Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

 ڪتاب ”حوا ۽ سمنڊ“: انساني احساسن ۽ درد جو اڀياس

ادب جڏھن رڳو احساسن جو اظهار نه پر سماجي سجاڳي ۽ عمل جو ذريعو بڻجي وڃي، ته اھو ليکڪ جي ذات کان نڪري پوري دور جي تاريخ بڻجي پوندو آھي. سنڌي ادب جو کاھوڙي ڪردار، ناميارو ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ سماجي اڳواڻ پرويز پڻ انھن اديبن مان آھي، جن پنھنجي قلم ذريعي ماڻھن ۾ فڪري شعور ۽ اميد جا ڏيئا ٻاريا آھن. چوراسي ورهين جي عمر ۾ به نئين عزم ۽ حوصلي سان لکندڙ پرويز جي ادبي سڃاڻپ ۽ سندس ڪھاڻي ڪتاب ”حوا ۽ سمنڊ“ جو جائزو

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

اصغر گگو

سائين پرويز جي شخصيت ڪنهن به تعارف جي محتاج ناهي۔ هُو ڪمال جو ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ بهترين مترجم آهي تہ سٺو سياسي اڳواڻ ۽ پنهنجي قوم جي خدمت ڪندڙ سماجي ڪارڪن به آهي۔

لاڙ جي ٿڌڙين هوائن جهڙو نرم مزاج شخص پرويز ارادن ۾ اٽل، هميشه اتساه ڏيندڙ ۽ کاهوڙي ڪردار رهيو آهي۔ هُو انسان دوست ۽ سنڌ پرست ۽ پنهنجي سڀاءَ ۾ محبتون نڇاور ڪندڙ شخص  آهي۔ سندس جدوجهد ۽ همت کي ڏسي چئي سگھجي ٿو ته پرويز چوراسي سالن جو پوڙهو جوان آهي جيڪو ڪڏهن نااميد نٿو ٿئي ۽ نه وري ورچي ويهي ٿو۔

 ڏٺو وڃي ته چوراسي سال هڪ عام انسان جي زندگيءَ جا به رڳو انگ ناهن. اهي ان جي عمر جا چوراسي باب آهن؛ تجربن جون چوراسي موسمون آهن؛ ڏکن، سکن، اميدن، مايوسين، مشاهدن ۽ سوچن جا چوراسي ورهيہ آهن.

پر جڏهن اهي چوراسي سال ڪنهن اديب جي زندگيءَ جا هجن، ته پوءِ اهي رڳو سندس ذات جا سال نٿا رهن؛ اهي پنهنجي دور جي ادبي  سياسي ۽ سماجي تاريخ جو حصو بڻجي وڃن ٿا.

پرويز ياحب جي زندگيءَ کي به آئون ان ئي نظر سان ڏسان ٿو.

هو انهن ڪهاڻيڪارن مان آهي، جن ڪهاڻيءَ کي رڳو تفريح جو ذريعو نه سمجهيو، پر ان کي سماج سان ڳالهائڻ جو وسيلو بڻايو. سندس ڪهاڻيءَ ۾ سنڌ ڌرتي آهي، ان جا ماڻهو آهن، انهن جا مسئلا آهن، سندن محروميون آهن، سندن خواب آهن، ۽ انهن خوابن جي تعبير لاءِ هڪ  جستجو  آهي.

سائين پرويز جي ڪهاڻيءَ جي اهم خوبي اها آهي ته سندس ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ ڪهاڻي ختم نٿي ٿئي؛ پر اها پڙهندڙ جي ذهن ۾ شروع ٿئي ٿي.

هو ڪهاڻي ٻڌائي ٿو، پر ساڳئي وقت سوال به اٿاري ٿو. هُو سماج جو عڪس ڏيکاري ٿو،  ان عڪس ۾ لڪل تضاد به ظاهر ڪري ٿ. هُو سماج جي اوڻائين تي تنقيد ڪندي ان جا حل به ٻڌائي ٿو۔ هُو پنهنجي نظرئي کي بيان ڪندي سکڻي نعريبازي نٿو ڪري پر ان نظرئي کي سنڌي سماج جي مسئلن سان ڳنڍي ٿو ۽ ڪردارن وسيلي پنهنجي ڳالھ ۽ پنهنجو مقصد ٻڌائي ٿو، ڪردارن ذريعي سنڌ جي خوشحالي جا ڏس ڏئي ٿو۔ سندس ڪهاڻين کي مقصدي ڪهاڻيون چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو۔ جنهن تخليق ۾ مقصد نه آهي ان تخليق جو اثر به ته نٿو ٿئي۔ سو پرويز لاءِ ادب رڳو لفظن جو حُسن ناهي؛ ھُن لاءِ  ادب شعور جو، سجاڳيءَ جو نالو  آهي. وٽس ادب رڳو احساسن جو اظهار ناهي؛ ادب احساسن کي عمل ۽ سوچ سان ڳنڍڻ جو نالو به آهي.

هُو ادب ذريعي رڳو ماضيءَ کي ياد نٿو ڪري، پر  ادب وسيلي مستقبل کي ڏسڻ جي صلاحيت به پيدا ڪري ٿو.

هونءَ به سماج ۾ اديب جو ڪردار سدائين اهم رهيو آهي. جڏهن سماج ۾ سوال ڪرڻ ڏکيو ٿي وڃي، اديب سوال ڪري ٿو. جڏهن ماڻهو ڳالهائڻ کان لنوائن، اديب لفظ ڳولي ٿو. جڏهن ڪو مسئلو عام اک کان اوجهل هجي، اديب پنهنجي قلم سان ان تي روشني وجهي ٿو. ۽ جڏهن ماڻهن ۾ مايوسي پکڙجي وڃي، اديب اميد جو ڪو ننڍڙو ڏيئو ٻاري  سماج ۾ روشني پکيڙي ٿو.

 سندس ڪهاڻي ڪتاب “حوا ۽ سمنڊ” ۾ شامل ڪهاڻيون  انساني احساسن جي اندروني دنيا کي ڇهڻ جي ڪوشيش ڪن ٿيون۔محبت، جدائي، انتظار، اميد، مايوسي، عورت جي وجود ۽ ان جي جرئت، سماجي قدرن ۽ زندگي جي تلخ تجربن جهڙا موضوع پڙهندڙن کي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا۔ ڪهاڻي “ڪهاڻي ڪهڙي لکجي”هڪ ليکڪ جي اندر جي اٿل پٿل ۽ بيچينيءَ جو داستان آهي۔ ڇا ته ڪمال ڪاريگريءَ سان هڪ ڪهاڻيءَ ۾ ڪيتريون ئر ڪهاڻيون لکي ٿو۔ يا ٻي ڪهاڻي “معمولي اديب” هڪ اهڙي اديب جي ڪهاڻي آهي جنهن کي معمولي سمجهي نظرانداز ڪيو ويندو آهي۔ پاڻ وٽ به ادبي پروگرامن ۾ اڪثر ساڳيا مُھانڊا اسٽيجن تي يا تقريرون ڪندي نظر ايندا آهن پر جڏهن ڪو پاڻ مڃائي اڳتي ايندو آهي ته ان کي معمولي سمجهي پنهنجي لابي کان پري رکيو ويندو آهي۔ هن ڪهاڻيءَ جو ڪردار مايوس نٿو ٿئي پر لابيءَ کان پري رهي هڪ ڏينهن پاڻ مڃائي وٺي ٿو۔

پرويز جي قلم  پنهنجي دور جي حالتن کان آگاه ڪندي سنڌي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. پرويز پنهنجي ڪهاڻين کي اهڙي انداز سان لکيو آهي جو پڙهندڙ کي پنهنجي سماج، پنهنجي ماحول ۽ پنهنجي زندگيءَ بابت سوچڻو پوي ٿو. هن ڪتاب ۾ شامل اڪثر ڪهاڻيون  زندگيءَ بابت سوچڻ تي مجبور ڪن ٿيون۔ هن ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي “حوا ۽ سمنڊ” نالي مان ئي ذهن ۾ رومانس سان ڀرپور ڪهاڻيءَ جو تصور جڙي ٿو پر ڪهاڻي پڙهڻ کان پوء پتو پوي ٿو ته سمنڊ جي اونهائيءَ جيترو ڪهاڻيءَ جي نائيڪا حوا جو ڏک آهي. سمنڊ جيڪو  سندس خوشيون پيءُ ۽ ڀاءُ جي صورت ۾ کڙڪائي ويو هو۔ پوءِ به هوءَ همت نٿي هاري. انهيءَ سمنڊ جي سفر تي نڪري ٿي پوي ۽ پنهنجي بچي ويل گهرڀاتين جي زندگي خوشين سان ڀري ڇڏي ٿي۔ هڪ عورت جي همت ۽ جرئت جي ڪٿا آهي “حوا ۽ سمنڊ” ڪهاڻي.

چوندا آهن ته ادب جي وڏي طاقت اها ئي آهي جڏهن لفظ هزارين ذهنن کي جاڳائن ٿا۔ ته پوءِ سماج ۾ تبديليءَ اڻٽر هوندي آهي۔ پرويز جي ڪهاڻين جا ڪردار سماج کي تبديل ڪندي نظر اچن ٿا۔

پرويز جي  شخصيت جو هڪ اهم پاسو عوامي تحريڪ سان  ڊگهي وابستگي آهي. حياتيءَ جي هن  ڊگهي سفر ۾ ھُن عوامي مسئلن ۽ پنهنجي ماڻهن جي اهنجن کي ويجهي کان ڏٺو ۽ پوءِ ڪهاڻيءَ کي پنهنجي  اظهار جو ذريعو بڻايو ۽ پنهنجي فڪر کي ڪهاڻيءَ  ۾ پيش ڪيو۔

هڪ ڪهاڻيڪار لاءِ سڀ کان وڏو امتحان اهو ئي آهي ته هُو پنهنجي ڳالهه واعظ کان سواءِ پڙهندڙ تائين ڪيئن پهچائي. هن ڪتاب  ۾ شامل اڪثر ڪهاڻين جا ڪردار اسان جي اردگرد نظر اچن ٿا۔ ڪهاڻي”ڀاڙيو مڙس  ۽ بهادر زال “هجي يا “ڀلو ڪاڄ” هجي يا وري” آئون اڪنڊڙي آهيان” هجي. پرويز جي ڪهاڻي پڙهندي اهو احساس ٿئي ٿو ته هو پنهنجي دور جي ماڻهن سان ڳالهائي ٿو؛ انهن کي پنهنجي چوڌاري موجود حقيقتن ڏانهن متوجه ڪري ٿو. ۽ اها ئي سندس ادبي سڃاڻپ جي اهم خوبي آهي.

چوراسي سالن جي عمر ۾ ساڍا ٽي سو ڪهاڻيون ۽ هيڏا سارا ڪتاب پيش ڪرڻ سڀني لاءِ هڪ وڏو پيغام آهي ته تخليق لاءِ عمر رڪاوٽ ناهي هوندي. جيستائين اندر ۾ سوال زنده آهن، تيستائين ادب زنده آهي. جيستائين سوچ زنده آهي، تيستائين قلم زنده آهي. ۽ جيستائين قلم زنده آهي، تيستائين انسان جي اندر اميد زنده آهي.

__________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button