موھن جو دڙو: ماتا ديويءَ جون مورتيون۽ سُٽُ ڪتڻ جو سامان
مشهور ماهرِ آثارِ قديمه آر. ڊي. بئنرجيءَ جي تاريخي رپورٽ جي ھن حصي ۾ موهن جي دڙي مان لڌل قديم ٺڪر جي ٿانون، سوراخدار ٿانوَن، ڪنڀارڪي ڪم جي اوزارن ۽ خاص طور تي ماتا ديويءَ جي مورتين جو تفصيلي ذڪر ٿيل آهي. هيءَ رپورٽ سنڌو ماٿريءَ جي ثقافت جو دنيا جي ٻين قديم تهذيبن، جهڙوڪ ڪريٽ، اناؤ، ۽ شام سان تاريخي ۽ مذهبي لاڳاپن کي انتهائي خوبصورتيءَ سان واضح ڪري ٿي.

نصير اعجاز
هن موضوع تي اڃا تائين ڪٿي به تفصيل سان بحث ٿيل نظر نٿو اچي. پيٽري [مشهور ماهرِ آثارِ قديمه سر وليم ميٿيو فلنڊرز پيٽري] چيو آهي ته، “هن عجيب بناوت جو سبب شايد هي ٿي سگهي ٿو ته، هن دورِ حڪومت ۾، سيٽ (Set) ۽ هورس (Horus) جي گڏيل پوڄا ڪئي ويندي هئي، ته جيئن ٻنهي ديوتائن کي هڪ ئي وقت نذرانا پيش ڪري سگهجن، ان ڪري ئي هنن ٻن ٽوٽين کي متعارف ڪرايو ويو ھوندو. (سر آرٿر ايوانز، دي پيلس آف مينوس ايٽ نوسوس، لنڊن، 1921ع، جلد پهريون، صفحا 81-83، شڪليون 49-50، پيٽري جي رائل ٽومبز، ii، ص 27 تان ورتل) بالڪل اهڙا ئي نمونا ڏکڻ هندستان جي پيرومبائيئر مان به مليا آهن، جيڪي مدراس ميوزيم ۾ رکيل آهن.
هنن کوٽاين مان لڌل هڪ ٻيو عجيب قسم جو نمونو نذراني جا سوراخدار ٿانءَ آهن. هن قسم جي ٿانءَ جو سڀ کان وڏو ٽڪرو سائيٽ نمبر 1 مان مليو هو. هي هڪ ناشپاتيءَ جي شڪل جو ٿانءُ آهي جنهن جي پاسن کان ڪيترائي سوراخ آهن. رڳو هن سائيٽ تان، مختلف ماپن جي اهڙن ٿانوَن جا ڪُل سورنهن ٽڪرا هٿ ڪيا ويا. اهي مختلف ماپن ۽ شڪلين جي ٿانوَن جا حصا آهن، جيڪي سڌن پاسن ۽ گول تري وارن ننڍڙن ٿانوَن کان وٺي اٽڪل 12 انچ اوچن ناشپاتيءَ جي شڪل جي وڏن ٿانوَن تائين آهن. چيمبر 34 ۾ مٽيءَ جي هڪ ٿانءَ جي اندر، لڌل چورس سڪن سان گڏ، بلڪل اهڙو ئي هڪ ٿانءُ هٿ آيو هو. هيءُ ٿانءُ، جيڪو برونز (ٽامي ۽ قلعي جي ملاوٽ) يا ٽامي جو ٺهيل آهي، ماپ ۾ ڪافي ننڍو آهي. هڪ ننڍڙو ۽ لڳ ڀڳ سڄو نمونو سائيٽ نمبر 3 مان مليو هو.
