هاڪڙي تهذيب جي عظمتن جو وارث
ڊاڪٽر عبدالعزيز رحماني چارڻ قبيلي جي مارو نک ۾ مارئي کي ڳولي ٿو. هاڪڙا وادي جي ولهار پتڻ جي آثارن وٽان لنگھي جڏهن شو مندر تي پهچندو آهي تڏهن چارڻي ديوي آوڙ جي ڪهاڻي تاريخ جي ڪتابن، چارڻ ڪوين جي ڇندن ۽ ڀٽائي جي بيتن جي آڌار مارئي جي روپ سروپ لڳندي آهي.

ڀارومل امراڻي
هُو هاٺي ڪاٺي سنهڙو ۽ قداور شخص اکين تي عينڪ چاڙهي اچي دانشور وانگر ملندو آهي، تڏهن مون کي شيخ اياز جو هي بيت ياد ايندو آهي ته:
هونئن ته آءُ آزاد، جيئن هُو پنڇي واءُ ۾،
پر تون مون کي داد، مور نه ڏيندين جيئري.
پر هن اشراف انسان ڪڏهن داد جي لاءِ پانڌ ڦهلايو نه آهي. سندس سدائين جستجو رهي آهي ته پنهنجي حصي جو ڪم ڪري وٺان. هن زندگي جي لاهن چاڙهن ۾ ثابت قدم رهي سماج جي لاءِ اميد جا جذبا پيدا ڪيا آهن. هن نئين نسل کي روشن آئيندي جي ڄاڻ ڏني آهي.
سرڪاري نوڪري تان رٽائرمينٽ وٺڻ کان پوءِ ڊاڪٽر عزيز جي روزمره جي ڪاروهنوار ۾ صبح جو اٿي مالڪ در سر جھڪائي دعا پني، ٻنيءَ ڏانهن نڪرڻ آهي. جتي ساوا کيت ڏسي، اکين کي ٺار ڏيئي هارين سان ڪچهري ڪري واپس گھر اچي اخبار پڙهي منجھند جي ماني کائي پنهنجي پرائيوٽ اسپتال پهچڻ آهي. اسپتال ۾ موجود مريض نهاري پوءِ ڪڏهن ڪنهن دوست سان گڏجي مشاهدي جي لاءِ ڪنهن تاريخي ماڳ ڏانهن روانو ٿي ويندو آهي ته ڪڏهن گھر اچي لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪندو آهي. مطالعو ۽ مشاهدو ۽ لکڻ هن جي زندگي جو اهم حصو ٿي ويا آهن. جنهن ڏينهن ڪنهن نئين ماڳ کي مشاهدي ۾ نه آڻيندو آهي يا ڪنهن ڪتاب جا نوان صفحا نه پڙهندو ۽ لکندو نه آهي. ان ڏينهن کي اجايو سمجھندو آهي. مسافري، مطالعي ۽ تحقيق جي تيز هن انسان جا “هاڪڙو وادي جا ماڳ” ۽ “ مارئي جو ڪردار“ دلچسپي وارا موضوع آهن.
ڊاڪٽر عبدالعزيز رحماني چارڻ قبيلي جي مارو نک ۾ مارئي کي ڳولي ٿو. هاڪڙا وادي جي ولهار پتڻ جي آثارن وٽان لنگھي جڏهن شو مندر تي پهچندو آهي تڏهن چارڻي ديوي آوڙ جي ڪهاڻي تاريخ جي ڪتابن، چارڻ ڪوين جي ڇندن ۽ ڀٽائي جي بيتن جي آڌار مارئي جي روپ سروپ لڳندي آهي.

ٿر جي طبعي ڀاڱن جي بيهڪ ۽ تاريخ اهڙي ته خوبصورت انداز ۾ پيش ڪندو آهي. جو ماڻهو پيو ٻڌي. سمن ۽ سومرن جي صاحبي جي تاريخ تي وڏي دسترس آهي. پر ان سان گڏ ننڍي کنڊ جي هنرمند قبيلن جي ڪرت تي وڏي ڄاڻ آهي. ڊاڪٽر عزيز جو چوڻ آهي ته ننڍي کنڊ جي ثقافتي تاريخ تي جوڳو ڪم ئي نه ٿيو آهي. اهي هنرمند پورهيت جن موئن جي دڙي ۽ هڙاپا کي اڏيو، انهن جا نالا تاريخ ۾ اڄ ڏينهن تائين اچي نه سگھيا آهن. فن جي بي قدري جي ڪري حال اهو ٿيو آهي ته موئن جي دڙي واري دور ۾ جيڪو فن هو، اهو پروان چڙهي نه سگھيو. ان وقت جي ڪنڀر ۽ واڍي جو ڪم ڏسو ۽ هن وقت جو ڪم ڏسو. ڏينهون ڏينهن فن جي چٽائي ۽ سونهن جي سرسي ۾ گھٽائي آئي آهي.
ڊاڪٽر عزيز جو جيءُ سنڌڙي جي سڳنڌ ۾ جرڪندو آهي. وٽس مٽي جي وڏي مهانتا آهي. پنهنجي وڏڙن جي تاريخ ”مٽي جي پٽ” طور بيان ڪندو آهي. سنڌو جي مٽي جي خمير ۾ ڳوهيل هن ماڻهو کي تاريخي ۽ تهذيبي شعور ورثي ۾ مليل آهي. ڊاڪٽر عزيز کي اهي ماڻهو اصل نه وڻندا آهن.جيڪي پروفيشنل گفتگو ڪندي ڪمرو سگريٽ جي دونهين سان ڀري ڇڏينداآهن.
2 آڪٽوبر 1958ع تي کاروڙي چارڻ جي تاريخي ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر عزيز جو ڏاڏو حاجي محمد عاقل کاروڙي چارڻ جي پنچائت جو اهم ڪردار هوندو هو. کاروڙي ۾ ستيڏان چارڻ، آئيڏان چارڻ، حاجي قاضي عزيز الله منڱريو، حاجي عاقل ڪنڀار جي چوياري پنچائت جي مک هئي. سموري راڄ جا مسئلا گڏجي ويهي حل ڪندا هئا. ماڻهن ۾ ميٺ محبت ۽ برداشت هئي. راڄ جي چڱن مڙسن ۾ مڻيا هوندي هئي. هو راڄ هلائي سگھندا هئا. محمد عاقل جا ڇهه ئي پٽ محمد ابراهيم، محمد عثمان، محمد قائم، محمد عيدل، محمد يامين، محمد سومار سپوٽ ٿيا. محمد عاقل کي تعليم جو وڏو احساس هوندو هو. هن نه صرف پنهنجي اولاد کي پڙهائڻ جي جستجو ڪئي. پر راڄ جي ٻارن کي تعليم جي زيور سان سينگارڻ جي لاءِ سندرا ٻڌا. ان تمنا جي ترشنا ۾ هو گھڻو ڪامياب ويو.
ڊاڪٽر عزيز جو والد صاحب محمد قائم پنهنجي دور جو ذهين ۽ سچار شخص هو. هن پرائمري استاد طور پنهنجي عملي زندگي جي شروعات ڪئي هئي. پوءِ جونيئر اسڪول ٽيچر ٿيو. جونيئراسڪول ٽيچرهئڻ دوران ڪميشن جو امتحان ڏيئي ليڪچرار شپ ماڻي، ليڪچرار هوندي هن اسڪالر شپ جي لاءِ ڪوشش ورتي. اسڪالر شپ ملڻ تي وڌيڪ پڙهڻ لاءِ آمريڪا ويو. جتان ميشيگان اسٽيٽ يونيورسٽي مان تعليمي ڊگري حاصل ڪري واپس وطن اچي، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ هالا جي ڪوآرڊيٽر طور جوائن ڪيائين. ترت کيس اسلام آباد ۾ اسسٽنٽ ايڊيوڪيشنل ايڊوائيزر جي آڇ ٿي. اسلام آباد ۾ رهڻ کان پوءِ ٻيهر سنڌ گورنمينٽ کي جوائن ڪري سنڌ سيڪريٽري ۾ تعليم کاتي جو سيڪشن آفيسر ٿي آيو. جتي نوڪري دوران مئي 1990ع ۾ وفات ڪري ويو.
ڊاڪٽر عزيز پرائمري تعليم کاروڙي چارڻ جي اسڪول مان مڪمل ڪري انگريزي پڙهڻ جي لاءِ مڊل اسڪول نيوڇور ۾ داخلا ورتي، جتي سندس والد صاحب محمد قائم ۽ چاچو محمد عيدل استاد طور فرض سرانجام ڏيئي رهيا هئا. 1974ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول عمرڪوٽ مان مئٽرڪ ۽ عمرڪوٽ جي ڪاليج مان 1976ع تي انٽر جو امتحان ڏيئي ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڄامشوري پهتو. هن کي پنهنجن ماڻهن جي پيڙائن جو پتو هو. ان ڪري رات ڏينهن هڪ ڪري پڙهائي ۾ دلچسپي ورتي. هن جي اندر جي تمنا ڪري موڙي اٿيندي هئي ته دکي انسانن جي خدمت ڪرڻ انسانيت جو اعليٰ گڻ آهي. 1984ع ۾ تعليم مڪمل ڪري پنهنجي علائقي ڏانهن وري آيو.
هن ڪجهه وقت پرائيوٽ اسپتال قائم ڪري مريض نهاريا. 1986ع ۾ ميڊيڪل آفيسر طور کوکرا پار جي اسپتال ۾ سرڪاري نوڪري شروع ڪئي. اهڙي طرح 1988ع تائين نيو ڇور ۽ عمرڪوٽ جي تعلقه اسپتال ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين. مارچ 1988ع تي ٿر ۾ واري (گني ورم ) بيماري جي خاتمي واري منصوبي کي جوائن ڪيو. ڊاڪٽر عزيز جي حوالي ڇاڇرو ۽ عمرڪوٽ جا علائقا ٿيا. جڏهن ته ڊاڪٽر ايوب قاسماڻي کي سانگھڙ، ننگر، مٺي ۽ ڏيپلو ڏنا ويا. ڊاڪٽر عزيز کينسر کي مکيه پوائنٽ بڻائي واري جي بيماري سان ويڙهه شروع ڪئي. علاج سان گڏ سماجي آمادگي (سوشل موبلائيزيشن)جو عمل گھڻو هو. ماڻهن کي موبلائيز ڪرڻو هوندو هو ته ماڻهو ترائي جو پاڻي صاف ڪرڻ کان سواءِ نه واپرائين جنهن کي وارو نڪتل هجي اهو ترائي تي نه وڃي.
1980ع تائين هڪ عام راءِ هوندي هئي ته جنهن کي منهن تي ماتا، جسم تي وارو نڪتل نه آهي، اهو ٿريو نه آهي. وارو جي بيماري ڏاڍي خطرناڪ هوندي هئي. جسم مان ڊگھا ڪيئان نڪرندا هئا. جيئن جيئن سرندو ويندو هو، ڏاڍو سور ٿيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڪنهن مريض کي هڪ کان وڌيڪ ڪيئان نڪرندا هئا.

شيخ اياز جڏهن ٿر آيو هو، تڏهن هن ڇاڇرو کان عمرڪوٽ ويندي گوگاسر جي هوٽل تي واري (گني ورم) جو مريض ڏٺو هو، جنهن جي پيڙا هن جي اندر ۾ ڪرب ٿي اتري هئي. شيخ اياز پنهنجي هڪ خط ۾ انهي پيڙا جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ؛ گوگاسر نالي وستيءَ ۾ هڪ هوٽل هئي، جتي اسان سواريون روڪيون، جيسين ڊرائيور انجڻين ۾ پاڻي وجھن تيسين اسين هوٽل ٻاهران پيل موڙن تي وڃي ويٺاسين.هوٽل جي ڇپري کان ٻاهر مٽيءَ جي چلهه تي چانهه ٽچڪي رهي هئي. اوچتو ڇپري منجهه ڪنجھڻ ۽ ڪڙڪڻ جو آواز آيو ۽ مون منهن ڦيري ڏٺو ته ڪوئي سوڙ اندر تڏي تي لڇي رهيو هو. مون هن جي باري ۾ پڇا ڪئي ته هوٽل واري جواب ڏنو ته سائين هن کي وارو آهي.
وارو ڇا آهي؟ مون پڇيو.
“هتان جي پلر جي پاڻيءَ ۾ ڪائي بيماري آهي. جنهن جي پيئڻ سان ماڻهوءَ جي جسم ۾ ڪيئان پئجي وڃن ٿا. سائين وارو ڏاڍو بڇڙو آهي. ماڻهوءَ کي جھپ به نه لڳندي آهي ۽ سڄي سڄي رات پيو رڙندو آهي !،”
”ڇهن ڏينهن کان اتي چڙي چڪي رهيو آهي، نه هن وٽ پئسو آهي ۽ نه اسپتالن ۾ دوائون ئي علاج لاءِ آهن. هتي ته نانگ، کاڌي جو به علاج نه آهي. روز هڪ نه ٻيو چڪ وگھي مري رهيو آهي.“
مون چپ ڀيڪوڙي آسمان ڏانهن ڏٺو هو ۽ مون کي ائين لڳو هو ڄڻ چنڊ جي ڪرڻن مان ٻُر ٻُر ڪيئان ڪري رهيا هئا!
1987ع ۾ واري جي بيماري جي مريضن جي سروي ٿي هئي. پاڪستان ۾ هن جراثيم جو مريض ٻنون، ڊيرا اسماعيل خان، ڊيرا غازي خان، سانگھڙ، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ضلعي ۾ مليا. ان وقت 1111 ڪيس رجسٽر ٿيا. ڊاڪٽر عزيز ٻڌائي ٿو ته”سڀ کان وڌيڪ ٿر متاثر هو”. منصوبي جي ٽيم ٿر جو هڪ هڪ ڳوٺ وزٽ ڪيو. ڊاڪٽر عزيز کي اڄ به ٿر جي هڪ هڪ ڳوٺ جو رستو ۽ ڳوٺاڻن جا نالا ياد آهن. هن وٽ واري جي مريضن جون ڪيتريون ڪهاڻيون آهن. جن ۾ مريضن جا ڪرڀ آهن ۽ علاج ٿيڻ تي ڪيڏيون دعائون ڏيندا هئا. .
ڊاڪٽر عزيز ٻڌائي ٿو ته ٿر جي ڳوٺ ڀوجڙو جي پٽيل جي پٽ کي هڪ ئي وقت 25 واري جا ڪيئان نڪتا. هن جون ايڏيون ته رڙيون هونديون، اسان کي علاج ڪرڻ دوران بيهڻ نه ايندو هو. پر بيٺاسين. علاج مڪمل ٿيڻ سان همراهه صحتمند ٿيو ته دعائن سان اڏي ڇڏيائين.
1993ع ۾ ٻيهر واري جي بيماري بابت سروي ٿي. جنهن ۾ ٿر جو ڪو به ڪيس نه مليو. 1996 ۾ عالمي صحت جي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل لاهور ۾ هڪ تقريب دوران پاڪستان کي واري جي جراثيم کان آزاد قرار ڏيندي ان وقت جي وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو کي گولڊ ميڊل ڏنو.

ڊاڪٽر عزيز 1991ع ۾ واري جي بيماري جي روڪٿام ۾ پنهنجون خدمتون ارپي ٻيهر عمرڪوٽ اسپتال موٽي آيو. جتي 2001 تائين پهرين ميڊيڪل آفيسر ۽ پوءِ سينيئر ميڊيڪل آفيسر طور رهيو. 2001 کان 2011 تائين ڊپٽي تعلقه هيلٿ آفيسر ۽ تعلقه هيلٿ آفيسر طور ڪم ڪيائين. 2011 کان 2014 تائين ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر جي حيثيت ۾ عمرڪوٽ ضلعي جي خدمت ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب جي ڊي ايڇ او هئڻ دوران سرڪاري منصوبن سان گڏ مخير ماڻهن کان به مدد وٺي ماڻهن کي صحت جي سهوليت بهتر ڪري ڏيڻ جي اڻ ٿڪ ڪوشش ڪئي. نومبر 2014ع تي عمرڪوٽ جي ضلعي هيڊڪواٽر واري اسپتال جو ميڊيڪل سپريڊنٽ مقرر ٿيو. جتان هن نومبر 2015ع ۾ رٽائرمنٽ ورتي.
ڊاڪٽر عزيز ۽ مون گڏجي ٿر جي ڪيترن سگھڙن سياڻن سان ڪچهريون ڪيون آهن. ٿر جا نوجوان شاعر شهاب نهڙيو ۽ مرتضيٰ راهمون اڪثر طور سفر ۾ گڏ رهيا آهن. چارڻي اتهاس جا ڄاڻو ٿر ۾ جتي به ٻُڌا آهن. اتي گڏجي پهتا آهيون. ڪڏهن ڪوي هيمڏان چارڻ ۽ سگھڙ ڪيسوڏان چارڻ سان روح رهاڻ ڪئي آهي ته ڪڏهن منگل سنگهه راٺوڙ ۽ رائسنگهه سوڍي جا مهمان ٿيا آهيون. ڄام خان جو وانڍيو اسان جي جيءُ ۾ وسندو آهي. جتي پاري نگر جي پروهت شاعر ساگر خاصخيلي وٽ ناشاد سمون ملندو آهي. ساجن خان جي اوتاري ۾ چانهه جي ڪپ تي رواداري، سهپ، محبت، صلح ۽ سماجي سڌاري جي پهلوئن تي ڳالهين جا ڳوٺ ٻڌي جڏهن اٿندا آهيون تڏهن ڊاڪٽر عزيز مرزا قليچ بيگ جو شعر موڪلاڻي طور چوندو آهي ته:
هندو ۽ مسلمان دلا ساڳئي ڪنڀر جا
ڳڻجن ٿا الڳ ٿانءُ، مگر آهه مٽي هڪ.
پنهنجي ڳوٺ ۾ “پنهنجن سان ڪچهري” جهڙو هر سال منفرد پروگرام رکندڙ ڊاڪٽر محمد سومار کوسو هن جي ساڄي ٻانهن وانگر آهي. ڪنهن به ڪچهري ۾ ڊاڪٽر عزيز ڊاڪٽر سومار کوسي جي نانءُ نه کڻي معنيٰ ته اها ڪچهري اڌوري آهي.
سنڌي ٻولي جو نثر نويس امير بخش شر به هن جي ويجھن ساٿين مان هو. امير بخش جي وڇوڙي تي هن جون اکيون رت رنيون هيون. امير بخش کي ساري ارباب نيڪ محمد کي ڏسڻ سان چوندو آهي ته :
مون کي جياريو، ڪري پرين جون ڳالهڙيون
کاروڙي چارڻ ۾ محمد عظيم پاران جوڙايل مخدوم طالب الموليٰ لائبريري ۾ ڊاڪٽر عزيز جي مامي ۽ مثالي استاد سائين بادل جي ياد ۾ رکيل پروگرام ۾ شرڪت ڪري جڏهن ڀورڏان چارڻ سان گڏجي سگھڙ ڪيسوڏان جيڪا محفل مچائي هئي، اها ڊاڪٽر کي ڪڏهن وسري نه آهي. ان ڪچهري ۾ ڪيسوڏان ٻڌايو ته :
کوکو کارڪر سريکو، پيلو ڏاڙهم ڊاک،
هيڪ متيرو چاکيو، آنٻا ٻاون لاک.
ڪڇ را ڪانهيا سيک ڏي، مني کاروڙو چت آيو.
(ڪنڊي جو کوکو(سڱري پچي جڏهن ڇڻڻ تي ايندي آهي، تڏهن ان کي کوکو سڏيو ويندو آهي) کارڪ ۽ ڄار جا پيلو (پيرون) ڏاڙهوئن ۽ ڊاکن جي برابر آهن، هڪ چڀڙ چکيو ڄڻ ٻاونجھاهه لک انب کاڌا، يعني چڀڙ جو ذائقو اهڙو مٺو آهي. اي ڪڇ جا ڪانهيا ! مون کي موڪل ڏي مون کي منهنجو کاروڙو چت آيو آهي.)
ھن جي چت تان شال ڪڏهن کاروڙو نه لهي، ٿر جي مسڪين ماڻهن جو مسيحا ٿيڻ سان گڏ نت نئين، مشاهدي، مطالعي ۽ تحقيق سان اسان کي نوازيندو رهي.
_________

ڀارو مل امراڻي ٿرپارڪر، سنڌ سان تعلق رکندڙ هڪ ناميارو لوڪ ادب جو ماهر، شاعر، محقق، صحافي، براڊڪاسٽر ۽ سماجي توڙي ماحولياتي ڪارڪن آهي، جنهن گذريل ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو ٿري لهجي، لوڪ ادب ۽ ثقافت جي بچاءُ ۽ پرچار لاءِ وقف ڪيو آهي. 17 فيبروري 1982ع تي چيلهار ويجهو ڳوٺ سوٿار جو تڙ ۾ پيدا ٿيندڙ ڀيرو مل سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۽ تعليم ۾ ماسٽرس سان گڏ قانون جي ڊگري (ایل ایل بی) پڻ حاصل ڪئي آهي ۽ هو هن وقت رائيچند راٺوڙ گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول چيلهار ۾ سنڌي ٻوليءَ جو سبيجڪٽ اسپيشلسٽ آهي. هو ٿري لوڪ گيتن، شاعري، تاريخ ۽ ثقافت تي ٻڌل 10 سنڌي ڪتابن جو مصنف آهي، جڏهن ته ٿر جي امير ثقافتي ورثي کي ملڪي سطح تي متعارف ڪرائڻ لاءِ سندس ڪتاب “صحرا ڪي دوهي” جو پنجابي سميت ٻين ٻولين ۾ ترجمو پڻ ٿي چڪو آهي.



