Editor's pickMain Slideدنياڪالم

جيفري ايپسٽين فائلز: عالمي طاقتور شخصيتن سان ڳنڍيل راز

جيفري ايپسٽين  هڪ آمريڪي مالياتي مشير ۽ سرمائيدار هو، جيڪو 20 جنوري 1953 تي نيويارڪ جي بروڪلن ۾ ڄائو ۽ 10 آگسٽ 2019 تي نيويارڪ ۾ جيل ۾ مرده مليو

جيفري ايپسٽين جو فائيلز اسڪينڊل رڳو جنسي بدعنواني جو ڪيس ناهي پر اهو دنيا جي طاقتور ماڻهن، مالي ادارن  ۽ سياست ۽ ڪاروبار جي وچ ۾ هڪ مرڪزي نيٽ ورڪ جو رازدار آهي

مُشتاق ٽانوري

آمريڪي انصاف واري کاتي 30 جنوري تي جيفري ايپسٽين بابت هلندڙ جاچ سان لاڳاپيل وڌيڪ 35 لک کان وڌيڪ صفحن تي ٻڌل فائل جاري ڪري ڇڏيا آهن. انصاف کاتي موجب، انهن دستاويزن کي عام ڪرڻ جو مقصد امير شخص جي هٿان صغير ڇوڪرين سان ٿيندڙ جنسي ڏاڍاين جي جاچ کي اڳتي وڌائڻ آهي. ڊپٽي اٽارني جنرل ٽوڊ بلانچ ٻڌايو ته انهن فائلن سان گڏ ٻه هزار کان وڌيڪ وڊيوز ۽ هڪ لک اسي هزار تصويرون پڻ جاري ڪيون ويون آهن. انهن دستاويزن ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، سندس گھرواري ملينا، ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي، برطانوي شهزادي اينڊريو، ايلون مسڪ، اڳوڻي آمريڪي صدرن بل ڪلنٽن، باراڪ اوباما، وائٽ هائوس جي اڳوڻي وڪيل سميت ڪيترين ئي بااثر ۽ طاقتور شخصيتن جا حوالا موجود آهن. ايپسٽين تي صغير ڇوڪرين جي جنسي استحصال ۽ عالمي اشرافيا سان ويجها لاڳاپا رکڻ جا سنگين الزام هئا.

جيفري ايپسٽين  هڪ آمريڪي مالياتي مشير ۽ سرمائيدار هو، جيڪو 20 جنوري 1953 تي نيويارڪ جي بروڪلن ۾ ڄائو ۽ 10 آگسٽ 2019 تي نيويارڪ ۾ جيل ۾ مرده مليو. سندس موت اڄ تائين هڪ ڳجھارت بڻيل آهي. هن زندگيءَ ۾ نيويارڪ، ڪرائبين ۾ شاندار جائيدادون خريد ڪيون ۽ دنيا جي طاقتور ماڻهن سان رابطن جو هڪ وڏي پيماني تي نيٽورڪ قائم ڪيو. ايپسٽين پنهنجي شروعاتي زندگي ۾ استاد، مالياتي مشير، ۽ سرمايو بچائڻ واري صلاحڪار طور ڪم ڪيو. 1988 ۾ هن پنهنجي ڪمپني قائم ڪئي. جيفري ايپسٽين 2008ع ۽ 2009ع ۾ به صغير ڇوڪرين کي جسم فروشي طرف ڌڪڻ جو ڏوهه قبول ڪري جيل ويو هو، هن هڪ متنازع ڊيل ذريعي 2008 ۾ صرف 13 مهينا جيل ڪٽي. جڏهن ته 2019ع ۾ کيس سيڪس ٽريفڪنگ جي نون الزامَن هيٺ گرفتار ڪيو ويو. هڪ مهيني بعد هو جيل ۾ مبينا طور خودڪشي ڪري ويٺو بعد ۾ سندس ساٿي گلين ميڪسويل کي نابالغ ڇوڪرين کي ڀرتي ڪرڻ جي الزام ۾ 20 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.

آمريڪي انصاف واري کاتي 31 جنوري 2026ع تي  وڌيڪ دستاويز جاري ڪندي ايپسٽين فائلز ٽرانسپيرنسي ايڪٽ تحت انڪشافن جو نئون سلسلو شروع ڪيو، جنهن جو مقصد اهو ظاهر ڪرڻ آهي ته حڪومت ايپسٽين جي ڏوهن ۽ امير ۽ طاقتور ماڻهن سان سندس تعلقن بابت ڇا ڄاڻندي هئي. نئين جاري ٿيل رڪارڊن ۾ برطانوي شهزادي اينڊريو ماؤنٽ بيٽن ونڊسر، ايلون مسڪ ۽ ٻين سياسي ۽ ڪاروباري شخصيتن سان ٿيل اي ميل رابطن جا تفصيل شامل آهن. انهن دستاويزن مان معلوم ٿئي ٿو ته ايپسٽين ڪيترن ماڻهن کي پنهنجي ڪيريبين ٻيٽ تي دعوتون ڏيڻ ۽ ملاقاتن لاءِ بار بار سڏيندو رهيو، جتي نابالغ ڇوڪرين سان تعلق رکڻ جا الزام موجود هئا.

اي ميلن موجب، ايلون مسڪ به ڪجهه موقعن تي ايپسٽين سان ٻيٽ تي وڃڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي، جيتوڻيڪ مسڪ بعد ۾ چيو ته هن اهڙين آڇن کي رد ڪري ڇڏيو هو. دستاويزن ۾ مسڪ پاران پارٽين، سفرن ۽ ملاقاتن بابت ڪيل سوالن جا تفصيل پڻ شامل آهن.

انهن فائلن ۾ برطانوي اشرافيا سان ايپسٽين جي لاڳاپن بابت به انڪشاف ٿيا آهن، جن ۾ اڳوڻي شهزادي اينڊريو سان ٿيل اي ميل خط و ڪتابت، ملاقاتن جون تجويزون ۽ ڪجهه تصويرون پڻ شامل آهن. ڪجهه متاثر عورتن الزام هنيو آهي ته ايپسٽين کين شهزادي اينڊريو سان جنسي تعلق لاءِ موڪليندو هيو.

ساڳي وقت مائڪروسافٽ جي گڏيل باني بل گيٽس بابت به ڪجهه دعوائون سامهون آيون آهن، جن کي گيٽس جي ترجمان مڪمل طور تي ڪوڙو ۽ بي بنياد قرار ڏنو آهي.

آمريڪا ۾ بدنام زمانه جنسي جرم جي مجرم جيفري ايپسٽين جي فائلن ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو نالو پڻ سامهون آيو آهي. ڪانگريس جي رپورٽن موجب، ايپسٽين پنهنجي اي ميل ۾ واضح ڪيو ته مودي ساڻس صلاح ڪئي ۽ اسرائيل جو دورو ڪيو، جنهن دوران هن آمريڪي صدر جي فائدي لاءِ اسرائيل ۾ ”ناچ گانو“ڪيو، دستاويزن مان معلوم ٿئي ٿو ته مودي جو اسرائيل جو دورو 4 کان 6 جولاءِ 2017 تائين ٿيو، جڏهن ته ايپسٽين جي اي ميل مودي جي دوري کان صرف ٽي ڏينهن پوءِ لکيل هئي. اسرائيل جي دوري کان اڳ، جون 2017 ۾ مودي آمريڪا ۾ ٽرمپ سان ملاقات ڪئي هئي. اهو سلسلو ظاهر ڪري ٿو ته مودي ۽ ايپسٽين جو تعلق گهرو ۽ پراڻو رهيو آهي، جيڪو عالمي سياست ۾ پڻ سوال اٿاري ٿو. ڀارتي مخالف ڌر جون پارٽيون  چئي رهيون آهن ته مودي کي واضح ڪرڻ گهرجي ته هو ايپسٽين سان ڪهڙي قسم جي صلاح مشورا ڪري رهيو هو ۽ اسرائيل ۾ سندس ڪارنامو آمريڪي صدر لاءِ ڪيئن فائديمند هو. مودي کي واضح ڪرڻ گهرجي ته هو جيفري ايپسٽين کان ڪهڙي قسم جي صلاح وٺي رهيو هو؟ مودي اسرائيل ۾ ڇو نچيو؟ ان سان ٽرمپ کي ڪهڙو فائدو ٿيو؟ ايپسٽين مودي جي دوري کي ڪامياب لکيو، ان جو مطلب ڇا آهي؟ قوم ڄاڻڻ چاهي ٿي ته هُن جو جو جيفري ايپسٽين سان ڪهڙو ناتو آهي؟ ٻئي پاسي، ڀارتي وزارت خارجہ جي ترجمان رنڌير جيسوال، ايپسٽين فائلن ۾ نريندر مودي ۽ سندس اسرائيل دوري جو ذڪر ڪندڙ اي ميل کي رد ڪندي چيو ته وزيراعظم مودي جو جولاءِ 2017 ۾ اسرائيل جو سرڪاري دورو حقيقي آهي، پر اي ميل ۾ ٻيا سڀ غير واضح حوالا هڪ سزا يافته مجرم جا فضول خيال آهن.

انصاف کاتي موجب، انهن دستاويزن کي جاري ڪرڻ کان اڳ سوين وڪيلن کي مقرر ڪيو ويو ته جيئن متاثرن جي ذاتي معلومات کي محفوظ رکيو وڃي ۽ صرف تحقيقاتي مقصدن لاءِ مواد دستياب ڪيو وڃي. بهرحال، ڪيترائي تجزيه نگار ۽ سياسي ڌريون چئي رهيون آهن ته اڃا به لکين صفحا لڪايا ويا آهن، جيڪي شايد مستقبل ۾ ٻين انڪشافن جو سبب بڻجن.

ڊپٽي اٽارني جنرل ٽوڊ بلانچ چيو آهي ته فائلن جي وڏي مقدار باوجود، ڪيترن سوالن جا جواب شايد اڃا تائين مڪمل طور تي ظاهر نه ٿي سگهن، پر اهو قدم ايپسٽين جي ڏوهن ۽ عالمي طاقتور شخصيتن سان سندس رابطن کي شفاف بڻائڻ ۾ اهم آهي. انهن دستاويزن جو اثر صرف آمريڪا تي نه پر عالمي سياست، اشرافيا، ۽ ڪاروباري دنيا تي پڻ محسوس ٿيندو، جتي طاقت، دولت ۽ اثر رسوخ ڪڏهن ڪڏهن قانون جي حدن کان مٿي نظر اچن ٿا.

جيفري ايپسٽين جو فائيلز اسڪينڊل رڳو جنسي بدعنواني جو ڪيس ناهي پر اهو دنيا جي طاقتور ماڻهن، مالي ادارن  ۽ سياست ۽ ڪاروبار جي وچ ۾ هڪ مرڪزي نيٽ ورڪ جو رازدار آهي. اي ميلون ۽ فائيلز ڏيکارين ٿا ته ڪن ماڻهن سان تعلقات احبابي، ڪاروباري، يا سوشل ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته سوال اڃا موجود آهي ته ڇا اهو رڳو رابطن جو مجموعو آهي يا ڪجهه وڌيڪ …

________________

Mushtaq Tanwri-TheasiaN

مشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو

mushtaqtanwari@gmail.com

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button