سوراخدار ٿانءَ جو هيءُ مخصوص قسم ٻُڌ مذهب جي عبادت ۾ اڻڄاتل هو. اڄڪلهه، اهي اتر هندستان جي مشرقي حصي ۾ جديد هندو مندرن ۾ استعمال ٿين ٿا. هڪ سوراخدار ٿانءَ کي شِولِنگ يا گول پٿر (شاليگرام) جي مٿان لٽڪايو ويندو آهي جنهن کي وشنوءَ جي روپ ۾ پوڄيو ويندو آهي، ۽ ان جي اندر پاڻي ڀريو ويندو آهي. انهن سوراخن ۾ ڪجهه ڪک داخل ڪيا ويندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ پاڻي انهن مان ٽپڪندو رهندو آهي، جيڪو ٻوسٽ واري اونهاري جي مهينن ۾ پٿر کي ٿڌو رکندو آهي. دُرگا پوڄا جي رسم ۾، ناباپتريڪا (Nabapatrika)، يا زرخيزي جي علامت کي وهنجارڻ لاءِ هڪ سوراخدار ٿانءُ استعمال ڪيو ويندو آهي. 1923-24ع ۾، راءِ بهادر پنڊت ديا رام ساهنيءَ هڙپا مان اهڙا ڪيترائي ٽيراڪوٽا (پڪي مٽي) جا ٿانو حاصل ڪيا ھئا. (ھي سوراخدار ٿانو اهي ئي آهن جن کي اسين هاڻي “سوراخدار مٽيءَ جا ٿانو” (perforated pottery) چئون ٿا، جڏهن ته پاڪستاني ماهرِ آثارِ قديمه ان ساڳئي ٿانو کي “هيٽر” (heater) ڪوٺين ٿا. هي سوراخدار ٿانو سنڌو تهذيب جي هڪ خصوصيت هئي، جنهن جو اصل استعمال اڃا تائين اڻڄاتل آهي؛ تنهن هوندي به، هي مندرن ۾ پاڻيءَ جي ڌارا وهائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ سوراخدار ٿانون کان تمام مختلف آهي، جهڙو رکلداس بئنرجو گمان هو.)
ٻين متفرق شين ۾ جنهن جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي، سو هڪ مٺائي جو ڍانچوآهي جيڪو ابتي ڪٽيل مخروط (inverted truncated cone) جي شڪل جو آهي. ان جي اندر اُڪريل نقش نگار آهن جيڪي ٻٽن ٽڪنڊن تي ٻڌل آهن. اتي وڻ جي کونئر resinمان ٺهيل ٻه عجيب شيون آهن جيڪي جديد دروازن جي هينڊلن جهڙيون نظر اچن ٿيون. اڄ اهو طئہ ڪرڻ ناممڪن آهي ته اهي ڪهڙي ڪم اينديون هيون.
ٽنهي سائيٽن مان، ٽيراڪوٽا جا ٺهيل ڪنڀار جا بولز [مٽيءَ کي شڪل ڏيڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ هڪ شيءِ جيڪا انگ ‘4’ جي شڪل جهڙي هوندي آهي، جنهن کي بنگالي ۾ بول چيو ويندو آهي] مليا آهن، پر موهن جي دڙي ۾ ڪنهن آوي (بٺي) يا تندور جو ڪو نشان نه مليو آهي [موهن جي دڙي ۾ بعد جي سڀني کوٽاين ۾، مختلف قسمن ۽ ماپن جون ڪيتريون ئي آويون مليون آهن]. مٽيءَ جون ڪيتريون ئي ننڍيون سيخون مليون آهن، جيڪي عجيب ڊزائنن سان سينگاريل آهن. انهن جي هڪ ڇيڙي تي، ويڙهيل ڌاڳي جهڙيون ڊزائنون اُڪريل آهن. اهڙي ئي قسم جي هڪ سنهي سيخ شايد سرمو پائڻ لاءِ استعمال ٿيندي هئي. وٽيل يا ڳتيل رسيءَ واري ڊزائن شايد هڪ مقبول آرائشي نمونو هئي. ڪن تي ڏنڊيدار (serrated) ڊزائن آهي ۽ ڪن تي اونهيون اُڪريل لڪيرون آهن.
