Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

ڳالھيون چين ۾ عربي شاعريءَ، چيني ٻولي سکڻ ۽ چيني ڇانھينءَ جون

يمني ڪميونسٽ اڳواڻ جو پُٽ ڪچھريءَ ۾ عربي شاعري ٻُڌائيندو رھيو. يمن ۾ اڳي اشتراڪي راڄ ھوندو ھو  

ڪچھريءَ ۾ اھو بہ بحث ھليو تہ چيني ٻولي سکجي يا نہ؟ چينين کي انگريزي زبان سِکڻ جو وڏو شوق آهي. هتي انگريزي سيکارڻ جا گھڻا ئي سينٽر هئا، جيڪي ڪورونا کان پوءِ گورنمينٽ  بند ڪري ڇڏيا جنھن ڪري ٻاهريان همراهه جيڪي سينٽرن ۾ پڙهائي روزي روٽي ڪمائيندا هئا، بي روزگار ٿي ويا.

دنيا ۾ 67 سيڪڙو ڇانھين اڪيلو چين ئي پيدا ڪري ٿو. چين ۾ اها روايت پڻ آهي ته ڇانھين هر تقريب ۾ سويٽ ڊش طور پيش ڪئي ويندي آهي، تنھنڪري اها سڄو سال ملي ٿي.

چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان

يوسف سنڌي

2 نومبر 2024ع: شام جو حامد فضلي ڪيترن ئي دوستن سان گڏجي هوٽل تي آيو، جن ۾ هڪ يمني نوجوان هو، باقي سڀ افغاني هئا. ڪجهه ڏينھن اڳ ملاقات ۾ چيو هئائين، ”سر! اوهان پنھنجو ڪو ڪتاب آندو هجي ته مون کي ڏيو.“ چيومانس ته هڪڙو ڪتاب آهي، پر سنڌيءَ ۾ آهي، تون سمجهي نه سگهندين. چيائين: خير آهي، اهو مون وٽ اوهان جو يادگار رهندو. مون وٽ ٻيو ڪتاب ته نه هو. مون پاڻ سان فقط ٻن ڪتابن جي هڪ هڪ ڪاپي آندي هئي. هڪڙو انڊيا جو سفرنامو ”دلي، جيسا مين ني ديکها“ ۽ ٻيو مون تي مير حاجن مير جو مرتب ڪيل ڪتاب ”سرها ڏٺم سي.“ ”دلي جيسا مين ني ديکها“ ته مون ابوذر اقبال کي ڏيئي ڇڏيو. باقي ’سرها ڏٺم سي‘ مون وٽ پيو هو، اهو کڻي اچي هوٽل تي رکيو هئم. اڄ آيو ته کيس اهو ڪتاب ڏنم، جنھن تي ڏاڍو خوش ٿيو.

ماني کائڻ کان پوءِ ٻيا افغاني ڇوڪرا ته هليا ويا، پر حامد فضلي ۽ يمني نوجوان جنھن پنھنجو نالو نُاجي عمده العولقي، ٻڌايو، ويٺا رهيا. آءٌ به پنھنجي ڪرسيءَ تان اُٿي اچي سندن ڀرسان ويٺس، تيسين ٻه ٻيا شاگرد به آيا، هڪ گهانا جو هو ۽ ٻيو بنگلاديش جو. انهن سان به هلڪي ڦلڪي ڪچھري ٿيندي رهي. مون حامد فضليءَ کي چيو ته پنھنجو غزل ٻڌائي ته رڪارڊ ڪريان. هن ٻڌايو ۽ مون رڪارڊ ڪيو، جنھن تي ناجيءَ چيو ته ’عربي‘ شاعري ٻڌندا. مون چيومانس شوق سان. ٻڌايائين ته آءٌ صنعاء ۾ رهان ٿو ۽ گهر ۾ بابا جي تمام وڏي لئبريري آهي. پڇيومانس تنھنجو پيءَ رائٽر آهي ڇا؟- نه يمن ۾ پنج سياسي گروپ آهن، منھنجو پيءَ انهن مان هڪ جو اڳواڻ آهي. پوءِ موبائيل تي اشتراڪي لکي ڏيکاريائين. ٻين لفظن ۾ يمن جي ڪميونسٽ پارٽي يا سوشلسٽ پارٽي. 1990ع کان اڳ جڏهن يمن ٻن حصن اتر يمن ۽ ڏکڻ يمن ۾ ورهايل هو ته ڏکڻ يمن ۾ اشتراڪي پارٽيءَ جي حڪومت هئي.

 ناجي ڳالهين جو ڳهير هو. مون چيومانس ڀلي شاعري ٻڌائي. پھرين هڪ يمني شاعر جي شاعري ٻڌايائين. پوءِ چيومانس يار ڪنھن ٻئي شاعر جھڙوڪر امراءُ القيس جي شاعري ٻڌائي، جنھن تي اصل ٽڙي پيو. امراء القيس ته منھنجي اباڻي شھر ’حمير‘ جو هو. پوءِ گوگل تان امراءُ القيس جو هڪ قصيدو سرچ ڪري ٻڌايائين ۽ پوءِ مون کان نوٽ بوڪ وٺي ان تي ڪجهه بند پنھنجن هٿ اکرن سان لکي ڏنائين. چيم لک، پاڪستان وڃي ان شعر جي معنيٰ سائين حافظ حبيب سنڌي کان پڇندس.

ولو شاء کات الغزومن اُرض حمير

والله عمداً لي الروم اّهزا

لِکي صاحبي لماراي الروب روته

وايون انا الاحقان هنجرا

فقلن الله لالائيڪ عينڪ انما

تحاول مکلنا رونموت فخز را.

ان دوران ابوذر اقبال به اچي ويو، جيڪو به اچي اسان سان گڏ ويٺو. ابوذر جو فضلي ۽ ناجي سان تعارف ڪرايم ته ناجيءَ پڇيس ته چائنيز سکي اٿئي؟ ابوذر چيس ته مون کي چائنيز سکڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿي ٿئي، جو منھنجي پي. ايڇ. ڊي انگريزيءَ  ۾ ۽ منھنجا استاد به سڀ انگريزي ڳالهائين. اهي يورپ ۽ آمريڪا جي سُٺين يونيورسٽين جا پڙهيل آهن. جنھن تي ناجيءَ چيس چين تمام مٿي پيو وڃي. ايندڙ وقت چائنا جو آهي. بھرحال هو پاڻ ۾ بحث ڪندا رهيا، پر ٻيئي هڪٻئي کي قائل ڪري نه سگهيا. ابوذر چيو ته چيني رڳو چين ۾ ڪم اچي ٿي، پر انگريزي ته سڄي دنيا ۾ ڪم اچي ٿي، جنھن تي مون چيو: چيني به سکڻ گهرجي، پر انگريزي ڄڻ ته رابطي جي زبان آهي، دنيا جي وڏي حصي جي ماڻهن ۾، مثال طور پاڻ هتي ويٺا آهيون، افغاني، يمني، بنگالي، گهانا ۽ پاڪستاني سڀني جون ٻوليون ڌار ڌار آهن،پر پنھنجي وچ ۾ رابطي ۽ ڳالهه ٻولهه جي زبان انگريزي آهي. جنھن تي ناجيءَ آڱوٺو ڏيکاري ڏند ڪڍندي چيو، ”ييس“. پوءِ چيائين ته مون چيني اٺن مھينن ۾ سکي آهي. ابوذر چيس، هتي هڪ ڇوڪرو عمر ايندو آهي، ان چئن مھينن ۾ چيني سکي. جنھن تي ناجي ڏند ٽيڙڻ لڳو. ناجيءَ جي عمر به ويھه ايڪيھه سال هوندي.

انگريزي زبان تان مون کي هڪ ڳالهه ياد آئي ته هتي چين ۾ چينين کي انگريزي زبان سِکڻ جو وڏو شوق آهي. هتي ڪيترائي انگريزي سيکارڻ جا سينٽر هئا، جيڪي ڪووڊ-19 کان پوءِ چيني گورنمينٽ  سڀ بند ڪري ڇڏيا جنھن ڪري ڪيترائي ٻاهريان همراهه جيڪي انهن سينٽرن ۾ پڙهائي روزي روٽي ڪمائيندا هئا، بي روزگار ٿي ويا.

*

چين ۾ مختلف شڪلين ۾ ڇانھيون اُپايون وڃن ٿيون

منھنجي عادت آهي ته ڪڏهن ڪڏهن پنڌ ئي پنڌ گوانگسي يونيورسٽي سب وي تائين ويندو آهيان، واڪ به ٿي ويندي آهي ۽ واءُ سواءُ به پيو وٺندو آهيان. شام ٿيندي آهي ته اتي لوڊرن ۾ لڳل گاڏن ۾ کاڌي پيتي جون شيون خاص ڪري فروٽ کڻي اچي بيھندا آهن. قسمين قسمين فروٽ ڪجهه اڳ ۾ ڏٺل، ڪجهه پھريون ڀيرو هتي نظر آيا.

ڇانھين جنھن کي چيني ٻوليءَ ۾ ’شئي گئا‘ چيو وڃي ٿو، هتي ٻارهوئي ملي. ڇانھين مون کي گهڻي وڻندي آهي، سو وشال روز رات جو ڏهه يوان ۾ ڇليل ٺھيل ڇانھين جا ٽي پئڪٽ وٺيو اچي. اها ڳالهه پڙهي به حيرت ٿي ته دنيا ۾ 67 سيڪڙو ڇانھين اڪيلو چين ئي پيدا ڪري ٿو. چين ۾ اها روايت پڻ آهي ته ڇانھين هر تقريب ۾ سويٽ ڊش طور پيش ڪئي ويندي آهي، تنھنڪري اها سڄو سال ملي ٿي.

____________________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. اڄڪلھ چين ۾ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button