ترقياتي منصوبن جي افتتاحن کان اڳتي سار سنڀال ۽ شهري شعور جي گڏيل ذميواري
اسان تعمير ۽ افتتاح کي ته وڏي اهميت ڏيون ٿا، پر انهن منصوبن جي حفاظت ۽ مسلسل سار سنڀال کي اڪثر وساري ويهون ٿا. نتيجي ۾ نوان روڊ ٽٽڻ لڳن ٿا، فوٽ پاٿن تي قبضا ٿي وڃن ٿا، اسٽريٽ لائيٽون بند ٿي وڃن ٿيون، نالا ڪچري سان ڀرجي وڃن ٿا، سائن بورڊ غائب ٿي وڃن ٿا ۽ خوبصورت پارڪ آهستي آهستي پنهنجي رونق وڃائي ويهن ٿا.

ڪلاونتي راجا
اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي ڪراچيءَ جي نون تعمير ٿيل روڊن، پُلين، فلاءِ اوورن، انڊر پاسن، پارڪن ۽ خوبصورت عوامي هنڌن جي افتتاحي تقريبن جون وڊيوز ۽ ريلز ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ڪٿي نئين اسفالٽ جي چمڪ آهي، ڪٿي خوبصورت لينڊ اسڪيپنگ، ته ڪٿي جديد شهري سهولتن جا دلڪش منظر. اهي سڀ منظر هڪ ترقي ڪندڙ شهر جي اميدن جي عڪاسي ڪن ٿا. پر انهن رونقن ۽ افتتاحي تقريبن جي وچ ۾ هڪ بنيادي سوال اسان جي ڌيان جوڳو آهي: منصوبي جي افتتاح کان پوءِ ان جي حفاظت، سار سنڀال ۽ خوبصورتي برقرار رکڻ جي ذميواري ڪير نڀائيندو؟ ۽ ان ۾ اسان جو پنهنجو ڪردار ڪهڙو آهي؟
سنڌ حڪومت جي مالي سال 2026-27ع جي ڪراچيءَ لاءِ ترقياتي پروگرام بابت رپورٽن موجب 816 اسڪيمن جي مجموعي لاڳت 644.3 ارب رپيا آهي، جڏهن ته شهر جي ترقياتي ۽ گڏيل اسڪيمن لاءِ 822 منصوبن تي 108.1 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ان کان سواءِ 500 ملين رپين کان وڌيڪ لاڳت وارا 167 منصوبا پڻ جاري آهن. اهي انگ اکر ترقياتي سرگرمين جي وسعت ظاهر ڪن ٿا، پر ترقيءَ جو اصل معيار رڳو منصوبن جو تعداد يا خرچ ٿيل رقم ناهي، پر انهن جي معيار، افاديت، پائيداري ۽ ڊگهي مدي تائين عوام کي ملندڙ سهولتون آهن.
تازو مڪمل ٿيل اهم منصوبن ۾ ڪورنگي ڪاز وي پل، جيڪا لڳ ڀڳ 1.4 ڪلوميٽر ڊگهي ۽ ڇهن لينن تي مشتمل آهي ۽ جنهن تي 6 ارب رپيا خرچ ٿيا، ڀينس ڪالوني (خالد بن وليد) فلاءِ اوور، جيڪا 682 ميٽر ڊگهي ۽ 1.865 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيي، عظيم پوره فلاءِ اوور ۽ ڪورنگي-لانڍي 12 هزار روڊ فلاءِ اوور شامل آهن. جهانگير روڊ، امير خسرو روڊ، ڪوئينز فيملي پارڪ، برادري پارڪ ۽ مرڪزِ راند و ثقافت گلبرگ جي بحاليءَ جا ڪم پڻ هن سلسلي جو حصو آهن. عالمي بئنڪ جي سهڪار سان هلندڙ CLICK پروگرام تحت روڊن، نيڪال جي نظام، گندي پاڻيءَ جي لائينن، اسٽريٽ لائيٽن، پارڪن ۽ پاڙن جي بنيادي سهولتن جي بهتريءَ لاءِ پڻ ڪم ڪيو ويو آهي.