ٽئين درجي ۾ اهي شيون اچن ٿيون جيڪي حقيقي طور تي ڊگهي ٽيراڪوٽا ٽيوب جي شڪل جون آهن، پر اڪثر ٿلهيون گول ٽڪين (ڊسڪ) ۽ ڦيرين (سپول) جهڙيون شڪليون آهن جيڪي يقيناً ڌاڳو ڪتڻ لاءِ استعمال ٿينديون هيون. ڪريٽ (Crete) ۽ ويجهي اوڀر (Near East) ۾ اهڙيون شيون چرخين(whorls) طور استعمال ٿينديون هيون Les Civilizations Préhelléniques، ص 271، شڪل 192) شڪل جي لحاظ کان، اهي گهڻو ڪري گولائي آهر آهن، پر ڪيتريون ئي گول آهن جن جي وچ ۾ سوراخ آهي، جڏهن ته اڀريل مٿاڇري وارين ڦيرين جهڙين شين جو مقصد اڻڄاتل آهي. اڪثر ڪيسن ۾ اهي اصل چرخيون بغير ڪنهن نقاشي جي آهن، پر موهن جي دڙي مان لڌل ڪجهه شين تي اڇو ۽ سائو چمڪندڙ (glazed) مٿاڇرو آهي.
مٽيءَ جي شين ۾، ڪجهه ننڍڙين ڇوڪرين جي گُڏين جا بت ڪافي دلچسپ آهن. اهي ويجهي اوڀر جي نسبتاً قديم تهذيبن ۽ هندستان ۽ ڏور اوڀر جي تهذيبن جي وچ ۾ لاڳاپي کي ظاهر ڪن ٿا. اهي گُڏين جا بت اڪثر انسانن جا اڻگھڙيا روپ آهن. ڪيترن ئي ڪيسن ۾، مٿي جي ٻنهي پاسن کان هڪ ڊگهو چهنبدار سِڱ نظر اچي ٿو، ۽ ڪجهه ڪيسن ۾ ڇاتيون ڌار ڳنڍيون ويون هيون. اهڙا نمونا 1923-24ع ۾ پنڊت ماڌو ساروپ وتس کي مليا هئا. بالڪل اهڙيون گُڏيون مختلف وقتن تي هڙپا مان راءِ بهادر پنڊت ديا رام ساهني، ۽ پٽنا مان راءِ صاحب ايم. گھوش کي به مليون هيون.
هندستان ۾ لڌل ٻين گُڏين جي بتن جي ڀيٽ ۾، اهي زائفائون مورتيون هڪ الڳ درجي سان تعلق رکن ٿيون، ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهي اناطوليا يا اتر شام جي قديم مذهب وانگر هڪ اهم ماتا ديوي (Mother Goddess) جي نمائندگي ڪن ٿيون. اناؤ (Anau) ۾، هن قسم جي مورتيءَ سان گڏ مٽيءَ جا جانورن جا بت به مليا آهن. مسٽر پمپلي انهن مورتين بابت چيو: “ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهي ماتا مورتيون جنم ڏيندڙ ۽ پاليندڙ ديوي آهن. جيئن عربستان، عيلام، چيلڊيا، اسيريا ۽ ايشيا مائنر جي قديم سامي مذهبن جي پوڄا ۾، بيلٽس عشتار، نانا، انات، استاروت، هي ديوي بنيادي طور تي ڳنڍيل هئي.”
اهڙيون مورتيون انهن سڀني علائقن ۽ ميڊيٽرينين (روم سمنڊ) جي علائقي جي فنيقي نوآبادين ۾ ملن ٿيون. هوءَ [ماتا شڪتي] آرمينين، هٽائٽس، ۽ ٻئي ۽ ٽئين ٽراءِ جي ماڻهن ۾ پوڄي ويندي هئي، جن جو نسلي تعلق اڃا تائين طئہ ناهي ٿي سگهيو. اهڙيون منوتيءَ جون شيون ڏکڻ يورپ جي نيوليٿڪ (جديد پٿر واري دور) ۽ روايتي ثقافتن ۾ مليون آهن. ڇا اهي سڀ ڪنهن هڪ سامي بنياد ڏانهن اشارو ڪن ٿيون، مان نٿو ڄاڻان، پر اهي بلاشڪ هڪ تمام قديم قادرِ مطلق ماتا شڪتيءَ جي خيال جو اظهار ڪن ٿيون جيڪا زندگي ڏئي ٿي، ان جي پرورش ڪري ٿي، ۽ جيڪا روح جي حفاظت ڪري ٿي.
اهي جتان به مليون آهن، سڀني مورتين جو بنيادي ڪردار ساڳيو آهي؛ ڇاتين، ڌُني (ناڀي)، ۽ جنسي عضون جي حقيقي عڪاسيءَ جي ذريعي، هي هميشه ظاهر ڪيو ويو آهي [1923-24ع ۾، پنڊت ماڌو ساروپ وتس کي رڳو هڪ اهڙو نمونو مليو جنهن ۾ جنسي عضوا ڍڪيل هئا؛ (195 M4)]. انهن گڏيل خاصيتن کان سواءِ، ٻيون سڀئي خوبيون هڪ ٻئي کان مختلف آهن.
ٻي خاصيت جيڪا مختلف هنڌن جي مورتين جي وچ ۾ هڪجهڙائي ڏيکاري ٿي، سا آهي ٻنهي هٿن سان ڇاتين کي جهلڻ يا هٿن کي ڇاتين جي هيٺان جسم جي حصي تي رکڻ جو انداز. هي انداز پرورش جي عمل جي علامت معلوم ٿئي ٿو (راءِ بهادر پنڊت ديا رام ساهني کي 1920-21ع ۾ هڙپا مان ڪجهه اهڙا نمونا مليا هئا جن جا اڻگھڙيا هٿ ڇاتين تي يا انهن جي ويجهو رکيل هئا).
انهن خاصيتن کان علاوه، فنيقي ديوين سان اڪثر ڪبوتر هوندا آهن يا سامي چنڊ جي ديوي وانگر هن جي هٿ ۾ هلال (چنڊ) هوندو، جيئن چيلڊيا ۾ ديويءَ جو پسنديده جانور ڳئون يا ڍڳي جا سِڱ هوندا هئا جيڪي هلال جي شڪل جهڙا هوندا هئا [موهن جو دڙو ۽ هڙپا مان لڌل ڪيترن ئي بتن کي سِڱ آهن]، ۽ گهڻو ڪري انهن مورتين سان گڏ هڪ ڳئون يا ڍڳو هوندو آهي جيڪو اسان کي ياد ڏياري ٿو ته هيرا (Hera) ۾ ڳئون هڪ مقدس جانور هئي.
