ملير ۾ برسات: آبادگارن ۽ مالوندن جي مُنھن تي مُرڪون موٽي آيون
مول، ڪوهستان ۽ کير ٿر جبلن جي سلسلي تي برسات وسڻ بعد مول ندي، کار ندي، جرندو ندي، ٿڌو ندي، ڪنڊ ندي ۽ لٽ نديءَ ۾ پاڻي وهي آيو آهي. ٿڌو ڊيم، مائي نياڻي ڊيم، ڍير ڊيم ۽ ڊملوٽي ڊيم سميت ڪيترائي ڊيم ڀرجڻ لڳا آهن.
ندين، نالن، ۽ ڍنڍن ۾ پاڻي ڀرجي ويو آهي جنهن سان علائقي ۾ خوشحالي ۽ ساوڪ جي اميدن جا ڏيئا روشن ٿي ويا آهن ڇو تہ مقامي ماڻهن سان گڏ زراعت، چوپايو مال به سگهارو ٿيندو.
سامي ميمڻ
هن سال جي تيز برساتن بعد ملير ضلعي جي ندين، نالن، ۽ ڍنڍن ۾ پاڻي ڀرجي ويو آهي جنهن سان علائقي ۾ خوشحالي ۽ ساوڪ جي اميدن جا ڏيئا روشن ٿي ويا آهن ڇو تہ مقامي ماڻهن سان گڏ زراعت، چوپايو مال به سگهارو ٿيندو.

ماحولياتي ماهر سمجهن ٿا ته جيڪڏهن حڪومت رٿابندي بندي ڪري، ته ملير جو هي علائقو نه صرف ڪراچي پر سموري سنڌ لاءِ زرعي مرڪز بڻجي سگهي ٿو. ھن وقت ندين ۽ ڍنڍن ۾ جام پاڻي آھي جيڪو نہ رُڳو جَر جي پاڻيءَ جي سطح کي وڌائيندو پر زراعت کي ھٿي ڏيڻ سان گڏ چوپائي مال لاءِ چارو بہ مھيا ڪندو. ھن وقت ڍورن لاءِ سرسبز چراگاھ موجود آھن.

برساتي ندين ۾ پاڻي
ڪراچيءَ جي ملير ضلعي جي مختلف علائقن مان اطلاعن موجب مول، ڪوهستان ۽ کير ٿر جبلن جي سلسلي تي برسات وسڻ بعد مول ندي، کار ندي، جرندو ندي، ٿڌو ندي، ڪنڊ ندي ۽ لٽ نديءَ ۾ پاڻي وهي آيو آهي. ٿڌو ڊيم، مائي نياڻي ڊيم، ڍير ڊيم ۽ ڊملوٽي ڊيم سميت ڪيترائي ڊيم ڀرجڻ لڳا آهن.
مقامي آبپاشي کاتي جي ابتدائي رپورٽن مطابق هن ڀيري علائقي ۾ لڳ ڀڳ 90 کان 100 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي آهي، جيڪا سراسري برسات کان ٻه ڀيرا وڌيڪ آهي.
زراعت لاءِ انگ اکر ۽ امڪان
ماهرن مطابق ملير ۾ زراعت لاءِ 40 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين موجود آهي، جيڪا پاڻي جي کوٽ سبب بنجر رهي ٿي.جيڪڏهن برساتي پاڻيءَ کي سنڀالي ذخيرو ڪيو وڃي ته گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار ايڪڙ زمين سالياني فصل لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿي.
زرعي پيداوار ۾ لڳ ڀڳ 30 کان 35 سيڪڙو اضافو جو امڪان آهي، جنهن سان مقامي معيشت مضبوط ٿيندي.

ملير ۾ لڳ ڀڳ 1.5 لک چوپايو مال (ڳئون، مينهون، بکرين ۽ ٻڪريون) پاليا وڃن ٿا. برسات کان اڳ چراگاهه سُڪيل هئا، پر هاڻي پاڻيءَ سان ساوڪ وڌڻ بعد مال لاءِ چاريدار فصل ۽ قدرتي گاهه پيدا ٿيندو. مقامي مالوندن جو چوڻ آهي ته کير ۽ گوشت جي پيداوار ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 سيڪڙو واڌ ٿيندي.
برساتي پاڻي سان نه صرف انساني آبادي پر چرند پرند به سُهوليت ۾آهن. ماحولياتي ماهر ٻڌائن ٿا ته پاڻي جي موجودگي سان علائقي ۾ 20 کان وڌيڪ پکين جا نسل ٻيهر واپس اچن ٿا، جن ۾ تلور، بٽير ۽ تلونگ شامل آهن.
ساوڪ وڌڻ سان ڪراچي جي گرمي ۾ 2-3 ڊگري سينٽي گريڊ گهٽتائي جو امڪان آهي. مقامي ماڻهن ۽ ماهرن جو گڏيل مطالبو آهي ته برساتي پاڻي کي بچائڻ لاءِ ننڍا وڏا ڊيم ۽ واٽر ٽينڪ تعمير ڪيا وڃن. آبپاشي واهن جي مرمت ۽ نئين وهڪرن جو ڄار وڇايو وڃي. آبادگارن ۽ مالوندن جي سهڪار لاءِ کين سبسڊي ۽ فني تربيت ڏني وڃي. ماحولياتي توازن لاءِ گرين بيلٽ منصوبو ٻيهر بحال ڪيو وڃي.
مقامي اڳواڻن حفيظ بلوچ ۽ خدا ڏنو شاه جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن حڪومت هن پاڻي کي بچائڻ لاءِ منصوبا بندي ڪري، ته ملير ايندڙ پنجن سالن ۾ ڪراچي لاءِ خوراڪ جو وڏو ذريعو بڻجي سگهي ٿو.
_________________

سامي ميمڻ ملير ضلعي جو سرگرم ۽ سينئر صحافي آھي