Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ڊاڪٽر علي مرتضي ڌاريجو، جنھن سنڌي سائنسي علم جي واڌ ويجھ کي حياتي ارپي ڇڏي

هن سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنس، صحت، ماحوليات ۽ حياتيات بابت عام فهم ۽ علمي انداز ۾ لکڻ جو وڏو ڪم ڪيو، جنهن ڪري کيس سنڌي سائنسي علم جي واڌ ويجهه ۾ اهم حيثيت حاصل رهي۔

ليکڪ: حميد منگي

ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جن جو ڪوبه نه ته ثاني هوندو آهي ۽ نه ئي ڪو ملهه۔ اهڙا ماڻهو پنهنجي زندگيء ۾ به ۽ فاني جهان ڇڏڻ کانپوء به انمول ئي رهندا آهن۔ ڇو ته انهن جهڙو ٻيو ماڻهو صدين کانپوء ئي پيدا ٿيندو آهي، جيسيتائين انهن جهڙو ڪو ٻيو پيدا ٿئي، تيسيتائين دنيا ڄڻ ته ٻسي ٻسي ۽ هيڪل وياڪل لڳندي آهي۔ اهڙا ماڻهو انهيء ڪري به اَمُلھ هوندا آهن جو، هو رڳو خيالن ۽ سوچن تي پير پختا ڪري بيٺل ناهن هوندا پر، عملي طور تي به جيڪو سوچيندا آهن، انهن تي پنهنجي پوري ايمانداريء سان عمل به ڪري ويندا آهن۔ ڊاڪٽر علي مرتضي ڌاريجو اهڙن ئي انمول ماڻهن منجهان هڪ هئو، جنهن نه رڳو آخري دم تائين سائنس تي لکيو پر، عملي طور تي سنڌ سائنس سوسائٽي جي سرگرم ڪارڪن جي حيثيت ۾ لکڻيون لکندو ۽ رسالا ڪڍڻ سان گڏ، سنڌ سائنس سوسائٽيء جو مرڪز جوڙايو ۽ ان تي قبضي کانپوء سالن جا سال جدوجهد ڪري اهو قبضو به ڇڏرايو هو۔

ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو سنڌ جي اهم سائنسي ليکڪن، مترجمن ۽ تعليمي ماهرن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو۔ هن سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنس، صحت، ماحوليات ۽ حياتيات بابت عام فهم ۽ علمي انداز ۾ لکڻ جو وڏو ڪم ڪيو، جنهن ڪري کيس سنڌي سائنسي علم جي واڌ ويجهه ۾ اهم حيثيت حاصل رهي۔  ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو 2 سيپٽمبر 1950ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو۔ هن شروعاتي تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي، پوءِ سنڌ يونيورسٽيء مان زولاجي (حياتيات) ۾ ايم ايس سي ڪئي، بعد ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي۔ هو سنڌ يونيورسٽيءَ جي زولاجي شعبي جو چيئرمين به رهيو۔ ڊاڪٽر علي مرتضي ڌاريجي جي هڪ خاص خوبي اها به رهي ته، هن سائنس جهڙي ڏکئي موضوع کي سنڌي ٻوليءَ ۾ سادي ۽ سمجهه واري انداز سان پيش ڪيو، اهو به ان وقت جڏهن سنڌيءَ ۾ سائنسي علم اٽي ۾ لوڻ کان به گهٽ هئو، تڏهن هن ڪيترائي اهم ڪتاب لکيا ۽ مضمون ترجما ڪيا۔ سندس ڪجهه مشهور ڪتاب هي آهن، چارلس ڊارون جي آتم ڪٿا، ڪينسر، فرسٽ ايڊ، جنس جي سائنسي ڄاڻ، انسان جون اکيون، ڇاتين جي سائنسي ڄاڻ، صحت جي سائنسي ڄاڻ، موسمي تبديلي ڇاهي؟ جهڙا قيمتي ڪتاب سماج ۾ خاموشي ٽوڙڻ جي اهم ڪوشش سمجهيا وڃن ٿا، ڇاڪاڻ⁠ تہ ان جي لکڻين کان اڳ اهڙن موضوعن تي سنڌيءَ ۾ گهڻو مواد موجود نه هئو۔ ڊاڪٽر ڌاريجو سائنسي رسالي “سائنس” سان به لاڳاپيل رهيو ۽ ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيا۔ هن جو وڏو ڪارنامو اهو به آهي تہ، هن سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنسي شعور پيدا ڪرڻ، دليل ۽ تحقيق جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ نوجوانن کي سائنس ڏانهن راغب ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو پر افسوس جو ڪنهن به سرڪار ۽ غير سرڪاري اداري ان جو ساٿ نه ڏنو۔

مان جڏهن روزاني خبرون، سوڀ ۽ مقدمو اخبارن ۾ ايڊيٽوريل انچارج هوس ته، خبرون اخبار دوران هڪ دوست جنهن جو نالو مونکي ياد نٿو پوي، ان جي توسط سان هن سان ملاقات ٿي، جيتوڻيڪ اها ملاقات گهڻي ڊگهي نه هئي پر ان ملاقات ۾ سائينءَ مونکي ان ڳالهه تي قائل ڪري ورتو هو ته پنهنجي ايڊيٽوريل صفحي تي سائنس کي به ٿوري جاء ڏجي۔ پوءِ اهو طئہ ٿيو هو ته، هُو هفتي ۾ هڪ آرٽيڪل ڏيندو ۽ مان اهو لازمي ڇاپيندس ۽ مون اهو سلسلو ڪيتري ئي عرصي تائين جاري رکيو، مان سندس مضمون ڇاپي کيس فون ذريعي آگاهه ڪندو هيس، موٽ ۾ سائين شڪريو ادا ڪرڻ لاء فون ضرور ڪندو هئو، انهيء دوران اخبار جا ايڊيٽر ڪجهه طاقتور هئا، اهي مون کان پڇاڻو ڪندا هئا ته ايڊيٽوريل صفحي تي سائنسي، ماحولياتي ۽ حياتياتي مضمونن جي ڪهڙي اهميت آهي پر مان ڪو نه ڪو بهانو ڪري، سندس مضمون ڇاپيندو رهيس۔ اتفاق سان هڪ ايڊيٽر سان ايم ڪيو ايم وارن تي هلڪو هٿ رکڻ واري مامري تي تڪرار سبب مون اها اخبار ڇڏي ٻن ٽن مهينن تائين گهر ويٺو رهيس ۽ اتفاق سان هلندڙ گاڏيءَ مان موبائل به گن پوائنٽ تي کسجي وئي ته پوءِ سائينءَ سان تمام گهڻين ڪوششن باوجود رابطو نه ٿي سگهيو۔

بهرحال مٿئين سڄي پٽاڙ جو ڊاڪٽر علي مرتضي ڌاريجو سان سنئون سڌو واسطو ته نه هئو پر ان سبب ان کان جيڪو وڇوڙو ٿيو اهو مون لاء المئي کان گهٽ نه هئو۔ ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن اها خبر پئي ته، ڊاڪٽر علي مرتضي ڌاريجي جهڙي شخصيت اسان کان وڇڙي وئي آهي ته سچ پچ اهو محسوس پيو ٿئي، ڄڻ اسان کان اها سائنسي ڄاڻ جيڪا علي مرتضي جي سادن لفظن سان سمجهايل هوندي هئي اها پنهنجو هٿ ڇڏائي وئي آهي، جيتوڻيڪ موجوده دئور سائنس کان هڪ وک اڳتي وڌي ويو آهي ۽ ٽيڪنالاجي سبب کوڙ سارن شعبن ۾ اٿل پٿل اچي پئي، ڪاش ڊاڪٽر علي مرتضي ڌاريجو ڪجهه عرصو وڌيڪ جيئرو هجي ها ته، پنهنجي تجربي جي بنياد تي انهيء اٿل پٿل مان نوجوانن کي نوان گس ضرور ڏئي وڃي ها۔

مان هتي اهو اعتراف به ڪيان ٿو، منهنجو ماضيءَ ۾ سائنس، ماحوليات يا حياتيات تي لکڻ جو ڪو خاص تجربو نه هئو، مون هڪ عام سياسي ڪارڪن کانپوء صحافتي شعبو اختيار ڪيو هو پر جڏهن ڊاڪٽر علي مرتضي ڌاريجي سان ننڍڙي ملاقات ٿي ۽ ان جون لکڻيون پڙهيون ۽ ڇاپيون ته مون ۾ فطرت ۽ انسان جي مختلف روين تي لکڻ جو شوق جاڳيو، نتيجي ۾ مون وقت به وقت فطرت ۽ انسانيت بابت مضمون لکڻ شروع ڪيا، جيڪي سالن کان اڌورا هئا، جن کي هاڻي سهيڙڻ جي ڪوشش ڪيان پيو، انهيءَ سلسلي ۾ فطرت ۽ انسانيت بابت هڪ ڪتاب جيترو مواد لکي مختلف صحافتي ادارن ۾ ڇپائي به چڪو آهيان، انهيء ڊيگهه جو به مقصد رڳو ۽ رڳو اهو آهي ته، علي مرتضي ڌاريجي جي شخصيت جا اهي اثر بيان ڪيان، جيڪي مون مٿان پيا ۽ مان پنهنجي سمجهه آهر لکان پيو۔

هاڻي پاڻ اچون پيا ڊاڪٽر علي مرتضي ڌاريجي جي سائنسي، فطري، حياتياتي ۽ ماحولياتي علمي پورهئي تي، جنهن تحت مون کي جيڪي ان جا لکيل يا ترجمو ڪيل ڪتاب ملي سگهيا آهن اهي پڙهي جيڪو مون پرايو آهي اهو به پڙهندڙن سان شيئر ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ پڻ انهن ڪتابن مان جيڪي عڪس ڪڍي سگهيو آهيان اهي جيتوڻيڪ تفصيل سان بيان ڪيل ناهن پر ان مان پڙهندڙ اهو اندازو ضرور لڳائي سگهندا ته ڊاڪٽر علي مرتضي ڌاريجو جي ذهني ۽ علمي سمجهه ڪيتري هئي۔ منهنجي نظر مان جيڪي سندس 5 ڪتاب گذريا آهن انهن جو هڪ ننڍڙو تعارف پيش ڪيان ٿو۔

1. “ڪائنات جو مڪمل نظريو”، هي ڪتاب اسٽيفن هاڪنگ جي ستن (7) ليڪچرن تي مشتمل ترجمو آهي، جنهن ۾ ڪائنات جي جنم کان وٺي انت جي سببن تائين ۽ پڻ بئنگ بينگ ۽ بليڪ هولن تائين جي اڪثر ڪائناتي اسرارن تي، اندازن تي مبني ڪارائتي ڄاڻ ڏنل آهي، هن ڪتاب ۾ فطرت جي انهن ڪنڊن پاسن کي به ڦلهوريو ويو آهي، جن تي اڳ ڪابه طبع آزمائي ناهي ٿيل۔ بهرحال هن ڪتاب ۾ ڪائنات کي سمجهڻ بابت ڪافي مواد آهي۔ جيڪي ماڻهو فطرت بابت حقيقت جي ويجهي ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، انهن لاء هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي۔

2. ڪتاب “مائڪروب”، جنهن جي اردوءَ ۾ معني ”جراثيم“ ۽ سنڌي ۾ ”جيوڙا“ نڪري ٿي، هن ڪتاب ۾ انتهائي خوبصورت انداز ۾ انهن جيوڙن جو ذڪر به ٿيل آهي، جيڪي انسان دوست جيوڙا سمجهيا ويندا آهن ۽ اهي جيوڙا انسان کي آخري حد تائين بچائڻ جون ڪوششون پڻ ڪندا آهن۔ عام طور تي ماڻهن جي ذهنن ۾ اهو تصور رهيو آهي ته، جراثيم معني نظر نه ايندڙ انسان دشمن مخلوق آهي پر، سائين علي مرتضي ڌاريجو پهريون ڀيرو ڪتابي صورت ۾ پڙهندڙن کي ٻڌايو آهي ته، جيوڙا صرف انسان دشمن ناهن ٿيندا پر انسان دوست به ٿين ٿا ۽ انهن جو تعداد انسان دشمن جيوڙن کان وڌيڪ آهي۔ هي ڪتاب به ترجمو ٿيل آهي۔

3. ڪتاب “جنس جي سائنسي ڄاڻ” ۾ انسان جي خاص جنسي عضوون کان وٺي، انهن جي ڪمن ۽ بيمارين تائين جي تفصيلي ڄاڻ ڏنل آهي، جنسي ڄاڻ جنهن کي پاڻ وٽ هروڀرو اگهاڙپ جو نالو ڏئي، لکڻ تي ڄڻ ته هٿراڌو پابندي لڳائي وئي آهي پر حقيقت ۾ اهو علم ترقي يافته ملڪن ۾ اسڪولن اندر اسرندڙ عمر جي ٻارن کي انڪري پڙهايو ويندو آهي، جيئن ننڍي عمر وارا ٻار ۽ ٻارڙيون ان مان فائدن ۽ نقصانن جي ڄاڻ حاصل ڪري سگهن، جيتوڻيڪ جنسي عمل جي ضرورت هر انسان کي 40 کان 50 سالن تائين شدت سان محسوس ٿيندي آهي ۽ اهو عمل کاڌ خوراڪ جيان هر انسان جي پهرين ضرورتن مان هڪ آهي پر اسان جهڙن معاشرن ۾ ان جي علمي بحث کي به برو فعل سمجهي شٽ اپ ڪال ڏني ويندي آهي۔

4. زناني ڇاتي جتان هر ٻار ٿڃ، يا پنهنجي ابتدائي خوراڪ حاصل ڪري وڏو ٿئي ٿو، ان علم تي مبني ڊاڪٽر علي مرتضي ڌاريجو جو ڪتاب “ڇاتين جي سائنسي ڄاڻ”، اٽڪل يارنهن بابن تي مشتمل ڪتاب آهي، جنهن ۾ زناني ڇاتيءَ جي مختلف حوالن سان ڪارائتي ڄاڻ ڏنل آهي ۽ پڻ ان ۾ ارهن جي بيمارين جي ذڪر سان گڏ مرداڻي ارهه جو به هڪ باب شامل آهي، جڏهن ته عورتون جيڪي انگيون پائن ٿيون، ان بابت به صلاحون شامل آهن۔ هي ڪتاب به ترجمو ٿيل آهي پر ڪنهن هڪ ليکڪ جي نالي نه هجڻ ڪري هتان هتان جي کنيل مضموعن جو ڳٽڪو لڳي ٿو۔ بهرحال هي ڪتاب به سائنسي ڄاڻ جو وڏو خزانو آهي۔

5. “صحت جي سائنسي ڄاڻ”، ٽن بابن تي مشتمل ڪتاب آهي، جنهن جي پهرين باب ۾ قدرتي ۽ زميني اپت ڏيندڙ کاڌخوراڪ وارين شين جي فائدن بابت ڄاڻ ڏنل آهي، مثال طور ساوا ڌاڻا، ڪمال پت، بصر، ڀينڊي، هنداڻي جا پنج ڪامياب نسخا، ناريل جو پاڻي، زيتون، گريپ فروٽ، ڏاڙهون، ليمو ۽ ليمي جي کل، ڪڪڙ جي آني سميت ٻين ڪيترين ئي کاڌي پيتي جي شين تي حيران ڪندڙ فائدن تي مفصل آرٽيڪل لکيل آهن، جڏهن ته هن ئي ڪتاب ۾ ڪجهه شين جي واڌو واپرائڻ سان جيڪو انساني صحت جو نقصان ٿئي ٿو ان جو به تفصيلي ذڪر ٿيل آهي۔ هن ڪتاب جي ٻي باب ۾ هٿراڌو ٺهيل شين جنهن ۾ ڪولا، پيزا سميت ميڪ اپ جي سامان وغيره وغيره مان ٿيندڙ نقصانن کان آگاهي ڏني وئي آهي ۽ ٽئين باب ۾ پاڪستان ۾ اڪثر ڦهلجندڙ وبائي بيمارين بابت آگاهي ۽ بچاء جون تدبيرون ڏنل آهن۔ هي ڪتاب به ڄاڻ جو هڪ وڏو خزانو آهي۔

_______________

Hameed Mangi-TheAsiaN

حميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچيءَ جو سرگرم رڪن آهي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

2 رايا

  1. حميد منگي صاحب ڊاڪٽر مرتضي ڌاريجي جي سنڌي ٻولي ۾ سائنسي شعور جي واڌ ويجهه لاء ڪيل خدمتن تي آرٽيڪل لکي وقتائتو ڪم ڪيو آھي ، ان لاء ھو سچ پچ جس لهڻي.

  2. حميد منگي صاحب جو ڊاڪٽر مرتضا ڌاريجي جي ڪم ۽ زندگيءَ تي سائنس جي حوالي سان ڪيل خدمتن کي بھترين مضمون جي ذريعي ڀيٽا پيش ڪئي آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button