نيڻن کي سپنن جي ڳولا
سنڌ جي نامياري شاعر اياز گُل جي نئين سفرنامي ”نيڻن کي سپنن جي ڳولا“ جو جائزو. ھيءُ ڪتاب سندس آمريڪا، ميڪسيڪو ۽ تُرڪيءَ جي سفرنامن تي مشتمل آھي.
نصير اعجاز
”نيڻن کي سپنن جي ڳولا“ سنڌ جي نامياري شاعر اياز گُل جو سندس آمريڪا، ترڪي ۽ ميڪسيڪو جي سفرن جي احوالن تي مشتمل نئون ڪتاب آھي، جيڪو ويجھڙ ۾ ئي ڇپجي پڌرو ٿيو آھي. انھيءَ کان اڳ سندس ايران جو سفرنامو ”سارا ٿَڪ لھي ويا“ جي نالي سان ڇپيو ھو. ھونئن ھيل تائين اياز گُل جا سندس شاعريءَ جا ڊزن کان وڌيڪ شائع ٿيل آھن جن ۾ ٻارڙن جي لاءِ شاعريءَ جا پنج ڪتاب ۽ باقي مختلف شاعريءَ جا ست ڪتاب شامل آھن جڏھن تہ سندس شاعريءَ جو ھڪ ڪتاب انگريزيءَ ۾ بہ ترجمو ٿي ڇپجي چُڪو آھي.
زيرِنظر سفرنامي ۾ اياز گُل لکي ٿو تہ زندگيءَ ۾ ڏيھ توڙي پرڏيھ ھُن کوڙ سفر ڪيا پر کيس ڪڏھن بہ سفرنامي لکڻ جو خيال ڪونہ آيو. ”سال 2018 ۾ پھريون ڀيرو آمريڪا ويس تہ اُتي بيشمار تصويرون ڪڍيم ۽ پوءِ دل چيو تہ فيس بُڪ تي دوستن کي اُھي حسين ماڳ مڪان ڏيکارجن، سو روز ٻہ چار سِٽون لکي فيس بُڪ تي رکندو رھيس ۽ اُن کي نانءُ ڏنم تصويري سفرنامو. دوستن کي ڳالھ وڻي تہ وري جڏھن 2025 ۾ سانا ڪنوينشن ۾ آمريڪا ويس تہ سفر جو احوال ڪجھ تفصيل سان لکي ورتم،“ اياز گُل لکيو آھي.
اياز گُل لکي ٿو تہ،”آمريڪا جي سفرن ۾ منھنجي نيڻن جيڪي سپنا ڳولي لڌا آھن، تِن ۾ پڙھندڙن کي ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ کي پنھنجي خوشي سمجھان ٿو.“
ڪتاب جي مُھاڳ ۾ مدد علي سنڌيءَ نہ رُڳو اياز گُل جي سفرنامي جو جائزو پيش ڪيو آھي پر سنڌي ٻوليءَ ۾ سفرنامن جي مختصر تاريخ بہ بيان ڪئي آھي، جن ۾ ڪن بزرگ شخصيتن جا ڪربلا ۽ مديني جي زيارتن تي مشتمل ڪجھ ڪتاب شامل آھن. ھُو لکي ٿو تہ سنڌ ۾ الطاف شيخ جي سفرنامن کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ سفرنامن جي ڪتابن جو تمام گھڻو واڌارو ٿيو آھي.

حقيقت بہ اھا ئي آھي تہ الطاف شيخ، جنھن کي سنڌ جو اِبنِ بطوطا سڏيو وڃي ٿو، سنڌ ۾ ماڻھن کي سفرناما لکڻ جو دڳ ڏيکاريو. اِبنِ بطوطا تہ پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪُل ھڪ لک سترھن ھزار ڪلوميٽر يا چاليھ مُلڪن جو سفر ڪيو پر الطاف شيخ تہ پنھنجي جھازرانيءَ واري زندگيءَ ۾ اُنھيءَ کان تمام گھڻا مُلڪ گھُميا ۽ ھيل تائين ھڪ سئو پندرھن کن ڪتاب لکيا اٿس جن ۾ 102 ڪتاب سنڌيءَ ۾، ٻارھن اُردوءَ ۾ ۽ ھڪ انگريزيءَ ۾ آھن.
اڳي سفر ڏاڍا ڏُکيا ھوندا ھئا. رُڳو سامونڊي جھازن ذريعي سفر ۾ ئي ڏينھن جا ڏينھن لڳي ويندا ھئا. پر ھوائي جھازن جي سفر ڪم سولو ڪري وڌو آھي ۽ ھاڻي ماڻھو پرڏيھ جا سفر جام ڪن ٿا ۽ سنڌي ادب ۾ بہ سفرنامن جو تيزيءَ سان واڌارو ٿي رھيو آھي. اڳي تہ ھڪ تاثر اھو بہ ھيو تہ سفرناما ادب جو حصو ناھن. اِھو تاثر بلڪل بي واجب ۽ غلط ھيو، ڇو تہ سفرنامن کي عالمي سطح تي ادب جي ھڪ مڃيل صنف سمجھيو وڃي ٿو جنھن ۾ ليکڪ پنھنجي سفرن دوران ٿيل ذاتي تجربا، مُشاھدا، مختلف قومن جي ٻولي، ادب، ثقافت، تاريخ ۽ علائقن بابت تفصيل بيان ڪري ٿو. سفرنامو ادب جي اھڙي صنف آھي جيڪا پڙھندڙن ۾ تمام گھڻو مقبول آھي.
حقيقت ۾ سفر انساني زندگيءَ لاءِ بيحد لازمي آھي. اِھا ڳالھ پنھنجي جاءِ تي سچ آھي تہ سفر ڪرڻ تي خرچ اچي ٿو. سنڌيءَ جي ھڪ پُراڻي چوڻي آھي تہ ”ھُجئي ناڻو، تہ گھُم لاڙڪاڻو“. مونکي انھيءَ چوڻيءَ جي پسمنظر جي خبر ناھي تہ ڇو لاڙڪاڻو گھمڻ لاءِ ناڻو گھربل ھو، پر حقيقت ۾ ھڪ شھر کان ٻئي شھر وڃڻ تي بہ ڏوڪڙ خرچ ٿين ٿا. سو پرڏيھ گھمڻ ڪو سولو ڪم ڪونھي. اھي سفر ڪرڻ تي لکين رُپيا خرچ ٿين ٿا. پر اڄڪلھ ڪيترائي ماڻھو پنھنجي ميڙي پُونجي خرچ ڪري گھمڻ ڦرڻ نڪري پون ٿا تہ ڪن ماڻھن کي سرڪاري خرچ تي ڏيھ پرڏيھ گھمڻ جو موقعو ملي وڃي ٿو تہ ڪي عالمي ادارن جي اسپانسرشپ جو لاڀُ وٺن ٿا. ھاڻي تہ ھزارن جي انگ ۾ سنڌ جا شاگرد پنھنجي مائٽن جي خرچ توڙي اسڪالرشپ تي ڏيساور ۾ پڙھن بہ پيا تہ گھمن ڦرن بہ پيا. بھرحال جنھن بہ نموني يا طريقي سان ڪو انسان ڏيھ پرڏيھ گھمي ڦري ٿو، انھيءَ سان انھيءَ انسان جي پنھنجي زندگيءَ تي تمام گھڻو مثبت اثر پوي ٿو. سندس ذاتي علم، مُشاھدو، تجربو وڌڻ سان گڏ ھُن جي مجموعي شخصيت تي بہ اثر پوي ٿو. عام چوڻي آھي تہ گھمڻ ڦرڻ سان جيتري ڄاڻ ملي ٿي، اُھا ڪتابن پڙھڻ سان نٿي ملي. سفر ڪرڻ سان نئين دنيا ڏسجي ٿي، مختلف ثقافتن، ٻولين ۽ ماڻھن سان روشناس ٿجي ٿو. منھنجي پنھنجي پرڏيھي سفرن جي تجربي مونکي سيکاريو آھي تہ پرڏيھي سفر سان انسان دنيا کي ھڪ نئين نظر سان ڏسي ٿو ۽ وسيع النظر ٿي واپس اچي ٿو. مان سمجھان ٿو تہ ڏيھ پرڏيھ گھمندڙ ھر ماڻھوءَ کي، جيڪو بنيادي طور ليکڪ نہ بہ ھُجي، ڪجھ نہ ڪجھ ضرور لکي ۽ ڪتاب ڇپرائڻ گھرجي، تہ جيئن اُھي ماڻھو انھن سفرنامن مان لاڀ حاصل ڪن، جيڪي اھڙا سفر ڪرڻ کان محروم آھن. انھيءَ سان سنڌي ادب ۾ سفرنامن جو بہ واڌارو ٿيندو رھندو.
____________




اميد ته اوھان جو سفرنامو جلد شايع ٿيندو.
سائين تمام بهترين، اميد ته سائين اياز گل صاحب جو سفرن تي مشتمل اهو ڪتاب پڙهڻ جو موقعو ملندو.