Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

آنند ڪرشنا: انڊونيشيا جو سنڌي صُوفي  جنھن امن آشتي ۽ انسانن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪيو

پھرين سيپٽمبر 1956 تي جنم وٺندڙ سوامي آنند ڪرشنا 6 فبروري 2025 تي لاڏاڻو ڪري ويو. ھُو انڊونيشيا ۾ سنڌي صُوفي محفلون ڪوٺائيندو رھيو ھو. کيس فخر ھو تہ سندس بُزرگ  سنڌو تھذيب ۽ ثقافت جو حصو ھئا

ٻہ سئو جي لڳ ڀڳ ڪتابن جو ليکڪ آنند ڪرشنا مختلف ڌرمن وچ ۾ ھم آھنگي ۽ امن آشتيءَ ۾ يقين رکندڙ ھو ۽ سندس روحاني ۽ انسانيت واري تحريڪ لکين ماڻھن کي متاثر ڪيو

انڊونيشيا جي رُجعت پسند مُلن تي تنقيد سبب مٿس ڇوڪرين سان جنسي ڏاڍائي ۽ مذھبي توھين جي ڪُوڙن الزامن ھيٺ عدالت ذريعي اڍائي سال قيد جي سزا ڏياري وئي. ھُن نا انصافيءَ خلاف جيل ۾ 50 ڏينھن بُک ھڙتال ڪئي ھئي  

نصير اعجاز

عظيم سنڌو تھذيب سان تعلق ھجڻ تي فخر ڪندڙ آنند ڪرشنا جو جنم پھرين سيپٽمبر 1956 تي تولارام گنگتاڻيءَ جي گھر ۾ سينٽرل جاوا جي علائقي سولو ۾ ٿيو. جنم تي سندس نالو ڪرشنا ڪمار رکيو ويو. ھُو باليءَ جي علائقي اُبد ۾ رھندو ھو. کيس سندس روحاني تحريڪ جي ڪري سوامي آنند ڪرشنا طور ڄاتو ويندو ھو. سوامي آنند ڪرشنا 6 فبروري 2025 تي لاڏاڻو ڪري ويو.

گذريل ٽن ڏھاڪن ۾ ھُو ٻہ سئو جي لڳ ڀڳ ڪتاب لکي چُڪو جن جون لکين ڪاپيون وڪرو ٿي چُڪيون آھن. ھُو سنسڪرت جي ھڪ قديم چوڻي ”وَسُوديوا ڪُتمباڪُم“ يعني ”ھيءَ سموري دنيا ھڪ ڪُٽنب آھي“  ۾ ايمان رکندڙ ھو ۽ انھيءَ ڪري ئي سندس نعرو ھو ”ھڪ ڌرتي، ھڪ آسمان ۽ ھڪ انسان.“ سندس انھيءَ فلسفي جي ڪري مختلف عقيدن جا ماڻھو سندس ليڪچر ٻُڌندا رھيا ھئا.  

گذريل ٽين ڏھاڪن ۾ آنند ڪرشنا ٽيليويزن شو، ريڊيو پروگرامن، سندس آنند آشرم ۾آمھون سامھون ڳالھ ٻولھ، اخباري انٽرويوز، اخباري مضمونن ۽ ڪتابن ذريعي ڪروڙين ماڻھن تائين پنھنجو روحاني انسانيت وارو پيغام پھچائي چُڪو ھو. سندس قائم ڪيل آنند آشرم ۽ آنند آشرم فائونڊيشن گڏيل قومن سان جُڙيل  رھيا آھن، جن تحت مختلف ادا قائم ٿيل آھن جن ۾ روزانو ٽريننگ ورڪشاپ ٿين ٿا. جڪارتا ۽ ٻين مختلف شھرن ۾ آنند ڪرشنا سينٽر، آنند آشرم، يوگا ۽ مُراقبي مرڪز، تعليمي ۽ سماجي ڀلائيءَ جا مرڪز قائم ٿيل آھن.   

آنند ڪرشنا جي شروعاتي زندگيءَ جو احوال

سندس جنم تہ انڊونيشيا جي علائقي سولو ۾ ٿيو ھو پر سندس پرائمري تعليم انڊيا جي اُتر پرديش رياست جي شھر لکنوءَ ۾ ٿي جتي ھُو سڀ کان اڳ ھڪ قُلفي فروش بُزرگ شيخ بابا جي روحانيت کان مُتاثر ٿيو. سندس والد تولارام جي ڪوشش ھئي تہ صوفي شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري ۽ سنڌي صوفي ادب ذريعي  ڪرشنا جي حياتيءَ ۾ روحانيت اچي، پر اتفاق سان قُلفي فروش شيخ بابا اھو ڪم ڪري ڏيکاريو.

ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڪرشنا انڊونيشيا ۾ ھڪ گارمينٽ فيڪٽريءَ جي ڊائريڪٽر طور ڪم ڪرن لڳو ھو. اھو 1991 جو سال ھو جڏھن پنجٽيھ ورھين جي عمر ۾ ھُو بيمار ٿي پيو. ڊاڪٽرن جي چڪاس جي نتيجي ۾ سندس موت جي پڪ ٿي وئي ھئي ڇو تہ کيس ليڪيميا Leukemia  بيماري ھئي ۽ سا بہ نھايت گنڀير مرحلي تي پھچي چُڪي ھئي. انھيءَ مرحلي تي کيس ٻاراڻي وھيءَ ۾ ڀٽائيءَ جي پڙھيل شاعري ۽ قلفي فروش شيخ بابا جون نصيحتون ڪم آيون جن کيس اُتساھ ڏنو تہ ھمت نہ ھارجي ۽ حياتيءَ جي اُميد جو پلئہ ھٿان نہ ڇڏجي. اھڙن ڀوڳنائن وارن ڏينھن ۾ ھڪ معجزو ٿي ويو. ھماليائي علائقي ۾ سندس ملاقات ھڪ تبتي لاما سان ٿي. اھا ملاقات معجزي جي شروعات ھئي، ڇو تہ ڊاڪٽرن موجب موت سندس در جي چانئٺ تي بيٺو ھو پر سندس صحت ۾ سُڌارو اچڻ شروع ٿي ويو ۽ ٿوري وقت اندر ئي ھُو بلڪل ٺيڪ ٿي معمول واري زندگي گذارڻ لڳو ھو. ڪرشنا محسوس ڪيو تہ اھو سندس ڄڻ تہ نئون جنم ھو، تنھنڪري صحتياب ٿيڻ کانپوءِ ھُو ڪافي وقت تائين گارمينٽ فيڪٽري ۾ وڃي ذميواريون سنڀالڻ بدران مصيبت ۾ ورتل انسانن جي خدمت ۾ لڳي ويو.

آنند آشرم

سندس انھن خدمتن جي مڃتا طور کيس 1999 ۾ ورلڊ يونيورسٽي آف بينسن، ايريزونا سيڪريڊ فلاسافيءَ ۾ ڪلچرل ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ڏني. وري 2012 ۾ يونيورسٽي آف سيڊونا ڪمپيريٽِو ريليجنس ۾ پي ايڇ ڊيءَ جي ڊگري ڏني.  

جيئن مٿي ذڪر ڪيو اٿم، آنند ڪرشنا ريڊيو، ٽي وي، اخباري انٽرويوز، آرٽيڪلز ۽ سيمينارن جي ذريعي پنھنجو پيغام لکين ماڻھن تائين پھچائيندو رھيو. ھُن انڊونيشي اخبارن ۽ رسالن لاءِ وڏي تعداد ۾ ڪالم لکيا. ٽيليويزن تي سندس پروگرام جون سيريز بہ نشر ٿينديون رھيون. ساڳي وقت ھُو ڪتاب بہ لکندو رھيو. سندس ھڪ ڪتاب وائس آف انڊونيشيا تي يونيورسٽي اف ڪئليفورنيا جي ڪيمپس ريڊيو شو ۾ بحث بہ ڪيو ويو ھو.  

سوامي آنند ڪرشنا کي سندس انسان دوست سوچ ۽ عمل جي ڪري ڪيترين ئي عالمي تنظيمن ۾ اھم عھدا بہ ڏنا ويا. ھُن دنيا جي مختلف مُلڪن ۾ عالمي ڪانفرنسن ۾ مقالا بہ پيش ڪيا. پر ڪي ماڻھو سندس دشمن  بہ ٿي پيا. ھُن رُجعت پسند قوتن کي رد ڪري دنيا جي مختلف مذھبن ۽ عقيدن وچ ۾ ھم آھنگيءَ جي ڳالھ ڪئي تہ اُنھيءَ کي مذھب دشمنيءَ جو رنگ ڏنو ويو. نتيجي ۾ سندس اھڙو پيغام ڏيندڙ ڪيترائي ڪتاب انڊونيشيا جي بُڪ اسٽالن ران واپس ڪرايا ويا ۽ الزام ھنيو ويو تہ اھي ڪتاب دل آزاري ڪندڙ آھن. 

