آراڌني: تصوف جي موضوع تي لکيل ناول (تنقيدي تبصرو)
آراڌني تصوف جي موضوع تي ناول آھي جيڪو سمنڊ ڪناري وسندڙ وستيءَ ۾ جنم وٺندڙ تصوف جي اڃايل زبيده برواڻيءَ لکيو آھي.

خاصخيلي لطيف راولاڻي
سنڌي ادب ۾ تصوف جي موضوع تي تمام گھٽ لکيو ويو آھي، انھيءَ ڪري ته عام تاثر اھو ڏنو ويو ھو ته تصوف ھڪ اونداھو غار آھي ۽ جيڪو ان غار ۾ ويندو ته ٻاھر نڪري نه سگھندو. ان موضوع تي عربي ۽ فارسيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ڪافي ڪتاب لکيا ويا آھن .ان جي وڌيڪ وضاحت ناول جي ليکڪا زبيدہ برواڻيءَ پيش لفظ ۾ ڪئي آھي .پر ايئن نه آھي. دنيا تبديل ٿي چڪي آھي ۽ ادب ۾ نواڻ آئي آھي. تصوف يا صوفي ازم عوام ۾ موجود آھي. ايئن ناھي ته دنيا ترڪ ڪري ھڪ ڪنڍ ۾ ويھي رھجي ته ان کي تصوف ۽ صوفي سمجھيو وڃي. اھو عمل تصوف جي نفي ڪري ٿو ۔
جديد دور ۾ تصوف کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي طور تي پرکي سگھجي ٿو. سنڌ جي ڏاھن ان موضوع تي جديد طريقي سان لکيو آھي، جنھن ۾ خاص طور تي ڊاڪٽر عاشق حسين البدوي تصوف تي شايع ٿيل عربي ڪتاب قصوص الحڪم کي سنڌي ويس ڍڪائي پڙھندڙن لاءِ پيش ڪيو آھي. ان تي وڌيڪ ڪم ڪندي ھن تصوف جي ڊڪشنري به تيار ڪئي جيڪا اڻ ڇپيل آھي. ان کان علاوه ليکڪا ج ع منگھاڻي ۽ ڪي ايس ناگپال به انھيءَ موضوع تي ڪافي لکيو آھي.
ھن ناول جي پوئين صفحي تي تفصيلي نوٽ ”ماٺ ڪريان ته مشرڪ، ڪڇان ته ڪافر“ لکي پاڻ ملھايو آھي .
آراڌني تصوف جي موضوع تي ناول آھي جيڪو سمنڊ ڪناري وسندڙ وستيءَ ۾ جنم وٺندڙ تصوف جي اڃايل زبيده برواڻيءَ لکيو آھي، جنھن جو بنيادي تعلق سماجي ڪمن جي حوالي سان رھيو آھي . ھُوءَ سوشل ورڪر جي حيثيت ۾ دنيا جا مختلف ملڪ گھمي چڪي آھي. سندس ھڪ سفر سفر ڪيلاش جي گھاٽن ٻيلن ۽ وڏن جبلن کان شروع ٿيو ھو ۽ مرگلا جي ٽڪرين ۾ ختم ٿيو، جتي پاڻ مڪمل طور تي تصوف جي رنگ ۾ رنگجي وئي ۽ منصور حلاج ، شمس تبريز ۽ روميءَ جو ماٺ مطالعو ڪندي آراڌني ناول لکي ورتائين .

ھي ناول سمنڊ ڪناري رھندڙ ماھيگيرن جي مسئلن ۽ سندن زندگيءَ جي عڪاسي ڪري ٿو ته ڪئين سندن روزگار ۽ رھائش جا مسئلا آڏو اچن ٿا. اھو ناول ڪلاچيءَ جي ڪُن گھاتو نگر ۾ رھندڙ مھاڻن جي ڪھاڻي آھي جتي سمنڊ به آھي، شھر به آھي ته انھن جي لاء جيل جون سختيون به آھن، جتي منصور قيد آھي. ان جو ڏوه ڪھڙو آھي، اُ جي کيس پاڻ به خبر ڪانھي ته ڪھڙي ڏوه ۾ قيد ڪيو ويو آھي. رياست جي نظر ۾ ھو خطرناڪ ڏوھاري آھي جنھن جي ملاقات تي به بندش آھي. سماج جي شعور کي قيد ڪيو ويو آھي ان ڪري جو مذھبي ملن مدرسن جي ذريعي دقيانوسي تعليم ڏيئي انساني شعور کي وڌڻ نه ڏنو آھي. اھي ملان مذھب جا نام نھاد ٺيڪيدار ٿي ڪري سماج ۾ نروار ٿي ويا آھن، جن رقص ۽ سرور کي بي حيائي قرار ڏنو آھي جڏھن ته موسيقي روح جي غذا ھوندي آھي. مشھور بزرگ صوفي شاعر بلھي شاه چيو آھي تہ رقص به عبادت ٿي سگھي ٿو جيڪڏھن اوھان کي رقص ڪرڻ اچي.
تصوف جي پس منظر ۾ لکيل ناول ۾ فرضي ڪردار آھن جيڪي ھڪ ٻئي جي چوڌاري ڦرن ٿا. منصور سچ ۽ حق جي ڳالھ ڪرڻ تي جيل ۾ قيد آھي. مٿس الزام آھي ته ھو مذھب ۽ ملن جي خلاف ڳالھائي ۽ لکي ٿو .
ھن ناول ۾ ھڪ سماجي اداري انسٽيٽيوٽ فار اينٿروپولوجي اينڊ ريسرچ جو بہ ذڪر آھي جنھن جا ڪردار انھي سڄي ناول جي گرد گھمن ٿا. پر انھي اداري ۽ انھن جي اڳواڻن جا نالا آسان زبان ۾ لکيا وڃن ھا ته بھتر ٿئي ھا ۽ اداري جو نالو به سنڌي ۾ لکيو وڃي ھا.
اسان وٽ خاص طور تي ڏٺو ويو آھي ته جيڪي به اھڙي قسم جون سماجي تحريڪون ھلن ٿيون اھي اڪثر ڪري مڊل ڪلاس وارا ئي ھلائين ٿا پر ھن ھن ناول ۾ جيڪي ڪردار آھن، اُھي توڙي سندن آسائشن واري رھڻي ڪھڻي اپر ڪلاس جي آھي. اھي ڪردار ڪڏھن رام باغ ته ڪڏھن مڪلي ۽ موئن جي دڙي تي وڃڻ ۽ اتان وري ٻاھرين ملڪن ۾ وڃڻ ٿا. اھي ھوائي سفر ۽ لگزري گاڏين جا قافلا ناول تي اثر انداز ٿين ٿا. ڇا اپر ڪلاس جا فرد به اھڙي ھم اوست تحريڪ جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن ٿي سگھن ٿا جن جو واسطو وري ماھيگيرن جي ڪلاچي ڪن سان ڏيکاريو ويو آھي. اسان جي ھن ڏتڙيل سماج ۾ ايئن گھٽ ئي ٿيندو آھي ته ڪنھن شعوري سطح جي تحريڪ جا اڳواڻ اپر ڪلاس جا فرد ھلائين. ناول ۾ ڪجھ نالا اھڙا ڏنا ويا آھن جيڪي غير مقامي لڳن ٿا جئين شبلي وغيره. ھن ناول ۾ ڪجھ ذڪر شيدين جو به ڪيو ويو آھي پر تفصيلي روشني نه وڌي وئي آھي. شيدين جو به سمنڊ ۽ مانگر مڇ سان گھرو تعلق رھيو آھي. منگھو پير درگاه تي ھر سال شيدين جو ميلو ٿيندو آھي جنھن ۾ سڄي سنڌ جي شيدي برادري گڏ ٿي پنھنجي انداز ۾ جھمريون ۽ ثقافتي رنگ پيش ڪندا آھن.
وري به ليکڪا کي جس آھي جو منصوري رنگ ۾ اھڙو تاريخي ناول لکي سنڌي ادب ۾ اضافو ڪيو اٿس ڇو تہ سنڌي ادب ۾ اھڙن ناولن جي کوٽ رھي آھي.
ليکڪا زبيده برواڻي جي باري ۾ ۔۔۔۔
ھُوءَ ڪراچيءَ جي سامونڊي پٽي ابراھيم حيدري سان تعلق رکي ٿي ۽ اتي ڄائي نپني. اعلى تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ سندس شادي سنڌ جي مشھور ليکڪ دانشور نصير ميمڻ سان ٿي. سندس سرگرميون فشر فوڪ فورم کان شروع ٿيون جتي محمد علي شاه سان گڏجي ڪم ڪيائين ۽ ٻاھرين ملڪن جا دورا پڻ ڪيائين. سندس مستقل رھائش اسلام آباد ۾ آھي.
________

خاصخيلي لطيف راولاڻي سياسي ۽ سماجي ڪارڪن آھي ۽ ملير ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو.