گھڻو ڪري اهي هڪ مڪمل طور تي سادي روپ ۾ ڏيکاريل هونديون آهن، جيئن ٽراءِ ۾ جتي اڪثر رڳو اکيون، نڪ، ۽ ڇاتيون ۽ ٻانهن جي ٻاهرين لڪير ڏيکاري ويندي آهي، ڄڻ ته ڪنهن سادي ٿانو جي شڪل وانگر هجي. ٻيهر، ميڊيٽرينين علائقي جي ڪيترن ئي نيوليٿڪ سائيٽن ۾، هڪ يا ٻي وڏي چُتڙن واري (steatopygous) خاصيت نظر اچي ٿي، جنهن جي ڀيٽ اڪثر “هاٽنٽوٽ وينس” (Hottentot Venus) سان ڪئي ويندي آهي. آخر ۾، اهو چئي سگهجي ٿو ته اهو غير معمولي ناهي ته اهي بت جن جون ٻانهون رڳو وڻ جي ٽاريءَ وانگر آهن، اهي انهن ٻين بتن سان پڻ ڳنڍيل آهن جيڪي پنهنجن هٿن سان ڇاتين کي جهلين ٿا. هي آخري ذڪر ڪيل خاصيت اسان جي سائوٿ ڪرگان جي مورتين سان لاڳاپيل آهي. جيتوڻيڪ فطري ڪردار نگاريءَ يقيناً انهن جي مذهبي وابستگيءَ کي واضح ڪري ڇڏيو آهي، پر هٿ ڇاتين ڏانهن مڙيل نه هئا، پر رڳو وڻ جي ڪٽيل ٽارين وانگر ڏيکاريا ويا هئا، جيڪي يا ته ٻاهر پکڙيل هئا يا هيٺ لٽڪيل هئا (رافييل پمپلي، پري-هسٽورڪ سولائيزيشنز آف اناؤ، واشنگٽن، 1908ع، جلد پهريون، صفحات 46-47، پليٽ 46، 10)¹.
موسيان (Musyan) ۾، مٽيءَ جي انهن بتن سان گڏ پٿر جون ڪهاڙيون، چقمق جا ٽڪرا (flint flakes)، تيرن جا ڇيڙا (arrowheads)، ۽ ٽيراڪوٽا جا “پيگ” (کُوٽيون) يا “چٻيون چنيون”، ٽڪيون (whorls)، يا ڄار جا دڙا (net-sinkers)، عقيق (carnelian) ۽ لاجورد (lapis lazuli) جا داڻا، ۽ مٽيءَ جي جانورن جا بت مليا هئا (فرينڪفرٽ، اسٽڊيز ان دي ارلي پاٽري آف دي نئير ايسٽ ص 54).
پروفيسر جيه ايل مائرس شام جي ثقافت جي اصليت بابت هڪ بهترين مختصر راءِ ڏني آهي:
“شام جي ثقافت جي اصليت بابت گهٽ بحث آهي. ٽئين ثقافت پاران اناؤ تي ٻيهر قبضي سان، پهرين مٽيءَ جي اگهاڙي عورت جي مورتي ظاهر ٿي. انهن جي شروعات هسارلڪ ۾ پهرين شهر جي طور تي ٿي، ۽ ٻئي شهر مان [زمين دوز وسنديءَ جو تھه] مٽيءَ ۽ پٿر ۾ اهڙيون وڏي تعداد ۾ لڪل مورتيون مليون آهن. ساڳئي طرح، ايشيا مائنر جي ڏکڻ-مغربي ڪنڊ ۾ اهي ڪاري مٽيءَ جي ٿانون سان گڏ ملن ٿيون، ۽ ان علائقي جي سرحد کان ٻاهر نيوليٿڪ ڪريٽ ۽ برانز دور کان اڳ واري سائڪليڊس (Cyclades) جو ذخيرو آهي؛ پوئين ڪيس ۾ مقامي ڳاڙهي مٽيءَ جي ٿانون جي روايت سان همعصر آهن. قبرص ۾ اهي مقامي ڳاڙهي مٽيءَ جي ٿانون سان تمام عام آهن، ۽ ان کان اڳ واري دور تائين پڻ چڱيءَ طرح نظر اچن ٿيون. ايشيا مائنر جي ٻين حصن ۾ ۽ سڄي شام ۾ اهي مختلف اندازن ۾ ۽ روايتي ۽ آخرڪار ترقي يافته روپن جي وڏي تنوع ۾ ظاهر ٿين ٿيون. جيتوڻيڪ مصر ۾ ٽن خاندانن جي دور ۾ مقامي ڳاڙهي مٽيءَ جي ٿانون جون ڪجهه