جاري منصوبن ۾ شاهراهه ڀٽو ۽ ان جا ڳنڍيندڙ انٽرچينج، ملير ايڪسپريس وي سان لاڳاپيل انفراسٽرڪچر، شاهراهه ڀٽو-ڪورنگي ڪاز وي رابطو، ملير ميمڻ ڳوٺ روڊ ۽ فلاءِ اوور، اسڪيم 33 جا روڊ، جن ۾ مهراڻ، مدراس، رومي ۽ سچل سرمست روڊ شامل آهن، ۽ ٿدو نالي سان لاڳاپيل پل ۽ رابطا روڊ شامل آهن. ملير ميمڻ ڳوٺ روڊ جو منصوبو 11.54 ڪلوميٽر ڊگهو، 1.428 ارب رپين جي لاڳت وارو آهي، جنهن تي فيبروري 2026ع ۾ ڪم شروع ٿيو ۽ مڪمل ٿيڻ جو مدو 24 مهينا مقرر ڪيو ويو. بي آر ٽي ريڊ لائين ۽ يلو لائين پڻ شهر جي عوامي ٽرانسپورٽ کي بهتر بڻائڻ جا اهم منصوبا آهن. پاڻي ۽ نيڪال جي شعبي ۾ ڪي-فور، گريٽر ڪراچي سيوريج پلان (S-III)، KWSSIP، واٽر پمپنگ اسٽيشنن، مکيه پاڻيءَ جي لائينن ۽ برساتي پاڻيءَ جي نيڪال جا منصوبا پڻ جاري آهن.
ايندڙ مرحلي جي تجويز ڪيل منصوبن ۾ سهراب ڳوٺ فلاءِ اوور، ايئرپورٽ روڊ-اسٽار گيٽ فلاءِ اوور، ملير هالٽ رائيٽ ٽرن انڊر پاس، گجر نالي وٽ سر شاهه سليمان روڊ فلاءِ اوور، پاور هائوس چوڪ ۽ 4-K چوڪ فلاءِ اوور، خيابانِ شهبار ۽ خيابانِ اتحاد انڊر پاس شامل آهن. ان کان سواءِ پورٽ قاسم ۽ ڪراچي پورٽ سان رابطي وارا روڊ، ملير ايڪسپريس وي جا وڌيڪ انٽرچينج، ڇهه جديد گاربيج ٽرانسفر اسٽيشنون، ڄام چڪرو ۽ گوندپاس لينڊ فل سائيٽن جي بهتري ۽ سمارٽ ٽريفڪ مئنيجمينٽ سسٽم پڻ ترقياتي ايجنڊا جو حصو آهن. اهي منصوبا منصوبابندي، بجيٽ ۽ عملدرآمد جي مختلف مرحلن ۾ آهن.
پر ترقيءَ جي هن سڄي سفر ۾ هڪ اهم پاسو اڃا تائين اسان جي اجتماعي سوچ ۽ عمل ۾ گهربل اهميت حاصل نه ڪري سگهيو آهي، ۽ اهو آهي سار سنڀال جو شعور. هڪ قوم جي حيثيت ۾ اسان تعمير ۽ افتتاح کي ته وڏي اهميت ڏيون ٿا، پر انهن منصوبن جي حفاظت ۽ مسلسل سار سنڀال کي اڪثر وساري ويهون ٿا. نتيجي ۾ نوان روڊ ٽٽڻ لڳن ٿا، فوٽ پاٿن تي قبضا ٿي وڃن ٿا، اسٽريٽ لائيٽون بند ٿي وڃن ٿيون، نالا ڪچري سان ڀرجي وڃن ٿا، سائن بورڊ غائب ٿي وڃن ٿا ۽ خوبصورت پارڪ آهستي آهستي پنهنجي رونق وڃائي ويهن ٿا. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته ڪنهن به منصوبي جي ڪاميابي ان جي افتتاح سان نه، پر سالن تائين ان جي بهتر حالت ۽ ڪارڪردگي برقرار رهڻ سان پرکي ويندي آهي. حڪومت کي گهرجي ته هر مڪمل ٿيل منصوبي لاءِ باقاعده آپريشن ۽ مينٽيننس پلان، سالياني بجيٽ، مقرر ذميوار ادارا، وقتائتو معائنو ۽ مؤثر جوابدهي يقيني بڻائي. اڳواٽ سار سنڀال نه رڳو انفراسٽرڪچر جي عمر وڌائي ٿي، پر مستقبل جي وڏي خرچ کان به بچائي ٿي.
شهر جي خوبصورتي ۽ حفاظت رڳو سرڪاري ادارن جي ذميواري ناهي. ان ۾ هر شهري جو ڪردار به اوترو ئي اهم آهي. اسان جي روزمره جي ڪيترين ئي عادتن عوامي ملڪيت ۽ شهري ماحول کي نقصان پهچايو آهي. روڊن، ڀتين ۽ عوامي ٽرانسپورٽ تي پان ۽ گٽڪي جا ٿڪ اڇلائڻ، بسڪيٽن جا ريپر، سگريٽن جا پاڪيٽ، بوتلون، ٽشو پيپر ۽ پلاسٽڪ جون ٿيلهيون رستن تي اڇلائڻ، گهرن جو ڪچرو ۽ تعميراتي ملبو خالي پلاٽن ۾ ڦٽو ڪرڻ، گندو پاڻي ۽ سيوريج روڊن تي ڇوڙڻ، نالن ۾ ڪچرو اڇلائڻ، اسٽريٽ لائيٽن، ريفليڪٽرن ۽ سائن بورڊن کي نقصان پهچائڻ، روڊن جو سامان چوري ڪرڻ، وڻ وڍڻ، فوٽ پاٿن تي قبضا ۽ روڊن جي حدن ۾ غيرقانوني اڏاوتون ڪرڻ، اهي سڀ اهڙا عمل آهن، جيڪي شهر جي سونهن، صفائي ۽ بنيادي ڍانچي کي بگاڙين ٿا. ان کان سواءِ يوٽيلٽي ادارن ۽ خانگي ڌرين پاران بنا اجازت نون ٺهيل روڊن کي کوٽڻ ۽ کوٽائيءَ کان پوءِ انهن جي صحيح بحالي نه ڪرڻ به عوامي پئسي جو زيان آهي.
اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته روڊ ڪچري جو ڍير ناهي، فوٽ پاٿ ذاتي قبضي جي جاءِ ناهي ۽ برساتي نالو گند اڇلائڻ جو هنڌ ناهي. اهي سڀ سهولتون عوام جي ٽيڪسن مان تعمير ٿين ٿيون ۽ عوام جي گڏيل ملڪيت آهن. انهن کي حڪومت جي ملڪيت سمجهي لاتعلقي اختيار ڪرڻ بدران پنهنجو گڏيل اثاثو سمجهي حفاظت ڪرڻ گهرجي. جنهن شهر ۾ اسين رهون ٿا، ان جي صفائي، سونهن ۽ سلامتيءَ جي ذميواري به اسان سڀني تي لاڳو ٿئي ٿي.
اهو شهري شعور گهر کان شروع ٿيڻ گهرجي ۽ اسڪولن ۾ ان جي باقاعده تربيت ٿيڻ گهرجي. مائرون، والدين ۽ استاد ٻارن کي پنهنجي عمل ۽ مثال سان صفائي، ماحولياتي تحفظ، ڪچري جي مناسب نيڪال ۽ عوامي ملڪيت جي احترام جي سکيا ڏين. سول سوسائٽي، واپاري تنظيمون، ڪاروباري ادارا ۽ پاڙن جون ڪميٽيون پڻ صفائيءَ جي مهمن، وڻڪاري ۽ عوامي سهولتن جي حفاظت ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪن. ساڳئي وقت قانونن تي سخت، مسلسل ۽ بنا فرق عملدرآمد ضروري آهي. روڊن تي ڪچرو اڇلائڻ، پان ۽ گٽڪي جا ٿڪ هڻڻ، غيرقانوني ڊمپنگ، پلاسٽڪ جي ٿيلهن جي پابندي ٽوڙڻ، بنا اجازت روڊ کوٽڻ، قبضا ڪرڻ ۽ گندو پاڻي روڊن تي ڇوڙڻ تي مناسب ڏنڊ لاڳو ٿيڻ گهرجن. سي سي ٽي وي ڪئميرائن، ميونسپل انسپيڪٽرن ۽ عوامي شڪايتن جي مؤثر نظام ذريعي قانونن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو.
هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسين رڳو تعمير ۽ افتتاح جي ثقافت کان اڳتي وڌي سار سنڀال، تحفظ ۽ شهري ذميواريءَ جي ثقافت کي پنهنجي اجتماعي مزاج جو حصو بڻايون. حڪومت انفراسٽرڪچر تعمير ڪري سگهي ٿي، پر ان جي خوبصورتي، افاديت ۽ پائيداري ذميوار ادارن ۽ باشعور شهرين جي گڏيل ڪوششن سان ئي برقرار رهي سگهي ٿي.
شهر رڳو سرن، پٿرن ۽ روڊن سان خوبصورت ناهن ٿيندا، پر انهن ۾ رهندڙ ماڻهن جي شعور، سليقن ۽ ذميواريءَ سان سڃاتا ويندا آهن. خوبصورت، صاف ۽ پائيدار ڪراچي اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.
_________

ڪلاونتي راجا سياسي ۽ سماجي ڪارڪن آهي، جيڪا گذريل ٻن ڏهاڪن کان پاڻي، اقليتن، عورتن ۽ ٻين عوامي مسئلن لاءِ جدوجهد ۽ آگاهي جي ڪم سان وابسته آهي. لکڻ ۽ تقرير ذريعي عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ سندس دلچسپي آهي. رابطو kalavanti.raja@gmail.com



