Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

سنڌي ادب: مان ڇو به رنو آھيان… (مختصر ڪھاڻي)

ھو ٻاھر نڪتو ۽ ٿاڻي جي ڀت کي ٽيڪ ڏئي ڏاڍو رنو پنھنجي بي وسيءَ تي، لاپرواهيءَ تي، زال سان ڪيل وچن تي پر اتي موجود ڪنهن به ماڻھوءَ کانئس روئڻ جو سبب نه پڇيو، نه ڪنھن سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي……..! نه ڪو آسرو مليو نه ڪنھن آٿت ڏني.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

حميرا نور

شهر جي ڪچي آباديءَ جي هڪ پراڻي پاڙي ۾ سليم رهندو هو… نه ڪو وڏو ڪاروبار، نه ڪا اوچي حيثيت.

وٽس رڳو ٻه شيون هيون

هڪ ننڍڙو ڪچو پڪو گهر ۽ دل ۾ جيئڻ جي خواھش.

سليم سڄي عمر ماڻهن لاءِ سٺو سوچيو ۽ سٺو ڪيو.

پاڙي ۾ ڪنهن جي به گھر ڪا بيماري سيماري ٿيندي هئي ته پنهنجو روزگار ڇڏي رت ڏيڻ لاءِ پهچي ويندو هو.

ڪنهن جي گهر ۾ بک هوندي هئي ته پنهنجي ٻارن جي وات مان به گرھ ڪڍي سندن حوالي ڪندو هو. ذات برادريءَ سميت دوستي ياريءَ ۾ ڪو به مرڻو پرڻو ڪو نه ڇڏيائين. اوڌر وٺي به پھچي ويندو هو.

پر وقت……..

وقت کيس موٽ ۾ رڳو تڪليفون ڏنيون.

سندس زال ڪاري سائيءَ جي بيماريءَ سبب دنيا ڇڏِي ھلي وئي پر علاج لاءِ ڪنهن به مدد ڪا نه ڪيس، وڏو پٽ ماءُ جي جدائيءَ کان پوءِ ۽ اڪيلائي کان تنگ ٿي نشو پتو ڪرڻ لڳو ۽ انھيءَ حالت ئي ۾ شھر جي پل ھيٺيان پٽ جو لاش کڻي آيو!

ڌيءَ جي شادي قرضن هيٺ دٻجي ويس ۽ ڇوڪري عمر ڀر لاءِ ويھجي وئي، ڇو ته ڀيڻس چيس ته اسان اڳي ئي غريب مٿان نُھنَ به ڏاج ۾ ڪجھ نه آڻي ته پوءِ ڪھڙو فائدو اھڙي سڱاوتيء مان !!!!!؟

ننڍو پٽ لوندڙيءَ ۾  ڍڳيءَ جي سڱ لڳڻ سبب دماغي مريض ٿي ويس.

سليم جو ننڍڙو ريزڪيءَ جو دڪان هڪ بااثر سياسي ماڻهوءَ جي ھڪ واٺي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو.

تنھن کان پوءِ لڳاتار عدالتن جا چڪر، ٿاڻن جا ڌڪا کائڻ، سفارشون ۽ ذلتون کڻي کڻي ٿڪجي پيو پر انصاف ڪنهن به در تان ڪو نه مليس ۽ دنيا سان ڪيل ڪا به چڱائي ڪم ڪو نه آيس.

هڪ  ڏينهن شام جو رئيس تڪ جو اليڪشن فارم ڀرائي جمع ڪرائي آيو سو ان خوشيءَ ۾ برياني جون ٻه ديڳيون لھرائي پنھنجن ڇاڙتن سان گڏ جشن ڪري رهيو هو ۽ سليم پنهنجي گهر جي ڇت تي ڀت سان ٽيڪ ڏئي اھو رونشو ڏسي رھيو ھو. سامهون پالتو ڪتو (جگر) خاموشيءَ سان سندس پيرن ڀرسان ليٽيل هو ۽ پاليل/بکايل ٻه ٻليون به گڏ ويٺيون ھيس.

سامھون پاڙي ۾ ديڳيون ورھائجي رھيون ھيون پر وٽس رات جي مانيءَ لاءِ ڪجھ به ڪو نه ھو. سليم سوچو ته ھنن ٽنھي گگدامن کي گھٽيءَ ۾ ڇڏي ٿو اچان جيئن ماڻهن جو بچيل سچيل کاڌو کائي. اچن باقي منهنجو خير آ. ھُو ھيٺ لٿو، ٽئي ٻچڙا به پچ لوڏيندا سندس پويان پويان ھلڻ لڳا. اتي بيٺل ھڪ ڇاڙتي/واٺي کي چيائين ته پليٽن ۾ بچيل چانور ۽ ھڏا ھنن کي ڏي ته کائن. رئيس جي ڇاڙتي سليم جي ڳالھ کي مانُ ڏيندي ڪجھ ھڏا ٽنھي گگدامن جي سامھون اڇلايا. ڇاڙتي جو اھو طريقو سليم کي بلڪل نه وڻيو ڇو جو ھِن ٽنھي ٻچڙن کي اولاد وانگر کارايو پياريو ھو، پر ھي ڪڇي نه سگھيو ۽ آلين اکين سان گھر ڏانھن ھلڻ لڳو. سندس ھلڻ تي ٽئي ٻچڙا به بنا کائڻ جي سليم جي پويان ھلي گھر پھچي ويا.

سليم آليون اکيون بند ڪيون تہ ننڊ اچي ويس.

سليم پاڻ گھٽ کائيندو ھو پر ھنن بي زبانن کي ونڊي ورھائي ماني مان حصو ڏيندو رھندو هو. ماڻهو  سدائين چوندا هيس ته پنهنجا حال ڏس. پاڻ کي ڇڏي جانورن تي ايترو خرچ ڇو ٿو ڪرين؟

سليم مرڪي چوندو هو ته  ماڻهن کان وفا نه ملي، متان هنن بي زبانن وٽان ملي وڃي!!!!!!!!

سليم، زال جي وفات کان پوءِ روزانو ٻاھر نڪري ميلن جا ميل پيو پنڌ ڪندو هو. انھن پنڌن ۾ ھڪ ڪتو ۽ ٻه ٻليون سندس ھمسفر ٿي ويون. اھو پنڌ ايسيتائين ھلندو ھو جيستائين سليم پاڻ ٿڪبو نه ھو ۽ ٿڪ ڀڃن لاءِ واھَ جي ڪپ تي گھاٽي نم جي وڻ ھيٺان ويھي پھرين گگدامن کي پاڻي پياريندو ۽ پوءِ پاڻ پي آرام ڪندو هو.

سليم پنھنجي اڪيلي ڌيءَ کي زال جي وفات کان پوءِ ماءُ وٽ ڳوٺ ڇڏي آيو هو ۽ مھيني ڏيڍ تي ماءُ ۽ ڌيءَ سان ملڻ ڳوٺ ويندو رھندو هو. ھن ڀيري ڏھ مھينا ٿي ويا ھيس جو ڳوٺ نه وڃي سگھيو. ان جو سبب ھي ٽي ٻچڙا ھئا. سدائين سوچيندو رهيو ته  لوڪل بس ۾ ماڻھو ھنن کي ويھارڻ ڏين الائي نه!؟

ھنن کي ڳوٺ وٺي وڃان پر امان کي گھر ۾ ڪتو ناھي وڻندو!؟

ھتي ڪنھن جي حوالي ڪيان!؟

گھر ۾ بند ڪري وڃان!؟

کاڌو ڪٿان کائيندا!؟

گھٽيءَ ۾ ڇڏي ڏيان!؟

ھي مون کان سواءِ رھي ڪو نه سگھندا!؟

بس انھيءَ سوچ ۾ ڪو فيصلو نه ڪري سگهيو ۽ پورو سال گذري ويو.

