اديب پنھنجي پورھيت طبقي سان گڏ بيھن، طاقت آڏو ھٿيار ڦٽا نہ ڪن
طاقت کي اديب آڏو ھٿيار ڦٽا ڪرڻ گھرجن ۽ اھو تڏھن ئي ممڪن آھي جڏھن اديب اھو لکندو جنھن سان پيڙھيل طبقن جي مسئلن، ڏکن ۽ اھنجن جي ترجماني ٿئي
سکر ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جي سالياني ڪانفرنس ۾ ڪتابن جي مھورت، مختلف ٻولين جي مشاعري، ايوارڊن ورھائڻ ۽ نامياري ڪھاڻيڪار حفيظ شيخ کي ڀيٽا ڏيڻ وارا اجلاس ٿيا
سکر، سنڌ
انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ ١٨ جنوري ٢٠٢٦ تي آرٽس ڪائونسل سکر ۾ سنڌ جي ناليواري ڪھاڻيڪار حفيظ شيخ جي ياد ۾ ھڪ ڏينھن واري سالياني ڪانفرنس ڪپٺائي۔
تقريب جي شروعات انجمن ترقي پسند مصبفين جي تراني ”ميري ديدہ ورو ميري دانشورو، پائون زخمي سھي ڊگمگاتي چلو“ سان ڪئي وئي۔ پھرئين ويھڪ جو موضوع ھيو “ايڪيھين صديءَ ۾ ترقي پسند ادب ۽ اديب جو ڪردار” جنھن جي صدارت راولا ڪوٽ-ڪشمير کان آيل ترقي پسند دانشور جاويد خان ڪشميريءَ ڪئي۔

ھن سيمينار ۾ پروفيسر ڊاڪٽر سڪندر مغل، احسن جعفري، حڪيم زنگيجي ۽ ايڊوڪيٽ عتيق الرحمان سومري پنھنجن خيالن جو اظھار ڪندي ان ڳالهہ تي زور ڏنو تہ اديب کي پنھنجي پورھيت طبقي سان گڏ بيھڻ کپي۔ اديب کي طاقت آڏو ھٿيار نہ ڦٽا ڪرڻ کپن پر طاقت کي اديب آڏو سرينڊر ڪرڻ کپي ۽ اھو تڏھن ئي ممڪن آھي جڏھن اديب اھو لکندو جيڪو پيڙھيل طبقن جي مسئلن، ڏکن ۽ اھنجن جي ترجماني ڪندو۔ تقريب جي شروعات سارنگ ڪلاديءَ لطيف سائين جي وائيءَ ”ڪارون وَس ڪَيام، لَڏي ھوتَ ويام” سان ڪئي جڏھن تہ اسٽيج سيڪريٽريءَ جا فرض وجيش ڪمار ادا ڪيا۔

ٻيو سيشن ڪتابن ۽ انجمن جي ميگزين جو مھورت ھيو۔ جنھن جي صدارت رياض شاھد دائي ڪئي۔ عبدالخالق زدران جي ڪتاب ”ماضي ڪي انقلابي شخصيات“ جو مھورتڪار ضياء ڀٽي ھيو ۽ ڪتاب جو جائزو نعيم شيخ ڏنو۔ اياز لطيف دائي پنھنجي ڪتاب ”ساڻيھ لاء سوجهرو“ جو مھورت ڪيو۔ جنھن تي جائزو رؤف پارس دائي پيش ڪيو ۽ ڊاڪٽر پروين موسا ميمڻ جي ڪتاب ”ديرو دوست جو“ تي راءِ عبدالفتاح سَپري ڏني۔ ھن سيشن جو اسٽيج سيڪريٽري انجمن سکر جو سيڪريٽري سردار پيرزادو ھو۔

ٽيون سيشن سنڌي ٻوليءَ جي منفرد ۽ عظيم ڪھاڻيڪار، ناولنگار، صحافي ۽ اديب، حفيظ شيخ جي ياد ۾ مقالن جي ويھڪ ھو جنھن جي صدارت انجمن ترقي پسند مصنفين جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر بدر اڄڻ ڪئي۔ جنھن ۾ حفيظ شيخ جي زندگي، ڪيل علمي، ادبي ۽ سماجي پورھئي، جدوجھد ۽ حاصلات تي مقالا پيش ڪيا ويا۔ ان موقعي تي خاص مقرر ڊاڪٽر محمود مغل ھيو جنھنجي مقالي جو عنوان ھيو ڪھاڻيءَ جو منفرد لب و لھجو ۽ حفيظ شيخ. پروفيسر سرور سيف جي مقالي جو عنوان ھيو حفيظ شيخ، اتامرو ليکڪ. محمد دين راڄڙيءَ پنھنجي مقالي ۾ حفيظ شيخ جي ڪھاڻين جو تجزيو پيش ڪيو۔ فھيم نوناريءَ جي مقالي جو عنوان ھيو سونھن، سچ ء حقيقت جو متلاشي-حفيظ شيخ۔ رئوف پارس دائي جي مقالي جو عنوان ھيو حفيظ شيخ-سنڌي ادب جو گمنام گوهر۔ اياز گل ۽ الطاف گوھر پيچوھي ان موقعي تي پنھنجن خيالن جو اظھار ڪيو۔ مقالا نگارن انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جي عھديدارن کي ان عمل تي مبارڪون ڏنيون تہ ھنن ھڪ عظيم ڪردار کي ياد ڪيو آھي، جنھنکي سمورن ادبي ادارن مجرمانہ غفلت ڪندي وساري ڇڏيو آھي۔ ھنن پنھنجين تقريرن ۽ مقالن ۾ حفيظ شيخ جي ٻالڪپڻ ۾ نظر انداز ٿيل ھن ڪردار جي جدوجھد تي سير حاصل گفتگو ڪئي۔ ھنن ٻڌايو تہ حفيظ شيخ تمام ڏکين حالتن سان مھاڏو اٽڪائي زندگيءَ ۾ اعلي مقام ماڻيو۔ فيملي پلاننگ جي کاتي مان ريجنل ڊائريڪٽر جي عھدي تان رٽائر ٿيو۔ ڪھاڻي کيتر ۾ اوائلي دؤر جي عظيم ڪھاڻيڪار جمال ابڙي جي جوڙ جو ڪھاڻيڪار ھو۔ سندس ڪھاڻي “امان مان اسڪول نہ ويندس“ پنھنجي موضوع ۽ ٻوليء جي حوالي سان بي مثال ڪھاڻي آھي جنھن ۾ معصوم شاگرد کي جلاد قسم جو استاد جيڪو دراصل استاد جي نالي تي چُٽو آھي، ايترو جسماني تشدد ڪري ٿو جو معصوم ٻارڙو نيٺ پنھنجي حياتيء تان ھٿ ڌوئي ويھي ٿو۔ ان کانسواءِ ٻين ڪھاڻين، ناوليٽ، خطن ۽ راين تي بہ گفتگو ٿي۔ اھو بہ ٻڌايو ويو تہ ان دؤر جا چوٽيءَ جا نقاد کيس مليا جن ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، رسول بخش پليجو ۽ ثميره زرين شامل ھئا جن کيس پيار ۽ سختيءَ سان تنبيھ ڪري دڳ لاتو۔
ان موقعي تي انجمن سنڌ پاران اعلان ڪيو ويو تہ ايندڙ سال ڪامريڊ سڪندر بختيار کوسي کي سندس ترتيب ڏنل ڪتاب “نہ سي وونئڻ وڻن ۾” ۽ نصير مرزا کي ڪتاب “اڇو پکي واءَ ۾” جي سھيڙڻ تي حفيظ شيخ يادگار شيلڊون ڏنيون وينديون۔

ان کانپوءِ ادب جي ويھن شعبن ۽ مختلف ٻولين ۾ سال ٢٠٢٤ ۾ ڇپيل بھترين ڪتابن کي ايوارڊ ڏنا ويا، بھترين ڪارڪردگيءَ جو راحت سعيد يادگار ايوارڊ، ميرپور خاص شاخ کي ڏنو ويو۔ جڏھن تہ لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ، ڊاڪٽر بدر اڄڻ، پروفيسر ڊاڪٽر سڪندر مغل وصول ڪيا ۽ ڪليم درانيءَ جو ايوارڊ اقبال خان وصول ڪيو۔ لائيف ٽائيم ايوارڊ وصول ڪندڙ ساٿين کي لنگيون پڻ اوڍايون ويون ۽ ٻاھران آيل مھمانن کي اجرڪ اوڍايا ويا۔ ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر سڪندر مغل، ڊاڪٽر بدر اڄڻ، نعيم خان ڪشميري ۽ شاھين بارانزئي خطاب ڪندي پنھنجي خوشيء جو اظھار ڪندي انجمن جي ھن عمل کي ساراھيو۔ آخر ۾ فيض سومري پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي انجمن جي ھن عمل کي ساراھيو ۽ ايوارڊ يافتہ اديبن کي گذارش ڪئي تہ ھو پنھنجي لکڻين ۾ پيڙھيل طبقن جي وڪالت ڪن۔ ھنن ٻنھي سيشنن جي اسٽيج سيڪريٽريءَ جا فرائض سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر خادم منگيءَ سرانجام ڏنا۔ آخر ۾ گهڻين ٻولين وارو مشاعرو ٿيو۔ جنھن جي صدارت منفرد لھجي جي نمايان، نوجوان شاعر حسين جاگيراڻيءَ ڪئي ۽ خاص مھمان ادل سومرو ھيو۔ جڏھن تہ اعزازي مھمانن ۾ اياز لطيف دايو، وحيد انصاري، ناصر چاچڙ، حڪيم زنگيجو، سردار پيرزادو ۽ رئوف پارس دايو شامل ھئا۔ جن ترنم ۽ تحت اللفظ ۾ پنھنجي شاعري ٻڌائي خوب داد حاصل ڪيو ۽ محفل کي جهومائي ڇڏيو۔ مشاعري جي ڪارروائي نوجوان شاعر شيراز جعفريءَ ھلائي ۽ سريلي راڳي غلام علي سومري ابراھيم منشيءَ جو گيت “ھڪ مند چري آھي، ٻي جا رات ٺري آھي،” جهونگاريو۔
ڪانفرنس جي پڄاڻي سارنگ ڪلاديءَ شيخ اياز جي وائي “ٽڙي پوندا ٽارئين جڏھن ڳاڙھا گل، تڏھن ملندا سين” سان ڪئي۔ (پريس رليز)
________________



