سنڌ ۾ درياھي بوڏ سبب پنجاھ ھزار ماڻھن جي متاثر ٿيڻ جو انديشو
ايندڙ اربع ۽ خميس جي وچ واري رات ستن کان اَٺ لڪ ڪيوسِڪس جو وھڪرو گُڊو بئراج وٽ پھچڻ جو امڪان. درياھ جي ڪنارن تي پنج سئو کان وڌيڪ ڪئمپون ھڻڻ جون ھدايتون جاري. انتظاميا وٽ 178 ريسيو ٻيڙيون موجود
ڪراچي
سنڌ ۾ امڪاني ٻوڏ جي صُورتحال تي ويچار ۽ اڳواٽ حفاظتي اُپاءَ وٺڻ جي حوالي سان وڏي وزير سيد مُراد علي شاھ جي صدارت ھيٺ جمعي ڏينھن ٿيل گڏجاڻيءَ م ٻُڌايو ويو تہ سنڌو درياھ ۾ ٻوڏ سبب پنجاھ ھزار ماڻھن جي مُتاثر ٿين جو انديشو آھي.
وڏي وزير کي ٻُڌايو ويو تہ ايندڙ اربع ۽ خميس جي وچ واري رات گُڊو بئراج وٽ ستن کان اَٺ لک ڪيوسڪ پاڻي پھچڻ جو امڪان آھي. اھڙي صورتحال جي پيشِ نظر وڏي وزير حڪم جاري ڪيو تہ سموري انتظاميا ھاءِ الرٽ رھي ۽ ٻوڏ ۾ ڦاسجندڙ ماڻھن کي بچائي محفوظ ھنڌن تي پھچائڻ جي مڪمل تياري ڪئي وڃي.
وڏي وزير کي اھو بہ ٻُڌايو ويو تہ سيپٽمبر مھيني ۾ سنڌ اندر شديد برساتن جي اڳڪٿي بہ آھي. کيس ٻڌايو ويو تہ سنڌ جي اُترين ضلعن ۾ 72 ۽ ڏاکڻين ضلعن ۾ 106 ريسڪيو ٻيڙين جو انتظام ڪيو ويو ويو آھي.
وڏي وزير ھدايتون جاري ڪيون تہ ماڻھن جي ريسڪيو واري ڪم لاءِ ٽيھن ھزارن کان وڌيڪ عملو مقرر ڪيو وڃي. ھُن اھا بہ ھدايت ڪئي تہ سکر ۾ 6، گھوٽڪيءَ ۾ 4، خيرپور ۾ 4، شڪارپور ۾ 4، لارڪاڻي ۾ 2، ڪشمور ۾ 6، شھيد بينظير آباد ۾ 3، نوشھري فيروز ۾ 4 ۽ دادوءَ 4 ريسڪيو ٻيڙين جو بندوبست ڪيو وڃي.
وڏي وزير کي ٻڌايو ويو تہ پاڪستان نيويءَ بہ پنھنجون 26 بوٽس تيار رکيون آھن.
مُراد علي شاھ پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيءَ کان امدادي سامان جي صورتحال معلوم ڪئي جنھن تي کيس ٻُڌايو ويو تہ اٿارٽيءَ وٽ وڏي تعداد ۾ مڇردانيون، ڪمبل، خيما، پاڻي ڪڍڻ جون مشينون، جنريٽر، گشتي ٽوائيٽ، سوڙيون، گدا ۽ ٻيو سامان موجود آھي.
مُراد علي شاھ ھدايت ڪئي تہ درياھ جي ڪنارن تي پنج سئو کان وڌيڪ ڪئمپون لڳايون وڃن تہ جيئن ڪنھن بہ قسم جو انساني جانين يا چوپائي مال جو نقصان نہ ٿئي. (پريس رليز)
________________



