قِصو مدراس جي ”ڪيفي ڪراچي“ ۽ حيدرآباد دکن جي ”ڪراچي بيڪري“ جو
مدراس ۾، جنھن جو موجودہ نالو چِناءِ آھي، 1939 ۾ خاص طور ھندو برھمڻن لاءِ ڪيفي ڪراچي قائم ڪئي وئي ھئي. مدراس ھاءِ ڪورٽ جي سامھون ھجڻ ڪري برھمڻ وڪيلن ۾ ھيءَ ڪيفي مشھور ھئي
ڪراچيءَ جي خانچند رامناڻيءَ 1947 ۾ ورھاڱي سبب لڏپلاڻ کانپوءِ 1953 ۾ ڪراچي بيڪري حيدرآباد دکن ۾ قائم ڪئي جيڪا نہ رُڳو سڄي انڊيا ۾ مشھور ٿي پر آمريڪا ۽ يورپ ۾ بہ سندن بسڪوٽ وڪرو ٿيندا ھئا
انڊيا ۽ پاڪستان وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب بي جي پي جا ڪارڪن اڪثر ڪراچي بيڪريءَ تي حملا ڪري ڀڃ ڊاھ ڪندا رھيا آھن، پر راجيش ۽ ھريش رامناڻيءَ واضح ڪري ڇڏيو تہ ھو بيڪريءَ جو نالو ڪونہ مٽائيندا
نصير اعجاز
ڪجھ ڏينھن اڳ تامل ناڊو مان بشپ ڊاڪٽر رَوي ڪمار اسٽيفن واٽس ايپ تي ھڪ اخباري اشتھار جو فوٽو ۽ انھيءَ بابت پنھنجي ھڪ پوسٽ شيئر ڪئي. سندس پوسٽ جي سُرخي ھئي:

ڪراچيءَ کان مدراس: 1939 جي برھمڻ ڪافي ھائوس جي وساريل ڪھاڻي
ڊاڪٽر رَوي ڪمار لکي ٿو تہ اخباري اشتھار 15 مئي 1939 جو ڇپيل آھي جنھن ۾ ”ڪراچي ڪيفي“ کُلڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. اھو ڪافي ھائوس خاص ھندو برھمڻن لاءِ ھو ۽ مدراس ھاءِ ڪورٽ جي بلڪل سامھون اينڊرسن ھال جي ويجھو ئي ھيو.
1940 ۽ 1950 واري ڏھاڪي ۾ اھو ڪافي ھائوس برھمڻ وڪيلن ۾ ڏاڍو مقبول ھو، جن جو مدراس پريزيڊينسيءَ جي وڪيل برادريءَ ۾ چڱو تعداد ھو. ڪراچي ڪيفي نيرن تي ”وڊا“، ”اِڊلي“ ۽ چٽڻيءَ سان گڏ خوشبودار ڪافيءَ جي ڪري مشھور ھئي. ڪيفي تي دانشور حضرات اچي ڪچھريون ڪندا ھئا. اڄ انھيءَ ڪيفي جون صرف يادون رھجي ويون آھن ڇو تہ انھيءَ جي جاءِ رام ڪرشن لنچ ھوم والاري ڇڏي آھي. انھيءَ ھوندي بہ ڪيفي ڪراچيءَ جو نالو ذھن ۾ ڪيترائي سوال اُٿاري ٿو. ھڪ سوال اھو آھي تہ انھن برھمڻن جو ڪراچيءَ سان ڪھڙو تعلق ھو؟ ٻيو تہ ڇا اُھي سنڌي برھمڻ ھئا يا تامل برھمڻ، جيڪي شايد ڪراچيءَ جا رھواسي ھئا، ۽ اُتان ھُو مدراس موٽي آيا ھئا؟ پر اھو صرف ھڪ خيال آھي.