زائفائون مورتيون نظر اچن ٿيون، پر اهي هن روايت کان الڳ آهن، ۽ ان وقت به هي قسم ختم ٿي چڪو هو. فلسطين ۾، جتي برونز دور ۾ هي ڪافي مقبول هئي، رڳو آخري يا بگڙيل قسمن جا نمونا ملن ٿا. بابل ۾ هي حمورابي جي دور تائين ڄاتل نه هئي، ۽ ان کان پوءِ هي…” [ثقافت] مقبول ٿي وئي، ۽ ڪجهه عالمن جي مطابق، حمورابي جا ماڻهو شام مان نڪري اٽڪل 2300 ق.م ڌاري فرات نديءَ تائين پهتا هئا. رڳو شام ۾ اسان کي قديم سيلنڊرن تي [هن قسم جي مورتي جا] روايتي قسم ملن ٿا جتي انهن جي ترقي ٿي هئي. ان ڪري هر شيءِ هن فني انداز ۽ هڪ مذهبي شعور جي اڏاوت ڏانهن اشارو ڪري ٿي، جيڪا ان تاريخي دور جي هڪ علائقي جي علامت کي ظاهر ڪري ٿي جنهن کي “ايشيا جي عظيم ماتا” (Great Mother of Asia) چيو ويندو آهي. قديم پٿر واري دور جي عورت مورتين کان سواءِ، اڃا تائين ايشيا ۾ هنن قسمن جي مورتين ۽ ڪنهن ٻي شيءِ جي وچ ۾ ڪو لاڳاپو قائم ڪرڻ ممڪن ناهي ٿي سگهيو. تاريخ ۾ هي سڀ کان قديم ‘مثالي قسم’ آهي؛ ۽ سڀ کان قديم مذهبي روايت آهي جنهن جي معنيٰ ۽ علامت اسين ڄاڻون ٿا” (ڪيمبرج اينشينٽ هسٽري، جلد پهريون، 1923ع، ص 91)¹. [۽] پنڊت مادو ساروپ وتس کي جانورن جي بتن ۽ مٽيءَ جي گڏين سان گڏ هڪ ٽيراڪوٽا جي “چٻي چني” (curved nail) يا “پيگ” جو نمونو مليو هو. ٽنهي سائيٽن جي کوٽائي دوران مون کي اٺ، ڍڳي، گڏھ ۽ گينڊي جون خوبصورت مورتيون مليون، جن سان گڏ ٿوهي وارا يا بنا ٿوهي وارا ڍڳا ۽ مٽيءَ جي گڏين جا بت هئا. راءِ بهادر پنڊت ديا رام ساهني هڙپا مان اهڙا ڪيترائي نمونا لڌا هئا. موهن جو دڙو مان، ڇاتين ۽ جنسي عضون وارين عورتن جون مورتيون “پيگز” يا “چٻين چنين” ۽ جانورن جي بتن سان گڏ هٿ ڪيون ويون آهن. هڙپا ۽ پٽنا ثابت ڪيو آهي ته انساني تاريخ جي شروعات کان ئي ماتا ديوي جي پوڄا جي روايت اتر هندستان ۾ چڱيءَ طرح قائم هئي.
چِترڪاري ٿيل مٽيءَ جا ٿانو ۽ ڀِتِ چِتر (نقاشي):
موهن جي دڙي جي پهرين کوٽائيءَ مان لڌل قديم شين جو سڀ کان اهم درجو چِترڪاري ٿيل (رنگيل) مٽيءَ جا ٿانو آهن. برِصغير هندستان ۾ هن قسم جي مٽيءَ جي ٿانون جي موجودگي اڳ ۾ معلوم نه هئي. ۽ اهي نمونا جيڪي ميڪي (Mackay) بلوچستان مان دريافت ڪيا هئا، تن کي هندستان جي ڪنهن به اهم آثارِ قديمه واري سائيٽ جي ثقافت سان لاڳاپيل تسليم نه ڪيو ويو هو. موهن جو دڙو ۽ هڙپا جي دريافتن هاڻي بلاشڪ ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته بلوچستان جي ڊمبز [مٽيءَ جي دڙن جو مقامي نالو] مان لڌل چِترڪاري ٿيل ٿانو سنڌو ماٿريءَ مان حاصل ڪيل اهڙن ئي نمونن سان اٽوٽ طور ڳنڍيل آهن.
مان بلوچستان جي ڊمبز مان چِترڪاري ٿيل مٽيءَ جي ٿانون جي ٻن ذخيرن (ڪليڪشنز) جي وجود بابت ڄاڻان ٿو. پهريون ميڪي جو ذخيرو آهي جيڪو گوادر، گاٽي، سوراگ، چِديزي، دَمب ڪوهه، وغيره جهڙن هنڌن تان مليو (اينڊرسن، ڪيٽلاگ اينڊ هينڊ بڪ آف دي آرڪيالاجيڪل ڪليڪشنز ان دي انڊين ميوزيم، جلد ٻيون، حصو ٻيون، صفحات 432-62). ٻيو ذخيرو بلوچستان جي جهلاوان ضلعي ۾ نال ڳوٺ جي ويجهو سوهر ڊمب مان هٿ ڪيو ويو هو، ۽ سر جان مارشل ان بابت 1904-05ع ۾ لکيو هو (اينيول رپورٽ آف دي آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا، 1904-05ع، جلد ٻيون). چِترڪاري ٿيل مٽيءَ جي ٿانون جو هي ذخيرو هاڻي ڪوئيٽا جي ميڪ موهن ميوزيم ۾ محفوظ آهي.
افغانستان ۽ بلوچستان جي مختلف هنڌن تان مختلف وقتن تي چِترڪاري ٿيل مٽيءَ جي ٿانون جا ٽڪرا مليا آهن. هڪ اهڙي دريافت 1898ع ۾ زوب ٿل مان ٿي هئي (Zeitschrift für Ethnologie، 1895ع، صفحات 464-71). بلوچستان مان چِترڪاري ٿيل مٽيءَ جي ٿانون جا ٽڪرا ذاتي ذخيرن ۾ پڻ موجود آهن.
هڙپا ۽ موهن جو دڙو جا چِترڪاري ٿيل مٽيءَ جا ٿانو بنيادي طور تي ٻن درجن ۾ ورهايل آهن: الف) مونوڪروم (هڪ رنگا) ۽ ب) پولي ڪروم (ٻہ رنگا/رنگين). مونوڪروم ٿانو شايد پولي ڪروم ٿانون جي ڀيٽ ۾ بعد جي دور جا آهن.
هڙپا مان حاصل ڪيل پولي ڪروم مٽيءَ جا ٿانو گهڻو ڪري چاڪليٽي يا گهري ناسي رنگ جي لڪيرن يا ڊزائنن وارا آهن جيڪي هڪ ٿلهي ڳاڙهي مٿاڇري تي ٺهيل آهن. موهن جو دڙو مان لڌل چِترڪاري ٿيل مٽيءَ جا ٿانو ٽن درجن جا آهن: 1) ڳاڙهي چمڪ (گليز) وارا نفيس مونوڪروم، 2) چاڪليٽي يا ڳاڙهي رنگ جي پالش ٿيل مٿاڇري تي ڪاري ۽ ناسي لڪيرن وارا عام پولي ڪروم، ۽ 3) گلابي رنگ جي پالش ٿيل مٿاڇري تي ٿلهي ناسي ۽ اڇي لڪيرن وارا نفيس پولي ڪروم.
اهو ناقابلِ ترديد آهي ته هڙپا جا عام پولي ڪروم ٿانو نال جي ٿانون سان لاڳاپيل آهن. ڪيترن ئي ڪيسن ۾ نقش (موٽفس) به ساڳيا آهن، جهڙوڪ پپر جو پن (Ficus religiosa) ۽ هڪ قسم جي تبديل ٿيل ٻيڙي (ڊبل-ايڪس/ٻه-تَري ڪهاڙي). ان سان گڏ، نال جي ٿانون تي ڪجهه ڪُنڊليدار (اسپائرل) ڊزائنون نظر اچن ٿيون، جيڪي انڊين ميوزيم ۾ ميڪي جي ذخيري جي Bn.56a اور 8 جي ڪيس ۾ تمام واضح آهن (اينڊرسن، ڪيٽلاگ اينڊ هينڊ بڪ وغيره ص 450). ان ڪري، جيتوڻيڪ اسان کي ان تھه جي عمر جي خبر ناهي جتان نال ۽ ميڪي جي ذخيرن جا ٿانو مليا هئا، تنهن هوندي به اهو ظاهر آهي ته انهن ۽ هڙپا ۽ موهن جو دڙو جي وچ ۾ هڪ مضبوط نسلي لاڳاپو موجود هو.
موهن جو دڙو مان هٿ آيل ڳاڙهي مونوڪروم ٿانون جا ٽڪرا سڀ کان وڌيڪ اونداهن يا قديم ترين تھن مان ۽ ٻي صدي ق.م جي وچ واري دور جي اڏاوتن مان مليا هئا. سڀ کان وڌيڪ نفيس نمونو هڪ حيرت انگيز طور تي خوبصورت دِلَي جو هيٺيون حصو آهي. هي تمام سنهو ٿانو هڪجهڙائيءَ سان پچايو ويو هو. ان جو ٻاهريون مٿاڇرو تمام سڌو (لسو) آهي ۽ ان تي هڪ ٿلهي ڳاڙهي رنگ جي چمڪ چاڙهيل آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڳاڙهي مونوڪروم مٽيءَ جي ٿانون جا بهترين نمونا 1922-23ع جي کوٽائي مان حاصل ڪيا ويا هئا. معيار ۾ ان کان پوءِ ميون رکڻ واري اسٽينڊ جهڙيون نذراني جي ميزن جا هيٺيان حصا [يعني، پيرن وارين ٽريز جا هيٺيان حصا يا ڄنگهون] اچن ٿا. ٽئين نمبر تي نذراني جو هڪ ننڍڙو ٿانءُ ۽ سُوپ جي پليٽ جهڙي هڪ ٿالهي رکڻ گهرجي. پهريون نمونو سائيٽ نمبر 1 مان ۽ ٻيو نمونو سائيٽ نمبر 2 مان مليو هو. پنڊت ماڌو ساروپ وتس کي سائيٽ نمبر 4 مان ڳاڙهي مونوڪروم درجي جي مٽيءَ جي ٿانون جا ٽڪرا وڏي مقدار ۾ مليا هئا. پر انهن ۾ معيار جو زوال نظر اچي ٿو. اهو بلاشڪ ڌاتوءَ جي استعمال ۾ اڳڀرائيءَ جي نتيجي ۾ ٿيو هو.
هڙپا جي عام سادن پولي ڪروم ٿانوَن مان، نفيس پولي ڪروم ۽ ڳاڙهي مونوڪروم ٿانون ڏانهن منتقليءَ جا مرحلا واضح طور تي سمجهي سگهجن ٿا. هڙپا جا نمونا ڏيکارين ٿا ته ڳاڙهي زمين تي ڪاري يا گهاٽي ناسي رنگ ۾ جانورن جون تصويرون ٺاهيون وينديون هيون، ۽ هن دريافت جو اثر تمام گهڻو ڏور رس آهي. (ھلندڙ)
_________________

نصير اعجاز صحافي، اديب، شاعر، محقق، ۽ ھڪ سفرنامي سميت يارھن ڪتابن جو مصنف آھي. انھن ڪتابن ۾ سندس ھڪ انگريزي ڪتاب Hur – The Freedom Fighter بہ شامل آھي جيڪو سوا سئو ورھين جي تاريخ تي ٿيل تحقيقي ڪم آھي.


