Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

گهريلو تڪرار:  ذهني غربت، عدالتي چڪر  ۽ سماجي اثر

فن جي دنيا ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ سان گڏ زندگيءَ کي سمجهڻ جو فن سکڻ به ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته اسٽيج تي ملندڙ تاڙيون زندگيءَ جي هر تڪليف جو علاج ناهن، ۽ نه ئي دولت ڪنهن ٽٽندڙ رشتي کي پاڻمرادو جوڙي سگهي ٿي. زندگيءَ جي اصل ڪاميابي اها ناهي ته ماڻهو ڪيترو مشهور ٿيو، پر اها آهي ته هن پنهنجي شهرت، صلاحيتن ۽ وسيلن سان گڏ پنهنجن رشتن، ذميوارين ۽ انساني وقار جي ڪيتري حفاظت ڪئي.

نسيم بخاري

مشهور سنڌي راڳي شمن علي ميرالي ۽ سندس فنڪار گهرواري مُرڪ شاهه جي وچ ۾ خرچ پکي جي معاملي تان پيدا ٿيل تڪرار هاڻي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي ويو آهي. ٻنهي زال مڙس جا بيان ۽ خيال ٻڌڻ کان پوءِ رڳو ايترو محسوس نٿو ٿئي ته سندن سوچ، مزاج ۽ ترجيحون هڪ ٻئي کان مختلف آهن، پر انهن ۾ هڪ ٻئي سان ٽڪراءُ ۽ تضاد به وڏي پيماني تي نظر اچي ٿو.

هڪ پاسي مرڪ شاهه جو موقف آهي ته کيس گهر جي ڪم ڪار جي مرمت جو چئي ، کيس پيڪن موڪليو ويو . سندس چوڻ موجب، جڏهن هن واپس اچڻ جي ڳالهه ڪئي ته شمن علي ميرالي کيس چيو ته هو کيس پنهنجي گهر ۾ نٿو رکي سگهي. ان کان پوءِ خرچ پکو به بند ڪيو ويو، جنهن سبب کيس مجبوريءَ ۾ عدالت جو در کڙڪائڻو پيو.

مرڪ شاهه جي دعويٰ آهي ته هن طلاق جي گهر نه ڪئي آهي، پر رڳو پنهنجي خرچ پکي جي گهر ڪئي آهي. سندس چوڻ موجب، جيڪڏهن شمن علي ميرالي چاهي ته اڃا به معاملا معمول تي اچي سگهن ٿا ۽ هوءَ ساڻس گڏ زندگي گذارڻ لاءِ تيار آھي.

ٻئي پاسي شمن علي ميرالي جو موقف ان کان گهڻو مختلف آهي. سندس چوڻ آهي ته هن جون اڳ ۾ ٻه شاديون ٿيل هيون ۽ ٽئين شاديءَ لاءِ کيس مرڪ شاهه مجبور ڪيو. نڪاح کان پوءِ زندگي معمول مطابق هلندي رهي، پر سندس چوڻ موجب، مرڪ شاهه جو قومي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهڻ کان پوءِ سندس رويو تبديل ٿي ويو.

شمن علي ميرالي دعويٰ ڪري ٿو ته هن پنهنجي گهرواريءَ کي نه گهر مان ڪڍيو ۽ نه ئي کيس گهر ڇڏڻ لاءِ چيو. سندس چوڻ موجب، هوءَ سندس غيرموجودگيءَ ۾ گهر ڇڏي وئي، جڏهن ته سندس ملازم کيس گهڻو سمجهايو، منٿون ڪيون ۽ ايستائين جو سندس پيرن تي به ڪري پيو ته شمن علي ميرالي سان ڳالهه ٻولهه ڪري پوءِ وڃڻ جو فيصلو ڪري.

شمن علي ميرالي اهو به چوي ٿو ته سندس نياڻيءَ جا اسڪول بار بار تبديل ڪرايا ويا، جنهن سبب کيس هڪ ڀيري رڳو ٻارڙيءَ جي ڪورس جون ڪتابون وٺڻ لاءِ پنجاهه هزار رپيا خرچ ڪرڻا پيا. سندس چوڻ موجب، هن مرڪ شاهه کي اڳواٽ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته هو ٽين شاديءَ جا خرچ برداشت ڪرڻ جي سگهه نٿو رکي. نياڻيءَ جي پيدائش کان پوءِ هن اها اميد به رکي ته سندس گهرواري پاڻ به ڪجهه نه ڪجهه محنت ڪري ۽ گهريلو زندگيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

شمن علي ميراليءَ جو الزام آهي ته مرڪ شاهه سندس گهر کي پنهنجو گهر سمجهڻ بدران کيس ملازم وانگر ورتاءُ ڪيو. سندس دعويٰ موجب، هو پاڻ هيٺ سمهندو هو، جڏهن ته سندس گهرواري بستري تي سمهندي هئي. شمن علي ميرالي پنهنجي گهرواريءَ جي رويي پٺيان سندس مائٽن جي اثر جو به ذڪر ڪري ٿو. سندس خيال آهي ته اهي چاهين ٿا ته هو مرڪ شاهه لاءِ الڳ گهر وٺي، کيس الڳ آباد ڪري، پر اهو ڪرڻ  سندس وس ۽ وسيلن کان ٻاهر آهي. هو اهو به چوي ٿو ته هن سڄي زندگي جيڪا محنت ڪئي، محبت ڏني، عزت ۽ شهرت حاصل ڪئي، تنهن کي هن تڪرار مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي.

اهي ٻئي موقف آهن، جن مان ڪنهن هڪ کي به عدالتي فيصلي کان اڳ آخري ۽ قطعي حقيقت قرار نٿو ڏئي سگهجي. حقيقت تائين پهچڻ لاءِ ٻنهي ڌرين کي ٻڌڻ، ثبوتن جو جائزو وٺڻ ۽ قانوني عمل جي نتيجي جو انتظار ڪرڻ ضروري آهي. پر هن سڄي معاملي جو هڪ انساني پاسو به آهي، جيڪو نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

مرڪ شاهه جي ڳالهين مان لڳي ٿو ته هوءَ اڃا به گڏجي رهڻ جي اميد رکي ٿي، پر شمن علي ميرالي جي بيان مان محسوس ٿئي ٿو ته هن کي پهتل ذهني تڪليف ۽ ڏک شايد ايترو گهرو آهي، جو هو ٻيهر ساڳئي رشتي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڻ کي تيار نه ڪري سگهي. هتي اصل سوال اهو آهي ته ڇا ٻنهي مان ڪنهن هڪ جي انا، شڪ، شڪايتن ۽ ذهني تڪليفن کي سمجهڻ لاءِ ٻئي وٽ گهربل گنجائش موجود آهي؟

شادي رڳو هڪ ڇت هيٺ رهڻ، خرچ پکو ڏيڻ يا ٻارن جي پرورش  جو نالو ناهي. اها هڪ ٻئي جي احساسن، ضرورتن، محرومين ۽ مجبورين کي سمجهڻ جو به نالو آهي. جيڪڏهن ٻنهي مان ڪو هڪ ٻئي جي حالت کي سمجهڻ لاءِ تيار نه هجي ته پوءِ گڏيل زندگيءَ جو سفر ڏکيو ٿي پوي ٿو.

