پاڪستان ۾ گجراتي ٻوليءَ جو زوال: گجراتي اسڪول، ڪتاب ۽ رسالا بند
گجراتي ٻولي، جيڪا قائدِ اعظم محمد علي جناح، مهاتما گانڌي ۽ عبدالستار ايڌيءَ جهڙين شخصيتن جي مادري ٻولي آهي، اڄ پاڪستان، خاص طور سنڌ جي گادي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهي آهي. ڪراچيءَ جي سماجي، ثقافتي، تعليمي، صنعتي ۽ ڪاروباري ترقيءَ ۾ گجراتي ڳالهائيندڙ برادرين جو ڪردار انتهائي نمايان رهيو آهي.

1990ع واري ڏهاڪي ۾ گجراتي ميڊيم اسڪولن جي بندش، نادرا جي فارمن مان گجراتي ٻوليءَ کي خارج ڪرڻ، سرڪاري سرپرستيءَ جي کوٽ، ۽ جديد ڊجيٽل وسيلن جي عدم دستيابيءَ سبب نئين نسل ۾ هن ٻوليءَ جو استعمال تمام گھٽجي ويو آهي. روزاني ’وطن‘ ۽ ’ملت‘ جهڙيون تاريخي اخبارون اڄ به پنهنجي پڙهندڙن جي گھٽجندڙ تعداد ۽ ٽيڪنيڪل رڪاوٽن جي باوجود هن لساني ورثي کي زنده رکڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيون آهن.
نصير اعجاز
پاڪستان ۾ گجراتي ٻوليءَ کي ڏُکيا ڏينھن ڏسڻا پيا آھن. هن ٻوليءَ جي هڪ شاھوڪار تاريخ ۽ ثقافتي اهميت آهي، پر ملڪ جي گجراتي برادريءَ، جيڪا بنيادي طور تي سنڌ صوبي ۾ آباد آهي، پنهنجي ٻوليءَ ۽ ثقافت کي محفوظ رکڻ لاءِ پريشان آهي. اها برادري آهستي آهستي اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ ۾ ضم ٿيندي پئي وڃي، جنهن جي ڪري گجراتي ٻوليءَ جي استعمال ۾ گھٽتائي آئي آهي.
ڪجھ عرصو اڳ جڏھن ڪنھن اخبار ۾ پڙھيم تہ گجراتي ٻولي ختم ٿي رھي آھي، تڏھن گجراتي ٻوليءَ جي موجودہ صورتحال تي مون ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ ٻن گجراتي روزاني اخبارن مان هڪ ’وطن‘، جي ايڊيٽر شاهد ستيءَ سان ڳالھ بولھ ڪرڻ سان گڏ ڪجھ ريسرچ بہ ڪئي.

ڪجهه اخبارن جي انهن رپورٽن جو حوالو ڏيندي، جن ۾ ان کي ’ختم ٿيندڙ ٻولي‘ طور ڏيکاريو ويو هو، شاھد ستيءَ چيو: ”گجراتي ٻولي ڳالھائڻ جي حوالي سان گھٽتائي ضرور آئي آهي، پر مان ان ڳالهه سان اختلاف ٿو ڪريان ته گجراتي ٻولي ختم ٿيڻ جي ڪنڌيءَ تي آهي.“ هن چيو: ”گجراتي ٻولي مري نٿي سگهي. پاڪستان، انڊيا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ڪروڙين ماڻهو گجراتي ٻولي ڳالهائين ٿا.“
ستيءَ چيو: ” مان مڃان ٿو ته پاڪستان ۾ گجراتي ٻوليءَ جو استعمال گھٽجي رهيو آهي پر ان جي گھٽتائيءَ جو هڪ وڏو سبب باقاعده تعليم جي کوٽ ۽ سرڪاري پاليسيون آهن جن هن ٻوليءَ جي ترقيءَ کي نظرانداز ڪيو آهي.“
هن ٻڌايو ته ڪراچيءَ ۾ ڪجهه اهڙا اسڪول هوندا هئا، جتي گجراتي شاگردن کي پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏني ويندي هئي. اهڙو ئي هڪ اسڪول تاريخي سنڌ مدرستہ الاسلام (جيڪا هاڻي يونيورسٽي آهي، جتي اڃا تائين ان جي احاطي ۾ هڪ اسڪول موجود آهي) جي احاطي ۾ موجود هو. ٻيا اسڪول پراڻي شهر جي علائقن، کارادار ۽ ٻين ھنڌن تي هئا.
هن افسوس سان چيو: ”گجراتي ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيڻ جو سلسلو 1990ع واري ڏهاڪي تائين جاري رهيو، جڏهن صوبائي حڪومت، سنڌ اسيمبليءَ مان هڪ بل پاس ڪري، اسڪولن ۾ گجراتي ميڊيم بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.“
ڪجهه ٻين سينئر شهرين بہ ٻڌايو ته گجراتي ميڊيم اسڪولن ۾، شاگردن کي ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي امتحانن ۾ جوابن جي ذريعي طور استعمال ڪرڻ جي اجازت هوندي هئي. اهڙين جوابي ڪاپين جي جائزي لاءِ خاص انتظام ڪيا ويندا هئا.

ستيءَ ٻڌايو: ”ھن وقت اسان وٽ ڪراچيءَ سميت سنڌ ۽ پاڪستان جي باقي حصن ۾ هڪ به گجراتي ميڊيم اسڪول ناهي.“
شاهد ستيءَ سان ٿيل گفتگوءَ مون کي سندس ٻڌايل انھيءَ حقيقت جو احساس ڏياريو ته جيئن ته هتي گجراتي ڳالهائيندڙ ماڻهن کي اسڪولن ۾ پنهنجي مادري ٻولي پڙهڻ جو موقعو نٿو ڏنو وڃي، ان ڪري نئون نسل روز بروز اردوءَ کي پنهنجي بنيادي ٻوليءَ طور اختيار ڪري رهيو آهي، جنهن جي ڪري گجراتي ٻوليءَ جي استعمال ۾ گھٽتائي اچي رهي آهي.
ان کان علاوه، گجراتي ٻوليءَ جي ادبي ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ نمائندگيءَ جي کوٽ به ان جي گھٽتائيءَ جو سبب بڻي آهي. گجراتي ٻوليءَ ۾ محدود وسيلن، جھڙوڪ ڪتاب، اخبارون، ۽ ميڊيا مواد جي عدم دستيابيءَ جي ڪري، جديد دور ۾ هن ٻوليءَ جي واڌ ويجھ ڏکي ٿي پئي آهي.
منهنجي سوال جي جواب ۾ ستيءَ چيو: ”اسان وٽ صرف ٻه گجراتي اخبارون آهن – هڪ ’وطن‘، جنهن جو بنياد باباءِ قوم محمد علي جناح 1942ع ۾ بمبئي (ممبئي) ۾ رکيو هو، ۽ بعد ۾ آزاديءَ کان پوءِ ڪراچي منتقل ڪئي وئي. تڏهن کان وٺي اها 84 سالن کان باقاعدگي سان شايع ٿي رهي آهي. ٻي گجراتي روزاني ’ملت‘ آهي، جنهن کي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ 1948ع ۾ انقلاب ماتريءَ شروع ڪيو هو. اهي ٻئي روزانيون اخبارون نه صرف پنهنجي بقا لاءِ، پر گجراتي ٻوليءَ جي تحفظ ۽ ترقيءَ لاءِ به سخت جدوجهد ڪري رهيون آهن.“

هن ٻڌايو: ”ماضيءَ ۾ هڪ ٻي روزاني اخبار ’ڊان گجراتي‘ به هوندي هئي، جتي منهنجي والد عثمان ستيءَ به ڪم ڪيو هو. اها روزاني اخبار لڳ ڀڳ ٽي ڏهاڪا اڳ بند ٿي وئي هئي. بعد ۾ منهنجي والد وطن گجراتيءَ جا حق خريد ڪري ورتا هئا.“
روزاني ملت ۽ وطن اڃا تائين زنده آهن، پر انهن جو مستقبل اونداهو نظر اچي ٿو،ڇاڪاڻ ته پڙهندڙن جو تعداد مسلسل گھٽجي رهيو آهي. ستيءَ چيو: ”پڙهندڙن جي گھٽتائي هڪ عام عمل آهي جنهن مان تقريبن سڀني ٻين ٻولين جون اخبارون لنگھي رهيون آهن، پر گجراتي پڙهندڙن جي گھٽتائيءَ پويان ٻيا عوامل به آهن، جن تي اڳ ۾ ئي بحث ٿي چڪو آهي.“
’ملت‘، جنهن کي فخر ماتريءَ 1948ع ۾ شروع ڪيو هو، اٽڪل ٻه ڏهاڪا اڳ نئين نسل جي پڙهندڙن کي متوجه ڪرڻ لاءِ اردوءَ جا ڪجهه صفحا شامل ڪيا هئا، پر اهو تجربو ناڪام ٿي ويو.
گجراتي ڪتابن ۽ رسالن جي حوالي سان هن چيو: ”گجراتي ٻوليءَ ۾ ڪتاب ۽ رسالا شائع ڪرڻ ۽ پڙهڻ ۾ دلچسپي رکندڙ نسل هاڻي ناهي رهيو. هڪ ڏھاڪي کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي جو هتي گجراتي ٻوليءَ ۾ ڪو به ڪتاب يا رسالو شائع ناهي ٿيو.“
ماضيءَ ۾، گجراتي برادري هندوستان مان اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب به گهرائيندي هئي ۽ انهن مان ڪجهه زبردست مقبوليت ماڻيندا هئا. پر ٻنهي ملڪن جا تعلقات ئي نه آهن، ان ڪري ڪو به هندوستان مان ڪتاب ۽ رسالا نٿو خريد ڪري سگهي.

گجراتي مشاعرا به ڪراچيءَ ۾ هڪ باقاعده معمول هوندو هيو. اهڙن پروگرامن ۾ ماڻهن جي حاضري به تمام سٺي هوندي هئي. پر وقت گذرڻ سان گڏ، اهو سڀ ڪجهه هاڻي هڪ پُراڻي ڳالھ لڳي ٿي.
شاهد ستيءَ چيو: ”مقامي گجراتي برادرين جا ڪيترائي بزرگ ماڻهو، جن ڪراچيءَ جي گجراتي ميڊيم اسڪولن مان تعليم حاصل ڪئي هئي، اڃا تائين دل سان چاهين ٿا ته اهڙا اسڪول ٻيهر بحال ڪيا وڃن، ڇاڪاڻ ته ان سان ڪتاب ۽ رسالا شائع ڪري گجراتي ٻوليءَ کي هٿي ڏئي ان جي زوال جي عمل کي روڪي سگهبو، پر افسوس جو حڪومت اسان جي ٻوليءَ کي بيحد نظرانداز ڪيو آهي.“
گجراتي ٻوليءَ ڏانهن حڪومت جي نظراندازيءَ جو اندازو ان ڳالهه مان ڪري سگهجي ٿو ته نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽيءَ (نادرا) درخواست گذار کان سندس مادري ٻولي پڇڻ واري ڪالم مان گجراتيءَ کي ڪڍي ڇڏيو آهي.
دلچسپيءَ جي ڳالهه اها آهي ته محمد علي جناح ۽ موهن داس ڪرم چند گانڌي ٻئي گجراتي ڳالهائيندا هئا. گانڌيءَ پنهنجي آتم ڪٿا گجراتيءَ ۾ لکي هئي، جنهن جو بعد ۾ سنڌي، انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيو. پاڪستان جو ناميارو سماجي ڪارڪن عبدالستار ايڌي به گجراتي ڳالهائيندڙ هو.

50 کان 60 ملين (5 کان 6 ڪروڙ) ماڻهن جي گجراتي ٻوليءَ کي دنيا جي 26هين سڀ کان وڌيڪ ڳالهائي ويندڙ ٻولي چيو وڃي ٿو. گجراتيءَ جا اڪثر ڳالهائيندڙ هندوستان جي رياست گجرات ۾ رهندا آهن، جتي گجراتي سرڪاري ٻولي آهي ۽ اسڪولن ۾ پڙهائي ويندي آهي. گجرات کان علاوه، اهي علائقا جتي اها ٻولي پهرين ٻوليءَ طور ڳالهائي ويندي آهي، انهن ۾ مهاراشٽر جا ڪجهه علائقا (جيئن ممبئي)، پاڪستان، خاص طور تي ڪراچي، حيدرآباد، ۽ سنڌ جا ڪجهه ٻيا شهر شامل آهن. گجراتي ڳالهائيندڙ ماڻهو بنگلا ديش، ڪجهه آفريقي ملڪن – جتي گجراتي ڳالهائيندڙ هندستاني صديون اڳ آباد ٿيا هئا – ۽ انهن ملڪن ۾ به ملي سگهن ٿا جتي گجراتي ڳالهائيندڙ مهاجر وڏي تعداد ۾ رهندا آهن، جھڙوڪ برطانيه ۽ آمريڪا.
مون کي اهو ڄاڻڻ جي جستجو هئي ته ڇا ڪراچيءَ ۾ گجراتي برادريون گهر ۾ پنهنجي مادري ٻولي ڳالهائين ٿيون يا نه. منهنجي سوال جي جواب ۾، شاهد ستيءَ چيو: ”گجراتي نه ته مارڪيٽ جي ٻولي آهي ۽ نه ئي سرڪاري يا خانگي شعبي جي دفترن ۾ استعمال ٿئي ٿي. ان ڪري نئين نسل وارا گجراتي ڳالهائيندڙ ان کي استعمال نٿا ڪن. هن ٻوليءَ مان سندن دلچسپي ختم ٿي وئي آهي ڇاڪاڻ ته کين ان ۾ ڪو مستقبل نظر نه آيو، جڏهن ته اردو ۽ انگريزي ٻولين منافعي بخش نوڪريون ڏنيون ۽ تعليم سان گڏوگڏ معاشري ۾ روزاني مواصلات لاءِ مفيد ثابت ٿيون. پر ها، برادريءَ جا ماڻهو پنهنجي خاندان يا برادريءَ اندر باقاعدگيءَ سان اها ٻولي ڳالهائين ٿا.“
هن چيو: ”اهي برادريون جيڪي اڃا تائين گجراتي ڳالهائين ٿيون، انهن ۾ بوھرا، پارسي، هندو، اسماعيلي، ڪڇي ميمڻ ۽ ڪاٺياواڙي ميمڻ وغيره شامل آهن. اهي بنيادي طور تي ڪراچيءَ سميت سنڌ جي ڪجهه ٻين شهرن ۾ آباد آهن.“
ستيءَ چيو: ”پاڪستان ۾ گجراتي ٻولي اهي ماڻهو ڳالهائين ٿا جن هن ملڪ جي قيام کان پوءِ موجوده هندوستان مان هجرت ڪئي هئي. ڪجهه اهڙيون برادريون جيڪي 1947ع کان گهڻو اڳ هتي آباد ٿيون هيون ۽ ورهاڱي کان پوءِ هندوستان ڏانھن هجرت نه ڪيائون، اهي به اڃا تائين گجراتي ڳالهائين ٿيون.“
صحافت ۽ پرنٽ انڊسٽريءَ ۾ اڌ صدي گذارڻ کان پوءِ، مون کي ان جي ارتقا ۽ پراڻي مينوئل ڪمپوزنگ سسٽم کان ڪمپيوٽر ڏانهن منتقل ٿيڻ جي عمل جي خبر هئي. مان ڄاڻڻ چاهيان پيو ته ٻئي گجراتي اخبارون ان عمل مان ڪيئن نڪري پار پيون.
ستيءَ ٻڌايو: ”تبديلي هڪ آسان ڪم نه هو. پاڪستان ۾ ڪنهن به سهولت جي عدم دستيابيءَ جي ڪري، هتي ڪو به جديد سسٽم ۽ سافٽ ويئر تيار نه ٿي سگهيو. اسان کي اهو سسٽم هندوستان مان خريد ڪرڻو پيو. پر وري اسان کي ماهر ۽ باصلاحيت ماڻهن جي کوٽ پيش آئي، جيڪي اهو سسٽم هلائي سگهن. اسان وٽ تمام گهٽ ماڻهو آهن جيڪي گجراتي ڪمپوزنگ ۽ سافٽ ويئر ڄاڻن ٿا.“

پنهنجي ٻوليءَ کي محفوظ رکڻ ۽ ان جي ترقيءَ لاءِ گجراتي برادري ۽ ٻوليءَ جي ڪارڪنن پاران ڪيل ڪوششن بابت منهنجي سوال جي جواب ۾، ستيءَ چيو: ”ڪجهه تنظيمون ۽ فرد نئين نسل کي گجراتي سيکارڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن ته جيئن هتي ان جي بقا کي يقيني بڻائي سگهجي. ان مقصد لاءِ، ڪجهه ڪارڪنن سولجر بازار ۽ ٻين علائقن ۾ برادريءَ جي ٻارن لاءِ گجراتي ڪلاس شروع ڪيا هئا. پر گھربل نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙين ڪوششن کي وڏي پيماني تي ڪرڻ جي ضرورت آهي.“
پاڪستان ۾ حڪومت ۽ تعليمي ادارن لاءِ اهو انتهائي اهم آهي ته اهي گھڻين ۽ مختلف ٻولين جي اهميت کي مڃين ۽ گجراتي جهڙين ٻولين جي تحفظ لاءِ سهڪار سھولت فراهم ڪن. گھڻ ٻولي تعليم ۽ ثقافتي پروگرامن کي هٿي ڏيڻ سان، گجراتي ٻوليءَ کي ٻيهر زنده ۽ ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ ڪري سگهجي ٿو.
برادري، حڪومت ۽ سڄي معاشري لاءِ به اهو ضروري آهي ته اهي گڏجي پاڪستان جي لساني تنوع کي محفوظ ۽ ترقي وٺرائڻ لاءِ ڪم ڪن. گجراتي ٻولي ملڪ جي ثقافتي تاڃي پيٽي جو هڪ لازمي حصو آهي، ۽ ان جو تحفظ ملڪ جي مجموعي ثقافتي وسعت لاءِ بيحد ضروري آهي.
ٻولي ڪنهن به برادريءَ جي سڃاڻپ ۽ ثقافت جو هڪ لازمي حصو آهي، ۽ ڪنهن ٻوليءَ جو ضايع ٿيڻ ئي ثقافتي ورثي جي زيان برابر آهي. ٻوليءَ جو زوال بيشڪ هڪ فڪرمندانه معاملو آهي – نه صرف ٻوليءَ يا علم الانسان جي ماهرن لاءِ پر هر ان شخص لاءِ جيڪو ثقافت ۾ دلچسپي رکي ٿو.
گجراتي ٻولي سادي ۽ سکڻ ۾ آسان آهي. گفتگوءَ واري ٻوليءَ جي حوالي سان، اها مختصر، سادي ۽ سماجي توڙي گھريلو معاملن لاءِ مڪمل طور تي مناسب آهي.
دنيا جي 50 ملين (5 ڪروڙ) گجراتي ڳالهائيندڙ ماڻهن مان، تقريبن 3.5 ملين (35 لک) ڪراچيءَ ۾ رهندا آهن. گجراتي، وڏن صنعتڪارن، ڪاروبارين، اسٽاڪ بروڪرن، ۽ وڏن ميڊيا هائوسز جي مالڪن جي مادري ٻولي آهي. اهي 5-اسٽار هوٽلن، بئنڪن، ۽ آٽو موبائيل انڊسٽريز جا مالڪ آهن. شهر جا ڪيترائي اسڪول به گجراتي ڳالهائيندڙ ماڻهن جي ملڪيت آهن، پر افسوس آهي ته انهن مان ڪو به پنهنجي ٻولي نٿو پڙهائي.
جيڪڏهن گجراتي ڪاروباري، واپاري، صنعتڪار ۽ بئنڪر وغيره قومي معيشت ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ته اهي گجراتي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ به پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.
گجراتي ٻولي سادي ۽ سکڻ ۾ نسبتاً آسان آهي. اها مختصر، سادي، ۽ سماجي ۽ گھريلو معاملن لاءِ بهترين آهي. پنهنجي لفظن جي ننڍڙي ذخيري جي باوجود اها اثرائتي آهي. ٻين ٻولين مان تمام گهڻو مواد اُڌارو وٺي سگهجي ٿو تہ جيئن ان کي شاھوڪار بنائي سگھجي.
آخر ۾، مان گجراتي برادريءَ جي تنظيمن کي تجويز ڏيندس ته اهي گجراتي اسڪولن جي بحاليءَ، سرڪاري سطح تي ٻوليءَ جي مڃتا، صوبائي حڪومت جي ٻين ٻولين ۽ ثقافتي ادارن جهڙوڪ سنڌي لينگويج اٿارٽي، سنڌڪلچر ڊپارٽمينٽ، سماجي ۽ ثقافتي تنظيمن سان رابطو شروع ڪن، ۽ ڪاروبارين ۽ صنعتڪارن وغيره کان سافٽ ويئر تيار ڪندڙ ادارا قائم ڪرڻ لاءِ مالي ۽ ٻي امداد حاصل ڪن، ريڊيو ۽ ٽي وي چينل، فلمون ۽ ڊراما شروع ڪن. اهي سڀ عمل پاڪستان ۾ ۽ خاص طور سنڌ ۾، گجراتي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ وڏي مدد ڪندا.
گجراتي برادريءَ کي پنهنجي خاموشي ڀڃڻي پوندي ۽ الڳ ٿلڳ رهڻ واري صورتحال مان ٻاهر نڪرڻو پوندو.
_____________

نصير اعجاز صحافي آھي ۽ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو



