سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي رٿائن لاءِ عالمي بينڪ جو 54 ڪروڙ ڊالر قرض ۽ عوامي انديشا
سنڌ جي شھرن توڙي ٻهراڙين ۾ پاڻيءَ جي کوٽ کان وڌيڪ خطرناڪ مسئلو غير محفوظ ۽ گدلي پاڻيءَ جو استعمال آهي. ڪيترن ئي شھرن ۽ ڳوٺن ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيمون موجود هوندي به بند پيل آهن، ڪٿي پائپ لائينون خراب آهن ته ڪٿي فلٽر پلانٽ سارسنڀال نه ٿيڻ سبب غير فعال بڻيل آهن. نتيجي ۾ ماڻهو مجبوراً اهڙن ذريعن تان پاڻي حاصل ڪن ٿا، جيڪي انساني صحت لاءِ نقصانڪار آهن. عالمي بئنڪ جي ڄاڻ موجب سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ پنجن سالن کان گهٽ عمر جا اڌ کان وڌيڪ ٻار جسماني واڌ ويجهه ۾ گهٽتائي، يعني اسٽنٽنگ، جو شڪار آهن. گندو پاڻي، صفائيءَ جي ناقص انتظامن ۽ بار بار ٿيندڙ بيمارين سبب ٻارن جي جسم ۾ غذائيت جذب ٿيڻ جو عمل متاثر ٿئي ٿو. ان جا اثر سندن جسماني واڌ ويجهه سان گڏ ذهني ۽ تعليمي صلاحيتن تي به پئجي سگهن ٿا. جنهن سنڌ وٽ درياهه، زرخيز زمينون ۽ قدرتي وسيلن جي دولت موجود آهي، اتي معصوم ٻارن جو صاف پاڻيءَ کان محروم رهڻ هڪ وڏو سماجي ۽ حڪومتي الميو آهي.

نسيم بخاري
سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙ لکين ماڻهن لاءِ پيئڻ جو صاف پاڻي اڄ به هڪ خواب بڻيل آهي. اهڙي صورتحال ۾ عالمي بئنڪ طرفان سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پاڻيءَ جي فراهمي، نيڪال ۽ صفائيءَ جون سهولتون بهتر بڻائڻ لاءِ 30 ڪروڙ آمريڪي ڊالرن جي مالي سهائتا جي منظوري هڪ اهم اڳڀرائي آهي. هي منصوبو رڳو پاڻيءَ جي فراهميءَ تائين محدود ناهي، پر ان جو تعلق عوام جي صحت، ٻارن جي مستقبل، ماحولياتي تحفظ ۽ سماجي ترقيءَ سان پڻ آهي.
منصوبي جي مجموعي لاڳت 54 ڪروڙ ڊالر مقرر ڪئي وئي آهي، جنهن مان عالمي بئنڪ 30 ڪروڙ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ 15 ڪروڙ ۽ سنڌ حڪومت 9 ڪروڙ ڊالرن جي برابر مالي حصو فراهم ڪندي. منصوبي تحت سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي 15 لک ماڻهن کي صاف پيئڻ جو پاڻي، نيڪال ۽ صفائيءَ جون جديد سهولتون فراهم ڪيون وينديون. شمسي توانائيءَ سان هلندڙ واٽر سپلاءِ سسٽم نصب ڪرڻ، پاڻيءَ جي جديد انفراسٽرڪچر جي تعمير ۽ صفائيءَ جي سهولتن کي بهتر بڻائڻ به ان جو حصو آهي.
هي منصوبو پاڪستان جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ پاڻي ۽ صفائيءَ جون سهولتون بهتر ڪرڻ لاءِ ڏهن سالن جي پروگرام جو پهريون مرحلو آهي. ان مان 14 هزار کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ٿيڻ جي پڻ اميد ظاهر ڪئي وئي آهي. پر اصل اهميت ان ڳالهه جي آهي ته هيءَ وڏي مالي سهائتا سنڌ جي عوام جي زندگيءَ ۾ ڪيتري حقيقي تبديلي آڻي ٿي.
سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ کان وڌيڪ خطرناڪ مسئلو غير محفوظ ۽ آلوده پاڻيءَ جو استعمال آهي. ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيمون موجود هوندي به بند پيل آهن، ڪٿي پائپ لائينون خراب آهن ته ڪٿي فلٽر پلانٽ سارسنڀال نه ٿيڻ سبب غير فعال بڻيل آهن. نتيجي ۾ ماڻهو مجبوراً اهڙن ذريعن تان پاڻي حاصل ڪن ٿا، جيڪي انساني صحت لاءِ نقصانڪار آهن.
عالمي بئنڪ جي ڄاڻ موجب سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ پنجن سالن کان گهٽ عمر جا اڌ کان وڌيڪ ٻار جسماني واڌ ويجهه ۾ گهٽتائي، يعني اسٽنٽنگ، جو شڪار آهن. گندو پاڻي، صفائيءَ جي ناقص انتظامن ۽ بار بار ٿيندڙ بيمارين سبب ٻارن جي جسم ۾ غذائيت جذب ٿيڻ جو عمل متاثر ٿئي ٿو. ان جا اثر سندن جسماني واڌ ويجهه سان گڏ ذهني ۽ تعليمي صلاحيتن تي به پئجي سگهن ٿا.
جنهن سنڌ وٽ درياهه، زرخيز زمينون ۽ قدرتي وسيلن جي دولت موجود آهي، اتي معصوم ٻارن جو صاف پاڻيءَ کان محروم رهڻ هڪ وڏو سماجي ۽ حڪومتي الميو آهي.
سنڌ ۾ پاڻيءَ جي فراهميءَ لاءِ ماضيءَ ۾ به اربين رپين جون اسڪيمون شروع ڪيون ويون. آر او پلانٽ لڳايا ويا، واٽر سپلاءِ جون اسڪيمون تعمير ڪيون ويون ۽ پراڻن منصوبن جي بحاليءَ جا اعلان به ٿيندا رهيا. پر ڪيترن علائقن ۾ انهن منصوبن جا نتيجا عوام تائين نه پهتا.
ڪي پلانٽ ڪجهه عرصي کان پوءِ بند ٿي ويا، ڪي مشينون خراب ٿيون ۽ ڪي اسڪيمون عملي طور غير فعال بڻجي ويون. ان جو بنيادي سبب منصوبن جي ناقص رٿابندي، سارسنڀال جي کوٽ، انتظامي نااهلي ۽ نگرانيءَ جو ڪمزور نظام رهيو آهي.
هاڻي جڏهن 54 ڪروڙ ڊالرن جو نئون منصوبو شروع ٿي رهيو آهي ته ضروري آهي ته اڳوڻين اسڪيمَن جو به جائزو ورتو وڃي. انهن جي ناڪاميءَ جا سبب معلوم ڪيا وڃن ۽ جتي سرڪاري رقم ضايع ٿي آهي، اتي ذميوارن جو احتساب ڪيو وڃي.
افتتاحي تقريبون ۽ تختيون نه، پر عوام کي ملندڙ مستقل سهولتون هجڻ گهرجن.
شمسي توانائيءَ سان گڏ پاڻيءَ جي معيار جي ضمانت
شمسي توانائيءَ سان هلندڙ واٽر سپلاءِ سسٽم سنڌ جي ٻهراڙيءَ لاءِ هڪ مناسب قدم آهي. بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ۽ غير مستقل فراهميءَ سبب ڪيترين ئي واٽر سپلاءِ اسڪيمَن جي ڪارڪردگي متاثر ٿيندي رهي آهي. شمسي توانائيءَ سان انهن مسئلن کي ڪنهن حد تائين گهٽائي سگهجي ٿو.
پر رڳو سولر پمپ لڳائڻ سان پاڻي صاف نٿو ٿي سگهي. ان لاءِ پاڻيءَ جي ذريعن جي سائنسي جاچ، جراثيمن ۽ ڪيميائي آلودگيءَ جي سڃاڻپ، جديد فلٽرن جي تنصيب ۽ باقاعده ليبارٽري ٽيسٽ ضروري آهن.
هر علائقي ۾ پاڻيءَ جي معيار جي نگرانيءَ جو مستقل نظام قائم ٿيڻ گهرجي. ان سان گڏ مشينريءَ جي مرمت، فلٽرن جي تبديلي ۽ پلانٽن جي سارسنڀال لاءِ مناسب بجيٽ ۽ تربيت يافته عملي جي مقرري به يقيني بڻائي وڃي.
نيڪال ۽ صفائيءَ کان سواءِ صاف پاڻيءَ جو مقصد اڻپورو
پاڻيءَ جي فراهميءَ سان گڏ گندي پاڻيءَ جي نيڪال ۽ صفائيءَ جو نظام بهتر بڻائڻ به لازمي آهي. جيڪڏهن ڳوٺن ۾ گندو پاڻي کليل نالين ۽ تلائن ۾ بيٺل رهندو ته بيمارين جي پکيڙ کي روڪڻ ممڪن نه ٿيندو.
ان ڪري اسڪولن، صحت مرڪزن، گهرن ۽ عوامي هنڌن تي صفائيءَ جون سهولتون فراهم ڪرڻ گهرجن. عورتن، ٻارن ۽ معذور ماڻهن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي اهڙو انفراسٽرڪچر تعمير ڪيو وڃي، جيڪو سڀني لاءِ قابل استعمال هجي.
منصوبي جو هڪ اهم هدف 80 سيڪڙو آباديءَ کي پاڻي ۽ صفائيءَ جون خدمتون فراهم ڪندڙ پيشورانه ادارن سان ڳنڍڻ آهي. ان مقصد لاءِ ادارن جي انتظامي صلاحيت، مالي وسيلن ۽ جوابدهيءَ کي مضبوط بڻائڻ ضروري آهي.
مالي شفافيت ۽ مقامي ماڻهن جي شموليت
54 ڪروڙ ڊالرن جي هن منصوبي ۾ شفافيت سڀ کان اهم شرط هجڻ گهرجي. هر ضلعي ۽ تعلقي ۾ ٿيندڙ خرچن، ٺيڪيدارن، تعميراتي ڪمن ۽ منصوبن جي مڪمل ٿيڻ بابت عوام کي معلومات فراهم ڪئي وڃي.
پاڻيءَ جي معيار بابت باقاعده رپورٽون جاري ڪيون وڃن ۽ منصوبي جي نگرانيءَ ۾ صحافين، سماجي اڳواڻن، ماهرن ۽ مقامي ماڻهن کي شامل ڪيو وڃي.
عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي مالي سهائتا سان گڏ قرضن ۽ مالي شرطن بابت به عوام کي واضح ڄاڻ ملڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته آخرڪار انهن ذميوارين جو تعلق به ملڪ جي عوامي وسيلن سان آهي.
سنڌ جي بيروزگار نوجوانن کي سولر سسٽم، پاڻيءَ جي صفائي، پلمبنگ، مشينريءَ جي مرمت ۽ ليبارٽري ٽيسٽنگ جي تربيت ڏئي مقامي سطح تي روزگار فراهم ڪيو وڃي.
شڪارپور سميت پسمانده ضلعن کي ترجيح ڏني وڃي
شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، قمبر شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو ۽ سنڌ جي ٻين پسمانده ضلعن جي ٻهراڙيءَ ۾ صاف پاڻيءَ جي فراهمي هڪ اهم عوامي ضرورت آهي.
منصوبي تحت علائقن جي چونڊ سياسي اثر رسوخ يا سفارشن جي بنياد تي نه، پر پاڻيءَ جي حقيقي ضرورت، آلودگيءَ جي شدت ۽ صحت جي مسئلن کي سامهون رکي ڪئي وڃي.
شڪارپور سميت اتر سنڌ جي انهن ڳوٺن کي خاص ترجيح ملڻ گهرجي، جتي ماڻهو اڄ به پيئڻ جي صاف پاڻيءَ لاءِ پريشان آهن.
جيڪڏهن اڳوڻين اسڪيمَن وانگر هن ڀيري به ناقص رٿابندي، ڪرپشن، سياسي مداخلت ۽ سارسنڀال جي کوٽ برقرار رهي ته وڏي مالي سهائتا باوجود عوام جي قسمت تبديل نه ٿيندي.
حڪومت کي سڀ کان پهرين موجوده واٽر سپلاءِ اسڪيمَن جو جامع سروي ڪرائڻ گهرجي، بند ۽ خراب منصوبن جي بحاليءَ کي ترجيح ڏيڻ گهرجي ۽ نئين انفراسٽرڪچر لاءِ واضح جوابدهيءَ جو نظام قائم ڪرڻ گهرجي.
سنڌ جي عوام کي هاڻي رڳو منصوبن جي منظوريءَ جون خبرون نه، پر گهرن تائين صاف پاڻي گهرجي. ٻارن کي بيمارين کان محفوظ ماحول، عورتن کي پاڻيءَ لاءِ پريشانين کان ڇوٽڪارو ۽ ڳوٺن کي گندگيءَ کان پاڪ ماحول ملڻ گهرجي.
عالمي بئنڪ جي مالي سهائتا ۽ 54 ڪروڙ ڊالرن جو هي منصوبو هڪ وڏو موقعو آهي. ان کي ڪاغذن ۽ فائلن تائين محدود رکڻ بدران سنڌ جي ماڻهن جي زندگيءَ ۾ حقيقي تبديليءَ جو ذريعو بڻائڻ گهرجي.
صاف پاڻي حڪومت جو احسان نه، پر هر انسان جو بنيادي حق آهي. سنڌ جي ترقيءَ جا دعويدار تڏهن ئي ڪامياب سمجهيا ويندا، جڏهن هن ڌرتيءَ جي هر ٻار کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ۽ صحتمند زندگيءَ جو ماحول ميسر هوندو.
________

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي ”وک“ شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.



