Editor's pickMain Slideڪالم

ڪتاب ڪھاڻي: فيودور دوستووسڪي اِن سنڌ

جڳ مشهور روسي ليکڪ فيودور دوستووسڪي جي جِيوَن تي فرهاد جيلانيءَ جي لکيل ڪتاب فيودور دوستووسڪي (جيون ، فن ۽ فڪر) جو اڀياس

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

ذوالفقار ناصر ساريو

تنهائين  ۽ اڪيلائين جو اتساھ      

اڪيلائيون ۽ تنهائيون انسان کي ويڳاڻو يا اداس ناهن ڪنديون بلڪہ هڪ نئون اتساھ اڀاري ، جياپي جو دڳ بہ ڏيکارينديون آهن. ڏينهن جي اڪيلائي ۽ رات جي تنهائي ڳالھ ساڳي هوندي آهي. ڏينهن واري اڪيلائي منجھ چوڌاري ماڻهن جو ميلو متل هوندي بہ ماڻهو اڪيلو هوندو آهي ۽ رات جو تنها هوندي، هڦو پنهنجي آسپاس چڪر ڏيندڙ خيالن ۽ لفظن منجھ، تنها هوندي بہ تنها ناهي هوندو. هُو رات جي انهيءَ تنهائي منجهان نوان خيال سرجي،  لفظن جي مالها ٺاهي سرجڻھار بڻجي ويندو آهي. ليڪن اهڙي ڪيفيت سڀ ڪنهن لاء ناهي هوندي. هڪ حساس ليکڪ  ئي اهڙا نصيب ماڻي سگهندو آهي. 

اڄڪلھ رات ٿيڻ کانپوءِ ڊجيٽل سوشل ميڊيا جو ميلو مچي ويندو آهي. فيس بڪ ۾ فرينڊ ٿيل ڏٺي اڻ ڏٺي سنگت سگنل ڏيڻ شروع ڪندي آهي. سندن سچين ڪوڙين آئي ڊيز  تي ٻرندڙ سائي بتيءَ پويان سندن  ڳاڙهيون  ۽ ٿڪيل اکيون جاڳيل هونديون آهن ۽ پوءِ پنھنجي تنهائي کي دور ڪرڻ لاءِ ڊجيٽل اوطاق ۾ ويٺلن جا دروازا کڙڪائيندا رھندا آھن.

فرهاد جيلانيءَ کي بہ انھن رات جي تنهائين ۾ مون جاڳندي ڏٺو هو، ڇاڪاڻ تہ مان بہ ڏينهن جي اڪيلائين ۾ آرام ڪندو هيس ۽ رات جي تنهائين ۾ لفظن جي ڳولا ڪندو هيس. منهنجي تنهائين مونکي  ”يانصيب“ ڪتاب ڏنو ۽ فرهاد جيلانيءَ کي فيودور دوستووسڪي، جيون، فن ۽ فڪر. مالڪ سائين ٻنهي جا نصيب ڀلا ڪري. يا نصيب  .

روس ڄائي  فيودور دوستووسڪيءَ سان سندس دوستي پراڻي آهي. جڏهن هو ڪرونا واري ڪرب وارن ڏينهنڙن جي لاڪ ڊائون ۾ لاڪ ٿي ويو هو تڏهن سندس Notes from Under ground  پڙهي ”پاتار مان پنا“   نالي ڪتاب ڪڍي اسان کي اهي پنا پڙهايا هئا ۽ اهي بہ ايئن جيئن دوستووسڪي روس جو نہ پر روهڙيءَ جو قاضي امر جليل هجي. 

اسان هن روسي اديب فيودور دوستووسڪي جا ٻيا بہ ڪتاب  پڙهيا هوندا پر هن پاتار مان پنن واري ڪتاب هڪ نئون دوستووسڪي اسان سان ملرايو هو  

هن سال جي سانوڻ  واري وئڪيشن بہ فرهاد جي اکين ۽ قلم کي رات جي تنهائي ۾ دوستووسڪي جي جيون ڪهاڻي ڏانهن وٺي وئي هئي. سانوڻي جا مينهن وسن يا نہ وسن پر فرهاد جي اڱڻ تي خيالن ۽ لفظن جو وسڪارو ضرور ٿيو هو ۽ پوءِ وري سندس نئين اسلوب ۽ گهاڙيٽي سان دوستووسڪي جي جيوڻي سان گڏ سندس فڪر واري ڦرهي بہ اسان جي هٿن منجھ ڏني اٿائين  .

فيودور دوستووسڪي هاڻ هن ڌرتي لاء نئون نالو ناهي رهيو. جوئاري  Gambler  قاضي خادم، ڪراما زوف ڀائر  The Brothers Karamazov ٻہ ڀاڱا، احسان بدوي،  پاتار مان پنا  Notes from Underground   فرهاد جيلاني، اندر جي اوت    Notes from Undergroundاصغر انور،  پاپ ۽ پيڙا   Crime and punishment رشيد ڀٽي، بي رنگ راتيون  White  Nights  هوش محمد ڀٽي، نرم دل The Meek One  ڪريمداد خشڪ، مختلف مئگزينن ۾ ترجمو ٿيل ڪهاڻيون  ۽ شاعري وليَ رام ولڀ کان پوءِ  فيودور دوستووسڪي (جيون ، فن ۽ فڪر) فرهاد جيلاني جي قلم  ۽ جاکوڙ سان هڪ نئون ڪتاب،  هڪ نئين گهاڙيٽي منجھ وديا پبليڪيشن جي ڇٽي هيٺ ڇپجي هٿن منجھ اچي چڪو آهي  .

دوستووسڪي کان ڪنھن پڇيو ھو تہ توهان جا ناول ڏکيا ڇو آهن؟ دوستووسڪي مُرڪي کيس وراڻيو هو تہ انسان کي سمجهڻ ايترو آسان ڪٿي آهي. واقعي هُو هر ناول ۾ هڪ نئين روپ سان انسان کي اسان جي سامهون کڻي اچي ٿو. ڪتاب ”پاتار مان پنا“  ۾ اهو انسان، اڪيلائي منجھ پنهنجي پاڇي سان ڳالهائيندو نظر ايندو تہ وري ” پاپ ۽ پيڙا“  ۾ هڪ قاتل انسان دنيا جي عدالت جي سزا کان اڳ ضمير واري عدالت جي پيڙا ڀوڳي ٿو. بيوقوف  The Idiot  ۾  هڪ پوتر ۽ سچي دل واري انسان کي دنيا بيوقوف سڏي ٿي تہ وري بي رنگ راتيون  White Nights  ۾ انسان جي اڪيلائين جي اپٽار ڪئي اٿائين   .Demons  ناول ۾ دنيا ۽ انسانن جا  پنهنجا ٺاهيل نظريا وري انسان جي وجود کي ڳهڻ شروع ڪن ٿا  پوءِ ئي ڪرامازوف ڀائر  The Brothers Karamazov   ۾  اهي انسان پنهنجي مالڪ سان ڳالهائڻ شروع ڪن ٿا.  انسانيت  خالق  ڏانهن واجھائڻ شروع ڪري ٿي.

اهو دنيا جو وڏي ۾ وڏو سچ آهي تہ دنيائي نظريا جڏهن ناڪام ٿيڻ لڳندا آهن  يا پنهنجو اعتبار وڃائي ويهندا آهن تڏهن مذهب انهن نظرين جي پوئلڳن جي ڀڳل ٽٽل انساني وجودن جو سهارو بڻجي پوندو آهي. اسين پري نہ وينداسين پنهنجي آسپاس نظر ڦيرائينداسين تہ سڀ ڪجھ چٽو نظر اچڻ لڳندو. نظرين جي ناڪامي سبب مايوس انسان مذهب کي ئي پنهنجي پناھ گاھ بڻائي ورتي آهي. دوستووسڪي جي قيد ڪڙول واري ڪهاڻي کان پوءِ ماڻهن سمجھيو ھو تہ هاڻ اهو ساڳيو فيودور دوستووسڪي نہ هوندو جيڪو اڳ هو. ليڪن جيل اندر بائيبل مقدس  هن ٽٽل انسان کي هڪ اهڙو تہ مضبوط سهارو ڏنو جو هن انهن ڊگهين ڀتين وارن اونداهن ڪمرن مان نڪري دنيا کي، انھن اونداهين ۾ لکيل پنهنجي لکڻين سان روشن ڪري ڇڏيو هو. بيشڪ اونداهيءَ کان پوءِ هڪ روشني اوهان جي منتظر هوندي آهي. هن ليکڪ صرف انسان کي ناهي ڳوليو پر انهيءَ گناھ کي سامهون آندو آهي جنهن جي نجات لاءِ هو خدا جي اڳيان شرمندو آهي. هي خدا، گناھ، توبھ ۽ نجات جي ڳولائن جي ڪهاڻي آهي جيڪا فرهاد جيلاني راتين جي اوجاڳن کان پوءِ دوستووسڪي جي ڪتابن مان هٿ ڪئي آهي  .

” سچ تہ اهو آهي تہ دوستووسڪي ڪڏهن مئو ئي ڪونہ هو، اڄ بہ هر ان ماڻهو جي دل ۾ جيئرو آهي جيڪو رات جي خاموشي ۾ پنهنجي ضمير سان ڳالهائي ٿو، جيڪو گناھ  کان پوءِ پڇتائي ٿو، جيڪو خدا کان سوال بہ ڪري ٿو ۽ آخرڪار ساڳي خدا جي آڏو  پنهنجو مٿو بہ جهڪائي ٿو. هيءَ ڪهاڻي فقط هڪ ليکڪ جي ڪهاڻي نہ آهي، اها هر ان انسان جي ڪهاڻي آهي جيڪو زندگيءَ جي اونداهيءَ مان گذري روشني تائين پهچڻ جي همت رکي ٿو.“

هن ڪتاب ۾  جتي سندس جيون ڪٿا تي ڪهاڻي لکيل آهي اتي سندس فڪر ڦرهي بہ اسان کي ڏيکاري وئي آهي. خدا، خدا جو تصور  فيودور دوستووسڪي جي زندگي جو سڀ کان فيصلائتو باب آهي، جيڪو سندس فڪري بغاوت، سياسي گرفتاري، سائبيريا جي جلاوطني ۽ روحاني  بيداري تي پکڙيل آهي. سندس اهو سفرخدا جي انڪار کان خدا جي سڃاڻپ تائين، عقل جي غرور کان عاجزي تائين ۽ نظرياتي انقلاب کان روحاني انقلاب تائين پهتل هڪ ڊگهو ۽ ڏکوئيندڙ سفر هو. اهو سندس سفر ئي هو جنهن ڪارڻ دنيا کي شاهڪار لکڻيون پلئہ پيون آهن. هُو ڪيئي سوال اسان جي ڳولائن واري اڱڻ ۾جوابن جي ڳولا  لاءِ رکي ويو آهي  .

ڇا اخلاقيات جو سرچشمو صرف خدا آهي  ؟

ڇا انسان پنهنجي عقل جي زور تي سچ ۽ ڪوڙ جي سڃاڻپ ڪري سگهي ٿو؟

جيڪڏهن خدا نہ هجي تہ پوءِ انسان جي عملن جي حد ڪهڙي رهجي ويندي؟

هن ڏاھي ليکڪ چواڻي تہ، ” انسان جي سڀ کان وڏي طاقت سندس آزادي آهي، پر ساڳئي وقت اهائي آزادي سندس سڀ کان وڏو امتحان پڻ آهي. جيڪڏهن انسان کي مڪمل آزادي حاصل هجي ۽ سندس مٿان ڪو اعلي اخلاقي معيار نہ ھجي تہ پوءِ ھُو پنھنجي خواهشن کي ئي حق ۽ انصاف سمجھڻ لڳندو، جڏهن ڪو انسان پنهنجي نفس کي ئي آخري قانون بڻائي ڇڏي تڏهن ظلم بہ انصاف محسوس ٿيڻ لڳندو آهي، خود غرضي کي آزادي سڏيو ويندو آهي ۽ طاقت کي حق سمجھيو ويندو آهي. هن جي نظر ۾ اها صورتحال ڪنهن بہ سماج لاء خطرناڪ آهي.”   هو سماج کي نجات جي رستي جو سونهون ڪري ٿو ۽  ٻڌائي ٿو تہ سچي دل سان توبھ ئي انهي نجات جي منزل آهي. هو پيار ۽ محبت کي بہ انسان جي آزادي واري تارازي جي پلڙي منجھ توري تڪي ٿو. سندس نظر ۾ محبت بہ آزادي کان سواءِ ناممڪن آهي. جيڪڏهن ڪو شخص زبردستي ڪنهن سان محبت ڪري تہ اها محبت نہ پر غلامي آهي. خدا بہ انسان کان زبردستي محبت نٿو گهري. هو انسان کي چونڊ جو حق ڏئي ٿو. اهوئي سبب آهي جو هن وٽ ايمان ھميشہ آزاد چونڊ جو نتيجو آهي نہ ئي ڪنهن جبر جو.   

ڪونجڙين جي ديس جي هن  مسافر فيودور دوستووسڪي جي نفسياتي، داخلي، فڪري، فلسفي ويچارن جو قافلو روس جي ٿڌاڻ وارن پٽن  مان نڪري، سرمائيدار ۽ سوشلسٽ ملڪن جا چمڪندڙ روڊ پار ڪري،  ايشيا جون اونداهيون گهٽيون ۽ اجرا اڱڻ اڪري سنڌوءَ جي ٻنهي ڪنڌيين جي پڙهندڙن جي دل ۽ دماغ جي آباد وسندي ۾ پنهنجو ويڙھو وسائي چڪو آهي. فرهاد جيلاني کي وئڪيشن جي واندڪائي،  من جي اڪيلائي، روح جي بي چيني ۽ رات جي تنهائيءَ رات جو بہ سمهڻ نہ ڏنو هو.  هي يار سڀني سان ناتو ٽوڙي، هن وديشي دوست سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو هو. کائنس ۽ ڪتابن کان پڇاڻا ڪرڻ لڳو هو. سندس اندر ۾ جهاتيون پائڻ لڳو هو.  پنهنجي خيالي ٽائيم مشين جي رستي ساڻس گڏ گهمڻ لڳو هو ۽ پوءِ هي سندس تخليقي تخت  دوستووسڪي جيون، فن ۽ فڪر اچي سندس سامهون بيٺو آهي. ڪتاب دوستووسڪي جي پوري زندگي جي مختصر اهم واقعن سان شروع ٿئي ٿو. جيوڻ سفر کان پوءِ  سندس فڪر  واري ڦرهي پڙهائي پوءِ سنڌي ادب  ۾ سندس ڪردار  ۽ ڪتابن جي ڪهاڻي ڏني وئي آهي جيڪا هڪ  ڳولائو اديب لاءِ ڪارائتي وٿ آهي. هي ڪتاب هڪ تحقيق جيان آهي ۽  هو  هاڻي پنهنجي  پڙهندڙن  کي هي سڦلتا آڇي رهيو آهي.  فرهاد جيلاني لفظن ۽ ٻولي جي اهميت ۽ افاديت ڄاڻي ٿو. پنهنجي ٻولي منجھ ڪنهن کي سمائڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي ۽ اھو بہ اهڙو وديشي ليکڪ جنهن جا ويچار ڏيڍ صدي کان  اڳ جا ونڊيل هجن. سندس رهڻي ڪهڻي، اٿڻي ويهڻي اسان جي ڪهول کان ڪوهين ميل پري هجي پوءِ بہ هن پنهنجن لفظن سان کيس هن آڙهڙُ ۾ ڪارخانن واري آلي برف جي موقعي تي،  ريجهائيندو، پرچائيندو پنهنجي موهن جي دڙي جي اولهندي ماڳ تي وٺي آيو آهي ۽ اها ئي فرهاد جيلاني جي سڦلتا جي امرتا آهي   .

فرهاد جيلاني جي ٻي بہ هڪ امرتا آهي جيڪا هن ڪتاب ۾ پنهنجي شھر واسين کي بخشي آهي. هو رسول حمزہ توف ناهي جنهن “منھنجو داغستان” لکيو هو پر اهو فرهاد ضرور آهي جنهن جي اکين منجھ سندس جنم  ڀومي باڊھ  بہ شيرين جيان سندر ۽ پياري آهي. هن سهڻي ليکڪ ٻيا در واجھائڻ ڇڏي پنهنجي ڪتاب واري اڱڻ تي زاهد منگي،  ذوالفقار ناصر ساريو، عمران جيلاني ۽ نفيس فاطمہ جعفري کي سڏي ويهاريو آهي.  اها واقعي هڪ نئين روايت آهي. هو ڪنهن  وڏي ليکڪ جي لفظن جو اوسيئڙو نٿو ڪري ۽ نہ وري ڪنهن سند جو،  جنهن تي جس لهڻي .

___________

Zulfiqar Nasir Sario-The AsiaN

ذوالفقار ناصر ساريو حيدرآباد      

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button