامي قانون موجب حاصل آهي” ۽ اهي حملا عالمي معاشي استحڪام لاءِ خطرو آهن.

سيڪريٽري جنرل چيو ته خليجي ملڪن ايران کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته هو هن جنگ ۾ ڌر ناهن. هن وڌيڪ چيو ته بين الاقوامي قانون سامونڊي لنگهن (straits) ۾ آمد و رفت روڪڻ جي اجازت نٿو ڏئي، ۽ ڪنهن به ڌر کي اهو حق ناهي ته هو اتي رڪاوٽ وجهي. هن مطالبو ڪيو ته موجوده بحران جي حل لاءِ ڪنهن به ڳالهين يا معاهدي ۾ جي سي سي ملڪن کي شامل ڪرڻ ضروري آهي.

________________

Habib-2 (1)

حبيب تومي مناما، بحرين ۾ رھندڙ سينئر صحافي ۽ ڪوريا جي خابرو اداري دِي ايشيا اين انگريزي سروس جو ايڊيٽر اِن چيف آھي

The AsiaN جي ٿورن سان

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button