جعمي جي ڏھاڙي صُبح جو ھوٽل تي پنھنجي لاءِ چانھن ۽ تنور جي ماني ۽ ٻچڙن لاءِ ٽي مانيون وٺي آيو ۽ ڀور ڀور ڪري کين ڏنائين. پوءِ سڌو قبرستان ڏانھن رخ ڪيائين جتي پنهنجي زال جي قبر تي حاضري ڏنائين ۽ دل ئي دل ۾ چوڻ لڳو:

وڃي ويھي رھين مون کان ڏاڍو پري

تنھنجي وئي منھنجي ڪين سري.

سندس اکين مان ڳوڙها ڳڙندا رھيا ۽ چوندو رھيو:

مون کي معاف ڪجانءِ مان گھر سنڀالي نه سگهيس،

ڌيءَ جي شادي به رلي وئي،

تو کان پوءِ وڏي پٽ جي لاش منھنجي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي،

ننڍو گدو اسپتال ۾ داخل آھي.

نڪاح وارو تنھنجو ڳاڙھو وڳو سنڀالي رکيو اٿم. تو چيو هو ته پنھنجي وڏي نُھنَ کي پارائيندس پر ھاڻي وڏي ته ڇا ننڍي نُھنَ جو به آسرو ڪونھي. پر اھو وچن ٿو ڪيان ته تنھنجي نشاني مرڻ گھڙيءَ تائين سنڀالي رکندس.

 ھيلوڪي مينھنَ ۾ گھر جو ڪچو اڱڻ صفا ڀُري پيو آهي. مان ڇا ڪيان مونکي راڳو ڪرڻ نه ٿو اچي.

منھنجي قميص مون کان استري ڪندي سڙي وئي. تو کان پوءِ پھريون ڀيرو استري ھٿ ۾ کنئي ھيم.

امان چئي ٿي ٻي شادي ڪر پر (منھنجي راڻي مان نه ڪندس).

سليم بي انتھا روئڻ کان پوءِ قبرستان مان نڪري ساڳئي واھَ جي ڪپ تي اچي پاڻي پي ۽ ٻچڙن کي پيئاري سمھي پيو. جڏھن اک کليس ته صبح جا پنج ٿي رھيا ھئا. ھر طرف ٻانگن جا آواز ۽ پکين جي  چرمرگونجي رھي ھئي. سندس ٻچڙا بک تي جاڳيل  ۽ ساڻا ھئا. سليم اندر ئي اندر ۾ پنھنجو پاڻ کي ملامت ڪرڻ لڳو. ھي ويچارا منھنجي ڪري بک تي ويٺا آھن. سليم واھَ جي ڪپ تان بيھي چوڌاري نظر ڦيرائي ته سواءِ ٻنين جي ٻيو ڪجھ به نه هيو. ھوٽلَ به الاھي پري ھئي. ھِن ھڪ ٻليءَ کي ڪلھي تي ويھاريو ۽ ٻيءَ کي ڪڇ تي کڻي ھوٽل طرف ھلڻ شروع ڪيو. ڪتو ڪنھن مھل اڳيان ته ڪنھن مھل پويان پر گڏ گڏ ھلندو رھيو.

ڪالھ واري ساڳئي ھوٽل تي پھچي مالڪ کان رات واري بچيل ڪڪڙ جي ٻوڙ جي پڇا ڪيائين، مالڪ ھڪ پليٽ ۾ پنج ڇھ ٻوٽيون وجھي پليٽ سليم جي اڳيان رکي. سليم پليٽ پٽَ تي ويٺل ٻچڙن جي حوالي ڪئي ۽ پاڻ چانھن ٺھڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو.

ٺيڪ نائين وڳي ھوٽل تان اٿي گھر طرف وڃڻ لڳو ته رستي ۾ ھڪ پاڙي واري پڇيس ته يار ڪٿي آھين. رات پاڙي ۾ چور آيا، ٻن گھرن کي کاٽ هڻي ويا، ھڪ تنھنجو ۽ ٻيو چاچي غلام محمد جو گھر. ٻئي گھر خالي جو ھئا!

سليم کلندي چيو ته منھنجي گھر ۾ آھي ڇا جو کڻي ويا؟

خبر ناھي يار پر تنھنجي گھر جو به تالو ڀڳل آ.

سليم سوچيندو رهيو ته  چور گهر مان ڇا کڻي ويا هوندا؟

هڪ پراڻو پکو، ٿورا ٿانون، ٻه کٽون،ھڪ ڀڳل سلائي مشين، ٻه مٽَ، ھڪ بالٽي، ھڪ استري ۽ ڪجھ ھنڌ بسترا.

ٻيو وري ڇا………..!؟

سليم گھر جي گھٽيءَ جي ويجھو پھتو ته اتي رش لڳي پئي هئي جنهن ۾ ڳوٺاڻا ۽ ڪجھ پوليس وارا بيٺل ھئا. سليم به ان رش جو حصو ٿي ويو. سندس نظر کليل در ڏانهن وئي ۽ اندر ھليو ويو. سندس ڪتو (جگر) ٻنھي ڪمرن، ورانڊي ۽ آڳر ۾ ڊوڙندو رھيو ۽ مسلسل ڀوئنڪدو رھيو. سليم ماڻھن جي ھيڏي رش ۾ مڪمل خاموش رھيو.

ان ماٺار کي ٽوڙيندي ھڪ پاڙي واري چيس ته ھل ته ھلون ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيون، سليم انتھائي مايوسي ۾ چيو ته ڇا ڪيس ڪيان؟ ڪنھن تي ڪيس ڪيان؟ ڪھڙي دولت وئي آ جنھن جي واپس جي گُھر ڪيان؟

سليم جي ان رُکي جواب تي پوليس ھلي وئي ۽ ماڻھو به ڇڙوڇڙ ٿي ويا پر ڪتو مسلسل ڀوئنڪدو رھيو ۽ ڪمري جي اندر ان خالي جاءِ تي ويھي رھيو جتي ھڪ پراڻي لوھ جي پيٽي رکيل ھوندي ھئي جنھن ۾ سندس زال جو نڪاح وارو وڳو پيل ھو. چور اھا پيٽي به کڻي ويا ھئا.

 نيٺ سليم کي ڪتي جي بيچينيءَ اڻ تڻ ۾ وجھي ڇڏيو. ھڪ دم رڙ ڪري چيائين:

منھنجي ملڪيت، منھنجي سار، منھنجي نشاني، منھنجي محبت، منھنجو ساھ، منھنجو وچن.

سليم  بنا دير پوليس اسٽيشن ويو ۽ چيائين ته مون کي صرف لوھ واري پيٽي واپس ڪرائي ڏيو باقي مون کي ڪجھ به نه کپي. منھنجي زندگيءَ جي ڪل ڪمائي ان لوھي پيٽيءَ ۾ پيل آهي.

ايس ايڇ او جيڪو سندس ذات برادريءَ جو ھيو تنھن بنا رشوت جي رپورٽ لکڻ کان صفا انڪار ڪري ڇڏيو ھو پر وٽس پوليس جو پيٽ ڀرڻ لاءِ ايترا پئسا ڪونه هئا.

ھو ٻاھر نڪتو ۽ ٿاڻي جي ڀت کي ٽيڪ ڏئي ڏاڍو رنو پنھنجي بي وسيءَ تي، لاپرواهيءَ تي، زال سان ڪيل وچن تي پر اتي موجود ڪنهن به ماڻھوءَ کانئس روئڻ جو سبب نه پڇيو، نه ڪنھن سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي……..! نه ڪو آسرو مليو نه ڪنھن آٿت ڏني.

مان ڇو به رنو آھيان پر يار رنو آهيان

ڏسون ڪير ٿو پرچائي ھِن ھيڏيءَ محفل ۾ .

________________  

Humaira Noor-TheAsiaN

حميرا نُور جو اصل نالو حميرا شمس شيخ آھي. سوشيالاجيءَ ۾ سندس ماسٽرس ڪيل آھي. پاڻ ڪالم نگار،  ڪھاڻيڪار ۽ شاعرہ آھي. سندس چار ڪتاب ڇپيل آھن جن ۾ درد جي خوشبو، زائفان ذات ، تون ۽ مان ، ۽ گنگيون زندگيون، شامل آھن.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button