Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سنڌ جو تباھ ٿيل ريلوي سرشتو: وفاق جي مجرماڻي غفلت ۽ پاليسي

ڪو وقت ھو جڏھن سڄي سنڌ ۾ زرخيز ميدانن کان وٺي ٿر تائين، ريلوي جون پٽڙيون برادرين، معيشتن ۽ خوابن کي پاڻ ۾ ڳنڍينديون هيون. ريلون هارين، واپارين، شاگردن، پورهيتن، خاندانن ۽ دوستين کي کڻي هلنديون هيون. اهي سستيون، ڀروسي جوڳيون ۽ سڀ کان وڌيڪ ته هر ڪنهن جي پهچ ۾ هيون.

سنڌ جي ريلوي نيٽ ورڪ جو زوال رات پيٽ ۾ اوچتو نه ٿيو پراهو سالن جي بي ڌياني، گهٽ سيڙپ ۽ پاليسين جي تبديليءَ جو نتيجو هو. هن زوال جي سڀ کان واضح نشاني برانچ لائنن جو بند ٿيڻ آهي. اهي ريل جا رستا جيڪي ڪڏهن ڳوٺن کي شهرن سان ڳنڍيندا هئا يا ته ختم ٿي ويا آهن يا زبون حاليءَ ۾ ڇڏي ڏنا ويا آهن. ڪيترائي علائقا عملي طور ريلوي نظام کان ڪٽجي ويا آهن.

تيزيءَ سان ٿيندڙ شهري واڌ، ماحولياتي ۽ موسمي مسئلن واري دور ۾ ريل گاڏيون اڳ کان وڌيڪ اهم ۽ ڪارائتيون ثابت ٿينديون. اهي مال برداري ۽ رسد خاص طور تي زرعي پيداوار ۽ ڪوئلي جهڙين شين لاءِ سستو ۽ بهترين ذريعو آهن. ان سان گڏوگڏ اهي گهٽ آمدنيءَ وارن ماڻهن لاءِ هڪ سستو سفري متبادل مهيا ڪن ٿيون.

عبدالله عثمان مورائي

هڪڙو وقت هو جڏهن ريل جي سيٽيءَ جو آواز رڳو گوڙ نه پر پنهنجي اندر ۾ هڪ زندگي  جو احساس هوندو هو. سڄي سنڌ ۾، سکر جي زرخيز ميدانن کان وٺي ٿرپارڪر جي پرسڪون شهرن تائين، ريلوي جون پٽڙيون برادرين، معيشتن ۽ خوابن کي پاڻ ۾ ڳنڍينديون هيون. ريلون هارين، واپارين، شاگردن، پورهيتن، خاندانن ۽ دوستين کي کڻي هلنديون هيون. اهي سستيون، ڀروسي جوڳيون ۽ سڀ کان وڌيڪ ته هر ڪنهن جي پهچ ۾ هيون.

اسان مان گهڻن لاءِ ريلوي رڳو هڪ ڍانچو يا انفراسٽرڪچر ناهي پر اهي يادون آهن.

مون کي اونهاري جو اهو هڪ گرم ڏينهن ياد آهي جڏهن منجهند جو لڳ ڀڳ ٻين وڳي ڌاري مان ڏهين درجي ۾، سائين مرحوم احمد خان لانگاهه جي ڪلاس ۾ پنهنجي ننڍپڻ جي دوستن معروف چانڊيو، سڪندر سومرو ۽ نديم ميمڻ سان گڏ بينچ تي ويٺو هوس ۽ اسان ڪلاس جي دريءَ مان ٻاهر نهاري رهيا هئاسين. پري هڪ ريل گاڏي تيزي سان گذرندي نظر اچي رهي هئي، جنهن سان گڏ مٽيءَ جو وڏو غبار اٿيو پي. لڳي رهيو هو ته اها ريل گاڏي محرابپور يا پڊعيدن کان ٽنڊو آدم ڏانهن وڃي رهي هئي جيڪو لوپ لائين ٽريڪ  جو حصو هو. اهو منهنجو پنهنجو ذاتي آخري ڀيرو هو جو مون ريل گاڏي موري ۾ ڏٺي.

ان گهڙيءَ ۾ ڪا جادوئي سحر واري ڳالهه هئي، ريل گاڏي جي رفتار جي تال، هوا ۾ اڏامندڙ مٽي ۽ اهو خاموش احساس ۽ سمجهه ته اها رڳو هڪ مشين ۽ انجڻ نه پر هنڌن، ماڻهن ۽ امڪانن کي ڳنڍيندڙ هڪ زندهه سلسلو آهي.

وقت سان گڏ ريلوي سان منهنجو لڳاءُ وڌندو ويو، خاص طور تي ننڍين ريلوي اسٽيشنن سان، جيڪي عام طور نظرانداز ڪيون وينديون آهن، پر پنهنجي اندر بي شمار ڪهاڻين سان ڀرپور هونديون آهن. اڄ ڪلهه يورپ جي کوڙ ملڪن جي انتهائي سهڻين ننڍين توڙي وڏين ريلوي اسٽيشنن کان ويندي دادو ريلوي اسٽيشن کان ڪوئيٽا تائين اهي ٻالڪپڻ جا سفر اڄ به ذهن ۾ تازا آهن. بلوچستان ڏانهن اهو ڊگهو سفر رڳو سفر نه هو پراهو هڪ تجربو هو جيڪو هوريان هوريان کلندو ويندو هو.

سبي، ڀاڳ ناڙي، آبِ گم، مڇ، ڪولپور، مشڪاف ۽ اسپيزند جهڙيون اسٽيشنون رڳو اسٽاپ نه هئا پر اهي سفر جي وچ ۾ اهڙا وقفا هئا، جيڪي حيرت ۽ احساس سان ڀرپور هئا. هر هڪ جو پنهنجو مزاج، پنهنجي خاموشي ۽ پنهنجي سڃاڻپ هئي. اهڙيءَ طرح لالا موسي، نوابشاهه، روهڙي جنڪشن ۽ ٻين بيشمار اسٽيشنن جا خاموش ۽ پرسڪون پليٽفارم به ساڳي سحر ۽ دلڪشيءَ جا عڪس آهن. اهڙا هنڌ جتي زندگي آهستي پر معني سان ڀريل هلندي آهي. اهي يادون اسان کي اهو ياد ڏيارين ٿيون ته ريلوي جي ڪنهن زماني ۾ ڪهڙي اهميت هئي ۽ اها اڃا به ڇا بڻجي سگهي ٿي.

هڪ اهڙو نيٽ ورڪ جيڪو پوري صوبي کي ڳنڍيندو هو

سنڌ جي ريلوي نظام جي شروعات ڪالونيل يعني نوآبادياتي دور ۾ هڪ واضح دفاعي سازسامان جي رسد واري مقصد ۽ ويزن سان ٿي پر پوءِ ته انھيءَ زرعي علائقن کي شهري مارڪيٽن ۽ بندرگاهن سان ڳنڍي ڇڏيو. وقت سان گڏ اڳتي هلي اهو هڪ گهڻ رخو ۽ اثرائتو نيٽ ورڪ بڻجي ويو.

ڪراچي کان حيدرآباد ۽ روهڙي ذريعي ملڪ جي ٻين حصن ڏانهن ويندڙ مين لائين هن نظام جي ڪرنگھي جي حيثيت رکي ٿي. پر جنهن شئي سنڌ جي ريلوي کي واقعي اثرائتو بڻايو، اهي برانچ ۽ لُوپ لائينون هيون، جيڪي ڳوٺاڻن علائقن تائين پکڙيل هيون. ٽنڊي آدم کان ميرپورخاص، حيدرآباد کان بدين، ٽنڊي آدم کان محرابپور ۽ وچ ۾ موري ۽ سڪرنڊ جهڙيون لائينون ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن کي پاڻ ۾ ڳنڍينديون هيون ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو هو ته پري پري تائين رهندڙ برادريون به پويان نه رهجي وڃن.

هڪ ٻيو اهم رستو رائيٽ بئنڪ يعني سنڌو درياهه جي ساڄي ڪپ تي ريلوي لائين آهي، جيڪا ڪراچي، ڪوٽڙي، ڄامشورو، سيوھڻ، دادو، لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد کي بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه  سان ڳنڍي ٿي. هيءَ لائين انهن علائقن جي رهواسين ۽ مسافرن لاءِ اهم ۽ علائقائي هم آهنگي لاءِ به بنيادي حيثيت رکي ٿي. هن لائن نه رڳو مسافرن جي اچ وڃ کي سولو بڻايو پر واپار ۽ علائقن کي به ڳنڍيو آهي.

اهي سڀئي رستا گڏجي هڪ اهڙو ڄار وڇائيندا هئا، جنهن ماڻهن ۽ سامان جي چُر پُر کي سولائيءَ سان سڄي صوبي ۽ ان کان ٻاهر نهايت موثر بڻائي ڇڏيو هو.

هوريان هوريان ٿيندڙ زوال

سنڌ جي ريلوي نيٽ ورڪ نظام جو زوال رات پيٽ ۾ اوچتو نه ٿيو پراهو سالن جي بي ڌياني، گهٽ سيڙپ ۽ پاليسين جي تبديليءَ جو نتيجو هو.

هن زوال جي سڀ کان واضح علامت برانچ لائنن جو بند ٿيڻ آهي. اهي ريل جا رستا جيڪي ڪڏهن ڳوٺن کي شهرن سان ڳنڍيندا هئا يا ته ختم ٿي ويا آهن يا زبون حاليءَ ۾ ڇڏي ڏنا ويا آهن. ڪيترائي علائقا عملي طور ريلوي نظام کان ڪٽجي ويا آهن.

ساڳئي وقت ڪيترين لائينن تي گاڏين جي سروس گهٽجي وئي يا بند ٿي وئي، جنهن سبب ماڻهن کي مهانگي ۽ غير محفوظ روڊ ٽرانسپورٽ تي ڀاڙڻو پيو. انفراسٽرڪچر يعني ڍانچو به تمام خراب ٿي چڪو آهي. پراڻيون پٽڙيون، پراڻو سگنل سسٽم، ريلوي جي زمينن تي قبضا ويتر هن نظام کي وڌيڪ ڪمزور بڻائي رهيا آهن يا سسٽم اڳ ۾ ئي ڪمزور ٿي چڪو آهي.

شايد هن زوال جو سڀ کان وڏو سبب روڊ ٽرانسپورٽ ڏانهن سڄو ڌيان هجڻ آهي. جڏهن ته هاءِ ويز ۽ موٽر ويز تيزيءَ سان پکڙيا ۽ وڌيا پر ريل ويز جو نظام پوئتي ڇڏيو ويو، جنهن ڪري هڪ عدم توازن پيدا ٿيو، جنهن معيشت ۽ عوام ٻنهي کي نقصان پهچايو.

برادري ۽ مزاحمت جي هڪ ڪهاڻي

ريلوي رڳو حڪومتون ناهن جوڙينديون پر انهن کي ماڻهو زندهه رکندا آهن.

مون کي هڪ ٻي ڳالھ ياد اچي ٿي ته هڪ ڀيري مان پنهنجن پيارن دوستن پير حمادالله خياروي، مرحوم پروفيسر عبدالعزيز مگسي ۽ پروفيسر ممتاز سومري سان گڏ سفر ڪري رهيو هوس. جڏهن اسان راڌڻ ۽ چودڳيءَ ڀرسان سندس ڳوٺ صوبو مگسي ڏانهن وڃي رهيا هئاسين، تڏهن پروفيسر عبدالعزيز مگسي شاهه پنجو ريلوي اسٽيشن ڏانهن اشارو ڪيو. هن ان اسٽيشن بابت هڪ دلچسپ ۽ متاثر ڪندڙ ڪهاڻي ٻڌائي.

سندس مطابق ته علائقي واسين تائين اها ڳالهه پهتي ته اختيارين گهٽ استعمال سبب اسٽيشن کي بند ڪرڻ يا ريل گاڏين جا اسٽاپ کي گهٽائڻ جو ارادو ڪيو آهي. پر مقامي ماڻهن اهو ٿيڻ نه ڏنو ۽ هنن هڪ خاموش پر ذهين حڪمت عملي ۽ مزاحمت شروع ڪئي ۽ ڀلي کين سفر ڪرڻ جي ضرورت نه هئي پر هو باقاعدگيءَ سان اسٽيشن تي وڃڻ لڳا ۽ مختلف هنڌن لاءِ ٽڪيٽون خريد ڪرڻ لڳا.

انهن جو مقصد سادو هو ته سرگرمي ڏيکارجي، انگ اکر پيدا ڪجن ۽ ثابت ڪجي ته اسٽيشن اڃا به ڪارائتي ۽ اهم آهي.

اهو ننڍڙو قدم هو پر انتهائي اثرائتو هو ۽ ڪجهه وقت لاءِ اهو ڪامياب به ٿيو ۽ اسٽيشن هلندي رهي.

اڄ ان جي حالت ڇا آهي، مون کي خبر ناهي پر ان واقعي هڪ وڏي حقيقت ظاهر ڪئي ته جڏهن ماڻهو ڪنهن عوامي سهولت کي اهم سمجهندا آهن ته هو ان کي بچائڻ جا رستا ڳولي وٺندا آهن.

جيڪو باقي بچيو آهي اهو ڪافي ڇو ناهي؟

انهن سڀني مسئلن باوجود، ريلوي نظام جا ڪجهه حصا اڃا به فعال طريقي سان هلي رهيا آهن. ڪراچي کان ملڪ جي ٻين حصن ڏانهن ويندڙ مين لائين اڃا به هلندڙ آهي ۽ ڊگهي سفر ۽ مال برداري لاءِ اهم آهي.

پر هيءَ هڪڙي لائين ان وسيع نيٽ ورڪ جو متبادل نٿي بڻجي سگهي، جيڪو ڪڏهن موجود هو.  برانچ لائنن ۽ علائقائي رابطن کان سواءِ، ريلوي نظام پنهنجي عام ماڻهو تائين پهچ وارو ڪردار، افاديت، شموليت ۽ ڪارڪردگي وڃائي ويهندو آهي. جيڪو اڄ بچيو آهي، اهو هڪ مضبوط نظام جو رڳو ڍانچو آهي، جيڪو هلندڙ ته آهي پر ناڪافي آهي.

ريلوي اڃا به ڇو اهم آهي؟

اڄ جي تيزيءَ سان ٿيندڙ شهري واڌ ويجهه ۽ ماحولياتي ۽ موسمي مسئلن واري دور ۾ ريل گاڏيون اڳ کان وڌيڪ اهم ۽ ڪارائتيون ٿي پيون آهن.

اهي سامان جي مال برداري ۽ رسد خاص طور تي زرعي پيداوار ۽ ڪوئلي جهڙين شين لاءِ سستو ۽ بهترين ذريعو آهن. ان سان گڏوگڏ اهي گهٽ آمدنيءَ وارن ماڻهن لاءِ هڪ سستو سفري متبادل مهيا ڪن ٿيون.

ريلوي ننڍڙن شهرن کي وڏن شهرن سان ڳنڍي علائقائي برابري کي هٿي ڏئي ٿي ۽ شهري توڙي ٻهراڙي وارن علائقن جي وچ ۾ معاشي فرق کي گهٽائي ٿي. ان کان سواءِ اهي ماحول دوست پڻ آهن يعني روڊ ٽرانسپورٽ جي ڀيٽ ۾ گهٽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ آلودگي پيدا ڪن ٿيون.

مختلف رستن ۽ رابطن تي مشتمل يعني گهڻ رخو وسيع ۽ مضبوط ريلويز نيٽ ورڪ جو نظام هجڻ  ان لاءِ به ضروري آهي ته جيئن هنگامي صورتحال جھڙوڪ ٻوڏن يا ٻين رڪاوٽن دوران به نظام جاري رهي سگهي.

بحاليءَ جي ضرورت

سنڌ جي ريلوي نيٽ ورڪ کي بحال ڪرڻ رڳو هڪ خواهش ناهي، پر هي وقت جي ضرورت آهي.

پهريون قدم جديديت (Modernization) آهي. پراڻيون پٽڙيون بدلايون وڃن، سگنل سسٽم کي اپ گريڊ ڪيو وڃي ۽ اسٽيشنن کي ٻيهر بهتر بڻايو وڃي. ان سان نه رڳو حفاظت وڌندي پر ڪارڪردگي ۽ ڀروسي ۾ به واڌ ٿيندي.

 اهم برانچ لائنن جي بحالي ٻهراڙيءَ جي برادرين کي ٻيهر ڳنڍي سگهي ٿي ۽ مقامي معيشت کي هٿي ڏئي سگهي ٿي. ترجيح انهن رستن کي ڏني وڃي جيڪي زرعي علائقن کي مارڪيٽن ۽ بندرگاهن سان ڳنڍين ٿا.

پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (عوامي ۽ نجي شعبي جو تعاون) به وڏو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. خانگي شعبي کي سيڙپ ۾ شامل ڪري حڪومت تي ٻوجھ گهٽ ڪري سگهجي ٿو ۽ سروس جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو.

ريلوي جي زمينن تي قبضن کي سخت قانوني ڪارروائي ذريعي ختم ڪيو وڃي ته جيئن موجود ڍانچي ۽ انفراسٽرڪچر کي محفوظ بڻائي سگهجي.

مستقبل ڏانهن هڪ قدم

بحاليءَ سان گڏوگڏ ان جي واڌ ۽ توسيع به ضروري آهي.

اهم علائقن ۾ نيون ريلوي لائنون جوڙيون وڃن. ٿرپارڪر جهڙن علائقن ۾ جتي ڪوئلي جا وڏا ذخيرا آهن، ريلوي رابطن جي ضرورت آهي. ساحلي پٽي جنهن ۾ ٺٽو ۽ بدين شامل آهن اهي به ڪراچي سان بهتر رابطن ذريعي واپار ۽ سياحت کي هٿي ڏئي سگهن ٿا.

شهري ريلوي نظام خاص طور تي وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص ۽ نوابشاه وغيره ۾ وڌائڻ گهرجي ته جيئن ٽرئفڪ ۽ آلودگي گهٽجي سگهي ۽ شهرن جي ٽرانسپورٽ جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي. هڪ جديد شهري ريلوي نيٽ ورڪ ٽريفڪ جي دٻاءُ کي گهٽائي سگهي ٿو ۽ زندگي جو معيار بهتر بڻائي سگهي ٿو.

ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙيءَ واري سنڌ کي به نئين ۽ بحال ٿيل لائنن ذريعي ٻيهر ڳنڍيو وڃي ته جيئن سڄي صوبي ۾ هڪجهڙي ترقي ٿي سگهي.

هڪ عوامي خدمت جنهن جا فائدا گهڻائي آهن

ريلويز رڳو ڍانچو نه پر اها عوامي خدمت ۽ سهولت آهي جيڪا عام شهرين لاءِ سستو سفر آهي، شاگردن لاء تعليم جا رستا ۽ موقعا کولي ٿي، مزدورن ۽ پورهيتن لاء روزگار جا موقعا پيدا ڪري ٿي ۽ هارين کي هيءَ مارڪيٽن تائين پهچڻ جو هڪ ذريعو مهيا ڪري ڏئي ٿي. ان جا فائدا رڳو  انفرادي نه پر گڏيل آهن جتي ساڳئي وقت هڪ مضبوط ريلوي نظام روڊن تي دٻاءُ گهٽائي ٿو، اچ وڃ جا خرچ گهٽائي ٿو ۽ مجموعي معاشي ترقيءَ ۾ حصو وٺرائي ٿو.

حڪومت جو ڪردار ۽ اختيار جو سوال

پاڪستان ۾ ريلوي وفاقي اختيار ۾ اچي ٿي، جنهن جو مطلب آهي ته وڏي پيماني جا منصوبا بنيادي طور تي مرڪزي حڪومت جي ذميواري آهن. پر صوبا به هڪ فعال ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا ۽ کين ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اها ڦري سري صوبي جي ئي ترقي آهي.

وفاقي حڪومت سان گڏجي ۽ تعاون ذريعي صوبا منصوبن لاءِ سيڙپ ۽ فنڊ ڏئي سگهن ٿا، علائقائي ترجيحن لاءِ آواز اٿاري سگهن ٿا ۽ بهترين ريلوي نظام جوڙي سگهن ٿا. هڪ گڏيل حڪمت عملي ضروري آهي ته جيئن ريلوي جي ترقي مقامي ضرورتن جي مطابق هجي. ريلوي نظام کي ترقي ڏيڻ سان بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا.

هڪ وڃايل ورثي جي واپسي

سنڌ ۾ پٽڙيون ڀلي گسي پراڻيون ٿي ويون هجن، اسٽيشنون ڀلي خاموش آهن پر امڪان اڃا زندهه ۽ موجود آهن. سنڌ جو ريلوي نيٽ ورڪ اڃا به سڌري سگهي ٿو.

هن نيٽ ورڪ کي بحال ڪرڻ ۽ وڌائڻ رڳو هڪ انفراسٽرڪچر پروجيڪٽ ناهي پر هي ماڻهن ۾ رابطن کي بحال ڪرڻ ۽ برادرين ۾ اڻ برابري کي گهٽائڻ ۽ مستقبل ۾ هڪ گڏيل سيڙپ ذريعي معيشت جوڙڻ بابت آهي.

شايد وري ڪڏهن، اهو ئي احساس ٻيهر زندهه ٿيندو، هڪ ڏينهن، ڪلاس روم جي دريءَ وٽ ويٺل ڪو شاگرد وري ٻاهر نهاريندو ۽ ڏسندو ته هڪ ريل گذري رهي آهي، مٽي اڏائي رهي آهي، ڪهاڻيون کڻي هلي پئي ۽ هو وري ساڳي ئي حيرت محسوس ڪندو. 

آخر ۾ سوال اهو ناهي ته ڇا سنڌ پنهنجي ريلوي کي ٻيهر جوڙڻ جو خرچ برداشت ڪري سگهي ٿي يا نه، اصل سوال اهو آهي ته ڇا سنڌ ان کي نه جوڙڻ جو وڏو نقصان برداشت ڪري سگهي ٿي؟

_____________

Abdullah-Usman-Morai-TheAsiaN-3

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button