ٽڪ ٽاڪ ۽ زهانگ يِمنگ: دنيا بدلائيندڙ ايپ جي ڪهاڻي
ٽڪ ٽاڪ ٺاهيندڙ هڪ چيني نوجوان زهانگ يمنگ آهي جيڪو 1983ع ۾ چين جي فيوجيان صوبي ۾ ڄائو ۽ يونيورسٽيءَ مان ڪمپيوٽر سائنس ۽ سافٽ ويئر جي ڊگري وٺي ڪجھ نوڪريون ڪيائين پر مزو نہ آيس
مُشتاق ٽانوري
اڄڪلهه جيڪڏهن ڪنهن نوجوان کان پڇبو ته هو سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي ايپ استعمال ڪري ٿو، ته گهڻو ڪري جواب ٿيندو “ٽڪ ٽاڪ”۔ هي ايپ ننڍين وڊيوز جي ڪري دنيا ۾ مشهور ٿي وئي آهي۔ سوچيو ته توهان وٽ 15 سيڪنڊ آهن، ۽ انهن ۾ توهان کي پوري دنيا کي متاثر ڪرڻو آهي – بس، ٽڪ ٽاڪ جو اصل جادو ئي اهو آهي۔ ٽڪ ٽاڪ هڪ اهڙو پليٽ فارم آهي، جتي ماڻهو 15 سيڪنڊن کان هڪ منٽ تائين جا وڊيوز ٺاهي شيئر ڪندا آهن۔ ڪو موسيقيءَ تي ناچ ڪري ٿو، ڪو چرچو ڀوڳ ڪري ٿو، ڪو نيون ٽپس ٻڌائي ٿو ته ڪو پنهنجي قابليت ڏيکاري ٿو۔ اهڙيءَ ريت هر ڪنهن کي موقعو ملي ٿو ته هو پنهنجو آواز دنيا تائين پهچائي۔

ٽڪ ٽاڪ ٺاهيندڙ هڪ چيني نوجوان زهانگ يمنگ آهي۔ هو 1983ع ۾ چين جي فيوجيان صوبي ۾ پيدا ٿيو. 2001 کان 2005 تائين تيان جن يونيورسٽي مان ڪمپيوٽر سائنس ۽ سافٽ ويئر جي ڊگري حاصل ڪيائين. 2005 ۽ 2006 ۾ ٿورو وقت نوڪري ڪيائين. اُتي جو ماحول کيس تخليقي نه لڳو تنهنڪري اها نوڪري ڇڏي ڏنائين. 2006 کان 2009 واري عرصي ۾ هن ڪيوسيڪون نالي ٽريول سرچ انجڻ ۾ ڪم ڪيو جتي هُو انجنيئر کان ترقي ڪري ٽيڪنيڪل ڊائريڪٽر بڻيو. 2009 ۽ 2011 ۾ سندس ٺاهيل ريئل اسٽيٽ ائڦ فينگ ڪام گھڻي ڪامياب نه ٿي. هُن 2012ع ۾ بائيٽ ڊانس نالي ڪمپني ٺاهي، جنهن پوءِ ٽڪ ٽاڪ ۽ ان جو چيني ورزن ڊوين لانچ ڪيو۔ يمنگ جو خيال هو ته ماڻهو ننڍين وڊيوز ذريعي پنهنجو پيغام بهتر نموني پهچائي سگهن ٿا ۽ اهو خيال صحيح ثابت ٿيو. 2018ع کان 2020ع واري عرصي ۾ ٽڪ ٽاڪ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ڊائونلوڊ ٿيندڙ ايپس مان هڪ بڻجي وئي۔ زهانگ يمنگ کي فوربز ۽ ٻين عالمي ميگزينن ۾ ٽيڪ وزنري (ٽيڪنالاجي جو خواب ڏسندڙ) سڏيو ويو۔ زهانگ يمنگ هڪ عام وچولي شهر جو شاگرد هو، جيڪو پنهنجي قابليت ۽ تخليقي صلاحيتن سان دنيا جي سڀ کان وڏي سوشل ميڊيا ڪمپنين مان هڪ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو۔ ٽڪ ٽاڪ سندس خواب جو اهو حصو آهي، جنهن دنيا جي ڪميونيڪيشن ۽ تفريح کي بدلائي ڇڏيو۔ يمنگ جو خيال سادو هو ته ڊگها ليڪچر ڇڏي ڏيو، ننڍين وڊيوز ۾ پنهنجو پيغام ڏيو۽ دنيا کي به اهو ئي وڌيڪ وڻيو۔
ٽڪ ٽاڪ جو الگورٿم هر ماڻهوءَ کي سندس پسند مطابق وڊيوز ڏيکاري ٿو۔ ايپ ۾ سولا اوزار آهن جن سان ڪو به ماڻهو آساني سان وڊيو ٺاهي سگهي ٿو۔نوجوانن کي مختصر وڊيوز وڌيڪ پسند آهن، تنهنڪري هي ايپ جلدي مقبول ٿي وئي، پر ٽڪ ٽاڪ تي ڪجهه اعتراض به ٿيا آهن۔ ڪڏهن پرائيويسي بابت سوال اٿيا، ته ڪڏهن “غيراخلاقي مواد” جي الزام هيٺ پاڪستان ۽ هندستان ۾ بند به ڪئي وئي۔ آمريڪا ۾ به هن ايپ کي سياسي تڪرارن جو منهن ڏسڻو پيو۔
ٽڪ ٽاڪ صرف هڪ ايپ نه رهي، پر هاڻي اها دنيا جي نوجوانن لاءِ تفريح، سکيا ۽ پنهنجو اظهار ڪرڻ جو وڏو ذريعو بڻجي وئي آهي۔ ان جي پويان ڪهاڻي آهي زهانگ يمنگ جي خواب ۽ محنت جي، جنهن هڪ خيال کي حقيقت ۾ تبديل ڪيو۔ ٽڪ ٽاڪ رڳو هڪ ايپ ناهي، اها نوجوانن جي تخليقي صلاحيتن، مزاح، سکيا ۽ ڪڏهن ڪڏهن سياست تائين جو حصو بڻجي وئي آهي۔ ۽ ان جي پويان آهي هڪ چيني نوجوان جو خيال، جنھن دنيا کي اهو سيکارڻ چاهيو ته ڪڏهن ڪڏهن 15 سيڪنڊ ئي ڪافي هوندا آهن توهان کي مشهور ڪرڻ لاءِ۔
_____________

مُشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو