چين: ھڪ پُٺتي پيل مُلڪ کان دنيا جي ”معاشي سُپر پاور“ تائين
انقلاب کان پوءِ چين جو معاشي نظام سوشلسٽ معيشت جي اصولن تي رکيو ويو. سامراجي مداخلت ختم ڪئي ويئي. جاگيرداري ختم ڪري، زمينون هارين ۾ ورهايون ويون. ٺيڪيداري سسٽم ختم ڪيو ويو.
مائوزيتنگ عوامي جمھوريه چين جو بنياد رکيو. ڊينگ زيائو پنگ چين جا دروازا پرڏيھي سيڙپڪاريءَ جي لاءِ کولي ڇڏيا ۽ شي چن پنگ چين کي دنيا جي معاشي سپر پاور بنائي ڇڏيو.
چين دنيا جي سامھون سوشلسٽ معاشيات جو ڪامياب ماڊل پيش ڪيو. چيني اڳواڻ پنھنجي معاشي نظام کي مارڪيٽ سوشلسٽ اڪانامي سڏين ٿا
چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان
يوسف سنڌي
چين هن وقت آمريڪا کان پوءِ ٻي وڏي معاشي سگهه آهي. انقلاب کان اڳ چين نيم بيٺڪي ۽ نيم جاگيرداراڻو ملڪ هو. سامراجي طاقتون چين جي ڪسٽم، پرڏيھي واپار ۽ ٽرانسپورٽ کي ڪنٽرول ڪنديون هيون. چار پراڻا سرمائيدار گهراڻا پيداواري وسيلن جا مالڪ هئا. ٻه ڏهائي صنعتي پيداوار تي انهن جي اُجاري داري هئي. معاشي طور تي چين پٺتي پيل ملڪ هو. هارين ۽ مزدورن جي حالت خراب هوندي هئي. انقلاب کان پوءِ چين جو معاشي نظام سوشلسٽ معيشت جي اصولن تي رکيو ويو. سامراجي مداخلت ختم ڪئي ويئي. جاگيرداري ختم ڪري، زمينون هارين ۾ ورهايون ويون. ٺيڪيداري سسٽم ختم ڪيو ويو. معاشي نظام ۾ انقلابي نوعيت جي تبديلين جي ڪري صنعتي ۽ زرعي پيداوار ۾ واڌارو ٿيو. هاري ۽ مزدور ترقيءَ ۾ شامل ٿي خوشحال ٿي ويا. استحصال، ذخيري اندوزي ۽ ناجائز منافع خوري جي خلاف سخت قدم کنيا ويا.

مائوزي تنگ جي وفات کان پوءِ چين جي ٻي عظيم اڳواڻ ’ڊينگ زيائو پنگ‘ بدلجندڙ عالمي حالتن ۽ چين جي مقامي تجربن جي روشنيءَ ۾ چين جي معاشي نظام ۾ جوهري تبديليون ڪيون ويون. پرڏيھي سيڙپڪاريءَ لاءِ چين جا دروازا کوليا ويا، سوشلزم سان عوام جي وابستگي کي ختم ٿيڻ نه ڏنو. ڊينگ جي نئين معاشي پاليسي جي نتيجي ۾ چين دنيا جي اهم معاشي سگهه بنجي ويو ۽ چين جي مڪسڊ اڪاناميءَ جي ذريعي 80 ملين غريب عوام کي غربت مان ٻاهر ڪڍي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. چين دنيا جي سامھون سوشلسٽ معاشيات جو ڪامياب ماڊل پيش ڪيو. سيڙپڪاري جي اجازت ڏني ويئي، پر اجارا داري قائم ٿيڻ نه ڏني. پبلڪ ۽ نجي سيڪٽر ٻنهي سيڪٽرن ۾ صنعت سازي کي پروموٽ ڪيو ويو، جنھن جي ڪري معيشيت متوازن رهي ۽ معاشي مافيائون پيدا ٿي نه سگهيون. چين جو معاشي نظام دنيا جو ڪامياب ترين ماڊل ثابت ٿيو.
چيني اڳواڻ پنھنجي معاشي نظام کي مارڪيٽ سوشلسٽ اڪانامي قرار ٿا ڏين، جڏهن ته ڪن معاشي ماهرن موجب چين جو معاشي نظام ”اسٽيٽ ڪيپيٽلزم“ آهي. چين جي صدر شي چن پنگ جو چوڻ آهي ته ”چين هاڻ ٻاهرين دنيا جي لاءِ پنھنجا دروازا ڪڏهن به بند نه ڪندو.“
مائوزيتنگ عوامي جمھوريه چين جو بنياد رکيو. ڊينگ زيائو پنگ چين جا دروازا پرڏيھي سيڙپڪاريءَ جي لاءِ کولي ڇڏيا ۽ شي چن پنگ چين کي دنيا جي معاشي سپر پاور بنائي ڇڏيو.
***
چئين بجي ڌاري وشال جو دوست ابوذر اقبال آيو ته اسان ٽيئي گڏجي ٻن بائيڪن تي موبائيل مارڪيٽ وياسين. وشال مون وٽ جيڪا موبائيل آهي، اها ڏسي پھرين ئي ڏينھن چيو ته ’ابو موبائيل بدلائبي‘ پر مون لنوايو ته ڪم هلي پيو، اجايو خرچ ڇو ڪجي. پر وشال صفا نه ڇڏ ٿي لڳو ۽ اڄ نيٺ مون کي راضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. چين ۾ سائيڪلن ۽ موٽر سائيڪلن جا رستا ڌار ٺھيل آهن. مکيه روڊ جي ٻنهي پاسن اهڙا روڊ ٺھيل آهن، جتان رڳو سائيڪلون ۽ موٽرسائيڪلون هلن ٿيون. جنھن ڪري وڌيڪ آساني ٿئي ٿي. اڳ چين ۾ سائيڪلون تمام گهڻيون هونديون هيون. هاڻ انهن جي جاءِ اليڪٽرانڪ موٽرسائيڪلن اچي والاري آهي. جيڪي بجليءَ تي چارج ٿين. هاڻ ته اهي پاڪستان ۾ به اچي ويون آهن. ماڻهن وٽ اڃا تائين سائيڪلون به آهن، پر گهٽ ٿيون نظر اچن. مون ڏٺو ته رستن جي مختلف هنڌن تي هئڊي ڪلر جون ڪيتريون ئي بائيڪ ٽائپ سائيڪلون پڻ بيٺيون هيون، پُڇڻ تي خبر پئي ته حڪومت پاران عوام جي سهولت لاءِ اهي رکيون ويون آهن. جيڏي مھل به دل چوي کڻو ۽ پنجن يوانن ۾ سڄو ڏينھن پيا هلايو.
اسان موبائيل مارڪيٽ پھتاسين. جيڪو وڏو مال هو ۽ الائجي ڪيترا ماڙ هو. اُتي سڀ موبائيل شاپ هئا. سھڻيون سھڻيون چيني گُڏيون پنھنجي ڪاروباري مُرڪ سان گراهڪن کي پنھنجي ڄار ۾ ڦاسائڻ لاءِ بيٺيون هيون. انھن جي ڪافر ادائن کان چيني ته بچي ٿي ويا، پر ڪو پرڏيھي بچي ته ڄڻ ان لک کٽيو. اسان ٻن ٽن ماڙن جو اليڪٽرڪ ڏاڪڻين جي ذريعي لھي ۽ چڙهي جائزو ورتو ۽ پوءِ هيٺ لھي آياسين ۽ هڪ چينائڻ جي ڪافر ادا نيٺ اسان کي ڦاسائي وڌو. اگهه ته هر موبائيل تي فڪس لکيل هئا. پر پوءِ به بارگينگ هلي ٿي ۽ هڪ موبائيل پسند ڪئيسين، جنھن جي قيمت 2699 يوان هئي. مون وشال کي چيو ته ڪا هڪ هزار يوان تائين خريد ٿا ڪريون، پر همراهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي ۽ اها پسند ڪيائين. هڪ سؤ يوان چينائڻ رعايت ڪئي. ايئن اها 2599 يوان يعني هڪ لک ڇھن هزار رُپين ۾ پئي. مون فقير جا ته پگهر ئي نڪري پيا. پر وشال کلندي موبائيل منھنجي هٿ ۾ ڏيندي چيو، ”ابو، سدائين ڪنجوسپائي به نه ٿي ٺھي، تو وٽ سٺي موبائيل هئڻ گهرجي.“
”پر پاڪستان وڃڻ کان پوءِ خدا ڪري اها ڀاڻھين سمير کان بچي.“ چيومانس جنھن اڳ ۾ ئي فرمائش ڪئي هئي ته منھنجي لاءِ چين مان موبائيل وٺي اچجو.
