پاڪستان ۾ جعلي سوشل ميڊيا اڪائونٽ: ڊجيٽل دور ۾ وڌندڙ خطرو
هيءُ جعلي اڪائونٽن جو مسئلو هاڻي ڪو اتفاقي يا ڪڏهن ڪڏهن ٿيڻ وارو واقعو ناهي پر هي هڪ پوري سائبر ڪرائم وبا جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي
عبدالله عثمان مورائي
اهڙي دور ۾ جڏهن اسان جي زندگي وڌ کان وڌ آن لائن گذري رهي آهي، جتي ايموجيز اظهار جي جاءِ وٺي چڪا آهن ۽ ٽيڪسٽ ميسيج ڳالهين جي جاءِ تي اچي ويا آهن اتي پاڪستان جعلي سوشل ميڊيا اڪائونٽن جي وڌندڙ خطري ۾ ڦاسجندو پيو وڃي. شهرن کان وٺي ڳوٺن تائين ماڻهو ڪلون ٿيل فيس بُڪ اڪائونٽن، جعلي واٽس ايپ نمبرن ۽ جعلي انسٽاگرام پروفائيلن جو نشانو بڻجي رهيا آهن جن جا اڪثر ڪري جذباتي ۽ مالي طور تي تباهه ڪندڙ نتيجا نڪرن ٿا.
هر روز هزارين پاڪستانين کي اهڙن نالن تان فرينڊ رڪويسٽون اچن ٿيون جن کي هو سڃاڻن ٿا. اهي تصويرن مان ظاهري طور تي ته خانداني ميمبر، ڪلاس ميٽ، پراڻا پاڙيسري يا دوست هجن ٿا ۽ اهي اڪائونٽ مڪمل طور تي حقيقي نظر اچن ٿا، جن ۾ تصويرون ، اسٽيٽس اپڊيٽس ۽ گڏيل دوستن جا نالا شامل هوندا آهن. پر ڊجيٽل ماسڪ جي پويان هڪ ڌوڪي باز فراڊي لڪل هوندو آهي، جيڪو لاڳاپن، احساسن، ۽ ٽيڪنالاجي جو غلط استعمال ڪندي ماڻهن کي ٺڳي ۽ ڌوڪو ڏئي ٿو.
هيءُ جعلي اڪائونٽن جو مسئلو هاڻي ڪو اتفاقي يا ڪڏهن ڪڏهن ٿيڻ وارو واقعو ناهي پر هي هڪ پوري سائبر ڪرائم وبا جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي جيڪا ڊجيٽل دور ۾ اعتماد جو ناجائز فائدو وٺي رهي آهي.

عام ڳالهين کان مهانگين چٽين تائين
فراڊ جو طريقو ڏسڻ ۾ سادو پر خطرناڪ حد تائين اثرائتو آهي. فراڊي سڀ کان پهرين هڪ حقيقي سوشل ميڊيا پروفائل کي ڪلون ڪندا آهن. پروفائل تصويرون ، نالا ۽ ڪڏهن ڪڏهن دوستن جون لسٽون پڻ ڪاپي ڪندا آهن. ان کان پوءِ اهي اهڙن ماڻهن کي فرينڊ رڪويسٽ موڪليندا آهن جيڪي حقيقي ماڻهوءَ کي سڃاڻندا آهن. ان کان پوءِ هڪ دوستاڻو ميسيج موڪليو ويندو آهي جيڪو معصوم لڳندو آهي مثال طور:
”سلام! ڪيئن آهيو؟ گهر ۾ سڀ خير آهي؟“
ڳالهه ٻولهه گرمجوشي سان شروع ٿيندي آهي ۽ ان ۾ واقفيت جو تاثر هوندو آهي. پر جلد ئي هڪ ٺاهيل ايمرجنسي متعارف ڪرائي ويندي آهي مثال طور جيئن ته سامان گم ٿي وڃڻ، ويزا جو مسئلو، ايمرجنسي ۾ اسپتال ۾ داخل ٿيڻ يا ٻاهرئين ملڪ ۾ والٽ چوري ٿي وڃڻ.
لاهور جو نويد احمد هڪ سافٽ ويئر انجينيئر آهي، هو ڪم جي سلسلي ۾ جرمني ويو هو. ان دوران لاهور ۾ سندس سوٽ کي هڪ فيس بُڪ فرينڊ رڪويسٽ آئي جيڪا واقف لڳندڙ پروفائل تان هئي جيڪا هن قبول ڪئي. نويد جو نالو ۽ مهانڊو ساڳيو هو باقي رڳو نالو ٿورو مٽيل هو. پيغام گرمجوشي سان شروع ٿيا ۽ جلدي ئي مدد جي اپيل ۾ تبديل ٿي ويا. جعلي ”نويد“ دعويٰ ڪئي ته برلن ۾ کيس ڦريو ويو آهي ۽ کيس هوٽل ۽ نئين پاسپورٽ لاءِ فوري طور تي 100000 روپين جي ضرورت آهي. پريشانيءَ ۾ سندس سوٽ آن لائن ٽرانسفر ذريعي پئسا موڪلي ڇڏيا. ڪجهه دير کان پوءِ هڪ فيملي ويڊيو ڪال دوران حقيقي نويد کي فراڊ بابت خبر پئي. فراڊي غائب ٿي چڪو هو، پئسا واپس نه ملي سگهيا ۽ مالي ۽ جذباتي ٻئي نقصان ٿي چڪا هئا.
هي ڪو هڪ واقعو ناهي. حيدرآباد ۾ شبانه هڪ وچولي عمر جي گهريلو عورت کي پنهنجي ڀائٽي جي ڪوڙي پروفائيل تان هڪ فرينڊ رڪويسٽ آئي جيڪا مبينا طور تي دبئي ۾ رهندي هئي. ڪجهه وائس نوٽس کان پوءِ (جيڪي آواز کي سڃاڻڻ کان بچڻ لاءِ ڄاڻي واڻي بگڙيل هئا)، هوءَ ايمرجنسي تي يقين ڪري ويهي رهي ۽ ڪيتريون ئي ايزي پيسا ٽرانزيڪشنون ڪرايون. سچي حقيقت عيد جي مبارڪن دوران سامهون آئي ته سندس ڀائٽيءَ ڪڏهن به ان سان رابطو نه ڪيو هو ۽ نه ئي ڪڏهن پئسا گهريا هئا.
فراڊ ڇو ڪامياب ٿيندو آهي
اهي فراڊ ان ڪري ڪامياب ٿين ٿا جو ماڻهو بيوقوف ناهن پر ان ڪري جو اهي انسان آهن. اهي فراڊي انهن جي جذبات سان کيڏي انهن کي استعمال ڪندي مهمان نوازي جي ثقافتي قدرن ۽ مضبوط خانداني لاڳاپن تي ڀاڙين ٿا. فراڊي تڪڙ، پريشاني ۽ مدد نه ڪرڻ جي صورت ۾ ڏوهه جي احساس کي استعمال ڪن ٿا ته جيئن ماڻهوءَ جلدي فيصلو ڪرڻ تي مجبور ٿين

ان فراڊي واردات ۾ جيڪي طريقا استعمال ٿين يا انهن ۾ ڪنهن جون به پبلڪ ٿيل تصويرون، ڪاپي ٿيل بايو ڊيٽا ۽ نقل ڪيل دوستن جي لسٽن کي استعمال ڪندي نئون ڪوڙو اڪائونٽ ڪلون ڪيو وڃي ٿو. واقف ۽ آرامده لڳڻ لاءِ عزت ڀريو يا پيار ڀريا لفظ استعمال ڪرڻ مثال طور ته ”توهان ڪيئن آهيو؟“ يا ”آنٽي وارا ۽ گهر وارا سڀ ٺيڪ آهن نه؟“. وائيس يا ويڊيو ڪالن کان بچڻ لاءِ، ”لو بيٽري“ يا ”گھٽ سگنل“ جو بهانو پڻ ڪندا آهن. ٿورو اڳتي هلي هڪ ايمرجنسي جو منظر پيش ڪندا آهن ۽ گهيري گهيري آهستي ڳالهه ٻولهه جي رخ کي موبائل بيلنس، ايزي پيسا، جاز ڪيش يا بينڪ ٽرانسفر ذريعي مالي مدد طرف وٺي ويندا آهن.
اهي فراڊي اڪثر ڪري پوڙهن، گهريلو عورتن يا انهن ماڻهن کي نشانو بڻائين ٿا جيڪي ڊجيٽل سيفٽي جي اصولن کان واقف ناهن. اهي پيار، اعتماد ۽ پريشاني جو شڪار ٿين ٿا ۽ لاڳاپن کي ڪمزور ٿيڻ کان بچائڻ لاء پنهنجي پر ۾ هو پنهنجي ئي ڪنهن جي مدد ڪن ٿا پر ان پنهنجي کي شروع کان خبر ئي ناهي هوندي ته سندس نالي تي فراڊ ۽ ڌوڪو پيو ٿئي.
ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني خاص طور تي ڇو نشانو بڻجندا آهن
اهي فراڊي يا ڌوڪي باز پنهنجي نشانن يا ٽارگيٽس بابت عقلمند آهن. اهي اڪثر ڪري ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جو روپ ڌاريندا آهن جنهن جو هڪ خاص سبب هي آهي ته ماڻهو اهو سمجهندا آهن ته يورپ، وچ اوڀر يا اتر آمريڪا ۾ رهندڙ ماڻهو وڌيڪ آساني سان مسئلن ۾ ڦاسي سگهن ٿا ۽ شايد کين حقيقي طور تي غير ملڪي زمين تي مدد جي ضرورت پئجي سگهي ٿي.
اهي فراڊِي هڪ مخصوص قسم جا پيغام موڪليندا آهن مثال طور تي ته”منهنجو پاسپورٽ چوري ٿي ويو آهي.“، ”مان سفارتخاني سان رابطو نٿو ڪري سگهان.“، يا ”مون کي ڏنڊ ادا ڪرڻو آهي يا ملڪ نيڪالي جو خطرو آهي.“ وغيره وغيره
اهي ماڻهن جي جذبن سان کيڏي انهن کي قائل ڪرڻ واريون ڳالهيون ڪندا آهن، خاص طور تي انهن کي جن سفر ناهي ڪيو ۽ اهو نٿا ڄاڻن ته پرڏيهي نظام ڪيئن ڪم ڪندا آهن. متاثر پنهنجي مائٽ يا دوست جي مدد ڪرڻ جي خواهش ۾ شڪ بدران تڪڙي عمل سان جواب ڏيندو آهي ۽ هڪ ڀيرو جڏهن پئسا موڪليا ويندا آهن ته پوء پروفائل ختم ڪيو ويندو آهي، فون نمبر بند ٿي ويندو آهي ۽ فراڊي پنهنجي نئين نشان يا ٽارگيٽس ڏانهن وڌي ويندا آهن.
هڪ قومي ڊجيٽل اعتماد جو بحران
هي مسئلو هڪ وڌيڪ پريشان ڪندڙ حقيقت کي ظاهر ڪري ٿو ته پاڪستان ۾ مضبوط ڊجيٽل خواندگي (digital literacy) ۽ سائبر هائجن (cyber hygiene) جي کوٽ آهي. ڪيترن ئي ماڻهن کي اڃا تائين خبر ناهي ته ڪنهن پروفائل جي صداقت کي ڪيئن جانچ جي يا پنهنجي اڪائونٽن کي ڪيئن محفوظ ڪجي. عوام ۾ آگاهي گهٽ آهي، خاص طور تي ڳوٺاڻن علائقن ۾ جتي انٽرنيٽ جو استعمال تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي بغير مناسب حفاظت ۽ تعليم جي.

پاڻ ۽ پنهنجن کي ڪيئن انهن ڌوڪي باز فراڊين کان بچائجي
سوشل ميڊيا ڪمپنين وٽ جعلي اڪائونٽن جي رپورٽ ڪرڻ جا اصول موجود آهن پر اهي اڪثر ڪري مقامي فراڊن لاءِ سست ۽ بي اثر هوندا آهن. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پڻ اهڙن ڊجيٽل ڏوهن کي سنڀالڻ لاءِ گهٽ عملي يا گهٽ تربيت يافته آهن. متاثرن کي گهٽ ئي انصاف ملندو آهي. اڪثر ماڻهن کي شرمندگي، مالي نقصان ۽ ٽٽل اعتماد ئي نصيب ٿيندو آهي.
جيتوڻيڪا ان ڪڌي ڪم جي خلاف اختيارين کي قدم کڻڻا آهن پر ان قسم جي ٺڳي کي روڪڻ ۾ عام ماڻهن جو به اهم ڪردار آهي مثال طور پهرين تصديق ڪريو ته اهو واقعي به اصلي پروفائيل آهي يا نه ۽ ان کان پوءِ عمل ڪريو، مدد لاءِ آيل رڪويسٽن جي هميشه تصديق ڪريو. ڪال ڪريو خاص طور تي ويڊيو ڪال، تصديق ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن اهي ڌوڪي باز ڪال کان پاسو ڪن ته ان کي هڪ خطرو سمجهو.
نئين فرينڊ رڪويسٽ قبول نه ڪريو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو جنهن کي توهان اڳ ۾ ئي سڃاڻو ٿا ۽ هو اوهان جي لسٽ ۾ اڳ ۾ موجود آهي ته پوء هو توهان کي نئين رڪويسٽ ڇو موڪليندو. ٻيو وري ان سان سندس اصل نمبر يا اڪائونٽ ذريعي رابطو ڪريو. جعلي پروفائل کي فوري طور تي رپورٽ ۽ بلاڪ ڪريو.
پوڙهن ۽ ڪمزور ماڻهن جيئن والدين، ڏاڏا ڏاڏيون، گهر جو عملو يا اهي ڀاتي يا مائٽ جن جو ٽيڪنالاجي سان گهٽ واسطو آهي يا اهي مٽ مائٽ جيڪي سڀ کان وڌيڪ خطري ۾ هجن انهن کي انهن ڌوڪي بازن بابت آگاهه ڪيو ۽ تعليم ڏيو. آن لائن حفاظت بابت باقاعده بحث ڪيو ۽ کين ڪنهن به مشڪوڪ پيغام جو جواب ڏيڻ کان اڳ توهان سان مشورو ڪرڻ جي همٿ ڏياريو.
پرائيويسي سيٽنگس جو جائزو وٺو پنهنجي پروفائل جي ڏيکاءَ (visibility) کي ”پبلڪ“ مان ”صرف دوست“ (Friends Only) ۾ تبديل ڪريو. پنهنجي دوستن جي لسٽ کي لڪايو. اهو محدود ڪريو ته ڪير ڪير توهان جي ذاتي معلومات ڏسي سگهي ٿو يا توهان جا فوٽوز ڊائونلوڊ ڪري سگهي ٿو.
ٽو-فيڪٽر اٿينٽيڪيشن فعال ڪريو، اڪائونٽ کي هيڪ ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ فيس بُڪ، واٽس ايپ ۽ انسٽاگرام تي ٻه-قدمي تصديق (two-step verification) استعمال ڪريو.
مضبوط ۽ منفرد پاسورڊ استعمال ڪريو، نالا، سالگره يا عام لفظ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪريو. اکرن، انگن ۽ علامتن جو ميلاپ بهتر آهي.
رپورٽ ڪريو ۽ آگاهي وڌايو ڪنهن به جعلي اڪائونٽ کي نظرانداز نه ڪريو. ان جي رپورٽ ڪريو. پنهنجي دوستن جي لسٽ تي ٻين کي آگاهه ڪريو. توهان جو حلقو جيترو وڌيڪ باخبر هوندو اوترو ئي گهٽ ماڻهو شڪار ٿيندا.
اختيارين کي ڇا ڪرڻ گهرجي
ڊجيٽل حفاظت رڳو ماڻهن جي ذميواري نه ٿي ٿي سگهي. رياست ۽ لاڳاپيل اختيارين کي ان کي قومي سائبر سڪيورٽي ايمرجنسي سمجهڻ گهرجي. فوري طور تي ايف آءِ اي (FIA) جي سائبر ڪرائم ونگ کي مضبوط ڪيو وڃي، تربيت يافته پيشه ور ڀرتي ڪيا وڃن ۽ هر وڏي شهر ۾ ڊجيٽل فراڊ ڪيسن کي تيزي ۽ سنجيدگي سان سنڀالڻ لاءِ خاص يونٽ قائم ڪيا وڃن. ان سان گڏوگڏ وڏيون عوامي آگاهي مهمون قومي ٽي وي، ريڊيو، موبائل الرٽس ۽ ڪميونٽي سينٽرز کي استعمال ڪري شهرين کي خاص طور تي ڳوٺاڻن علائقن ۾ انهن جعلي سوشل ميڊيا فراڊن ۽ آن لائن حفاظت بابت تعليم ڏني وڃي.
تيز رپورٽنگ جو نظام جوڙيو وڃي جنهن ۾ هڪ سادو ايس ايم ايس، واٽس ايپ يا آن لائن پورٽل ذريعي شهرين کي فراڊ، جعلي اڪائونٽ يا ڊجيٽل بليڪ ميل جي رپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي. اهي قدم ماڻهن کي انهن ڌوڪي باز فراڊين هٿان شڪار ٿيڻ کان بچائي سگهن ٿا.
ٽيڪ پليٽ فارمن سان شراڪت قائم ڪريو، ميٽا (فيس بڪ، انسٽاگرام، واٽس ايپ) سان حقيقي وقت ۾ نگراني جي شراڪت قائم ڪريو ته جيئن پاڪستاني نمبرن يا مقامي نالن ۽ فوٽوز استعمال ڪندي مشڪوڪ سرگرمين کي فوري طور تي هاء لائٽ يا نشان لڳايو وڃي.
ٽيلي ڪام فراڊ تي سختي ڪريو، فراڊ ۾ استعمال ٿيندڙ سمز جي ڳولا ڪئي وڃي، انهن کي بند ڪيو وڃي ۽ انهن تي ڏنڊ لڳايو وڃي. نادرا (NADRA) ۽ پي ٽي اي (PTA) بار بار غلط استعمال ٿيندڙ کي سڃاڻڻ ۽ ڏنڊ جاري ڪرڻ لاءِ تعاون ڪري سگهن ٿا.
ٿورو لکيو گهڻو سمجهجي ته پاڪستاني ثقافت ۾ اعتماد سماج جي بنياد ۾ شامل آهي. اسان لاڳاپن جو احترام ڪريون ٿا، سخاوت جو هٿ وڌايون ٿا ۽ ضرورت جي وقت ٻين جي مدد ڪرڻ تي يقين رکون ٿا. پر ڊجيٽل دنيا ۾ هن اعتماد کي اسان جي خلاف هڪ هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي.
جعلي سوشل ميڊيا اڪائونٽ صرف پريشان ڪندڙ شيون نه آهن پراهي ڌوڪي جا هٿيار آهن. اهي انهن قدرن جو غلط استعمال ڪن ٿا جيڪي اسان کي هڪ سماج جي طور تي ڳنڍين ٿيون. جيئن جيئن ٽيڪنالاجي تي اسان جو انحصار وڌي ٿو تيئن تيئن اسان جي ذميواري به وڌڻ گهرجي ته ان کي عقل، تنقيدي سوچ ۽ احتياط سان استعمال ڪجي.
هر فرينڊ رڪويسٽ، هر پيغام، هر فارورڊ ٿيل لنڪ يا رڪويسٽ کي تصديق ڪريو۽ سوچيو. هي وقت آهي ته اسان پنهنجي ڊجيٽل جڳهين کي پنهنجي گهرن وانگر سمجهون، تالا لڳل، محفوظ ، اوپرن ۽ اجنبين کان محفوظ. خطرو حقيقي آهي ۽ ذميواري به حقيقي آهي. هي صرف هڪ ذاتي مسئلو ناهي. هي هڪ گڏيل قومي ڳڻتي آهي.
_______________
عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر، ۽ انگريزي، سنڌي ۽ اردوءَ جو ناميارو ليکڪ آھي



