Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

اقتداري سياست، اَنارڪي ۽ غير يقيني صورتحال: عالمي پسمنظر ۾ ھڪ جائزو  

انارڪيءَ کي اڪثر ڀُلجي بدنظمي يا افراتفري (Chaos) سان ملائي ڇڏيو ويندو آهي، جڏھن تہ ٻئي شيون هڪجهڙيون نه آهن۔

رياستون امن جي خواهش ته رکن ٿيون، پر انارڪي انھن کي طاقت حاصل ڪرڻ ۽ جنگ جي مستقل امڪان ڏانھن ڌڪي ٿي۔

ايڊووڪيٽ نُور محمد مَري

هي آرٽيڪل جان جَي ميرشائمر جي ڪتاب The Tragedy of Great Power Politics جي پھرين باب تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ عالمي سياست ۾ انارڪي (Anarchy) ۽ غير يقيني (Uncertainty) جي منطق تي روشني وڌي وئي آهي۔

رياستن مٿان ڪو به سپر اسٽيٽ (Super State) نه هجڻ جي ڪري هڪ مستقل اڻويجهڙائي ۽ بي اعتماديءَ جو ماحول قائم رهي ٿو، جنهن جو نتيجو اهو نڪري ٿو ته هر رياست جي پهرين ترجيح پنهنجي بقا ۽ سالميت ٿئي ٿي۔ رياستن جا فيصلا بظاهر عقلي (Rational) هوندا آهن، پر اهي ڪنهن مثالي علمي نظريي بدران عملي تجربي ۽ تاريخي سبقن مان اخذ ڪيا ويندا آهن۔ طاقت جو ارتڪاز، فوجي تياري ۽ دفاعي صلاحيت ئي خودمختياري جا اصل ضامن سمجهيا ويندا آهن۔

انارڪي کي اڪثر ڀلجي بدنظمي يا افراتفري (Chaos) سان ملائي ڇڏيو ويندو آهي، حالانڪه ٻئي شيون هڪجهڙيون نه آهن۔ بدنظمي ۾ ڪو به ڍانچو نه هوندو آهي، پر انارڪي ۾ ڍانچو ته هوندو آهي پر ان تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪا به بالادست قوت موجود نه هوندي آهي۔ هيءَ غيرمرڪزي صورتحال ئي رياستن وچ ۾ بي اعتمادي ۽ غير يقيني کي جنم ڏئي ٿي، ڇاڪاڻ⁠ تہ ڪا به رياست ٻئي جي حقيقي ارادن يا مستقبل جي روين بابت يقين سان ڪجهه به نٿي چئي سگهي۔

اهڙي غير يقيني صورتحال رياستن کي مجبور ڪري ٿي ته هو پنهنجي بقا ۽ سلامتي کي سڀني کان مٿي رکن۔ عالمي سياست ۾ اتحاد (Alliance) ۽ معاهدا (Coalition) به مستقل نه هوندا آهن، پر وقت ۽ حالتن جي مطابق بدلجي ويندا آهن۔ ٻي عالمي جنگ (Second World War) ان جي چٽي مثال آهي، جتي ڪالھ جا ساٿي اڄ جا دشمن بڻجي ويا۔ هن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته انارڪيءَ جي دنيا ۾ مستقل دوست يا مستقل دشمن ڪونه هوندا آهن، رڳو طاقت ۽ مفادن جون بدلجندڙ ترجيحات ئي لاڳاپن جو فيصلو ڪنديون آهن۔

رياستن مٿان ڪو به سپر اسٽيٽ موجود نه هجڻ سبب امن قائم رکڻ جون ڪوششون بار بار ناڪام ٿيون۔ پھرين عالمي جنگ (First World War) کان پوءِ ليگ آف نيشنز (League of Nations) ٺاهي وئي ته جيئن جنگن کي روڪيو وڃي، پر اها ٻي عالمي جنگ کي روڪي نه سگھي۔ تنهن ڪري ٻي عالمي جنگ جي خاتمي کان پوءِ گڏيل قومون (United Nations Organization – UNO) جوڙيون ويون ته جيئن دنيا کي جنگن کان بچايو وڃي، پر حقيقت اها آهي ته گڏيل قومون به جنگن ۽ ٽڪراءَ کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون۔ هن ناڪاميءَ جي بنيادي سبب اهو آهي ته انارڪيءَ ۾ ڪا به بالادست قوت نه آهي جيڪا رياستن کي طاقت جي استعمال کان روڪي سگھي۔ تنھن ڪري جنگ (War) عالمي سياست ۽ طاقت جي راند جو هڪ مستقل مظاهرو (Permanent Phenomenon) بڻجي ٿو سامھون اچي۔

ميرشائمر جو دليل آهي ته جيتوڻيڪ انارڪي بدنظمي جي برابر نه آهي، پر اها اهڙي ساختي صورتحال پيدا ڪري ٿي جنھن ۾ بي اعتمادي، مقابلو ۽ طاقت حاصل ڪرڻ جي خواهش لازمي بڻجي ويندي آهي۔ اهو ئي الميو (Tragedy) آهي جيڪو عالمي سياست جي تعريف ڪري ٿو: رياستون امن جي خواهش ته رکن ٿيون، پر انارڪيءَ جي جوڙجڪ انھن کي طاقت حاصل ڪرڻ ۽ جنگ جي مستقل امڪان ڏانھن ڌڪي ٿي۔

______________

ايڊووڪيٽ نور مُحمد مَري اسلام آباد ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button