ڳالھ رُڳو اتي ئي ختم ڪانہ ٿي. سال 2010 ۾ سندس ڪجھ اڳوڻن شاگردياڻين ذريعي مٿس تھمت مڙھي وئي تہ ھُن ساڻن جنسي ڏاڍائي ڪئي ھئي. الزام ھڻندڙن جي وڪيل اُنھيءَ کي اڃان ڌيڪ رنگ ڏيندي چيو تہ آنند ڪرشنا مذھبي بي حرمتي بہ ڪئي آھي. آنند ڪرشنا تي جڪارتا جي ھڪ ضلعي عدالت ۾ ڪيس ھليو جتان 2011 ۾ کيس سمورن الزامن کان اجو ڪيو ويو، پر آگسٽ 2012 ۾ سپريم ڪورٽ ضلعي عدالت جي فيصلي کي رد ڪري ٽن شاگردياڻين کي جنسي ھراسان ڪرڻ جي ڪُوڙي ڪيس ۾ اڍائي سال قيد جي سزا ڏئي ڇڏي. کيس فبروري 2013 ۾ سندس گھر مان گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. سپريم ڪورٽ پنھنجي فيصلي تي نظرثانيءَ واري آنند ڪرشنا جي اپيل بہ رد ڪري ڇڏي. آنند ڪرشنا تي مذھبي توھين جو الزام انھيءَ ڪري ھنيو ويو ھو ڇو تہ ھُن انھن رُجعت پرست مُلن جي ٽولن تي تنقيد ڪئي ھئي جن انڊونيشيا کي مذھبي رُجعت پسند ملڪ بنائڻ ٿي گھريو. آنند ڪرشنا انڊونيشيا جي قانون ھيٺ انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ جيل ۾ پنجاھ ڏينھن تائين بُک ھڙتال ڪئي. سندس بُک ھڙتال مٿس ڪُوڙا الزام ھڻندڙن خلاف نہ پر مُلڪ جي عدالتي نظام خلاف ھئي جنھن ھيٺ ساڻس سُٺو ورتاءُ نہ ڪيو ويو.     

سوامي آنند ڪرشنا جون تقريرون انتھائي متاثر ڪندڙ ھيون. سندس سوچ ۽ فڪر کي انڊونيشيا جي وڏن اڳواڻن بہ مڃيو ھو. انڊونيشيا جي چوٿين صدر ڪي ايڇ عبدالرحمان واحد ھڪ ڀيري چيو ھو: جيڪڏھن اسان امن قائم ڪرڻ چاھيون ٿا تہ پوءِ اسان کي آنند ڪرشنا جي ڳالھين تي عمل ڪرڻو پوندو. 

آنند ڪرشنا ھڪ صُوفي منش ھو جنھن تصوف تي ڪيترائي ڪتاب لکيا. انھن ۾ سندس ھڪ مشھور ڪتاب سال 2008 ۾ شائع ٿيو ھو جنھن جو نالو آھي  Sufi Solution to World’s Problems

سندس ڪيترائي ڪتاب يوگا جي باري ۾، انڊونيشيا جي تاريخ تي ۽ ٻين موضوعن تي آھن پر ھُن سنڌ کي بہ ڪونہ وساريو. سنڌ جي حوالي سان سندس ٻہ ڪتاب مشھور آھن. ھڪ آھي  Romancing Sindh  ۽ ٻيو آھي  A Handful of Hems From Sindh

ھُو پنھنجي آنند آشرم تي، جنھن جون شاخون انڊونيشيا ۾ پکڙيل آھن، صُوفي محفلون ڪوٺائيندو رھيو جتي شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ ٻين صُوفين جا ڪلام ٻين سان گڏ ڳائيندو ھو. سندس لاڏاڻي کانپوءِ آنند آشرم ۽ اُتي ايندڙ پڪ ئي پڪ اُداس  ھوندا.

______________

نصير اعجاز ڪراچيءَ ۾ رھندڙ سينئر صحافي آھي. ھُو ڏھن ڪتابن جو مصنف آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button