Editor's pickMain Slideميڊيا

ڊيپ فيڪس، مستقبل ۾  ايندڙ معاشرتي مسئلا ۽ انهن جو حل

2020ع ۾ نينا شيڪ Nina Schick هڪ ڇرڪائيندڙ ڪتاب ڊيپ فيڪس اينڊ دي انفوڪيلپس Deep Fakes and the Infocalypse لکيوھو

عام ماڻهن جي نظر مان ڪا وڊيو يا فوٽو گذري ته ان کي اهو چئي رد ڪجي ته اهي ته ڪوڙ يا ڊيپ فيڪ آهن. ايئن ڪرڻ سان معاشري کي افرا تفري کان بچائي سگهجي ٿو.

هاڻي دنيا ۾ وڊيو جي بنياد تي ثبوتن جي ڪا قانوني حيثيت نه رهندي

عبداللہ عثمان مورائي

چوندا آهن ته جيڪو سامهون نظراچي پيو اهو سچ آهي پران جي پويان حقيقت ڇا آهي اها ڄاڻڻ جي ضرورت هوندي آهي. جيستائين سچ وڃي سچ ثابت ٿئي تيستائين ڪوڙ سچ کي کائي ويندو آهي. هونءَ به پاڻ ننڍي هوندي کان اهو ٻڌندا اچون ته ٻڌل ڳالهه تي يقين نه ڪجي ۽ ڏٺل ڳالهه تي وري وري غور ۽ ويچار ڪجي. اڄڪلهه جيئن ته سوشل ميڊيا جو دورآهي تقريبن هرماڻهو کي ان تي سولائي سان رسائي حاصل آهي. گهڻا ماڻهو بغير سوچڻ جي شين کي ٻين سان اڳتي فارورڊ ۽ شيئر ڪري ڇڏيندا آهن. اهو هڪڙو غير ذميواراڻو ۽ ٻاراڻو عمل آهي. جنهن مان اسان سڀئي ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور گذريا هونداسين. ڪا مشڪري يا مذاق يا ڪو سريلو ڪلام  ويجهن دوستن سان شيئر ڪرڻ ۾ ڪو هرج ناهي، پرڪا اهڙي شئي شيئر يا فارورڊ ڪرڻ جنهن سان معاشري ۾ بيچيني ڦهلجڻ، افراتفري يا مرڳو گوڙ پيدا ٿيڻ جو خطرو هجي ته اهڙي قسمن جي شين کي اڳتي شيئر يا فارورڊ ڪرڻ کان پهريان سئو دفعا سوچجي ته اها شئي جيڪا آءٌ فارورڊ يا شيئر پيو ڪيان سا سچي به آهي يا نه.

 2020ع ۾ نينا شيڪ Nina Schick هڪ ڇرڪائيندڙ ڪتاب ڊيپ فيڪس اينڊ دي انفوڪيلپس Deep Fakes and the Infocalypse لکيو آهي. نينا ڪتاب ۾ مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن ۾ فرق سمجهائيندي لکي ٿي ته مس انفارميشن اها آهي جيڪا ڪنهن غلطي سبب ٿئي جڏهن ته ڊس انفارميشن ڪنهن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڄاڻي واڻي هلائي ويندي آهي. نينا ڊس انفارميشن ڦهلائڻ جو ماسٽر روس کي سمجهي ٿي جن سرد جنگ دوران جيوپوليٽيڪل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ان جو ڀرپور استعمال ڪيو. ڪي وري نينا کي اهو جواب ڏين ٿا ته روس اها ڊس انفارميشن ڦهلائڻ جي سکيا آمريڪا جي سي آئي اي کان ورتي هوندي.ڪتاب ڪافي دلچسپ آهي جنهن ۾ ٻيو به گهڻو ڪجهه پڙهڻ لاءِ ملي ٿو مسئلن ڪيئن نه ڊس انفارميشن جي ذريعي عالمي طاقتون ماڻهن ۽ مختلف گروپن کي مختلف بنيادن تي، ڪيئن ۽ ڪٿان کان ورهائين ٿيون.

جيئن پاڻ وٽ پاڪستان ۾ لساني، مذهبي، فرقي واريت، امير غريب، هاڻي ته مرڳو ذاتين جا اتحاد ٺاهي ماڻهن کي ننڍن ننڍن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي.

