ڪامريڊ غلام رسول سهتو: هارين ۽ سنڌ جي قومي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ مجاهد
ڪامريڊ غلام رسول سهتي جو تعلق سنڌ جي هڪ عام هاري گهراڻي سان هو. هن ننڍپڻ کان ئي جاگيرداراڻي نظام جي ناانصافين، هارين سان اڌ بٽائي جي نالي تي ٿيندڙ استحصال ۽ سندن بي دخليءَ وارو درد ويجهڙائي کان ڏٺو. انهن ئي تلخ تجربن کيس کاٻي ڌر جي فڪر ۽ عملي سياست ڏانهن راغب ڪيو، جتي هن مزدورن ۽ هارين جي آزاديءَ کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻائي ورتو.

مجيد نواز مُغل
ڪامريڊ غلام رسول سهتو سنڌ جي هاري تحريڪ، سياسي جدوجهد ۽ اصول پرست صحافت جو هڪ روشن باب ھو. نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن (NSF) کان وٺي سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي صدارت تائين، سندس سموري حياتي جدوجھد ۾ گذري. اسلام آباد جي پارليامينٽ آڏو سندس بک هڙتال تاريخ جو ھڪ اھم باب آھي. ڪامريڊ سهتي پنهنجي سموري زندگي مظلومن، بي زمين هارين ۽ سنڌ جي قومي مفادن لاءِ وقف ڪري ڇڏي. هو رڳو هڪ سياسي اڳواڻ نه، پر سنڌ جي محروم طبقن جو هڪ اڏول آواز هو.
ڪامريڊ غلام رسول سهتي جو تعلق سنڌ جي هڪ عام هاري گهراڻي سان هو. هن ننڍپڻ کان ئي جاگيرداراڻي نظام جي ناانصافين، هارين سان اڌ بٽائي جي نالي تي ٿيندڙ استحصال ۽ سندن بي دخليءَ وارو درد ويجهڙائي کان ڏٺو. انهن ئي تلخ تجربن کيس کاٻي ڌر جي فڪر ۽ عملي سياست ڏانهن راغب ڪيو، جتي هن مزدورن ۽ هارين جي آزاديءَ کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻائي ورتو.
هاري تحريڪ ۾ سرگرم ٿيڻ کان اڳ، هو نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو هڪ متحرڪ ڪارڪن رهيو. هن سنڌ جي سياسي تاريخ جي اهم ترين تحريڪن، جهڙوڪ ون يونٽ مخالف تحريڪ ۽ جمهوريت جي بحاليءَ واري تحريڪ (MRD) ۾ ڀرپور ۽ دليريءَ وارو ڪردار ادا ڪيو.
سنڌ هاري ڪاميٽي (جيڪا 1930ع ۾ قائم ٿي هئي) جي پليٽ فارم تان ڪامريڊ غلام رسول سهتي باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي ڇڏيل مشن کي اڳتي وڌايو ۽ اڳتي هلي هن تاريخي تنظيم جو صدر چونڊيو ويو. هن تحريڪ ۾ نئون ساهه وجھڻ لاءِ وڏي جوش جذبي سان ڪم ڪيو. جيتوڻيڪ ”سنڌ ٽيننسي ايڪٽ“ ڪامريڊ جتوئيءَ جي دور ۾ پاس ٿيو هو، پر ان تي عملدرآمد نه هجڻ جي برابر هو. ڪامريڊ سهتي هارين کي زمين جو اصل مالڪ تسليم ڪرائڻ، جبري بي دخليءَ جي خاتمي ۽ پيداوار جي برابر حصي (اڌ بٽائي) لاءِ ڳوٺ ڳوٺ تحريڪ هلائي.

هن هاري تحريڪ کي صرف مردن تائين محدود نه رکيو، پر عورتن کي به ان انقلابي سفر جو حصو بڻايو، جنهن ڪري هاري عورتن پڻ سياست ۾ قربانيون ڏنيون. ڪالا باغ ڊيم جي اڏاوت خلاف ۽ سنڌ جون زمينون ڌارين کي ڏيڻ واري عمل خلاف هن ٻين سياسي پارٽين سان گڏجي وڏا اتحاد جوڙيا ۽ مزاحمت ڪئي.
ڪامريڊ سهتو سنڌي صحافت جي ميدان ۾ بہ لٿو ۽ پنهنجي سموري ذاتي زمين وڪرو ڪري حيدرآباد مان روزاني ’سنڌ‘ اخبار جاري ڪئي، جنهن جو هو پاڻ چيف ايڊيٽر ۽ پبلشر هو. اخبار جو مقصد رڳو خبرون ڏيڻ نه، پر هارين، پورهيتن ۽ غريب آبادگارن جو آواز بڻجڻ هو. سندس کري طبيعت ۽ ڪنهن به خبر تي سوديبازي يا ڪمپرومائيز نه ڪرڻ واري پاليسيءَ سبب وقت جي حڪومتن مٿس معاشي دٻاءُ وڌو ۽ اخبار جا سرڪاري اشتهار بند ڪري ڇڏيا. پر ڪامريڊ جهڪڻ بدران حڪومت جي ان آمراڻي قدم خلاف پڻ بک هڙتال جو رستو اختيار ڪيو.
ڪامريڊ غلام رسول سهتي سنڌ کي اُن جي پاڻيءَ جي جائز حق کان محروم ڪرڻ خلاف بہ يادگار جدوجھد ڪئي. خاص طور خيرپور ضلعي ۾ زرعي پاڻيءَ جي هٿراڌو کوٽ ۽ پاڻي چوريءَ خلاف بہ ھُن ڀرپور آواز اُٿاريو. سندس چوڻ هو ته: ”اهو هڪ مصنوعي بحران آهي، جيڪو بااثر جاگيردارن ۽ چونڊيل نمائندن پاران غيرقانوني ڪورسن ذريعي پاڻي چوري ڪري پيدا ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري سنڌ جي 30 لک ايڪڙ زمين پاڻيءَ کان محروم ٿي چڪي آهي.“
خيرپور جا 400 ناڪاره ٽيوب ويل ۽ سنڌ ۾ هزارين بند پيل پرائمري اسڪول کولڻ به سندس مطالبن ۾ شامل هئا. صوبائي اختيارين پاران بار بار ڪيل واعدا وفا نه ٿيڻ تي، ڪامريڊ سهتي حيدرآباد، سکر ۽ خيرپور کان پوءِ پنهنجي احتجاجي ڪيمپ ملڪ جي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾ قائم ڪئي. پي پي پي جي گذريل دورِ حڪومت ۾، هن حيدرآباد کان اسلام آباد تائين لانگ مارچ ڪيو ۽ پارليامينٽ هائوس ۽ اسلام آباد پريس ڪلب آڏو مسلسل 120 ڏينهن تائين علامتي بک هڙتال ڪئي.
ان وقت جي چيف جسٽس افتخار چوڌري معاملي جو نوٽيس ورتو، جنهن تي مقامي وڏيرن ڪيس کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڊرامائي انداز ۾ اٽڪائي ڇڏيو. ان وقت جي ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه ڪامريڊ جي ڪجهه مطالبن کي درست مڃيندي کيس بک هڙتال ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي، پر ڪامريڊ جو موقف هو ته جيسين عملي قدم نه کنيا ويندا ۽ پاڻي چوري روڪڻ لاءِ رينجرز مقرر نه ٿيندي، هو پويان نه هٽندو.
مسلسل بک هڙتال سبب سندس وزن انتهائي گهٽجي ويو، پوٽاشيم جي شديد کوٽ ٿي پئي ۽ جسماني مدافعت ختم ٿي وئي. کيس بيهوشيءَ جي حالت ۾ پولي ڪلينڪ اسپتال داخل ڪرايو ويو، جتي هن ٽيوب ذريعي کاڌو کائڻ کان به انڪار ڪيو. آخرڪار اعتزاز احسن ۽ ٻين سينيئر اڳواڻن وچ ۾ پئي کيس بک هڙتال ختم ڪرائي، پر ان ڏينهن کانپوءِ سندس صحت ڪڏهن به بحال نه ٿي سگهي.
ڪامريڊ غلام رسول سهتو هڪ وسيع النظر سياسي ڪارڪن هو. سنڌ هاري ڪاميٽي کانسواءِ هن پنهنجي سياسي سفر دوران ڪميونسٽ پارٽي، پاڪستان نيشنل پارٽي (PNP)، نيشنل عوامي پارٽي (NAP)، قومي انقلابي پارٽي، جيئي سنڌ محاذ ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (SUP) جهڙن مختلف پليٽ فارمن تان سنڌ جي حقن ۽ پورهيتن جي برابري واري فڪر لاءِ پنهنجون سياسي خدمتون سرانجام ڏنيون.
زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ هو جگر ۽ گردن جي بيماريءَ ۾ مبتلا رهيو، جنهن جو وڏو سبب اهي مسلسل بک هڙتالون هيون جيڪي هن پنهنجي جسم کي سڪائي مظلومن جي حقن لاءِ ڪيون هيون. آخرڪار، 73 سالن جي ڄمار ۾، اپريل 2021ع ۾ حيدرآباد جي هڪ اسپتال ۾ هن آخري ساهه ڏنو. سندس مڙهه کي کيس اباڻي شهر محرابپور ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
ڪامريڊ غلام رسول سهتي جي اها تاريخي جدوجهد سنڌ جي هارين ۾ پنهنجي حقن لاءِ ساهه پٽڻ جو سبب بڻي. سنڌ جي تاريخ ۾ جڏهن به هارين جي حقن، پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ۽ اصول پرست صحافت جو ذڪر ٿيندو، ڪامريڊ غلام رسول سهتي جو نالو هميشه فخر ۽ احترام سان ورتو ويندو.
___________________

مجيد نواز مغل سکر ۾ صحافي آھي




ڪامريڊ غلام رسول سھتو جي زندگي ۽ سندس ڪيل پورهيت جدوجھد تي مجيد نواز مغل پاران زبردست ڀٽا