Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

1965 واري پاڪ ڀارت جنگ وقت سنڌ مان سنڌي ھندن جي ھڪ ڀيرو وري لڏپلاڻ ٿي

منهنجي امڙ پنهنجو گھر ڇڏي ھندستان لڏڻ لاءِ راضي نہ ٿي حالانڪ سندس اباڻا، ڪاٺين جا زميندار، پاڪستان ٺھڻ وقت ئي سنڌ کان ھند پلاڻي چڪا ھيا.

جڳديش آهوجا

سوڀو گيانچنداڻي

سال 1965 جي پاڪ ڀارت جنگ جا جڏھن بادل ڇانئجڻ لڳا ھيا، تڏھن لاڙڪاڻي ۾ اسان جو گھر سيتا ولاس جڙي رھيو ھيو. سنڌ مان  سنڌي ھندن جي ھڪ ڀيرو وري لڏپلاڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو ھيو، پر منهنجي امڙ پنهنجو گھر ڇڏي ھندستان لڏڻ لاءِ راضي نہ ٿي حالانڪ سندس اباڻا، ڪاٺين جا زميندار، پاڪستان ٺھڻ وقت ئي سنڌ کان ھند پلاڻي چڪا ھيا. پر اسان جي امڙ پنهنجو گھر ڇڏي ھند لڏڻ لاءِ تيار نہ ٿي.

پوء جڏھن امڙ جو گھر جڙي راس ٿيو، جنھن جو نالو اسان جي پيءُ پياري دادا نرملداس پنھنجي امڙ ‘سيتا’ جي نانء سان منسوب ڪيو، تڏھن موھن جي دڙي ڀرسان ڳوٺ ٻنڊيء مان  ٽي ڀائر ڀائو وڏوسيٺ ڪيولرام،  ڀائو وچون ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ ڀائو ننڍو سيٺ خوبچند پنھنجي خاندانن سميت لاڙڪاڻي ۾ اسان جي گھر سيتا ولاس جي مٿين حصي ۾ مسواڙي ٿي اچي رھيا. اسان سڀ ھڪ گھر جو حصو ٿي وياسين ۽ اتي ئي دادا نرملداس جي ٽيون نمبر پٽ اندر لال ۽ ڪامريڊ جي ٻيو نمبر ڌيءُ مايا جو پيار جو رشتو جڙيو جيڪو اڳتي ھلي شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويو. ڀاڀي مايا رڳو پنهنجي پتيء سان رشتو نہ جوڙيو پر اسان سڀني ننڍن وڏن سان ايئن جڙي وئي جو سڀني جي پيار جو محور بڻجي وئي، جنھن کي بس  ممتا جي مورت ئي چئي سگھجي ٿو.

 اٺين ڊسمبر 2014ع تي سندس بابا ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، جنھن کي اسان سڀ گھر ڀاتي ‘ڀائو وچون’ چوندا ھياسين، سو ان وقت لاڙڪاڻي ۾ گذاري ويو، جڏھن سندس جيون ساٿي ‘ڀائو اندر لال’، منھنجو ٽيون نمبر وڏو ڀاءُ ڪينسر جي مرض سان جنگ جوٽي رھيو ھو. ڀاڀي مايا پنهنجي پيءُ جي پڳڙين کان پوءِ يڪدم ڪراچيءَ وري ھئي، پنھنجي پتي پرميشور جي پرگھور لھڻ لاءِ.  20 ڊسمبر تي ھت لاڙڪاڻي ۾ سندس بابا جو ٻارھو ھيو ۽ ھت ڪراچي ۾ سندس ور ڀائو اندر پنهنجي نياڻين سان ملي موڪلاڻي ڪئي.

سال 2014 ۾ ھڪ ئي وقت پيءُ ۽ مڙس جي وڇوڙي کانپوءِ اڄ يارھن سالن پڄاڻان اسان جي ڀاڀي امڙ جيري/ليور جي ڪم ڇڏي وڃڻ سبب زندگي ۽ موت جي ٻہ واٽي تي بيٺل آھي. ڀاڀي جيڪا اسان جي آھوجا خاندان جي سونھن آھي، پيار جو محور آھي، شال چاڪ چڱي چوبني ٿي وري اسان جي محفلن کي رونقون بخشي. بس ھڪ دل جي دعا آھي، شال ڪو معجزو ٿي پوي!

__________________

Jagdeesh Ahuja-TheAsiaN

جڳديش آهوجا ڪراڇي، سنڌ ۾ رھي ٿو.  لاڙڪاڻو سندس جنم ڀومي آھي. ھُو سياست، تاريخ، بين الاقوامي تعلقات ۽ فلسفي جو شاگرد ھجڻ سان گڏ ڪالم نگار ۽ ڪجھ ڪتابن جو ليکڪ، سنڌو واس فائونڊيشن جو باني صدر ۽ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري آھي. ھُن برٽش ڪمپني Pinch Media پاران سنڌ ۽ سنڌي ڪميونٽي تي ٺاھيل دستاويزي فلم ‘اڃان بہ قائم’ Still Standing ۾ مک ڪردار ادا ڪيو. 

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button