فنڪار قومن جا ثقافتي سفير هوندا آهن. ماڻهو کين ٻڌندا آهن، ڏسندا آهن، پسند ڪندا آهن، سندن فن مان متاثر ٿيندا آهن ۽ ڪيترائي ته کين پنهنجي زندگيءَ لاءِ مثال به سمجهندا آهن. اهڙيءَ حالت ۾ جڏهن ٻن مشهور فنڪارن جي گهريلو زندگيءَ جو تڪرار ميڊيا جي زينت بڻجي وڃي، سوشل ميڊيا تي پکڙجي وڃي ۽ هر ماڻهو پنهنجي پسند موجب ڪنهن هڪ کي ڏوهاري قرار ڏيڻ لڳي، تڏهن ان جا اثر رڳو ٻن فردن تائين محدود نٿا رهن. ماڻهو سندن فن سان گڏ سندن شخصيت، سوچ، روين ۽ اخلاقي معيارن جو به جائزو وٺڻ لڳن ٿا.

ڪنهن کي مرڪ شاهه سان همدردي آهي، ته ڪو شمن علي ميرالي جي موقف کي درست سمجهي ٿو. ڪي ماڻهو ان معاملي کي عورت جي حقن سان ڳنڍين ٿا، ته ڪي گهريلو ذميوارين، خرچ پکي ۽ خانداني مداخلت کي بنيادي مسئلو قرار ڏين ٿا.

پر هن سڄي بحث ۾ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته اسان کي ڪنهن به ڌر کي رڳو سندس شهرت، جنس يا عوامي مقبوليت جي بنياد تي ڏوهاري  يا بي ڏوهي قرار نه ڏيڻ گهرجي

 اها  حقيقت آهي ته هر گهريلو تڪرار کي عوامي تماشو بڻائڻ سان مسئلا لازمي طور وڌندا آھن. ڪڏهن ڪڏهن ميڊيا تي هڪ ٻئي خلاف بيان ڏيڻ، ذاتي زندگيءَ جا تفصيل پڌرا ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي جي عزت کي نشانو بڻائڻ اهڙا زخم ڏئي ڇڏين ٿا، جن جو علاج پوءِ صلح جي خواهش باوجود ڏکيو ٿي پوي ٿو.

شمن علي ميرالي ۽ مرڪ شاهه جو معاملو ڪو پهريون مثال ناهي، جنهن ۾ فن سان لاڳاپيل شخصيتن جي ازدواجي زندگيءَ جا اختلاف عوامي بحث جو موضوع بڻيا هجن. پاڪستان جي تفريحي دنيا ۾ اهڙا ڪيترائي واقعا سامهون اچي چڪا آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته شهرت، دولت ۽ عوامي مقبوليت گهريلو زندگيءَ جي ڪاميابيءَ جي ضمانت ناهي ھوندي .

صنم ماروي ۽ حامد عليءَ جو معاملو ان حوالي سان هڪ اهم مثال آهي. مشهور لوڪ ۽ صوفي راڳي صنم ماروي 2009ع ۾ حامد عليءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان کين ٽي ٻار ٿيا. 2020ع ۾ صنم ماروي مڙس کان خلع وٺڻ لاءِ لاهور جي خانداني عدالت سان رابطو ڪيو. هن پنهنجي درخواست ۾ گهريلو تشدد ۽ خراب ورتاءَ جا الزام لڳايا، جڏهن ته سندس مڙس انهن الزامن کي رد ڪيو ۽ عدالت کان درخواست رد ڪرڻ جي گهر ڪئي. 20 فيبروري 2020ع تي خانداني عدالت صنم مارويءَ جي خلع واري درخواست منظور ڪري ورتي.

هن واقعي مان اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته جڏهن گڏيل زندگيءَ ۾ اعتماد ۽ تحفظ جو احساس ختم ٿي وڃي ۽ ڌريون پنهنجن اختلافن کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿين، تڏهن ازدواجي رشتو ختم ڪرڻ به هڪ قانوني رستو بڻجندو  آهي . پر ان جو مطلب اهو ناهي ته هر اختلاف جو منطقي انجام طلاق ئي هجڻ گهرجي. هر رشتي جون حالتون، مسئلا ۽ حل مختلف هوندا آهن.

حميرا ارشد ۽ احمد بٽ جو معاملو به پاڪستاني شوبز جي انهن تڪرارن ۾ شامل آهي، جيڪي ڊگهي عرصي تائين ميڊيا ۾ بحث هيٺ رهيا. حميرا ارشد، جيڪا مشهور ڳائڻي آهي، ۽ اداڪار ۽ ماڊل احمد بٽ 2004ع ۾ شادي ڪئي. ڪجهه سالن کان پوءِ سندن وچ ۾ گهريلو، مالي ۽ ٻار جي سارسنڀال بابت اختلاف سامهون اچڻ لڳا. ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي خلاف سنگين الزام هنيا ۽ سندن معاملو ڪيترائي ڀيرا ميڊيا تائين پهتو.

2016ع ۾ ٻنهي ۾ ڌار ٿيڻ جون خبرون سامهون آيون، پر ان کان پوءِ سندن وچ ۾ ٻيهر ٺاهه به ٿيو. اختلافن جي ٻيهر شدت اختيار ڪرڻ کان پوءِ حميرا ارشد 2018ع ۾ ٻيهر خلع جي درخواست ڏني. نيٺ اپريل 2019ع ۾ ٻنهي جي طلاق مڪمل ٿيڻ جي خبر سامهون آئي. ان وقت رپورٽن موجب، ٻار جي مستقل تحويل بابت معاملو به سندن اختلافن جو اهم حصو هو.

هن مثال مان هڪ اهم سبق ملي ٿو: رشتن ۾ ٺاهه جي گنجائش ضرور رکڻ گهرجي، پر ٺاهه رڳو ان وقت پائيدار ٿي سگهي ٿو، جڏهن ٻنهي ڌرين جي روين، ذميوارين ۽ هڪ ٻئي بابت خدشن ۾ حقيقي تبديلي اچي. صرف ٻارن جي خاطر گڏ رهڻ جي خواهش ڪافي ناهي؛ ٻارن لاءِ محفوظ، باعزت ۽ پرسڪون ماحول پيدا ڪرڻ به ضروري آهي.

فريحه پرويز ۽ نعمان جاويد جي شادي به گهڻو وقت نه هلي. ٻنهي ڳائڻن جنوري 2016ع ۾ شادي ڪئي، پر جلد ئي اختلاف پيدا ٿي پيا. مئي 2016ع ۾ فريحه پرويز شادي ختم ڪرڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو. سندس درخواست موجب، مڙس وٽ سندس ضرورتن ۽ حقن جو خيال رکڻ لاءِ وقت نه هو. ان وقت عدالت مڙس کان جواب طلب ڪيو هو

انهن مثالن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ازدواجي زندگيءَ ۾ اختلاف ڪنهن هڪ فنڪار، ڪنهن هڪ جنس يا ڪنهن هڪ طبقي جو مسئلو ناهن. پر جڏهن مشهور ماڻهو پنهنجا اختلاف عوامي سطح تي کڻي اچن ٿا، تڏهن انهن جي ذاتي زندگيءَ جا معاملا عام ماڻهن جي دلچسپي ۽ بحث جو حصو بڻجي وڃن ٿا.

فن، دولت ۽ ذهني تربيت

اسان جي سماج ۾ فنڪارن جي ڪاميابيءَ کي گهڻو ڪري سندن شهرت، آمدني، مهانگن ڪپڙن، وڏين گاڏين، شاندار گهرن ۽ اسٽيج تي ملندڙ داد سان ماپيو ويندو آهي. پر ڪنهن فنڪار جي حقيقي شخصيت جو امتحان رڳو اسٽيج تي نٿو ٿئي. ان جو اصل امتحان گهر ۾، رشتن ۾، اختلافن دوران، ٻارن جي پرورش ۾ ۽ پنهنجي ذميوارين جي ادائگيءَ وقت ٿيندو آهي.

