آفريقا جي گريٽ گرين وال ۽ دنيا جا وڏا ماحولياتي منصوبا
آفريقا کنڊ ۾ ٻيلن وڌائڻ ۽ ماحولياتي بهتريءَ لاءِ هڪ تاريخي ۽ عظيم منصوبو هلي رهيو آهي، جنهن کي ”گريٽ گرين وال“ (The Great Green Wall) جو نالو ڏنو ويو آهي. هي سڄي دنيا جي وڏن ماحولياتي بحاليءَ جي منصوبن مان هڪ آهي. هي منصوبو آفريقا جي ساحل خطي ۾ اولهه واري ملڪ سينيگال کان شروع ٿي اوڀر ۾ جبوتي تائين، اٽڪل 8,000 ڪلوميٽر جي ڊيگهه ۾ پکڙيل آهي

مانيٽرنگ ڊيسڪ
موجوده دور ۾ موسمياتي تبديليون ۽ زمين جو بنجر ٿيڻ سڄي دنيا لاءِ هڪ وڏي للڪار آهي. ان خطرناڪ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي ڪجهه اهڙيون وڏيون رٿائون شروع ڪيون ويون آهن، جن جو مقصد لکين هيڪٽرن تي پکڙيل بنجر زمينن کي ٻيهر آباد ڪرڻ ۽ رِڻ پٽ جي پکڙجڻ کي روڪڻ آهي.
اهڙن ئي مھا منصوبن ۾ سڀ کان اهم آفريقا ۽ چين جون ”گريٽ گرين والز“ آهن. آفريقا کنڊ ۾ ٻيلن وڌائڻ ۽ ماحولياتي بهتريءَ لاءِ هڪ تاريخي ۽ عظيم منصوبو هلي رهيو آهي، جنهن کي ”گريٽ گرين وال“ (The Great Green Wall) جو نالو ڏنو ويو آهي. هي سڄي دنيا جي وڏن ماحولياتي بحاليءَ جي منصوبن مان هڪ آهي. هي منصوبو آفريقا جي ساحل خطي (Sahel Region) ۾ اولهه واري ملڪ سينيگال (Senegal) کان شروع ٿي اوڀر ۾ Djibouti (جبوتي) تائين، اٽڪل 8,000 ڪلوميٽر جي ڊيگهه ۾ پکڙيل آهي.
ان جو بنيادي مقصد يگستاني علائقن (سحارا ريگستان) جي پکڙجڻ کي روڪڻ، متاثر ٿيل زمين کي ٻيهر زرخيز بنائڻ، موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ ۽ اتي جي مقامي ماڻهن جي زندگيءَ جو معيار بهتر بڻائڻ آهي.
هيءُ رڳو وڻ پوکڻ جو منصوبو ناهي، پر ان سان گڏ چراگاھن، ٻيلن، ڍنڍن ڍورن، ۽ زرعي زمينن کي پڻ بحال ڪيو پيو وڃي ته جيئن هڪ صحت مند ماحولياتي نظام قائم ڪري مقامي برادرين کي مضبوط بڻائي سگهجي.
هن منصوبي تحت 100 ملين هيڪٽر خراب ٿيل زمين کي بحال ڪرڻ، 10 ملين گرين نوڪريون (روزگار) پيدا ڪرڻ، ۽ خوراڪ جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جا ٽارگيٽ مقرر ڪيا ويا آهن. هاڻي کان ئي ان جا هاڪاري ماحولياتي ۽ معاشي اثر نمايان ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن.
چين پڻ پنهنجي اترئين حصي ۾ گوبي ريگستان (Gobi Desert) جي پکڙجڻ ۽ مٽيءَ جي طوفانن کي روڪڻ لاءِ دنيا جو سڀ کان وڏو مصنوعي ٻيلو تيار ڪرڻ جو منصوبو شروع ڪيو آهي، جنهن کي سرڪاري طور ”ٿري-نارٿ شيلٽر فاريسٽ پروگرام“ (Three-North Shelterbelt Program) چيو ويندو آهي، جڏهن ته عام ٻوليءَ ۾ هي ”چين جي سائي ديوار“ (Great Green Wall of China) جي نالي سان مشهور آهي.
هي منصوبو چين جي حڪومت پاران 1978ع ۾ شروع ڪيو ويو هو، جيڪو 2050ع تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي. هي 72 سالن تي ٻڌل هڪ وسيع ماحولياتي پروگرام آهي جيڪو چين جي 13 صوبن ۾ پکڙيل آهي، جنهن جي مڪمل ٿيڻ سان اٽڪل 4,500 ڪلوميٽرن تائين وڻن، ٻوٽن ۽ چراگاھن جي هڪ سائي پٽي قائم ٿي ويندي. هن منصوبي ذريعي چين پنهنجي اترين علائقن ۾ ٻيلن جي شرح کي 5 سيڪڙو مان وڌائي 15 سيڪڙو تائين پهچائڻ چاهي ٿو.
چين هن منصوبي ۾ سيٽلائيٽس، مصنوعي ذهانت (AI)، ۽ ڊرونز ذريعي ٻج ڇٽڻ واري جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال پڻ ڪري رهيو آهي.
چين ۽ آفريقا کان علاوه دنيا جي ٻين ملڪن پڻ ماحول کي بچائڻ لاءِ وڏا قدم کنيا آهن. سعودي عرب پاران پنهنجي ملڪ ۾ ماحولياتي گدلاڻ کي گهٽائڻ ۽ ريگستان کي سائو بڻائڻ لاءِ 10 ارب وڻ پوکڻ جو ٽارگيٽ رکيو ويو آهي. ان سان گڏ، هو پنهنجي علائقائي پارٽنرس سان گڏجي ”مڊل ايسٽ گرين انيشيئيٽو“ تحت سڄي وچ اوڀر ۾ 50 ارب وڻ پوکڻ تي ڪم ڪري رهيا آهن.
آفريقا جي گريٽ گرين وال هجي يا چين ۽ سعودي عرب جا وڻ پوکڻ جا وڏا منصوبا، اهي سڀ ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته اھي ملڪ هاڻي فطرت جي بحاليءَ جي اهميت کي سمجهي چڪا آهن. اهي منصوبا رڳو زمين کي سائو نٿا بڻائين، پر ايندڙ نسلن لاءِ خوراڪ، پاڻي، روزگار ۽ هڪ صحت مند ماحول کي پڻ يقيني بڻائين ٿا. گلوبل وارمنگ جي خلاف هن عالمي جنگ ۾ اهڙيون سائيون ديوارون ئي انسانيت جو سڀ کان وڏو هٿيار آهن. پر ڪاش، پاڪستان، ۽ خاص طور سنڌ وارا انھيءَ جي اھميت کي سمجھن ۽ موجودہ ٻيلن کي وڍڻ بند ڪري، وڻڪاريءَ جا نوان منصوبا شروع ڪن.
______________