”ڪوشش ڪج ته بچي…“وشال مرڪندي چيو.
”زور ته گهڻا ڏبا ته سمير کان بچي، باقي منھنجو نصيب. “وراڻيم.
وشال علي پي ذريعي ادائيگي ڪئي ۽ اسان مال مان ٻاهر نڪري آياسين. دل ۾ خوش هئس ته هاڻ مون وٽ به هڪ سٺي موبائيل آهي. ائين ٿوري دير اتي ڀرپاسي رلندا موٽي وشال جي ’ذائقه پاڪستاني اسٽائل ريسٽورينٽ‘ آياسين.

ريسٽورينٽ تي چانهه جي ادڙي پي بس ڪيم، تيسين کشين ۽ سندس ڀيڻ سان گڏجي اچي نسيم به پھتي. کشين نسيم کي تمام گهڻو ٿي ڀانئين. ڊيوٽي تان ايندي آهي ته ٿڪل هئڻ جي باوجود، نسيم کي اشارن سان چوندي آهي، ”مما…. تيار ٿي ته وشوءَ ڏانھن هلئون.“ نسيم ۽ منھنجي لاءِ ’زبان يار چيني، من چيني نمي دانم‘ واري ڪار آهي. باقي وشال ته صفا چينائي بنجي ويو آهي. چيني ائين ٿو ڳالهائي، ڄڻ سندس مادري زبان هُجي. نيٺ به ته اٺ سال چين ۾ رهڻ جو اثر ته ٿئي ٿو. اسان مريم سان سنڌي ۾ ڳالهائيندا آهيون ته هوءَ به چوندي آهي بابا… دادا… کشين به ڪنھن ڪنھن مھل چوندي آهي، ”پاپا…مما… ماني کاڌي…“ سندس چوڻ جو ٽون به عجيب هوندو آهي ۽ وري کلڻي به اهڙي جو ڳالهه ڳالهه تي پئي کلندي آهي. وشال چوندو آهي ته کشين ڪاوڙ جي به تکي. سو دعا ڪندو آهيان ته منھنجي سامھون ڪڏهن نه ڪاوڙجي، جيئن منھنجي ذهن ۾ سندس ڪاوڙيل بدران مُرڪڻون چھرو محفوظ هجي.
ان مھل ابوذر، عمران ۽ شھزاد شيشو کڻي اچي هوٽل جي هڪ ميز تي ويٺا. ابوذر وشال جو دوست آهي، باقي ٽيئي سندس هوٽل تي ڪم ڪن ٿا. ٻه پٺاڻ ۽ هڪ پنجابي آهي. مون کي چيائون ته ’سر پيئندا؟‘ پھرين ته مون انڪار ڪيو، پر پوءِ سوچيم ته ڀلا ان فليور کي به چکي ڏسجي. سو اُٿي وڃي سندن ڀر ۾ ويٺس. هنن شيشي جو نڙ منھنجي حوالي ڪيو ۽ مون ٻه ٽي ڦوڪون ڀري دونھون نڪ ۽ وات مان ڪڍيو، پر اندر نه ڇڪيم، جو ڊپ ٿيم ته متان کنگهه نه ٿئي ۽ ٿئي پرائي ملڪ ۾ خواري. بھرحال ٽيسٽ سُٺي هيس. مون کي ائين پيئندي ڏسي وشال، نسيم ۽ کشين کلڻ لڳيون ۽ وشال تصوير ڪڍي ورتي. جيڪا پوءِ فيس بوڪ تي ان عنوان سان رکي ته ”چين اچي آءٌ به کري ويو آهيان.“ جنھن تي دوستن ڏاڍا مزيدار ريمارڪ ڏنا.
ڦوڪون ڀري واندو ٿيس ته کشين چيو،… ”ابو وو…. چه…. لين….“ مون به کلندي وراڻيومانس ”چلين جي….“
اسان سڀ هوٽل مان ٻاهر نڪتاسين، جو مون کشين کان پڇيو… ”مريم؟“ کشين هڪدم هيڏانھن هوڏانھن ڏٺو، پر مريم اُتي نه هئي. کشين هڪدم پريشان ٿي ويئي ۽ هڪدم ”ماليا… ماليا….“ چئي هيڏانھن هوڏانھن ڏسڻ لڳي ته آءٌ به پريشان ٿي ويس. تيسين وشال به هوٽل مان نڪري آيو. کشين کيس چيو، ”ماليا…“ اسان سڀ هيڏانھن هوڏانھن واجهائڻ لڳاسين. کشين روئڻھارڪي ٿي ويئي. پوءِ آءٌ دڪانن ۾ ڳولهڻ لڳس. تيسين ڏٺم ته وشال ۽ کشين مريم کي وٺي پيا اچن، مريم وشال جي ڪلهي تي ويٺل هئي. کشين جي ڀيڻ به انهن سان گڏ هئي. اصل ۾ ٿيو هيئن هو ته کشين جي ڀيڻ مريم کي کڻي ٿورو پرتي هلي ويئي هئي. اسان ان جي سار لھڻ بدران پريشان ٿي وياسين. انهن ٿورن لمحن جنھن تڪليف مان گذاريو، اهو هرڪو اولاد وارو سمجهي سگهي ٿو.
پوءِ سڀئي رستو ڏيئي سب وي واري پاسي وڃڻ لڳاسين. کشين کي ڪو سامان وٺڻون هو. هلندي کشين مون کان پڇيو. ”پاپا…. چين اوهان کي وڻيو…؟“ ”بلڪل وڻيو… آءٌ ته اڳ ۾ چين جي عظمت ۽ ترقيءَ جو معترف آهيان…. هتي اچي چين جي عظمت کان گهڻو متاثر ٿيو آهيان. آءٌ هونئن به عظيم مائوزي تنگ جو مداح آهيان…“ مون وراڻيو.
اسان جي وچ ۾ وشال ترجماني جا فرائض ادا ڪري رهيو هو.
”مائو… مائو.. ييس.. اهو بيجنگ ۾ آهي… پر ان جو فوٽو ڪڍڻ نه ٿا ڏين.“ کشين وراڻيو.
”منھنجي خواهش آهي ته بيجنگ هلجي ۽ عظيم مائو جو ديدار ڪجي.“ مون جواب ڏنو.
”وشو! بيجنگ هلنداسين ۽ پاپا جي اها خواهش پوري ڪنداسين.“ کشين وراڻيو ”شي… شي… (يعني مھرباني)“ مون وراڻيو.

ان دوران اسان هلندا سب وي جي اسٽاپ کان ٿورو پرتي هڪ لفٽ وٽ اچي پھتاسين. ڀر ۾ شايد ڪو ڪلب هو. جو ٻه ڇوڪريون، ٻاهر دروازي وٽ ڊانس ڪري رهيون هيون. اسان لفٽ ۾ چڙهياسين ۽ کشين بٽڻ دٻايو ته لفٽ مٿي وڃڻ بدران هيٺ وڃڻ لڳي. جڏهن لفٽ مان ٻاهر نڪتاسين ته سب وي جو ٽڪيٽ گهر نظر آيو. جتان ٽيون ڏينھن ٽڪيٽ وٺي اسان سب وي ۾ چڙهي ’ڇائويانگ اسڪوائر‘ ويا هئاسين. کشين اڳيان ۽ اسان پويان ٿورو اڳيان وڌياسين ته زمين جي اندر جھان ئي ٻيو نظر آيو. هيٺ ته وڏو شاپنگ سينٽر هو. جنھن ۾ سوين دڪان، ڪافي شاپس ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه هو ۽ الائجي ڪيتري ڊگهي هئي. ميل سوا ته اسان به هلياسين پوءِ واپس ورياسين، اڃا ته ڪو ڇيڙو سِرو نظر نه پي آيو. اتي دڪانن تي مختلف شين جي سيل به لڳل هئي. عورت سنڌي هجي يا چيني بازار وڃي ۽ ڪنھن دڪان ۾ نه گهڙي ۽ ڪجهه نه ڪجهه نه وٺي، تيسين ڄڻ کيس مزو ئي نه اچي. سو ٽيئي ڄڻيون ڪنھن نه ڪنھن دوڪان ۾ گهڙي ٿي ويون ۽ ڪانه ڪا شئي ورتائون ٿي. کشين جي ڀيڻ هڪ شاپ تان ڪا کائڻ جي ڪيڪ نما شئي وٺي آئي هئي ته ڏاڍي ٽيسٽي، سو هڪ اڌ ڪيڪ آءٌ رڙڪي ته ويس، پر بار بار خيال پي آيو ته منجهس الائجي ڇا وڌل آهي؟ ائين هڪ دڪان تي سيل ۾ هڪ خوبصورت جيڪٽ نظر آيو ته اهو سمير لاءِ ورتم. مون کي به هڪ شرٽ وڻي هٿ لائي ڏٺم ته وشال پڇيو ابو وڻي ٿي، وراڻيم هائو ته هڪدم کڻي ڏنائين ته پائي ڏس. مون پاتي ته اهڙي ته فٽ آئي جو ڄڻ ٺھي ئي مون لاءِ هئي. سيل لڳل هئي، سو مون سمجهيو ته ستر اسي يوان جي هوندي، ڇو ته جيڪٽ به ستر يوان ۾ پئي هئي. شرٽ جو بل وشال ڏنو، جنھن اڃا سوڌي مون کي هڪ يوآن به خرچ ڪرڻ نه ڏنو آهي. پوءِ جو گهر اچي بل چيڪ ڪيم ته اصل وڄي ويس. اصل قيمت 480 يوان هيس، ۽ رعايت ۾ هاف پرائس تي 240 يوان يعني لڳ ڀڳ نوَ هزار پاڪستاني روپين ۾ پئي. وشال کي چيم ته هيءَ ته مھانگي ورتي اٿئون. ته مُرڪندي چيائين ’ابو يوان کي پاڪستاني روپين ۾ ڪنورٽ نه ڪندو وڃ… نه ڪجهه وٺي سگهندين نه کائي سگهندين.“
اسان گهمندا ڦرندا اليڪٽرڪ ڏاڪڻين جي ذريعي مٿي چڙهي آياسين. ٻاهر برسات وسي رهي هئي ۽ موسم ٺنڊا ٺار ٿي ويئي هئي. نئننگ جي موسم هونئن به نارمل هئي، پر هاڻ ته وڻندڙ بنجي ويئي هئي. برسات جي بند ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ اسان اتي هڪ جوس شاپ تي ويھي رهياسين. کشين ليمن جوس وٺي آئي، جيڪو هٿ ۾ کڻي سپ سپ پيئندو اچي روڊ جي ريلنگ وٽ بيٺس ۽ وسندڙ برسات ۾ روڊ تان لنگهندڙ گاڏين کي ڏسڻ سان گڏ سامھون وڏن وڏن اپارٽمينٽس کي به ڏسڻ لڳس، جيڪي وسندڙ مينھن ۾ روشنين ۾ جَرڪي رهيا هئا.
جنھن مھل کشين جوس وٺي آئي ته نسيم وشال کان پڇيو، ”وشو! هتي مينھن وسندو آهي ته بجلي ويندي آهي؟“
”نه امي! هتي بجلي وڃڻ جو تصور ئي ڪونهي، جي ٿوري دير لاءِ به بجلي وڃي ته هتي جو سڄو نظام درهم برهم ٿي وڃي.“
جنھن تي نسيم حيرت جو اظھار ڪيو ۽ چيو، ”پاڻ وٽ پاڪستان ۾ مينھن جي ڦڙي به وٺي ته بجلي گم. يعني ٺونٺ لڳي، ساهيڙي ڀڳي.“
___________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مضنف آھي. ھن وقت چين ۾ آھي