آءٌ نينا جي هن ڪتاب ۾ اها خبر پڙهي ڏاڍو حيران ۽ ڏکارو ٿيس ته ڪيئن نه هڪ ڪوڙي خبر جي بنياد تي ته برما ۾ هڪ چانهه جي هوٽل واري مسلمان مالڪ هڪ ننڍي ٻڌ ٻار سان بداخلاقي ڪئي آهي جنهن کان پوءِ سوشل ميڊيا تي نفرت ڀرين تقريرن ۽ ڳالهين جو سلسلو شروع ٿيو، گوڙ شروع ٿيا ۽ نتيجي ۾ هزارين روهينگا مسلمان مارجي ويا ۽ لکين ملڪ بدرٿي ويا.

 ڊيپ فيڪس جي باري ۾ سمجهائيندي نينا لکي ٿي ته اها ڪوڙي يا مصنوعي ميڊيا آهي جنهن ۾ ڪنهن وڊيو يا ڦوٽو ۾ ڪنهن ماڻهو کي بدلايو وڃي ٿو ۽ اهو سڀ مشين لرنگ ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس جي ذريعو ڪيو ٿو وڃي ۽ جلد ئي اهو ٻڌائڻ ۽ سمجهڻ  ناممڪن ٿي ويندو ته اصل ڇا آهي ۽ ڇا جعلي آهي. نينا خبردار ڪيو آهي ته آرٽيفيشل انٽيليجنس جا جتي انيڪ هاڪاري اثر۽ فائدا به آهن اتي وري آرٽيفيشل انٽيليجنس جي ذريعي ٺاهيل مصنوعي ميڊيا دنيا لاءِ ايندڙ اڀرندڙ خطرو آهي ۽ پاڻ کي انهن ناڪاري اثرن کي سنڀالڻو آهي. سندس خيال آهي ته اولهه جي دنيا جا ترقي يافتا ملڪ جتي قانون ۽ انهن جي پاسداري ۽ فعال ادارا موجود هوندي به ان جو شڪار ٿيا آهن, ۽ هوءِ سمجهي ٿي ته غريب ۽ ترقي پذير ملڪ تمام وڌيڪ هن ڊيپ فيڪس جو شڪار ٿيندا. نينا جو چوڻ آهي ته اهي ڊيپ فيڪس سڌا سنوان ڪاروباري، سياسي، مشهور۽ شهرت يافته ماڻهن کي حراس ۽ بليڪ ميل ڪرڻ سان گڏوگڏ سياسي هٿيار جي طور تي به استعمال پيا ٿين ۽ انهن ۾ اڃا تيزي ايندي جيڪي جمهوري حڪومتن لاءِ پڻ نقصان ڪار ٿابت ٿيندا. نينا کي اها پڪ آهي ته مختلف وقتن تي چين، روس ۽ آمريڪا ڊيپ فيڪس جو استعمال ڪندا رهيا آهن جن ۾ انهن تي اليڪشن تي اثرانداز ٿيڻ جا الزام لڳندا رهيا آهن.

نينا وڌيڪ ٻڌائي ٿي ته دنيا جي موجودهه معلومات ۽ رابطي واري نظام ۾ هاڻي وڊيوز هڪ اهم ۽ تيز ترين ذريعو آهن ۽ جيڪڏهن دنيا ۾ انٽرنيٽ جي استعمال جي ٽريفڪ ۽ انگن اکرن کي ڏسجي ته خبر پوي ٿي ته ايندڙ سالن تائين ان جو 82 سيڪڙو وڊيوز جي ذريعي استعمال ٿيندو, ۽ يقين ڄاڻو ته شيطان ۽ ڏوهاري قسم جا ماڻهو ان جو استعمال اڃا وڌيڪ ناڪاري ڪمن تي ڪندا ۽ هن ٽيڪنالاجي جي ذريعي دنيا ۾ وڏا وڏا مالي غبن پڻ ٿيڻ جو خطروهروقت موجود آهي. نينا جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ماضي ۾ پاڻ ڏسون ته ٽيڪنالاجي تمام آهستي آهستي ترقي ڪندي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهو ان کي آهستي آهستي قبول ڪندا هئا ، پرهاڻي  جنهن تيزي سان ٽيڪنالاجي ترقي ڪري رهي آهي، ان جي مقابلي ۾ معاشرو۽ معاشري ۾ ٺهندڙ قانون تمام آهستي آهستي اڳتي سرڪي رهيا آهن ، جنهن جي نتيجي ۾ وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو.

ليکڪا جو چوڻ آهي ته منهنجي ڪتاب لکڻ جو مقصد رڳو اهو آهي ته جيئن ماڻهو ان کي سڃاڻن ڇاڪاڻ ته اها ٽيڪنالاجي اچي نه پئي پر اڳ ۾ ئي اچي چڪي آهي. ان ۾ ٿئي ائين ٿو جو پهريان اوهان بابت ڄاڻ حاصل ڪئي وڃي ٿي ۽ اوهان جا ڦوٽو، ڪي وڊيوز ۽ اوهان جو آواز چوري ڪيو وڃي ٿو ۽ ان سڄي گڏ ڪيل مواد کي هن ٽيڪنالاجي جي ذريعي ٻين غير مناسب وڊيوزمسئلن پورنو گرافي، سياسي يا مذهبي نفرت انگيزي پکيڙڻ وارين وڊيوز ۾ استعمال ڪري اوهان جي طرفان اهو چورايو ويندو جيڪو اوهان حقيقت ۾ چيو ئي نه آهي ۽  پوءِ ان کي اوهان خلاف استعمال ڪري بليڪ ميل ۽ هراس ڪيو وڃي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ انسان سخت ذهني دٻاءٌ ۽ ايذآءُ جو شڪار ٿي سگهي ٿو۽ هي ٽيڪنالاجي عام ماڻهن جي زندگين تي اثر وجهڻ وڃي رهي آهي. خاص ڪري عورتون ان جو شڪار وڌيڪ ٿينديون. 

نينا هن کي ڊس انفارميشن جي ايڊوانس ليول سڏيندي وڌيڪ لکي ٿي ته اها ڊس انفارميشن مختلف ڪاروبارن تي پڻ اثر انداز ٿيڻ وڃي رهي آهي جيئن مثال طور ڊس انفارميشن جي ذريعي اهو ڦهلائڻ ته فلاڻي ڪمپني فلاڻن جي مدد ٿي ڪري يا ان جا مالڪ فلاڻا آهن، سو ان جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي وغيره. ٻيو هڪ مثال ڏيندي نينا ٻڌائي ٿي ته مثال اوهان جو ڪنهن نوڪري لاءِ انٽرويو آهي ۽ اوهان جي حوالي سان ڪنهن ڪا غلط وڊيو ٺاهي اها وائرل ڪئي اهي، ۽ توڙي جو ڀلي اها ڪوڙي هجي پر اها اوهان جي نوڪري وٺڻ واري عمل تي اثر انداز ضرور ٿيندي.

نينا جو وڌيڪ خيال آهي ته اهو ڪنهن هڪ اداري جو ڪم ناهي ته ان مسئلي کي اڪيلي سر حل ڪري سگهن پراهو اسان سڀني جو گڏيل معاشرتي مسئلو آهي ۽ پاڻ سڀني کي گڏجي ان جو حل ڪڍڻو پوندو۽ ان ۾ نينا صلاح ڏيندي چوي ٿي ته نه رڳو ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته حڪومتون صحيح ۽ اعتبار جوڳو اطلاع ڏيڻ جوسرشتو جوڙين ۽ ٽيڪنالاجي جا ماهر پڻ ان تي ڪم ڪري رهيا آهن ته انهي ساڳي آرٽيفيشل انٽيليجينس جي ذريعي ئي اهڙي قسم جي ڪوڙي مواد کي وائکو ڪري سگهجي ۽ ڪنهن حد تائين اهي ڪامياب به ٿيا آهن, پراهو مسئلو حل ۽ بهتر ٿيڻ کان پهريان بدتر ٿيندو.

 ان سان گڏوگڏ عام ماڻهن جي به اها ذميواري آهي ته جيڪڏهن انهن جي نظر مان ڪا اهڙي وڊيو يا فوٽو گذري ته هو ان کي اهو چئي رد ڪن ته اها ته ڪوڙي يا ڊيپ فيڪ آهي توڙي جو ڀلي اها نه هجي ائين ڪرڻ سان معاشري کي افرا تفري کان بچائي سگهجي ٿو. نينا سمجهي ٿي ته هاڻي دنيا ۾ وڊيو جي بنياد تي ثبوتن جي ڪا قانوني حيثيت نه رهندي.

_____________  

عبداللہ عثمان مورائي گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي ۽ سُئيڊن ۾ آباد آھي. ھُو مختلف اخبارن لاءِ انگريزي، سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ڪالم ۽ سفرناما لکندو آھي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button