ڊاڪٽر رَوي ڪمار اسٽيفن جي انھيءَ پوسٽ پڙھڻ کانپوءِ مون گُوگل تي ڪراچي ڪيفي بابت ڪجھ وڌيڪ معلومات ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪجھ نہ مليو تہ چيٽ جِي پِي ٽِي کان پُڇيم، جنھن پڻ لاعلمي ڏيکاريندي صرف ايترو خيال ڏيکاريو تہ انھيءَ ڪيفي جي نالي مان انھيءَ زماني ۾ مختلف علائقن جي ماڻھن جي ڪاروبار يا ٻئي ڪنھن مقصد سان لڏپلاڻ جو اندازو ٿئي ٿو. ٻيو تہ ٿي سگھي ٿو تہ مدراس، جنھن جو موجودہ نالو چِناءِ Chennai آھي، جي ڪنھن ماڻھوءَ پنھنجي ڪيفي جو برانڊيڊ نالو رکيو ھجي.
مون جڏھن گُوگل تي ڳولا پي ڪئي تہ انھيءَ ڪيفي جي معلومات ڪا نہ ملي پر ڪراچي بيڪريءَ بابت کوڙ معلومات ملي جيڪا ڪراچيءَ جي ھڪ سنڌيءَ ننڍي کنڊ جي ورھاڱي سبب لڏپلاڻ ڪري وڃڻ کانپوءِ حيدرآباد دکن ۾ قائم ڪئي ھئي. اھا بيڪري ھُن حيدرآباد دکن جي معظم جاھي مارڪيٽ ۾ کولي ھئي. انھيءَ بيڪريءَ جا بسڪوٽ سموري انڊيا ۾ مشھور ھئا. ڪراچيءَ جي خانچند رامناڻيءَ 1953 ۾ اھا بيڪري قائم ڪئي ھئي، جنھن جو ڪاروبار ايترو ھليو جو انھيءَ جون شاخون ممبئي، دھلي، بينگلور ۽ چناءِ سميت ٻين ڪيترن ئي شھرن ۾ کوليون ويون ھيون. انھيءَ بيڪريءَ جا عثمانيا ۽ دلڪش بسڪوٽ مشھور ھئا. سندن بسڪوٽن جو روانگي واپار بہ ٿيڻ لڳو ھو ۽ آمريڪا، ڪئناڊا، يورپ، آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ وچ اوڀر ڏانھن بہ بسڪوٽ موڪليا ويندا ھئا. بسڪوٽن جي خاصيت ھيءَ ھئي تہ انھن ۾ فروٽن جو سواد ھوندو ھو.

ممبئيءَ جي باندرا واري علائقي ۾ قائم ڪراچي بيڪريءَ جي شاخ ڪرونا وبا پکڙجڻ واري دور ۾ وڏو نقصان ٿيڻ سبب بند ٿي وئي. حيدرآباد واري بيڪريءَ کي 2023 ۾ باھ لڳڻ جي واقعي ۾ وڏو نقصان ٿيو. اصل ۾ بيڪريءَ جي نالي تي اُتان جي رُجعت پسند قوتن کي وڏي باھ ھئي. ڪراچي بيڪريءَ تي اڪثر حملا ڪيا ويندا ھئا. بيڪريءَ جي مالڪ خانچند جي پوئنيرن راجيش ۽ ھريش رامناڻيءَ جي بار بار وضاحتن جي باوجود تہ پاڪستان سان سندن ڪو واسطو ڪونھي، ڀارتيہ جنتا پارٽيءَ جا شرپسند مٿن اچي ڪڙڪندا ھئا. نہ رُڳو اھو، پر مٿن ڪُوڙا الزام ھڻي فوڊ سيفٽي اختيارين ھٿان مٿن ڳرا ڏنڊ وجھرايا ويندا ھئا.
سال 2021 ۾ ممبئيءَ واري شاخ تي بہ حملا ٿيا پر بيڪريءَ جي مالڪن ٺُپ جواب ڏنو تہ نہ ئي ھُو بيڪريءَ جو نالو مٽائيندا ۽ نہ ممبئي ڇڏيندا. اھڙي خبر دي پرنٽ اخبار ڇھين مارچ 2021 تي شائع ڪئي ھئي.
ڪراچي بيڪريءَ جي ويساکپتم، آنڌرا پرديش شاخ تي بہ ساڳي قسم جا حملا ڪيا ويا ھئا. اصل ۾ جڏھن بہ انڊيا ۽ پاڪستان وچ ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿيندي ھئي تہ ڪراچي بيڪريءَ تي حملا ڪري ڀڃ ڊاھ ڪئي ويندي ھئي.
انھن شرپسندن کي ڪراچي نالي تي وڏي تڪليف ھئي. کين انھيءَ تي فخر ڪونہ ٿيو تہ دنيا ۾ انھيءَ بيڪريءَ جو نالو مشھور ھو ۽ سيپٽمبر 2023 ۾ تہ حيدرآباد جي ڪراچي بيڪريءَ کي دنيا جي بھترين بيڪرين مان ھڪ ھجڻ جي مڃتا ملي ھئي.
شرپسند ڇا بہ ڪن پر ڪراچيءَ جو نالو جتي ڪٿي قائم رھندو. انڊيا تہ ڇا پر نيو جرسيءَ ۾ ھڪ عورت عيني خان بہ ڪراچيءَ جي نالي سان ڪيفي ھلائي ٿي ۽ سندس کاڌا مشھور آھن.
__________________
نصير اعجاز سينئر صحافي آھي ۽ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو



