شڪارپور جي بيدل پبلڪ لائبريري ۽ باٿ روم ۾ ڪتاب رکڻ جو الميو
دردناڪ قصو ڪتابن جي ارڙھن باجڪن جو، جيڪي شڪارپور جو عاشق، استاد ۽ قلمڪار حبيب الله ڀٽو ھڪ ورثي جي شڪل ۾ ڇڏي ويو. اھي ڪتاب ھڪ محفوظ ھنڌ سمجھي بيدل پبلڪ لائبريريءَ جي حوالي ڪيا ويا پر ان قيمتي ورثي کي باٿ روم ۾ ڦٽو ڪيو ويو جتي برساتن ۾ ڪتاب برباد ٿي ويا. جيڪو سماج پنهنجي ڪتابن کي محفوظ نٿو رکي، اهو پنهنجي تاريخ، پنهنجي فڪر ۽ پنهنجي ايندڙ نسل کي آخر ڇا محفوظ ڪري ڏيندو؟ هي سوال منهنجو آهي، پر جواب اسان سڀني کي ڏيڻو آهي.

نسيم بخاري
ڪتابن جي به ڪا قسمت هوندي آهي؟
ڪڏهن ڪو ڪتاب ڪنهن جي پينشن مان خريد ٿيندو آهي، ڪنهن جي بک کان وڌيڪ اهم سمجهيو ويندو آهي، ڪنهن جي گهر جي هڪ ڪمري کي ڀريندو آهي، ڪنهن جي اکين جي روشني بڻجي ويندو آهي ۽ ڪنهن جي مرڻ کان پوءِ به سندس فڪر جو آواز بڻجي زنده رهندو آهي.
پر ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته ڪتاب گڏ ڪيا وڃن، سنڀاليا وڃن، ترتيب ڏنا وڃن، انهن لاءِ لائبريري جو خواب ڏٺو وڃي ۽ پوءِ اهي ئي ڪتاب اهڙي جاءِ تي رکيا وڃن، جتي برسات جو پاڻي اچي کين ٻوڙي ڇڏي.
هيءَ ڪهاڻي صرف ارڙهن ٻاجڪن ڪتابن جي ڪهاڻي ناهي.
هيءَ شڪارپور جي علمي مزاج، اسان جي ادبي ادارن، اسان جي لائبريرين ۽ اسان جي پڙهڻ واري ثقافت تي پڻ هڪ سوال آهي.

حبيب الله ڀٽو شڪارپور جو عاشق، استاد ۽ قلمڪار هو. سندس پٽ نعمت الله ڀٽو به استاد ۽ صحافي هو. ٻنهي پيءُ پٽ جو پنهنجي شهر، پنهنجي مٽيءَ ۽ پنهنجي اباڻي علمي ورثي سان اهڙو عشق هو، جيڪو اڄ جي زماني ۾ گهٽ گهٽ نظر اچي ٿو.نعمت الله ڀٽو دل جو به ڪشادو هو ۽ دسترخوان جو به. ريٽائرمينٽ کان پوءِ جيڪا پينشن کيس ملندي هئي، ان مان به ڪتاب، اخبارون ۽ رسالا خريد ڪندو هو.
اسان جي سماج ۾ ڪيترائي ماڻهو پينشن ملڻ کان پوءِ پنهنجي ضرورتن جو سوچيندا آهن؛ نعمت الله ڀٽو پنهنجي پينشن مان پنهنجي شهر جي علمي ضرورت پوري ڪندو هو.
مون کي اهو اعزاز حاصل آهي ته مان سندس صحبت ۾ رهيو آهيان. هُو شڪارپور پريس ڪلب جو صدر به رهيو ۽ سندس زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۽ آخري گهڙين ۾ به مون کي سندس صحبت نصيب ٿي.
سندس فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪرڻ کان پوءِ سندس ڀاءُ احسان الله ڀٽو، جيڪو پاڻ رٽائرڊ پروفيسر هو، مون کي پنهنجي گهر گهرايو. هن پنهنجي ڀاءُ نعمت الله ڀٽو ۽ والد حبيب الله ڀٽو جي لائبريريءَ ۾ موجود سمورا ڪتاب مون کي تحفي طور ڏئي ڇڏيا.
ان وقت مان سنڌي ادبي سنگت شاخ شڪارپور جو سيڪريٽري هئس.
منهنجي ذهن ۾ هڪ ڳالهه آئي:
هي خزانو مان اڪيلو ڇو سنڀاليان؟
ڇو نه اهي ڪتاب سنڌي ادبي سنگت جي حوالي ڪجن، جتي اڄ نه ته سڀاڻي ڪو ٻيو سيڪريٽري هوندو، نئين باڊي ايندي، نوان ميمبر ايندا، نوجوان ايندا ۽ اهي ڪتاب پڙهيا ويندا؟
مون انفرادي ملڪيت بدران اجتماعي فائدي کي ترجيح پر قسمت ۾ ضرور ڪا ٻي لکيل هئي.
سائين انور سومرو، اسان جو رهنما ۽ مخلص ساٿي، ۽ وحيد محسن، جيڪو محنتي ۽ ڀلو انسان آهي، ٻنهي مون سان ڪتاب منتقل ڪرڻ ۾ هٿ ونڊايو.
مون سفرناما لکندڙ مرحوم آغا ثناءُ الله خان کي عرض ڪيو ته ڪجهه عرصي لاءِ ڪتاب رکڻ خاطر پنهنجي اوطاق اسان جي حوالي ڪن.
هن نيڪ دل انسان هڪ گهڙيءَ لاءِ به نه سوچيو ۽ پنهنجي اوطاق اسان لاءِ کولي ڇڏي.
ارڙهن ٻاجڪا ڪتابن جا! اسان ٽنهي انهن کي کوليو. هڪ هڪ ڪتاب صاف ڪيوسين.
موضوعن موجب الڳ ڪيوسين. ”نعمت الله ـ حبيب الله ڀٽو“ جي نالي سان اسٽيمپ ٺهرايوسين. ڇهه مهينا لڳا!
هر آچر سڄو ڏينهن ڪتابن سان گڏ گذرندو هو. ڪتابن جي وچ ۾ ويهي منجهند جي ماني کائيندا هئاسين. ڪتابن تي بحث ٿيندو هو. ڪنهن ڪتاب جو ليکڪ، ڪنهن ڪتاب جو موضوع، ڪنهن ڪتاب جي اهميت—هر شيءِ اسان لاءِ دلچسپ هئي.
اسان کي لڳندو هو ته اسان ڪتاب نه، هڪ نسل جي يادگيري محفوظ ڪري رهيا آهيون.
پوءِ مون پنهنجي سينيئر ساٿي مظھر اڄڻ کي عرض ڪيو ته سنڌي ادبي سنگت لاءِ لائبريري قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ۽ پنهنجي رهائشگاهه جو هڪ ڪمرو اسان جي حوالي ڪري.
هن اسان جي جذبن جو احترام ڪيو. صلاح الدين اوستي ڪمري جو رنگ روغن ڪرائي ڏنو. بجليءَ جو بندوبست ٿيو. ڪتاب منتقل ٿيا. ويهڻ لاءِ ڪارپيٽ آغا ثناءُ الله خان ڏنو. وقت مقرر ڪيوسين. دوستن کي چيوسين:
اچو، ويهو، ڪتاب پڙهو، ڳالهه ٻولهه ڪريو، بحث ڪريو.
ڪجهه ڏينهن ماحول رهيو. پوءِ دوست گهٽجڻ لڳا. پوءِ اڃا گهٽ. ۽ پوءِ ڪتاب رهجي ويا، ماڻهو نه رهيا.
وقت پنهنجي رفتار سان هلندو رهيو.
سنڌي ادبي سنگت جون چونڊون ٿيون. مان سيڪريٽري شپ جو اميدوار نه هئس. ٻيو دوست سيڪريٽري بڻجي ويو. اسان سمورا معاملا نئين باڊي حوالي ڪري ڇڏيا. اسان سمجهيو ته هاڻي ڪتاب محفوظ هٿن ۾ آهن.

پر پوءِ خبر پئي ته اهي ڪتاب شڪارپور جي بيدل پبلڪ لائبريري، جيڪا ماضيءَ ۾ جگن ناٿ لائبريري جي نالي سان مشهور هئي، منتقل ڪيا ويا آهن.
مون لائبريرين فريد احمد شيخ سان ملاقات ڪئي. هن چيو: ڪتاب محفوظ آهن. جلد ”نعمت الله ـ حبيب الله ڀٽو ڪارنر“ قائم ڪيو ويندو.
دل خوش ٿي وئي. مون سوچيو، آخرڪار ڪتاب پنهنجي منزل تي پهچي ويا. پر منزل اڃا پري هئي. ڪجهه مهينا گذريا. برساتون آيون. پوءِ خبر پئي ته ڪتاب لائبريري جي باٿ روم ۾ رکيل هئا. ڇت ڪمزور هئي. پاڻي اندر آيو. ۽ اهي ڪتاب، جن کي گڏ ڪرڻ، صاف ڪرڻ، ترتيب ڏيڻ ۽ محفوظ ڪرڻ ۾ ڇهه مهينا لڳا هئا، پاڻيءَ ۾ ضايع ٿي ويا.
بس! هڪ برسات آئي ۽ سالن جي محنت وهي وئي.
پر سوال اهو آهي ته ڪتاب برسات ۾ ضايع ٿيا يا اسان جي بي حسيءَ ۾؟
برسات ته قدرت جو عمل آهي. پر ڪتاب باٿ روم ۾ رکڻ ڪهڙي قدرت جو فيصلو هو؟
ڪتابن کي اهڙي جاءِ تي رکڻ ڪنهن جي ذميواري هئي؟ ڇا ڪتابن جي حفاظت لاءِ لائبريريءَ ۾ هڪ محفوظ ڪمرو به نه هو؟
ڇا ”نعمت الله ـ حبيب الله ڀٽو ڪارنر“ جو واعدو صرف لفظن تائين محدود رهڻو هو؟
مان ٻيهر لائبريري وارن سان مليس. واعدو ٿيو ته ڪتاب ٻيهر گڏ ڪيا ويندا ۽ “نعمت الله ـ حبيب الله ڀٽو ڪارنر” قائم ڪيو ويندو.
فريد احمد شيخ کان پوءِ ايندڙ لائبريرين ارشاد احمد ابڙو به واعدا ڪندو رهيو.
پر سندس رٽائرمينٽ تائين اهو واعدو به وفا نه ٿيو.
اسان وٽ واعدن جي کوٽ ناهي. کوٽ آهي ته عمل جي. اسان وٽ افتتاحن جي کوٽ ناهي. کوٽ آهي ته حفاظت جي.
اسان وٽ لائبريريون آهن. پر ڇا انهن ۾ ڪتابن لاءِ محفوظ جاءِ آهي؟
اسان وٽ ڪتاب آهن. پر ڇا انهن لاءِ پڙهندڙ آهن؟
احسان الله ڀٽو مون کي اهي ڪتاب ان ڪري ڏنا هئا ته شايد مان انهن مان فائدو وٺان، انهن کي پڙهان ۽ محفوظ رکان.

پر مون سوچيو ته هڪ ماڻهوءَ جي فائدي کان سوين پڙهندڙن جو فائدو بهتر آهي. مون پنهنجو ذاتي فائدو قربان ڪري اجتماعي فائدي جو خواب ڏٺو. پر اڄ منهنجي اندر هڪ سوال مسلسل کڙڪندو رهي ٿو:
ڇا مون غلط ڪيو؟ شايد نه.
پر پوءِ به دل چوي ٿي ته ڪاش اهي ڪتاب مان پاڻ وٽ رکان ها. ڪاش، حبيب الله ڀٽو ۽ نعمت الله ڀٽو جو اهو علمي ورثو منهنجي پنهنجي لائبريريءَ ۾ محفوظ هجي ها.
ڪاش، اهي ڪتاب اڄ به ڪنهن نوجوان جي هٿ ۾ هجن ها. ڪو شاگرد انهن مان نوٽس ٺاهي رهيو هجي ها. ڪو قلمڪار انهن مان حوالو وٺي رهيو هجي ها. ڪو اڪيلو پڙهندڙ رات دير تائين انهن صفحن ۾ پنهنجي شهر، پنهنجي تاريخ ۽ پنهنجي سماج کي ڳولي رهيو هجي ها.
پر ائين نه ٿيو. ڪتاب پڙهندڙن تائين نه پهچي سگهيا. ۽ اها ڳالهه منهنجي دل ۾ هڪ مستقل خال ڇڏي وئي آهي.
هي خال صرف منهنجو ذاتي خال ناهي. هي اسان جي سماج جو خال آهي.
اسان ڪتابن کي عزت ڏيڻ جون ڳالهيون ته تمام گهڻيون ڪندا آهيون، پر ڪتابن جي حفاظت لاءِ اسان وٽ ڪيتري سنجيدگي آهي؟
اسان ادبي شخصيتن کي ياد ڪرڻ لاءِ پروگرام ڪندا آهيون، گل چاڙهيندا آهيون، تقريرون ڪندا آهيون، تعزيتي اجلاس ڪندا آهيون؛ پر انهن جي ڇڏيل ڪتابن کي ڪٿي رکون ٿا؟ ڪڏهن الماريءَ ۾. ڪڏهن گودام ۾. ڪڏهن نميءَ واري ڪمري ۾. ۽ ڪڏهن، افسوس سان، باٿ روم ۾!
حبيب الله ڀٽو ۽ نعمت الله ڀٽو هاڻي هن دنيا ۾ ناهن.
پر سندن ڪتاب جيڪڏهن محفوظ هجن ها ته هو اڄ به ڳالهائين ها.
ڪتابن جي اها ئي خوبي آهي: ليکڪ مري سگهي ٿو، ڪتاب نه مرڻ گهرجي.
پر شڪارپور ۾ انهن ڪتابن کي به مرڻ ڏنو ويو.
۽ منهنجو ڏک ان ڪري وڌيڪ آهي جو اهي ڪتاب مون وٽ اعتماد سان آيا هئا، مون انهن کي محبت سان سنڀاليو، اجتماعي فائدي لاءِ اڳتي وڌايو ۽ آخرڪار اهي پنهنجي اصل حقدارن—پڙهندڙن—تائين پهچي نه سگهيا.
شايد زندگيءَ ڀر اهو افسوس رهندو.
پر ان افسوس سان گڏ هڪ سوال به زنده رهندو:
جيڪو سماج پنهنجي ڪتابن کي محفوظ نٿو رکي، اهو پنهنجي تاريخ، پنهنجي فڪر ۽ پنهنجي ايندڙ نسل کي آخر ڇا محفوظ ڪري ڏيندو؟
هي سوال منهنجو آهي، پر جواب اسان سڀني کي ڏيڻو آهي.
__________________

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي “وک ” شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.




بيحد افسوسناڪ خبر ايتري بيقدري!!