جيڪڏهن ڪو ماڻهو فن جي ميدان ۾ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪري، پر پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ برداشت، سهپ، گفتگو ۽ ذميواريءَ جو مظاهرو نه ڪري سگهي، ته پوءِ سندس ڪاميابيءَ جو هڪ اهم پاسو اڻپورو رهجي وڃي ٿو. انهيءَ ڪري فنڪارن سميت هر شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ ذهني تربيت، سٺي صحبت، ڪتابن جو مطالعو ۽ زندگيءَ جي تجربن مان سکڻ انتهائي ضروري آهي.

دولت ڪمائڻ هڪ صلاحيت آهي، پر ان دولت سان گڏ ذميواريءَ سان زندگي گذارڻ هڪ ٻي صلاحيت آهي. شهرت حاصل ڪرڻ هڪ ڪاميابي آهي، پر ان شهرت کي برقرار رکندي پنهنجي انساني رشتن جو احترام ڪرڻ ان کان به وڏي ڪاميابي آهي.

اسان کي فنڪارن جي ذاتي زندگيءَ بابت غيرضروري تجسس کان به پاسو ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن سندن گهريلو معاملو عدالت ۾ آهي ته ان کي عدالتي عمل ذريعي اڳتي وڌڻ ڏنو وڃي. ميڊيا جو ڪم حقيقتون سامهون آڻڻ آهي، نه  ڪي ڪنهن جي ذاتي تڪليف کي وندر ۽ تفريح جو ذريعو بڻائڻ .

شادي هڪ سماجي معاهدو آهي، پر ان جي ڪاميابي رڳو قانوني حيثيت يا مالي ذميوارين جي پورائيءَ سان ممڪن نٿي بڻجي. زال مڙس کي هڪ ٻئي جو خيال رکڻو پوي ٿو. هڪ ٻئي جي ضرورتن، محرومين ۽ مجبورين کي سمجهڻو پوي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن هڪ وٽ وسيلا گهٽ آهن ته ٻئي کي ان حقيقت کي سمجهڻو پوندو. جيڪڏهن ڪنهن هڪ جي سوچ مختلف آهي ته ڳالهه ٻولهه ذريعي گڏيل رستو ڳولڻو پوندو. پر ان سان گڏ اهو به ضروري آهي ته ڪنهن هڪ ڌر کان مسلسل قربانيءَ جي اميد نه رکي وڃي. شاديءَ ۾ حقن سان گڏ ذميواريون به هونديون آهن ۽ محبت سان گڏ احترام به لازمي هوندو آهي.

شادي رڳو جسماني ميلاپ نه، پر ٻن شخصيتن جي روحاني ۽ جذباتي قبوليت جو نالو آهي. جڏهن ان قبوليت جي وچ ۾ غلط فهمين، بي اعتماديءَ، انا ۽ شڪايتن جي ڀت وڌي  ٿي، تڏهن ان کي ڊاهڻ ناممڪن ته ناهي، پر ڏکيو ضرور ٿي پوي ٿو. ان ڀت کي ڊاهڻ لاءِ ٻنهي ڌرين کي پنهنجن روين جو جائزو وٺڻو پوي ٿو. ڪڏهن معافي گهرڻي پوي ٿي، ڪڏهن معاف ڪرڻو پوي ٿو، ڪڏهن پنهنجون خواهشون محدود ڪرڻيون پون ٿيون ۽ ڪڏهن ٻئي جي جائز ضرورتن کي پنهنجي ترجيح بڻائڻو پوي ٿو. پر جيڪڏهن اختلافن جي نوعيت اهڙي هجي، جو ڪنهن هڪ جي عزت، آزادي يا سلامتي خطري ۾ هجي، ته پوءِ رڳو سماجي دٻاءَ يا شهرت بچائڻ خاطر گڏ رهڻ کي به ڪاميابي نٿو چئي سگهجي. اهڙين حالتن ۾ قانوني تحفظ ۽ انصاف کي اوليت ملڻ گهرجي

شمن علي ميرالي ۽ مرڪ شاهه جي معاملي ۾ اڃا به ڳالهه ٻولهه، حقيقتن جي جاچ ۽ قانوني فيصلي جي گنجائش موجود آهي. مرڪ شاهه جي بيان مان گڏ رهڻ جي اميد ظاهر ٿئي ٿي، جڏهن ته شمن علي ميرالي جي ڳالهين مان گهري ناراضگي ۽ ڏک جو اظهار ٿئي ٿو.

جيڪڏهن ٻئي ڌريون واقعي پنهنجي نياڻيءَ جي مستقبل ۽ پنهنجي زندگيءَ جي سڪون کي اهميت ڏين ٿيون ته کين پنهنجي انا کان مٿي ٿي، ڪنهن غيرجانبدار ۽ سمجهدار وچولي جي موجودگيءَ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي. البته اهڙي ڪوشش تڏهن ئي مناسب آهي، جڏهن ٻنهي لاءِ محفوظ هجي ۽ ٻنهي جي آزاد مرضي شامل هجي. جيڪڏهن گڏجي رهڻ ممڪن نه هجي ته به هڪ ٻئي جي عزت، ٻارڙيءَ جي ڀلائي ۽ قانوني ذميوارين جو احترام ڪرڻ ضروري آهي.

عدالت جو فيصلو مالي حقن بابت ڪنهن ڌر جي مدد ڪري سگهي ٿو، پر اعتماد، محبت ۽ عزت جي بحاليءَ لاءِ رڳو عدالتي حڪم ڪافي ناهي. ان لاءِ انساني روين، ذميوارين ۽ احساسن جي بهتري ضروري آهي.

اسان کي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته ڪنهن فنڪار جي مقبوليت گهٽجڻ يا سندس شهرت متاثر ٿيڻ جو فيصلو سوشل ميڊيا جي تبصرن مان نٿو ڪري سگهجي. اصل اهميت اها آهي ته هو پنهنجي عملن مان ڇا سکي ٿو ۽ اڳتي پنهنجي زندگيءَ کي ڪهڙي رستي تي وٺي وڃي ٿو.

فنڪار به آخر انسان آهن. انهن کي به اختلاف ٿين ٿا، اهي به ڏک ڏسن ٿا ۽ انهن جي ذاتي زندگيءَ ۾ به مسئلا پيدا ٿين ٿا. پر جڏهن اهي عوامي شخصيتون هجن، تڏهن سندن ذميواري وڌي وڃي ٿي ته هو پنهنجن اختلافن کي ممڪن حد تائين سنجيدگيءَ، وقار ۽ ذميواريءَ سان حل ڪن.

شهرت انسان کي ماڻهن جي نظرن ۾ مٿي کڻي وڃي سگهي ٿي، پر رشتن جي حفاظت لاءِ ڪردار، برداشت ۽ احساس جي ضرورت هوندي آهي.

شمن علي ميرالي ۽ مرڪ شاهه جو معاملو به اسان کي اهو ئي سبق ڏئي ٿو ته فن جي دنيا ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ سان گڏ زندگيءَ کي سمجهڻ جو فن سکڻ به ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته اسٽيج تي ملندڙ تاڙيون زندگيءَ جي هر تڪليف جو علاج ناهن، ۽ نه ئي دولت ڪنهن ٽٽندڙ رشتي کي پاڻمرادو جوڙي سگهي ٿي.

زندگيءَ جي اصل ڪاميابي اها ناهي ته ماڻهو ڪيترو مشهور ٿيو، پر اها آهي ته هن پنهنجي شهرت، صلاحيتن ۽ وسيلن سان گڏ پنهنجن رشتن، ذميوارين ۽ انساني وقار جي ڪيتري حفاظت ڪئي.

___________

Naseem Bukhari-The AsiaN

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي ”وک“  شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button