ٿائلينڊ جو بادشاھ، جنھن جي نالي کان سندس رعيت بہ واقف ڪانھي
چين ويندي بئنڪاڪ ھوائي اڏي تي ڪنيڪٽنگ فلائيٽ جو انتظار ڪندي چانھ جي ٻاڙ لڳي. چانھ واري شاپ تي بيٺل ڇوڪرين 20 يورو جي نوٽ مان بچيل رقم ٿائي ڪرنسيءَ ۾ ڏني
ٿائي ڪرنسي نوٽ تي ھڪ ھمراھ جو فوٽو ڏسي ھڪ ڇوڪريءَ کان پُڇيم تہ ڪير آھي؟ چيائين: اسان جو بادشاھ. نالو پُڇيم تہ مُنجھي پئي. ٻيءَ کان پُڇيائين تہ اُن کي بہ خبر ڪونہ ھئي. ٽينءَ ڇوڪريءَ کي بہ بادشاھ جو نالو ڪونہ ٿي آيو. نيٺ ھڪ ڇوڪريءَ گُوگل تي نالو ڏسي ٻُڌايو
ليکڪ جي نئين سفرنامي جو ھڪ باب
يوسف سنڌي
ڪنھن ايئرپورٽ تي ڪنيڪٽنگ فلائيٽ هُئڻ سَبب ٻي فلائيٽ جو جيڪو اِنتظار ماري ٿو، اُهو وقت گُذارڻ به مسئلو ٿيو وڃي. اسان سان به اِهو ئي مسئلو هو. چار ڪلاڪ ويھن منٽن جو اِسٽي هو، بھرحال وقت ته گُذارڻو ئي هو. پاڻ وٽ ’جناح اِنٽرنيشنل ايئرپورٽ، ڪراچي‘ ۽ هاڻ اِسلام آباد جو نئون ايئرپورٽ ڪي ايڏا وڏا ايئرپورٽ نه آهن، پر بئنڪاڪ جو هي ‘Suvarmabhumi International Airport’ گهڻو وڏو آهي. ٿائي ايئر جي فلائيٽ ڪراچيءَ مان مُنو ڪلاڪ دير سان اُڏاڻي، تنھنڪري هتي دير سان پھتاسون ۽ هاڻ گوانچو وڃڻ جي لاءِ ايئرپورٽ جي لائونج ۾ اوسيئڙي ۾ آهيون.

ٿائلينڊ هڪ سياحتي ملڪ آهي، جنھن جي آمدنيءَ جو وڏو ذريعو سياحت آهي، تنھنڪري سَڄي دُنيا جا ماڻهو گُهمڻ ڦرڻ لاءِ هتِ اَچن ٿا، جِتي ذهني ٿڪ ڀڃڻ کانسواءِ جِسماني ٿڪ ڀڃڻ جي سَھولتن سان گڏ سِڀ لوازمات/سَھولتون موجود آهن. بس! رُڳو کيسو گرم هجي، باقي خالي ڪرڻ هُنن جو ڪم!
ٿائلينڊ جي ڪُل آبادي ساڍا ڇھه ڪروڙ آهي ۽ هتي هر سال چار ڪروڙ سياح اَچن ٿا، يعني آباديءَ جو سَٺ سيڪڙو. ٻين لفظن ۾ روزانو هڪ لَک سَياح ٿائلينڊ اَچن ٿا ۽ هر ڪلاڪ ۾ 4800 سياح ملڪ ۾ گهڙن ٿا. ٿائلينڊ سَياحت مان هر سال لڳ ڀڳ سَٺ اَرب ڊالر ڪمائي ٿو. ٿائلينڊ ۾ ٻارهن ئي مھينا هڪ جھڙي موسم رَهي ٿي.
ايئرپورٽ وڏو هُئڻ ڪري ٿورو مُونجهارو ٿيو، پر ’پُڇڻان نه مُنجهڻان‘ سو پُڇائيندا، پنڌ ڪندا اَچي گيٽ نمبر S.112. A تي پھتاسين، جِتان وري فلائيٽ واري هنڌ تي پھچڻ جي لاءِ ايئرپورٽ ٽرين ۾ ويٺاسين، جنھن پنجن منٽن کانپوءِ اَچي اُتي پھچايو ۽ اسان به هٿ ۾ کنيل سامان رَکي، اُتي ڪرسين تي ٿانيڪا ٿي ويٺاسين.
ايئرپورٽ ڇا هو، هڪ شھر آهي، جنھن ۾ هر قِسم جي شين جا شاپس آهن، جن کي ’ڊيوٽي فري شاپس‘ جو نالو ڏنو ويو آهي، پر شين جا اَگهه پڙهي، جن ملڪن جو سِڪو مضبوط آهي، اُهي ته ڪنھن اُلڪي ۾ به نه ٿا پون، پر پاڻ جھڙن ملڪن جا ماڻهو، جن جي سِڪي جو ڪو مُلھه ئي ڪونهي، بس رُڳو ڏِسڻ تي ئي صبر ٿا ڪن.
گُذريل سال ڊسمبر جي مھيني ۾ جڏهن چِين کان واپس پاڪستان موٽيا هئاسين ته هن ئي ايئرپورٽ تي پاڪستان جي لاءِ فلائيٽ جو ٻه ڪلاڪ اِنتظار ڪيو هوسين، تڏهن وطن وڃڻ جي تانگهه ويھڻ ئي نه ٿي ڏِنو ۽ هن ڀيري وري ڊاڪٽر وشال، سَندس وني ۽ مِٺڙي گُڏڙي مريم سان مِلڻ جي تانگهه هئي. الله تعالى اِنسان کي به عجيب اَحساس ڏِنا آهن. پنھنجو اولاد ته واقعي به مِٺو ٿئي ٿو، پر اولاد جو اولاد ته ڪو مِٺو ٿو ٿئي ڇا….. تڏهن ته چوندا آهن ته: ”مور کان وياج مِٺو ٿو ٿئي!“ حيدرآباد ۾ ميشم بابا، اُفق، شفق ۽ ايشال ڄڻ ته منھنجي وجود جو حِصو بڻجي ويا آهن، هيڏانھن وري مائي مريم. شھدادپور ۾ نياڻي اَمرتا جا ٻارڙا اَرباز، حرم، حَسن ۽ حُسين، مولا جا ڪرم لڳا پيا آهن. هڪ ڀيري سَڀني سان گڏ نڪتل تصوير فيس بوڪ تي رَکيم ته منھنجي دوست ڊاڪٽر خالق ميمڻ ڪمينٽ ۾ لِکيو هو ته: ”ٻارن جو وڏو ڌڻ اَٿئي!“
ڪراچي ايئرپورٽ تان ٿائي سِڪو ’ڀات‘ وٺڻ جي لاءِ مني ايڪسچينج ڪائونٽر تي ويس، پر سَڀني ڪائونٽرن تان ٿائلينڊ ويندڙ سِياحن خريد ڪري ورتا هئا. ٿائي ڀات اُن ڪري ٿي ورتم، جو ميان سمير ۽ ماڻھس به گڏ هئا، ٻئي بُک جا صفا ڪانئرا، اَصل برداشت ئي نه ڪري سَگهن، اُن ڪري ٿائي ڀات ٿي ورتم ته متان بئنڪاڪ ايئرپورٽ تي اُنھن جي گُهرج نه پوي. ڀات نه مِليا ته يورو ورتم، هڪ يورو 325 پاڪستاني روپين ۾ مِليو، مون 9500 روپين جا 25 يورو ورتا، پر بئنڪاڪ پھچي غلطيءَ جو اَحساس ٿيم ته يورو بَدران يوآن وٺان ها. ايئرپورٽ تي ٻارهن روپين جو هڪ ڀات ٿي مِليو، جڏهن ته شھر ۾ مني ايڪسچينجر وٽان اُهو نَوَ رون، اَسي پئسن ۾ پئي مِليو.
فلائيٽ جي اوسيئڙي ۾ ويٺا هئاسين ته سمير ۽ ماڻھس کي چانھن جي طلب ٿي. ماني ته ٿائي ايئرويز ڍؤ تي کارائي هئي، باقي هتي چانھن پيئڻ جو بندوبست پاڻ ڪرڻو هو، تنھنڪري ڪُرسيءَ تان اُٿي، سامهون فوڊ شاپ تي ويس، جِتي ڪُرسين تي ڪيترائي فارينرس ويٺا ناشتو ڪري رَهيا هئا. ڪائونٽر تي ٽي ٿائي جوانڙيون، جن کي ڪارا ڪپڙا پاتل هئا، بيٺيون گراهڪن کي ڊيل ڪري رَهيون هيون. مون وڌي وڃي کين سَلام ڪيو ۽ چانھه بابت پُڇيم. هنن چيو ته وٽن آمريڪن چانھه آهي، هڪ ڪوپ جا 120 ٿائي ڀات ٿيندا، يعني لڳ ڀڳ ٻارنھن سؤ پاڪستاني روپيا. دل ۾ چيم: ”ڇوريون! اوهان ته صفا ڦريو پيون.“ پر سَندن ڪاروباري مُرڪ پھرئين ئي نظر ۾ مون کي موهي وڌو هو.

کيس چيم ته: ”مون وٽ پاڪستاني ڪرنسي آهي، هلندي؟“ چيائون: ”نه!“، ”ڀلا يورو هلندو؟“، جنھن تي ٽـِڙي پيون. مون کين ويھن يورو جو نوٽ ڪڍي ڏِنو. ته چيائون ته: ”باقي پئسن جي بَدلي ۾ يورو بدران ٿائي ڀات ڏينديون سين.“
مون کي يورو جي بدلي ۾ ٿائي ڀات جي اَگهه جي خبر نه هئي، تنھنڪري پھرين ته هٻڪيس، پر پوءِ هڪ ڪوپ چانھه جو آرڊر ڏنم. هنن ڪاري آمريڪن چانھه جو اُهو ڪوپ جوس واري وڏي پلاسٽڪ واري گِلاس ۾ ڀري ڏنو ۽ ساڍا ٽي يورو ڪٽي، ڪيلڪوليٽر ڪڍي حِساب ڪري، باقي ساڍن سورهن يوروئن جا ٿائي ڀات ڏِنائون، جن ۾ سِڪا به هئا. پئسا وٺي مون جُهونگارڻ شروع ڪيو، ”مجهي تو لوٽ ليا مل ڪي حُسن والون ني، ڪالي ڪالي بالون ني، گوري گوري گالون ني……“ مون کي جُهونگاريندو ڏِسي، ٻولن جو مطلب نه سَمجهندي به مُرڪڻ لڳيون ته مون به کِلي ڏِنو. پوءِ هڪ سؤ جو ٿائي ڀات کڻي، اُن کي اُٿلائي پُٿلائي ڏِٺم. نوٽ تي هڪ همراهه جي تصوير ڇپيل هئي، جِيئن پاڻ وارن نوٽن تي جناح صاحب جي تصوير ڇپيل آهي. تصوير ڏِسي ناريءَ کان پُڇيم: ”هيءَ ڪير آهي؟ “وراڻيائين،: ”اسان جو بادشاهه آهي!“، ”نالو ڇا اَٿس؟“ پُڇيم، جنھن تي مُنجهي پئي، ٿورو ذهن تي زور ڏِنائين، پر ياد نه آيس ته ڀر ۾ بيٺل ٻيءَ کان پُڇيائين، جنھن کي به نه آيو. اُن وري ڀر ۾ بيٺل ٽين ڄڻيءَ کان پُڇيو، پر اُتي به ساڳئي ڪار هئي، پر هن عقل کان ڪم وٺندي، هڪدم کڻي گوگل جو سَھارو ورتو ۽ هڪ تصوير ڪڍي مون کي ڏيکاريائين، جيڪا هاڻوڪي ٿائي بادشاهه جي هئي. تصوير جي هيٺان سَندس نالو لِکيل هو: ‘Vajria Long Korn’ (Born: 28 July 1952)

مون کِلندي کڻي فوٽو ڪڍيو، جنھن تي هو به کِلڻ لڳيون. پوءِ مون سَندن فوٽو ڪڍڻ جي موڪل گُهري ته هو کِلندي، سِڌيون ٿي بيھي رَهيون. مون سَندن فوٽو ڪڍيو ۽ مھرباني مڃي. مون کي کِل اِن ڳالهه تي آئي ته ٿائي بادشاهه ڪيڏو نه ويچارو آهي، جو سَندس رعيت کي سَندس نالو به ياد ڪونهي.
ٿائلينڊ جو پُراڻو نالو ’سيام‘ آهي، اُتي آئيني بادشاهت آهي. فار اِِيسٽ ۽ هند چيني جي ملڪن ٿائلينڊ، ملائيشيا ۽ ڪمبوڊيا ۾ آئيني بادشاهتون آهن. ملڪ جو سَڄو ڪاروهنوار پارليامينٽ ۽ وزيرِ اَعظم ٿو هلائي ۽ بادشاهه سَڳورا بس ڪڏهن ڪڏهن خاص موقعن تي نظر ٿا اَچن. ٿائلينڊ دُنيا جو واحد ملڪ آهي، جِتي سُفيد هاٿي مِلي ٿو. جيڪو ٿائلينڊ جو قومي جانور پڻ آهي. ايئرپورٽ تي سُفيد هاٿي جا اِسٽيل جا نھايت خوبصورت مجسما به کُتل هئا.
ٻارهن سؤ روپين ۾ ورتل اُها ڪاري ۽ ڪڙي چانھه نه سمير پي سَگهيو، نه ماڻھس. مون به پئسا سَجايا ڪرڻ لاءِ اَڌ کن پيتي ۽ باقي ڊسٽ بن ۾ ڦِٽي ڪيم.
___________________
يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. ھُو تازو چين ۾ ڪجھ مھينا رھي موٽيو آھي.



