Editor's pickMain Slideاوڀر ايشياڪالم

چيني اسڪالر يانگ بو ما چوي ٿو: عالمي ادبي لاڙا چيني ادب تي حاوي آھن

شاندار چيني شاعري، ڀلي گهٽ ئي سھي، پر قوم جي سڀ کان اونھي اندروني آواز طور موجود آھي، جيڪا چين جي جديديت سان گڏ هلندي، تاريخ جو سچو رڪارڊ بڻجي ٿي.

لکڻ جو مواد سچن احساسن ۽ تجربن مان پيدا ٿئي ٿو. اڻ سڌن تجربن (جهڙوڪ پڙهڻ مان متاثر ٿيڻ) کي سڌن تجربن سان ضم ٿيڻ ضروري آھي.

ڪو زمانو ھيو جڏھن سنڌ توڙي پاڪستان ۾ چيني ادب تمام گھڻو پڙھيو ويندو ھو. ھر بُڪ اسٽال تي سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيل چيني لٽريچر جا ڪتاب موجود ھوندا ھئا. سمورو لٽريچر گھڻو ڪري چين جي سوشلسٽ انقلاب جي حوالي سان ھوندو ھو. انھيءَ کانپوءِ ڪي ڏھاڪا گذري ويا آھن پر سواءِ چين جي سفرنامن جي، چيني ادب جا ڪتاب سنڌ ۾ ڪٿي نظر نٿا اچن. ڪجھ ورھين کان منھنجو چين جي ڪن شاعرن سان رابطو ٿيو تہ ذھن ۾ اُڻ تڻُ پيدا ٿي تہ چين اندر موجودہ دور ۾ ادب جي صورتحال بابت ڪا معلومات وٺجي تہ اُتان جي ادب ۾ اڄڪلھ ڪھڙا لاڙا آھن. انھيءَ حوالي سان مون ويجھڙ ۾ چين جي ھڪ نامياري شاعر ۽ ترجمي نگار پروفيسر يانگ بو ما  Yongbo Maسان رابطو ڪري ڪجھ سوال پُڇيا، جنھن ھيل تائين وڏي تعداد ۾ نہ رُڳو چيني شاعرن جي شاعري انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪئي آھي پر ٻين ٻولين جي شاعري بہ چيني ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪئي اٿائين. ھُو چيني شاعريءَ جو نمائندہ شاعر ۽ انگريزي-آمريڪي شاعريءَ جو محقق آھي.

مختصر تعارف

يانگ بَو ما، پي ايڇ ڊي، جديد چيني شاعريءَ جو نمائندا شاعر ۽ اينگلو آمريڪن شاعريءَ جو ماھر آھي. کيس چين ۾ معروضي شاعريءَ جو باني سمجھيو وڃي ٿو. ھُو چين ۾ برطانوي ۽ آمريڪي پوسٽ ماڊرن شاعريءَ جو ترجمو ڪندڙ پھريون شخص آھي، ۽ چيني شاعريءَ جي اسڪولن ۾ سندس ترجمن مان رھنمائي حاصل ڪئي وڃي ٿي. سال 1986 کان ھيل تائين سندس پنھنجي ۽ ترجمو ڪيل شاعريءَ جا اسيءَ کان وڌيڪ ڪتاب شائع ٿي چُڪا آھن. سندس ادبي ليک ۽ شاعري بين الاقوامي رسالن ۾ شائع ٿيندا رھن ٿا. ھُو نانجنگ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ھو، جتان ھُو رٽائر ٿيو آھي. 

پنهنجي ذاتي ادبي ڪم ۽ چين جي ادبي منظرنامي بابت يانگ بو ما تفصيل سان پنهنجا خيال ونڊيا.

انٽرويو: نصير اعجاز

توهان کي شاعر/ليکڪ بڻجڻ لاءِ ڪھڙي ڳالھ متاثر ڪيو؟ توهان جي شاعريءَ ۾ عام موضوع ڪهڙا آهن؟

زندگيءَ جي معني بابت مان سدائين حيران ۽ منجھيل رھيو آھيان. ٻالڪپڻ ۾ ئي مون کي زندگي ۽ موت متعلق سوالن سان تمام گھڻي دلچسپي پيدا ٿي وئي. عمر وڌڻ سان گهڻا ماڻهو انھيءَ سوال کي ڇڏي ڏيندا آهن ۽ هيڊگر جي لفظن ۾ ”عام وجود“ بڻجي ويندا آهن، پر مون اهو عام ٿيڻ قبول نه ڪيو. زندگيءَ بابت انھن سوالن جي ڳولا منهنجي سڄي حياتيءَ ۾ جاري رهي آهي، بنا وقفي جي. البته، هيءَ ڳولا اهڙو شديد درد به ڏئي ٿي، جنھن کي ٿورا ماڻهو ئي سمجهي سگهن ٿا.

منهنجا موضوع وسيع آهن، پر عام طور هي آهن: روحانيت، پاڻ کان بيگانگي، انسان ۽ فطرت جو رشتو، سماجي تنقيد، ۽ تخليقي عمل بابت فڪر.

توهان جا ذاتي تجربا توهان جي لکڻيءَ تي ڪھڙو اثر وجھن ٿا؟

لکڻ لاءِ اُتساھ، سچن احساسن ۽ اصلي تجربن مان پيدا ٿئي ٿو. اڻ سڌا تجربا ضرور ھوندا آهن، پر انهن کي سڌن تجربن سان ملي وڃڻ ضروري آهي.

منھنجي ڪجھ شاعري حقيقي واقعن کي بلڪل سادي ٻوليءَ ۾ قلمبند ڪري ٿي جنھن ۾ ڪابه علامت، تشبيھ، طنز، يا لڪل معنا ڪانہ ھوندي آھي. مون لاءِ حقيقت کي جيئن جو تيئن پيش ڪرڻ ئي اهم آهي. ذاتي تجربا هر دور ۽ سماج جو عڪس هوندا آهن. ضرورت کان وڌيڪ ادبي بناوٽ حقيقت کي بگاڙي ڇڏيندي آهي.

توهان پنھنجي تازن ڪمن بابت ٻڌايو. انھيءَ جو پڙھندڙن تي ڪيترو اثر آهي؟

2023ع ۾ مون برطانوي شاعرہ هيلن پليٽس سان گڏ هڪ سلسلو لکيو جنھن کي جوابي يا ساڳئي عنوان وارا نظم چئجي. اهي لازمي طور تي منهنجي اعلي ادبي تصور کي ظاهر نٿا ڪن ڇو ته ان ۾ دوستيءَ جو جذبو به آهي، پر انهن جي اهميت اها آهي ته انهن قديم چيني شاعرن واري شاعريءَ جي مٽاسٽا جي روايت کي جديد انداز سان جياريو.

اهي نظم ٻن ٻولين وارن شاعرن جي وچ ۾ اُفق تي ھڪ رنگين پُل آهن جيڪي ثابت ڪن ٿا ته شاعري Babel جي ٽاور کان به مٿي وڃي ٿي ۽ انسانيت کي هڪ ڪري ٿي.

ساڳئي وقت مون ”Pound Cantos or Vita Nuova“ نالي هڪ نئين صنف واري ڪتاب تي ڪم ڪيو آهي، جيڪو چيني ۽ مغربي اسلوبن، ڊرامائي ٽُڪرن، فلسفياتي نوٽس ۽ سوانح کي گڏ ڪري ٿو. روايتي شاعري هاڻي منهنجن خيالن کي سميٽي نٿي سگهي.

ڇا توهان جي شاعري جديد چين جي عڪاسي ڪري ٿي؟

ها، بلڪل. ڪڏهن سڌي طرح، ته ڪڏهن پيچيده جوڙجڪ ۾ لڪل.

مان پنهنجي دور کان ڌار نه پر سختيءَ سان ان ۾سمايل شاعر آهيان. موضوع جي اوليت واري شاعريءَ کي مان غير شاعراڻو سمجھان ٿو. منهنجي لاءِ ”مان ۽ موضوع“ الڳ ناهن. مان سڀ ڪجھه آهيان ۽ سڀ ڪجھه مون کان.

توهان جو تخليقي عمل ڪهڙو آهي؟

لکڻ جو عمل اڃا تائين هڪ اسرار آهي.

ننڍا نظم مان جلدي لکان ٿو، پر وڏا رزميه نظم ڏهاڪن جو ڪم آھي .

الهام کان انڪار نٿو ڪري سگهجي؛ تخليق لاءِ وجد، جبلت، ۽ عقل گڏ هجن ٿا.

ڇا توهان جي شاعري سماجي تنقيد آهي يا ذاتي؟

اهي سڀ ڳنڍيل آهن. الڳ نٿا ٿي سگهن.

چين ۾ شاعر هجڻ جو سڀ کان وڏو چيلينج؟

انھيءَ سوال جي جواب ۾ مان ھتي پنھنجي ھڪ نظم پيش ڪريان ٿو.

(يانگ بو هڪ نظم جي صورت ۾ جواب ڏنو، جنهن ۾ هن چيني ادبي ماحول جي ڪڙي تصوير پيش ڪئي. نظم مان معلوم ٿئي ٿو ته حقيقي شاعر، جيڪي خاموشيءَ ۾ ڪم ڪن ٿا، جن جا آواز زنگ آلود آهن، ۽ جيڪي تخليق جي سمنڊ مان اڀرن ٿا — اهي ئي اصل ”ٽِيمَنگل“ آهن، جڏهن ته ڪاغذي شهرت وارا شاعر رڳو اسٽيجن تي گهمندا رهن ٿا۔

چين جي شاعراڻي روايت ۾ توهان جي جاءِ ڇا آهي؟

چيني شاعري روايتي طور تي غنائيت تي بيٺل آهي.

مان به بنيادي طور غنائي شاعر آهيان، پر جديد دور لاءِ اها ڪافي نه آهي. ان ڪري مون ”Objective Poetics“ جو رخ اختيار ڪيو يعني شين کي جيئن آهن تيئن پيش ڪرڻ.

ڪلاسيڪي چيني شاعري جي جماليات ”آسمان ۽ انسان جي وحدت“ آهي. مان ان کي جديد فني طريقن سان حاصل ڪرڻ ٿو چاهيان.

توهان اڄ جي چيني شاعري کي ڪيئن ڏسو ٿا؟

سڀ کان وڏو مسئلو آهي: ڌڪار، بي حسي ۽ سطحيت۔

1990ع واري”شخصي لکڻي“وڏي بيانيائي شاعري کي ڊاهي ڇڏيو. پر انهيءَ سان گڏ شاعري شخصي معمولي تجربن ۾ ڦاسجي وئي.

اڄ گهڻا شاعر بنجر نفسياتي دنيا ۾ بنا درد جي، بنا ذميواري جي ۽ بنا جدت جي لکن ٿا۔ ان صورتحال سبب مون 2000ع کان ”مشڪل شاعري“ جي حمايت ڪئي آهي.

ڇا جديد چيني ادب تي روايت جو اثر آهي يا عالمي رجحان؟

عالمي رجحان مڪمل طور حاوي آهي۔

20هين صديءَ کان پوءِ چين مغرب ڏانهن رخ ڪيو.

اڃا تائين گهڻا شاعر مغربي اسلوب جو نقل ڪن ٿا. پر روح کان خالي.

جيڪڏهن چيني شاعريءَ تي مغربي اثر ڪو ڏوهه آهي، ته مان ان جو پهريون ڏوھاري آهيان. مون ئي آمريڪي پسِ جديد (پوسٽ ماڊرن)  شاعري چين ۾ آڻي ڏني.

اڄ جا شاعر چين ۾ ڪهڙا چيلينج ڀوڳن ٿا؟

سياسي طنز ۽ سماجي تنقيد واري شاعري ذري گھٽ ختم آھي. سرڪاري رسالا صرف نِرم ۽ بي اثر نظم ڇاپين ٿا. تنهن ڪري مان چوان ٿو: اھڙو نہ لکجي، جيڪو ڇپجڻ لائق نه هجي۔

ڊجيٽل دور ۾ ادب ڪيئن تبديل ٿيو آهي؟

آن لائن پليٽفارم شاعريءَ کي آزاد ڪيو پر انھيءَ سان ئي تيز رفتار، فاسٽ فوڊ شاعري به وڌي وئي.

ڇا چين ۾ شاعري اڃا پڙهي وڃي ٿي؟

فنڪاراڻي شاعري هميشه اقليت جي ملڪيت هوندي. پر سچي شاعري، ڀلي گهٽ هجي، قوم جي روح جو آواز آهي.

چيني ليکڪ رياستي نظرئي ۽ تخليقي آزاديءَ ۾ ڪيئن توازن رکن ٿا؟

اهي مشرق يورپ جي شاعرن (جهڙوڪ ميلوش) جو حوالو ڏين ٿا.

شاعرن کي ”روح جي ميدان“ ۾ ڪم ڪرڻو پوي ٿو—

رستو ڊگهو ۽ خطري ڀريو آهي۔

ترجمي جو ڪردار ڇا آهي؟ ڇا مغربي پڙهندڙ چيني ادب کي سمجهن ٿا؟ قومي ادب ليکڪ لکن ٿا، پر عالمي ادب ترجمان ٺاهين ٿا.

پر، مغربي پڙهندڙ عام طور چيني شاعري کي سمجهي نٿا سگهن۔

اهي سٺي ۽ اوچي شاعري ۾ فرق نه ٿا ڪري سگهن  ۽ اڪثر ڪمزور شاعر مغرب ۾ شهرت ماڻي وٺن ٿا.

توهان ڪهڙا جديد چيني شاعر عالمي پڙهندڙن لاءِ صلاح ڏيو ٿا؟

مون وٽ ڪيترائي اهڙا شاعر آهن، پر اهي اڃا به ”انڊر گرائونڊ“ آهن.

جن جا نالا اڳ ئي انگريزي دنيا ۾ مشهور آهن، مان انهن جا نالا نه ڏيندس.

____________

نصير اعجاز ڪراچيءَ ۾ رھندڙ سينئر صحافي، اديب،محقق، سنڌيڪار ۽ شاعر آھي. سندس يارھن ڪتاب ڇپيل آھن

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button