Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

اسان عمل کان وانجھيل ماڻھو، رُڳو ڳالھين جا ڳڙھ آھيون

سياستدان ڪتابن ۽ تقريرن ۾ جمهوريت، انصاف ۽ ايمانداريءَ جون ڳالهيون ڪن ٿا، پر سندن عمل ان جي ابتڙ هوندو آهي. اهڙي تضاد سبب عوام ۾ مايوسي پيدا ٿئي ٿي.

حقيقت ۾ اسان غير فعال روشن خياليءَ جي دور ۾ رهي رهيا آهيون، جتي ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ سبب تمام گھڻي ڄاڻ مُيسر آھي پر اُھا ڄاڻ عمل ۾ تبديل نٿي ٿئي

عبدالله عثمان مورائي

اسان هڪ اهڙي دور ۾ رهون ٿا جتي دنيا معلومات سان ڀري پئي آهي. اڄ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ سبب هڪ عام ماڻهو هڪ ئي ڏينهن ۾ ايتري ڊيٽا استعمال ڪري ٿو جيتري 18 صديءَ ۾ هڪ ماڻهو سڄي سال ۾ به نه ڏسي سگهندو هو. اسان کي گلوبل وارمنگ جي انگن اکرن، غربت جي سببن، ڊپريشن جي علامتن ۽ ڪيترن ئي سماجي مسئلن جي حل جي خبر آهي. اسان دستاويزي فلمون ڏسون ٿا، سوچ ويچار وارا مضمون پڙهون ٿا، سيمينارن ۾ شرڪت ڪيون ٿا ۽ فلسفين جا حوالا ڏيون ٿا. پر تضاد اهو آهي ته اها ڄاڻ عمل ۾ تبديل ناهي ٿيندي. حقيقت ۾ اسان غير فعال روشن خياليءَ جي دور ۾ رهي رهيا آهيون.

انساني تاريخ ۾ علم کي سڀ کان وڏي دولت، هڪ وڏو تحفو ۽ سڀ کان اعلي خوبي سمجهيو ويو آهي. پيغمبرن کان وٺي وڏن حڪيمَن، فلسفيَن ۽ عالمن تائين، هر هڪ پنهنجي وقت ۾ علم جي اهميت تي زور ڏنو آهي. پر هڪ بنيادي سوال اڄ به انساني ذهن  ۾ اڀري ٿو ته : ڇا علم صرف ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو نالو آهي يا ان جو اصل مقصد انسان جي زندگي ۽ سماج کي بهتر بڻائڻ آهي؟ علم رکڻ بغير ان تي عمل ڪرڻ ائين آهي جيئن کوڙ ڪتاب الماڙيءَ ۾ بند پيل هجن پر ڪنهن جي زندگيءَ ۾ ڪا به تبديلي نه آڻي سگهن. اها واضع حقيقت آهي ته علم جو مقصد رڳو ڄاڻ گڏ ڪرڻ نه آهي پر ان ڄاڻ کي عمل ۾ آڻڻ آهي. علم جو ڪمال تڏهن ظاهر ٿئي ٿو جڏهن اهو انساني رويي، فيصلن ۽ زندگيءَ ۾ تبديلي آڻي.

اسان جي روزاني زندگي اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي جتي علم موجود آهي پر عمل جي کوٽ سماج کي نقصان پهچائي ٿي. اھڙن مثالن تي ٿورو بہ غور ويچار ڪبو تہ محسوس ٿيندو تہ اسان رُڳو ڳالھين جا ڳڙھ آھيون. 

جيڪڏهن علم صرف ڪتابن، تقريرن يا زباني اظهار تائين محدود رهي ته ان جو فائدو سماج کي گهٽ ۽ نقصان وڌيڪ ٿيندو. مثال طور جيڪڏهن هڪ ڊاڪٽر وٽ علم ته موجود آهي پر هو عملي طور مريض جي علاج ۾ ڪوتاهي ڪري ٿو ته ان جو علم ڪنهن ڪم جو نه رهيو. اهڙيءَ طرح هڪ عالم جيڪڏهن علم ته رکي ٿو پر پنهنجي قول ۽ فعل ۾ تضاد رکي ٿو ته سماج ان کان متاثر نه ٿيندو.

علم بغير عمل ائين آهي جيئن بجليء کان سواءِ بجليءَ جو بلب جيڪو موجود ته آهي پر روشني نٿو ڏئي. جيڪڏهن هڪ ماڻهو کي خبر آهي ته سگريٽ نوشي صحت لاءِ نقصانڪار آهي پر هو اڃا به سگريٽ ڇڪي ٿو ته ان جي علم جو ڪو فائدو ناهي.

اسڪولن ۾ پڙهيل لکيل ماڻهو روڊن تي ٽريفڪ قانونن کي نظرانداز ڪن ٿا، انهن وٽ ڄاڻ ته آهي، پر عمل نه آهي. ڪيترائي سياستدان ڪتابن ۽ تقريرن ۾ جمهوريت، انصاف ۽ ايمانداريءَ جون ڳالهيون ڪن ٿا، پر سندن عمل ان جي ابتڙ هوندو آهي. اهڙي تضاد سبب عوام ۾ مايوسي پيدا ٿئي ٿي.

ساڳي وقت اهڙا ماڻهو به آهن جن وٽ ٿورو علم هوندو آهي پر ان کي پنهنجي ۽ ٻين جي زندگيءَ ۾ بهتر نموني استعمال ڪن ٿا. جيڪڏهن هڪ شخص وٽ ٿورو علم آهي پر اهو علم هن کي سٺن عملن ڏانهن وٺي ٿو وڃي ته اهو شخص گهڻو ڪارآمد آهي. هڪ استاد جو علم ان وقت ثابت ٿئي ٿو جڏهن هو پنهنجي شاگردن ۾ سٺيون خوبيون پيدا ڪري. هڪ حڪمران جو علم ان وقت ڪارآمد ٿئي ٿو جڏهن هو عدل، انصاف ۽ عوامي ڀلائيءَ جا عملي قدم کڻي ٿو. عمل ئي اهو پل آهي، جيڪو نظريي ۽ حقيقي زندگيءَ جي وچ ۾ تعلق قائم ڪري ٿو.

اسلام سميت دنيا جي گهڻن مذهبن ۾ به علم ۽ عمل جي گڏيل اهميت تي زور ڏنو ويو آهي. قرآن پاڪ ۾ بار بار ڄاڻ ۽ عمل صالح جو ذڪر اچي ٿو. مطلب ته علم اڪيلو ڪافي نه آهي پر ان علم تي صحيح ۽ نيڪ عمل ڪرڻ ئي انسان کي ڪامياب بڻائي ٿو. پيغمبر اسلام حضرت محمد ﷺ جو فرمان آهي: ”علم بغير عمل، وڻ بغير ڦر وانگر آهي“. يعني جيڪڏهن وڻ تي ڦر ئي نه هجي ته ان جي خوبصورتي ۽ فائدي جو ڪهڙو مقصد؟ ساڳيءَ طرح ارسطو به چيو هو ته “علم جي بغير عمل ۽ عمل جي بغير علم  ٻئي اڌورا آهن.”

سماج کي اڳتي وڌائڻ لاءِ رڳو علمي ڊگريون ۽ سرٽيفڪيٽ ڪافي نه آهن. اصل اهميت ان ڳالهه جي آهي ته سماج ۾ اهي ماڻهو ئي عزت حاصل ڪن ٿا جيڪي پنهنجي علم کي ٻين لاءِ مفيد بڻائين ٿا. جيڪڏهن هڪ انجنيئر علم رکي ٿو پر سماج جي بهتري لاءِ ڪو منصوبو نٿو تيار ڪري ته ان جو علم بي مقصد آهي. جيڪڏهن هڪ صحافي سچ ڄاڻي ٿو پر ان کي عوام تائين نٿو پهچائي ته ان جو علم سماج لاءِ بي فائدو آهي.

آخر ۾ چوڻ جو مقصد ته علم هڪ وڏو خزانو۽ چراغ آهي پر اهو خزانو تڏهن قيمتي بڻجي ٿو جڏهن ان علم کي عمل ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ سمجهه، نيت، جرئت ۽ لڳاتار ڪوشش ڪري ان مان انسانيت، سماج ۽ فرد کي عملي فائدو پهچائجي. ان جي روشني تڏهن ظاهر ٿيندي، جڏهن ان کي عمل جي هوا ملي. عمل بنا علم اڌورو، بي روح ۽ بي اثر آهي. رڳو علم گڏ ڪرڻ ۽ ان تي عمل نه ڪرڻ سان نه فرد جي زندگي بدلجي ٿي، نه ئي سماج ۾ بهتري اچي ٿي. عمل ئي اهو پل آهي، جيڪو ڄاڻ کي حقيقي زندگيءَ ۾ معني ڏئي ٿو. تنهن ڪري اصل حڪمت اها آهي ته: علم جو مقصد رڳو ڄاڻ رکڻ نه، پر ان کي نيڪ ۽ مثبت عمل ۾ تبديل ڪرڻ آهي.

______________

عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر ۽ انگريزي، سنڌي ۽ اردو ٻولين جو ناميارو ليکڪ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button